هندستان تيمور کان پوءِ
1400ع کان 1500ع تائين
راجپوت رهاڪو ها، تنهن هوندي به اُن تي هڪ مسلمان
بادشاهه حڪومت هلائيندو هو. باقي جيڪو راجپوتانا
جو ڀاڱو هو، اراولي ٽڪِرين جي اولهه ۽ ڏکڻ طرف، سو
ته مسلمان هرگز هٿ ڪري ڪين سگهيا. اِهو ڀاڱو ڪيترن
راجپوت راڄن ۾ وراهيو ويو هو، جن سڀني ۾ مکيه هو
اُديپور (چتور) جو راڄ. اِنهيءَ ڀاڱي جي راجا کي
ٻيا سڀ راجپوت راجائون مڃيندا هوا.
بهلول خان لوڌي.
5- دکن ۾، اُتر ۾ نربدا ۽ ڏکڻ ۾ ڪرشنا ندين جي وچ
وارو سارو ملڪ، بهمني بادشاهت ۾ اچي ٿي ويو. اِها
حڪومت ٻَڌي هئي محمد تغلق جي هڪ مسلمان سپه سالار،
جو جڏهن ڇوڪر هو تڏهن هڪ ٻڍي برهمڻ مٿس تمام
مهرباني ڪئي هئي تنهنڪري جڏهن هو بادشاهه ٿيو تڏهن
سندس نالي پٺيان پنهنجي حڪومت تي نالو ئي رکيائين
بهمني يا برهمڻي بادشاهت، بهمني گهراڻي جي مسلمان
بادشاهن تغلق سيد ۽ لوڌي
گهراڻن جي وقت ڌاري، اٽڪل ٻه سوَ، ورهيه حڪومت
ڪئي. سندن مکيه شهر هو گلبرگ.
5- ڏکڻ هندستان ۾ وري وجيه نگر جي وڏي حڪومت هئي،
جا خلجي بادشاهن جي وقت ۾ ٻڌي ويئي هئي. اِها
حڪومت مريوئي اٽڪل 230 ورهيه هلي. ڪرشنا نديءَ جي
ڏکڻ طرفان جيڪو ملڪ هو، جنهن ۾ هينئر مدراس کاتو ۽
ميسور اچي ٿا وڃن، اُتي جيڪي راجائون ها سي سڀ هن
حڪومت جي راجائن کي مڃيندا ها. اِنهيءَ حڪومت جي
گاديءَ جو هنڌ، تنگڀدرا نديءَ تي وجيه نگر جو شهر
هو.
وجيه نگر ۾ راجا جي هاٿين جو طبيلو
6-
لودي گهراڻي جي پوين حاڪمن جي وقت ۾ اٽڪل سنه
1500ع ڌاري، بهمني بادشاهت ٽُٽي پيئي. اُن جي
بجاءِ پنج ننڍڙيون مسلمانڪيون حڪومتون جاري ٿي
ويئون، جن مان هر هڪ جي مٿان پنهنجو پنهنجو سلطان
هو. دکن جي وچ ۾ هئي بيدر جي حڪومت، اُتر ۾ هيون
برار ۽ احمد نگر جون حڪومتون ۽ ڏکڻ ۾ هيون بيجاپور
۽ گولڪنڊو جون حڪومتون. اِنهن حڪومتن جا سلطان
هميشہ پيا هڪ ٻئي سان، توري وجيه نگر جي هندو
راجائن سان وڙهندا هئا.
7- ساري ڏکڻ هندستان ۾ ڪيترا هندو سردار هوندا ها جن کي نائڪ يا پاليگار ڪري
ڪوٺيندا هئا. اِهي سردار ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن تي راڄ
ڪندا ها ۽ جڏهن جڏهن وجيه نگر جو راجا مٿن زور
رکندو هو تڏهن لاچار ٿي کيس ڏَنُ ڏيندا ها.
22- مغل شهنشاهه
1- مغل ۽ منگول اِهي ٻئي ساڳيا لفظ آهن ۽ مغلن جو
ملڪ منگوليا هو، جو وچ ايشيا ۾ ترڪستان ۽ چين جي
وچ ۾ آهي. هن ملڪ ۾، جنهن کي تاتار به سڏيندا آهن،
جيڪي ذاتيون رهنديون هيون، سي تاتاري يا سٿين يا
توُراني سڏبيون هيون، ڇاڪاڻ جو اِهي ٽيئي نالا ڌار
ڌار وقتن ۾ ساڳين ماڻهن کي ڏنل ها. پُراڻا گريڪ
تواريخ نويس اُنهن کي سٿين سڏيندا ها، ۽ ايراني
تواريخ نويس اُنهن جي ملڪ کي توُران چوندا آهن،
تنهن ڪري اُهي ڪڏهين ڪڏهين توُراني سڏبا آهن.
2- ترڪستان جو ملڪ آريه لوڪن جو قديم رهڻ جو هنڌ
هو. جيئن زمانا گذرندا ويا، تيئن مغلن يا تاتارين
مان ڪي اُهي جبل لنگهي آيا، جي سندن ملڪ کي
ترڪستان کان ڌار ڪن ٿا. آريه لوڪ جيڪي اُتي رهيل
ها، تن سان ٺهي اچي ويٺا، اُنهن مان پرڻيا، اُنهن
جي ٻولي سکيا ۽ اُنهن سان رلي ملي هڪ ٿي ويا.
تڏهين اُنهن کي تُرڪ چوندا ها. هو صحرا جي جهنگلي
تاتارين کان پٽيءَ ٻيءَ طرح جا ها؛ اُنهن کي هو
ڌڪاريندا ها ۽ اُنهن کان نفرت ڪندا هئا. هو ڊگها،
رنگ جا گورا ۽ سهڻا ماڻهو ها ۽ گهڻن کي گهاٽيون
ڏاڙهيون هيون، ۽ تاتاري قد جا منڌرا، چپڙي مُنهن
وارا، ڦڪي رنگ ۽ ويڪري وات وارا ها ۽ منهن تي ورلي
ڪو وار هوندو هون. اِهي تاتاري هلت چلت ۾ ڏاڍا ڪنا
ها ۽ جهنگلين کان گهٽ ڪين ها، ترڪن وانگر اُهي به
مسلمان ها، پر رڳا نالي جا مسلمان ها. هندستان جي
ماڻهن کي خبر نه هئي ته اُنهن ٻن ذاتين ۾ تفاوت
ڪهڙو آهي، تنهن ڪري هو اُتر کان آيلن سڀني مسلمانن
کي مغل مري سڏيندا ها؛ اِنهيءَ طرح اُهو لفظ مغل
شاهنشاهن سان، جن جو بيان هاڻي ايندو، لاڳو ٿي ويو
آهي. سچ پچ اُهي منگوليا جا مغل پٽيءَ هوائي ڪين؛
پر ترڪستان جا ترڪ ها ۽ اُنهن کي چوڻ گهرجي ترڪي
شاهنشاهه.
3- اُهي مغل هندستان جي مسلمانن بادشاهن ۾ سڀني
کان وڏا ها. سڀ 15 مغل بادشاهه ٿي گذريا آهن پر
پهريان ڇهه، پوين کان، جن کي ڪا نالي جي اختياري
هئي، وڌيڪ ناليوارا ٿيا آهن. اُهي ڇهه هي آهن:
بابر، همايون، اڪبر، جهانگير، شاهه جهان ۽
اورنگزيب.
23- بابر بهادر
(1526
عيسوي
کان 1530 عيسوي تائين)
1- جڏهين تيمور مئو، تڏهين هن جي بادشاهت ڇڄي
ڪيتريون ننڍيون حڪومتون ٿي پيئي. اُنهن مان هڪڙي
ڪوقند نالي جا ترڪستان ۾ هڪڙو ننڍو ملڪ آهي، بابر
جي پي جي ڀاڱي ۾ آئي. بابر جو پيُ هو تيمور جو
پڙپوٽو. هن جي مرڻ کان پوءِ بابر، جو تڏهين تيرهن
ورهين جو ڇوڪر هو، هن جي گاديءَ تي ويٺو.
2- هوُ اڃا گاديءَ تي ويٺو ته هن کي پنهنجي جان
بچائڻ ڪاڻ پنهنجي چاچي سان وڙهڻو پيو. هن پنهنجي
بادشاهت وڃائي، پر ترڪستان جي ڪن رولوُ سردارن ۽
اُنهن جي ذات وارن، جن هن ننڍي شهزادي کي پنهنجو
بادشاهه ڪري ٿي ڀانيو، هن کي ڪڏهين ڪين ڇڏيو. سڄا
ويهه ورهيه هو هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ گهمندو رهيو،
اڪثر ڏيهاڙي وڙهندو هو، پوءِ ڪڏهين سوڀارو ٿيندو
هو، ته ڪڏهين پنهنجي جِندُ بچائڻ ڪاڻ ڀڄندو وتندو
هو ۽ سندس ترڪي سپاهي اڪثر کليءَ هوا ۾ ڇڙي ڌرتيءَ
تي سمهندا ها. هو اڪثر سارو ڏينهن سواريءَ ۾
گذاريندا ها.
3- نيٺ بابر ڏکڻ وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ترڪستان ۾
گهڻا سردار سندس جهڙا پهلوان ها؛ تنهن ڪري اُتي
ڪنهن وڏيءَ بادشاهت جي پايه وجهڻ جو آسرو ڪونه
ڏٺائين. ورهين لاڪر پئي وڙهيو ۽ شهرن پٺيان شهر
پئي ورتائين، اُهي وري پي هارايائين ۽ جهڙو شروع ۾
هو، تهڙو ئي رهيو. سندس ذات وارن جن کي هن وانگر
ڪا مقرر رهڻ جي جاءِ ڪانه هئي، ساڻس لڳي رهڻ
خوشيءَ سان باسيو. هو هندوڪش جبلن جي لڪن مان لهي
افغانستان ۾ اَچي سهڙيا.
بابر
4- افغان بهادر ۽ ويڙهو ها، پر اُتر کان آيل ترڪي
جوڌا اُنهن کان به وڌيڪ زور وارا ۽ پهلوان ها.
بابر سگهوئي ڪابل ۽ غزنيءَ جو ڌڻي ٿيو. اُتي هن
ڪيترا ورهيه حڪومت ڪئي. هوُ چار ڀيراءَ پنجاب تي
ڪاهي ويو ۽ اُتي پٺاڻن سان وڃي زور آزمايائين ۽
ڀيري ڀيري سان ملڪ جو ڀاڱو وٺندو، پنهنجي سردارن
مان هڪڙي جي حوالي ڪندو ويو. پوءِ جڏهين هن ڀانيو
ته هاڻي هندستان فتح ڪرڻ جيترو زور ورتو اَٿم،
تڏهين پنهنجن سچارن سردارن کان پڇيائين ته سندين
ڪهڙي صلاح آهي. سڀني يڪ صلاح ٿي کيس ڪوشش ڪرڻ لاءِ
تاڪيد ڪيو.
5- بابر جي اُن وقت چاليهه ورهيه عمر هئي. سندس
لشڪر ۾ رڳا تيرهن هزار ماڻهو ها. پر اُنهن مان هر
هڪ ماڻهوءَ سَو جنگيون ته رءِ جهڙيون ڪيون هيون ۽
اهڙا ها جو پنهنجي مهندار جي پٺيان موت جي منهن ۾
وڃڻ کان به گسڻ وارا نه ها. جُرات ڪري هنن جو
اڳواڻ ٿي اُتي هليو؛ پنجاب جي ميدانن تي چڙهي ويو
۽ سڌو دهليءَ تي ڪاهي ويو.
6-
ابراهيم لودي پٺاڻ بادشاهه هڪ لک ماڻهو ساڻ وٺي هن
جي سامهون ٿيڻ ڪاڻ نڪتو؛ پر هن جا افغان جو گهڻا
ڏينهن هندستان جي گرم پوٺن تي رهيا ها، تنهنڪري
سندن وڏن واري همت ۽ قوت منجهن ڪانه رهي هئي.
ابراهيم لوڌي
جنهن وقت کان وٺي آريه لوڪ اُتر وارن ٿڌن اُتاهن
ملڪن کان لهي ڏکڻ وارن گرم ملڪن ۾ آيا آهن ۽ ديسي
ماڻهن کي ٻهاري ڪڍيو اٿن،
تنهن وقت کان اُتر جي ماڻهن ۽ ڏکڻ جي ماڻهن ۾ جيڪا
چٽا ڀيٽي ٿي آهي، تنهن سڀ ۾ اِئين پئي ٿيو آهي.
پٺاڻ لشڪر جي، چڻگي ترڪن سان، جي وڌيڪ تازيءَ ۽
شوخ ذات جا ماڻهوها، پڄڻ جي بات ڪانه هئي. بابر
پنهنجي زره پوش گهوڙي سوارن جو اڳواڻ ٿي، افغانن
جي گهاٽين صفن ۾ بي ڊپو ٿي ڪاهي پيو ۽ پوءِ وري
ڦيرو کائي لشڪر جي پڇاڙيءَ تي حملو ڪيائين.
ابراهيم جو لشڪر ڊانوانڊول
ٿيو ۽ اُٿي ڀڳو ۽ پاڻ ۽ ويهه هزار گهوڙي سوار جنگ
جي ميدان ۾ مارجي ويا. هيءَ وڏي جنگ 1526ع ۾ پاڻي
پٽ وٽ ٿي، جو دهليءَ جي ويجهو هڪڙو ميدان آهي.
7- هن جنگ کٽڻ ڪري بابر رڳو دهليءَ جي بادشاهت جو
ڌڻي ٿيو. راجپوتانا وارا راجائون، جن ۾ مکيه هو
راجا سنگا، اُنهن کان سواءِ هندستان ۾ پنج وڏيون
مسلمانڪيون بادشاهتون هيون. راجپوت مٿس ڪاهي آيا
پر هن کين شڪست پهچائي ۽ ٽن سالن جي عرصي ۾ پنهنجي
پٽ همايون سان گڏجي گهڻو ڪري سارو اُتر هندستان
لتاڙي ڪيترن مسلمان حاڪمن کي آڻ مڃارايائين.
8- هندستان ۾ جيڪي به مسلمان حاڪم هيستائين ٿي
گذريا ها، تن ۾ بابر سڀني کان چڱو حاڪم ٿي گذريو
آهي. بابر لفظ جي معنيٰ آهي شينهن ۽ هو هئو به
اهڙو زور وارو ۽ بهادر جهڙو شينهن. هو ٻه ڊگها
ماڻهو، هڪڙو هڪڙيءَ ڪڇ ۾ ٻيو ٻيءَ ڪڇ ۾ کڻي وڏيءَ
ڀت جي چوٽيءَ تي ڊوڙندو ويندو هو. جيڪا ندي واٽ ۾
ايندي هيس تنهن مان تري پار هليو ويندو هو ۽ گهڻو
ڪري ڏيهاڙي هڪ سو ميل چڙهي ڪندو هو.
9- جيتوڻيڪ هو جنگ جي ميدان جو ڪوڏيو هو، ته به بي
رحم ڪين هو؛ ۽ جي ماڻهو وڙهي نه سگهندا ها ۽ نه
وڙهندا ها، تن کي ڪڏهين ڪين ماريندو هو هو هندستان
۾ ماڻهو مارڻ، سندر مندر ناس ڪرڻ ۽ ملڪ ڦرڻ ڪين
آيو هو؛ پر ڏاهي ۽ چڱي بادشاهه وانگر حڪومت ڪرڻ
آيو هو. هو سخن جو سچو هو ۽ ڪڏهين ڪو نيچ ڪم ڪين
ڪيائين. هو هميشه خوش طبع ۽ کِلڻو هوندو هو.
پنهنجي تواريخ ۾ جا پاڻ پنهنجي هٿين لکي اٿس چيو
اٿس ته ”جيڪڏهن منهنجي هار ٿيندي ته آءٌ ڪڏهين به
ماٺ ڪري ۽ آسرو لاهي ويهي ڪين رهندس، يا نڪمو ويهي
هيڏي هوڏي ڪين نهاريندس.“ وري ٻئي هنڌ چيو اٿس ته
”ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪم ڪيئَن ڪندو جنهن جي ڪري مئي
پڄاڻا هن جي ناموس کي ٽڪو لڳي.“
10- بابر هندستان ۾ گهڻا ڏينهن جيرو ڪين رهيو.
دهليءَ ۾ اڃا هن چار ورهيه مس راڄ ڪيو ته هو ضعيف
۽ ناچڱو ٿيڻ لڳو. سندس پيارو پٽ همايون به بيمار
پيو ۽ تمام ٿوري وقت ۾ اهڙو ٿيو جو پنهنجي هنڌ تان
اُٿي ڪين ٿي سگهيو ۽ اِئين ٿي ڏٺو ته بچندو ڪڏهين
ڪين. تڏهين هڪڙي ديندار عهديدار بابر کي چيو ته
”توهان وٽ
همايون جي اَڻ چڱائي
جيڪا تمام قيمتي وَٿُ هجي، سا خدا جي اڳيان صدقي
ڪريو ۽ اُن کان دعا پنو ته هو شايد توهان جي پٽ جي
جان بچائيندو. آگري ۾ جو وڏو هيرو توهان کي مليو
سو صدقي ڏيو.“ بابر چيو ”نه نه، اُنهي وڏي هيري
کان منهنجي حياتي مون کي وڌيڪ پياري آهي ۽ آءٌ
اِها خدا کي ڀيٽ ڏيندس.“ هن پنهنجي پٽ جي کٽ کي ٽي
ڦيرا ڏنا ۽ دعا گهريائين ته خدا منهنجي پٽ جي
حياتي بچاءِ ۽ اُن جي بدران منهنجي جان وٺ. پوءِ
هن واڪو ڪري چيو ته مون مرض کڻي ورتو آهي. ڀانئجي
ٿو ته خدا هن جو عرض اگهايو؛ ڇاڪاڻ جو اُنهيءَ وقت
کان وٺي همايون ويو بهتر ٿيندو ۽ چڙهندو جيسين هو
بلڪل چڱو ڀلو ٿيو ۽ بابر ويو ڏينهان ڏينهن ڳرندو ۽
هيڻو پوندو جيسين هو نيٺ مري ويو.
24- همايون ٻاجهارو
(1530
عيسوي کان 1556 عيسوي تائين)
1- پنهنجي مرڻ کان ٿورو وقت اڳڀرو بابر پنهنجي وڏي
پٽ همايون کي سڏي چيو ”منهنجا پٽ، جيڪڏهين خدا
توکي منهنجو تخت ڏئي ته آءٌ توکي وصيت ٿو ڪريان ته
پنهنجن ڀائرن سان مهربانيءَ جي رستي هلجانءِ.“
همايون پنهنجي پيُ جو حڪم سچيءَ دل سان مڃيو ۽
اِئين ڪرڻ هن جي لاءِ سچ پچ ڪا اَهنجي ڳالهه به
ڪين هئي؛ ڇاڪاڻ جو هن جي پنهنجي ڀائرن سان دل هئي
۽ هن جي مرضي نه هئي ته هنن کي ڪو ڏک پهچايان. پڻس
جو مٿس ڀروسو ۽ پيار هو، بابر چوندو هو ته ”سڄي
جهان ۾ همايون جهڙو ٻيو دوست ڪونهي.“
2- هن بادشاهي شروع ڪرڻ وقت پنهنجن ڀائرن مان هر
هڪ کي بادشاهيءَ جو ڀاڱو ورهائي ڏنو. ڪامران کي
ڏنائين افغانستان ۽ پنجاب. هيءَ سندس ڏاڍي مهرباني
هئي، پر اُهو سياڻپ جو ڪم ڪين هو؛ ڇاڪاڻ جو اُهي
ملڪ سورمن ماڻهن سان ڀريا پيا ها ۽ بابر پنهنجي
لشڪر ڪاڻ سپاهي ۽ عملدار اُتاهون ڪڍندو هو. ڀائرنس
ساڻ مدد ته ڪانه ڪئي، پر اُٽلندو وڙهيس؛ ڇاڪاڻ ته
هر هڪ جو مطلب هو ته آءٌ بادشاهه ٿيان؛ تنهنڪري
جيسين هو جيرا ها، تيسين هن کي ڪو آرام ڪو نه هو.
|