سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ --

صفحو ؛ 1

هندستان جي تواريخ

ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻي

هندستان جي تواريخ

 1- هندستان، سندس جبل ۽ نديون

1- هندستان هڪڙو تمام وڏو ملڪ آهي، جو ايشيا جي ڏاکڻي پاسي کان سمنڊ ۾ گهڙي ويو آهي. هن کي ٽي پاسا آهن. سندس اُترئين پاسي هماليه نالي جبلن جي هڪڙي اتاهين قطار آهي. اُڀرندي ۽ اُلهندي پاسن کان وڏو سمنڊ اچي لڳو اٿس.

2- هماليه، جنهن جي معنيٰ آهي برف جو گهر، اُنهي نالي وارا سڄي جهان ۾ سڀني کان اُتاهان جبل آهن. وڏين ڀتين وانگيان هندستان کي ايشيا جي ٻئي ڀاڱي کان الڳ ڪري ڇڏيو اٿن. اُنهن جون چوٽيون برف سان ڇانيون پيون آهن ۽ اُها برف ڪڏهين ڪين ڳرندي آهي. اُنهن چوٽين تي اهڙي ٿڌ آهي، جو اُتي نڪو ماڻهو يا مرون رهي سگهي، نڪو وڻ ٽڻ ٿي سگهي.

3- جي هي جبل اوڀارين سمنڊ کان برابر اولاهين سمنڊ تائين هليا وڃن ها، ته اُترئين پاسي کان ڪوبه هندستان ۾ ڪين اچي سگهي ها. پر اُتر اولهه ۽ اُتر اوڀر جي پاسن کان هو گهٽجي ٽڪرين جون ننڍيريون قطارون ٿي پيا آهن، جن ۾ ماٿريون آهن، جن کي لڪ يا لانگها چوندا آهن؛ ڇاڪاڻ جو ماڻهو اُنهن مان لنگهي ويندا آهن. اُهي به گهڻو ڪري برف سان ڀريون پيون هونديون آهن.

4- اُتر اُلهندي واريون ٽڪريون اُهي آهن، جن کي سليمان جبل چوندا آهن ۽ اُنهن ۾ مکيه لڪ خيبر جو درو آهي. اُتر اوڀر پاسي پٽڪوئي ٽڪريون آهن. اُنهن ٽڪرين ۽ هماليه جبلن جي اوڀارينءَ پڄاڻيءَ جي وچ ۾ برهمپترا وڏيءَ نديءَ پنهنجي لاءِ واٽ گهڙي آهي ۽ اُتر اوڀر کان هندستان ۾ اچڻ جا جي لڪ آهن، سي اُنهي برهمپترا واريءَ واٽ سان آهن.

5- هماليه جبلن جي ڏاکڻي پاسي هندستان جو ڪشادو پٽ آهي، جنهن مان سنڌو ۽ گنگا اِهي ٻه وڏيون نديون وهن ٿيون. اُلهندو ڀاڱو سنڌونديءَ جي ماٿري، ۽ اُڀرندو ڀاڱو گنگا نديءَ جي ماٿري آهي. هن وڏي پٽ جي ڏاکڻي پاسي هندستان جي وچ مان ونڌيا ۽ ساتپورهه جبل هليا ويا آهن. جيئن هماليه جبل هندستان جي پٽ کي اُتر پاسي ايشيا کان الڳ ڪري ٿا ڇڏين، تيئن ونڌيا جبل ڏاکڻي ڀاڱي کي هندستان کان لڪايو ڇڏين.

6- دکن، هندستان جو اُهو ڀاڱو آهي جو هندستان جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ ونڌيا جبلن جي ڪري هو هندستان کان ڌار ٿيو آهي. اولهه پاسي ونڌيا جبل هيٺ برابر سمنڊ تائين هليا ويا آهن، پر سندن اوڀارينءَ پڄاڻيءَ وٽ لهندي لهندي هيٺڀريءَ ڌرتيءَ سان وڃي گڏيا آهن، جنهن کي ڇوٽيا ناگپور وارو سنئون اُتاهون پٽ چون ٿا؛ تنهنڪري هندستان کان دکن ڏي وڃڻ لاءِ سڀني کان سهنجو رستو سمنڊ ۽ ونڌيا جبلن جي اُوڀارينءَ پڄاڻيءَ جي وچ وارو آهي. جيڪي ماڻهو هاڻي دکن ۾ رهن ٿا، سي آڳاٽي زماني ۾ اُتي اُنهي ساڳئي رستي کان آيا ها.

 

هندستان، سندس جبل ۽ نديون

 

- دکن جو ملڪ ٽڪرين ۽ ندين سان ڀريو پيو آهي. اولهه پاسي ٽڪرين جي هڪڙي اُتاهين قطار آهي، جنهن کي اُلهندا گهاٽ سڏين ٿا، ۽ اوڀر پاسي جيڪيسو هيٺڀريون ٽڪرين جون قطارون آهن، جن کي اُڀرندا گهاٽ چون ٿا. دکن ۾ جيڪي نديون آهن، سي سڀ اڪثر اُلهندي گهاٽن مان ٿيون نڪرن ۽ اُڀرندي گهاٽن جي چيرن مان لنگهي اوڀر پاسي وڃي سمنڊ ۾ ڇڙن ٿيون. سمنڊ ۽ اُنهن گهاٽن جي وچ ۾ هيٺاهين ڌرتيءَ جي چيِوٽ آهي جا اُترئين پاسي سوڙهي آهي، پر ڏاکڻي پاسي ويڪرو پٽ وڃي ٿي آهي؛ جنهن کي ڪرناٽڪ يا ڏکڻ هندستان جو پٽ ڪري ٿا چون. اُتر کان ڏکڻ هندستان ڏي وڃڻ جو رستو اُڀرندن گهاٽن ۽ سمنڊ جي وچواريءَ اُنهيءَ سوڙهيءَ ڌرتيءَ وچان آهي.

 

2- بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان جي حالت

    (الف) پَٿَر ۽ ڌاتُنِ جو سمو

1- بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان هڪ جهنگلي ملڪ هو ۽ شاهي ٻيلن سان ڇانيو پيو هو. ٻيلن ۾ جهنگلي جانور ڇوٽ پيا گهمندا هوا ۽ وڻن تان شاهي نانگ پيا ڦوڪون ڏيندا هوا. اُنهي وقت نڪي هوا شهر، نڪي ڳوٺ نڪي گهَرَ.

2- ڪٿي ڪٿي ٿورا جهنگلي ماڻهو رڇن جيان غارُنِ ۾ رهندا ها، يا باندرن جيان وڻن تي سمهندا ها. قد جا ڇوٽا، ڪارا، بدشڪل، ننگا ۽ غليظ هوندا ها. جهنگلي ميون، ٻيرن، وڻن جي نرم بارن يا سوُئر ۽ هرڻ جي گوشت تي گذران ڪندا هئا. ڪپ ڪئنچي جو ته نالو به ڪين هو، سو وڍڻ لاءِ تکا چهنبدار سخت پٿر ڪم آڻيندا ها. ڪاٺيون گهي باهه ٻارڻ جي ترتيب ڳولي ڪڍي هوائون. اِنهن ماڻهن کي جيڪر اسين پٿر جي سمي جا ماڻهو ڪري ڪوٺيون.

3- اهڙيءَ طرح ڪي جُڳَ رهي، نيٺ اِنهن جهنگلي ماڻهن رفته رفته بهتر گذران جو نمونو ڳولي ڪڍيو. رهڻ لاءِ جهنگن ۾ ننڍيون جهوپڙيون جوڙڻ لڳا. بدن ڍڪڻ لاءِ وڻن جا پن يا شڪار ڪيل جانورن جون کلون پهرڻ لڳا. هرڻ جي شڪار ڪرڻ لاءِ تير ڪمان يا چهنبدار ننڍا ڀالا ڪم آڻڻ لڳا. بهتر کاڌي کائڻ ڪري سندن بَدَنُ اڳين ماڻهن جي بدن کان وڌيڪ وڏو ۽ سگهارو ٿيو هو. مٽيءَ جا ٿانوَ جوڙي اُنهن ۾ کاڌو رڌڻ سکيا هوا. ڌاتُن مان پڻ ڪهاڙيون ۽ ڀالن جا مٿا ٺاهڻ سکيا هوا. اِنهن ماڻهن کي جيڪر ڌاتُن جي سمي جا ماڻهو ڪري ڪوٺيون.

 

(ب) اوائلي هندستاني قومون (ڪولَ)

1- جيتري قدر لکيت مان معلوم ٿي سگهي ٿو. اوتري قدر چئي سگهجي ٿو، ته بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان ۾ ڪئين ٽوليون رهنديون هيون جن جو نسل ٻن شاهي قومن مان هو. هڪڙا هوا ڪولَ ۽ ٻيا هوا دراوڙ. اُنهي وقت ڪولَ رهندا هوا اُتر ۽ وچ هندستان ۾. مگر دراوڙ، جي انداز ۾ گهڻو وڌيڪ هوا، سي ته ملڪ جي هر هڪ ڀاڱي ۾ رهندا هوا.

2- پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي، ته جهڙيءَ طرح ”ڌاتن جي سمي“ وارا ماڻهو ”پٿر جي سمي“ وارن ماڻهن جي نسل مان هوا، تهڙيءَ طرح پڻ ڪولَ ”ڌاتن جي سمي“ وارن ماڻهن جي نسل مان هوا، يا انهن ڪنهن ٻئي ملڪ جا رهاڪو هوا، ۽ پوءِ، جئن ڪن عالمن جوڙايو آهي، اُتر اُڀرندي طرف کان هندستان ڏي وڌي آيا. ايتري سا پڪ آهي ته هوُ بلڪل آڳاٽي وقت ۾ ساري اُتر ۽ وچ هندستان ۾ رهندا هوا.

3- ڪول قوم وارن ماڻهن کي ڪو چوپايو مال ڪونه هو. هو خاص شڪار تي گذران ڪندا هوا، پر زمين پڻ کيري اَنّ پوکيندا هوا. اِنَ لاءِ اول ڪاٺ جا اوزار پر پوءِ لوهه جا اوزار ڪتب آڻيندا هوا. سڀيئي ڪول ڪُٽَنبَن ۾ وراهيل هوا ۽ هر هڪ ڪُٽَنبُ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. پنهنجن فوت ٿيلن وڏن جي روحن ۽ جنن ڀوتن جي پوڄا ڪندا هوا. ڀائيندا هوا ته اُهي ٻيلن ۾ واسو ڪيو ويٺا آهن. هندستان ۾ وقت به وقت جيڪي قومون پي آيون اُنهن سان ڪول اڪثري اهڙو ته ملي ويا جو هينئر هنن جو پتو پوڻ ئي محال آهي. مگر ڪي ڪول قوم جون ٽوليون، جن کي هند لاءِ ڌِڪار هُئي، سي، کانئن هزارين ورهين کان وٺي الڳ پي رهيون آهن. هن وقت اهڙيون اٽڪل ٻارهن ٽوليون آهن ۽ سندن ڪل تعداد اٽڪل ٽيهه لک آهي. اِهي ٽوليون اُلهندي بنگال، ڇوٽا ناگپور اُڙيسا، ۽ وچ وارن علائقن جي ٽاڪرو ڀاڱن ۾ رهن ٿيون. منهجائن مکيه آهن، ڀيل ۽ سنتال.

 

(ٻ) اوائلي هندستاني قومون (دراوڙ)

1- دراوڙن جي وڏن جي اسان کي اهڙي خبر آهي جهڙي ڪول جي وڏن جي. وقتي ڪول قوم وانگي سڌو ڌاتُنِ جي سمي وارن ماڻهن جي نسل مان هجن، يا جنهن قوم مان ڪول قوم نسل ورتو هجي تنهن مان ئي نسل هجين. يا وقتي خود ڪول ٽولين مان ئي نسل ورتو هجين ۽ جُڳَنِ جا جُڳَ ملڪ جي وڌيڪ آباد ڀاڱن ۾ رهڻ ڪري ٽاڪرو ڪول قوم وارن ماڻهن کان وڌيڪ مضبوط ۽ سڌريل ٿي ويا هجن. ڪن عالمن جو رايو آهي ته اُتر اُلهندي وارن ملڪن مان هندستان ۾ اچي، ڳچ وقت اُتر هندستان ۾ رهي ڪول قوم وارن سان وڙهندا وڙهندا جي ڏکڻ هندستان ۾ نڪتا.

2- ٻين جو وري رايو آهي ته اِهي دراوڙ آيا ڏکڻ طرف کان. ڪهڙي مڪان کان آيا تنهن لاءِ چون ٿا ته آڳاٽي وقت ۾ هندستان جي ڏکڻ طرف هندي وڏي سمنڊ ۾ هڪ شاهي ملڪ بيٺل هو جنهن کي هاڻي سمنڊ ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ وري ايشيا کنڊ جي ڏکڻ اُڀرندي طرف ڪي ٻيٽ هوا جي آسٽريليا کنڊ سان ڳنڍيا بيٺا هوا، مگر سمنڊ کين هاڻي آسٽريليا کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. هنن جي راءِ موجب اِهي دراوڙ هندستان ۾ يا ته هندي وڏي سمنڊ واري ملڪ مان آيا يا ته آسٽريليا سان ڳنڍيل ٻيٽن مان.

دراوڙن جي نانگ پوڄا

3- دراوڙ ڍورن جا وڏا ڌڻ پاليندا هوا. گهاٽا ٻيلا جن سان ملڪ ڇانيو پيو هو، سي هنن ڪين ڇڏيا ۽ ڌرتيءَ کي صاف ڪري اُن تي پوک ڪيائون. هو ڳوٺن ۾ رهندا هوا. هر هڪ ڳوٺ ۾ هڪ مُکي يا پٽيل هوندو هو،جنهن کي ڳوٺ جا ٻيا سڀ ماڻهو مڃيندا هوا. هو ڌرتيءَ کي پنهنجي وڏي ماتا ڪري پوڄيندا هوا ۽ نانگن ۽ وڻن جي پڻ پوڄا ڪندا هوا. کين ديوتائن لاءِ ڪو پيار ڪونه هو. پر ڊپ وچان هنن کي پرارٿنا ڪندا هوا ته کين دک نه پهچائين. ڀائيندا هوا ته سندن ديوتائون رت پيئڻ جا ڪوڏيا آهن ۽ اُنهن کي راضي ڪرڻ خاطر ڪُڪرن، ٻڪرن ۽ پاڏن جي ٻل چاڙهيندا هوا.

4- آڳاٽن احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان ۾ دراوڙن جا وڏا شهر ٻڌل هوا ۽ دراوڙ قوم ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويئي هئي. هنن کي وڏيون بيٺڪون هيون جي حاڪمن جي هٿ هيٺ هيون ۽ هر هڪ ڳوٺ جو مکي اُنهن حاڪمن کي اَنّ جو حصو پهچائيندو هو. هاڻوڪي ڳوٺاڻي ڪاروبار جا ڪيترا قانون اصل آڳاٽي زماني جي دراوڙن ٺاهيا هوا. اِهي دراوڙ وڏا واپاري هوا ۽ آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳي ٻين ملڪ ڏانهن عمارتي ڪاٺ، ململيون، مور، عاج، چندن جو ڪاٺ ۽ چانور سمنڊ جي رستي موڪليندا هوا. واڍڪو، لوهارڪو ۽ اُڻڻ جو ڪم چڱو ڄاڻندا هوا. مطلب ته اُنهي اوائلي زماني ۾ به هڪ سڌريل قوم ڪري ليکبا هوا.

5- دراوڙ، ڪول قوم وارن سان ساڳئي هنڌ رهندا هوا؛ پر جنهن صورت ۾ هو طاقت ۾، انداز ۾، توڙي ترقي ۾ وڌيڪ زور هوا تنهن صورت ۾ هو ويا ملڪ جا وڌيڪ آباد ڀاڱا والاريندا، ڪيترن هنڌ تي ٻئي قومون پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي ويئون. جيئن وقت ويو گذرندو تيئن جيئن ٽوليءَ پٺيان ٽولي ۽ قوم پٺيان قوم ملڪ ۾ اچي بيٺڪ ڪندي ويئي، تيئن دراوڙ ۽ ڪول اول ته گڏجي سندن سامهون پيا، پر پوءِ ساڻن ملي نيون قومون ٺاهيائون. ڳچ عرصي بعد هندستان جي اُتر اولهه وارو ڀاڱو جنهن ۾ هن وقت پنجاب، ڪشمير ۽ راجپوتانا وارا ملڪ آهن، اُتان ته سندن نالو ئي نڪري ويو، ڇاڪاڻ ته اُتي اُتر طرف کان قومن پٺيان قومون پي آيون. پر اُتر هندستان، گنگا جي ماٿريءَ ۽ ساري وچ هندستان جي رهاڪن جي رنگ، مٿي جي ڊول، اکين، نڪ جي ڊول، پيشانيءَ ۽ ڊيگهه تي جيڪي اثر هيءَ قوم ڇڏي ويئي آهي، تنهن مان صاف ثابت آهي ته اِنهن ڀاڱن ۾ جيڪي به رهندڙ قومون هيون، تن سڀني ۾ هيءَ قوم تعداد ۾ سرس هئي. اِهي نشانيون ڏيکارين ٿيون ته ڪيتريون هندستاني قومون پنهنجو نسل ڪڇ قدر دراوڙ قوم جي وڏن مان ئي ڇڪين ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ