سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 15

لارڊ ڪئننگ

 

3- اسين ماڻهو جيڪي هنن ڏينهن ۾ رهون ٿا سي ريلوي، تار برقي، سهانگي ٽپال جي محصول، سڪولن ۽ دواخانن جو قدر ڄاڻون ٿا، پر جڏهين پهريائين اُهي هندستان ۾ جاري ٿيا، تڏهين گهڻا ڏيهي ماڻهو، جن اُهي اڳي ڪڏهين ٻڌا به نه ها، سي اُنهن کان ڊنا ٿي ۽ اُنهن ڀانيو ته انگريز اسان کي ايذاءُ رسائڻ ٿا گهرن. اُنهن مان ڪن ٿي چيو ته هي جي رُڪَ جي پٽين جون ڊگهيو قطارون ۽ تارون آهن، سي زنجير آهن، جن سان ڌرتي ٿي ٻنڌجي. ٻين جڏهين ڏٺو ته ريلوي اِنجنيون ۽ گاڏيون گهوڙن کان سواءِ اِئين پيون ڊوڙن تڏهين اُنهن چيو ته هيءُ شيطان جو ڪم آهي.  جڏهين اُنهن ڏٺو ته وڄ جي چمڪي وانگر سؤ ميل پنڌ تي پيغام هڪ يا ٻن سيڪنڊن ۾ موڪلي سگهجي ٿو، تڏهين هنن کي ڊپ وٺي ويو. گهڻن ماڻهن ٿي ڀانيون ته انگريز سڪول ۽ دواخانا کولي اسان جي ذات ٿا بگاڙين ۽ اسين انگريزي سکنداسون ته اسان جو هندو ڌرم ويندو هليو.

4- اِهي اجايون ڳالهيون بنگالي ۽ اودهه جي سپاهين ۾ ڪن بڇڙن ماڻهن، جن جو خود سچ پچ اُنهن تي اعتبار ڪونه هو، وڃي پکيڙيون. هن وقت سپاهين کي نيون بندوقون مليون، جن ۾ موم يا چرٻيءَ جا ڪارتوس ٿي ڪم آيا ۽ ڪنهن سپاهين کي چيو ته ڪارتوسن کي جا چرٻي لڳل آهي، سا سندين ذات بگاڙڻ ڪاڻ آهي. اُنهن چيو ته اِهي ڪارتوس اسين ڪم ڪين آڻينداسون ۽ پنهنجن عملدارن جو چيو نه مڃيائون. سپاهين ڀانيون ته جيئن اورنگزيب ۽ ٽيپوءَ گهڻن هندن کي زور سان مسلمان ڪيو هو، تيئَن انگريز هاڻي اسان کي ڪرستان ٿا ڪن.

5- اودهه ۽ اُتر اُلهندي علائقن ۾ نوابن جي حڪومت ۾ گهڻا تعلقه دار ها، جن کي ڏکڻ هندستان جي پاليگارن يا نائڪن وانگر ننڍا قلعا هوندا ها، ۽ هو ڳوٺن تي حڪم هلائيندا ها ۽ اُنهن کان ڍلون وٺندا ها، ملڪ جي حاڪم کي هو پئسا تڏهين ڏيندا ها، جڏهين لاچار ٿيندو هون ۽ اڪثر ته ڪي به ڪين ڏيندا ها. جڏهين انگريزن اُهو ملڪ ورتو، تڏهين اُنهن جي سڀ اختياري هلي ويئي؛ اِنهي ڪري هو ڏاڍا ڏمريل ها. هنن سپاهين کي چوريو ته انگريزن سان فساد ڪريو.

6- هن کان هڪ يا ٻه ورهيه اڳي باجي راءِ ٻڍو پيشوا مري ويو هو. 1818ع ۾ مرهٽن واريءَ ويڙهه جي پڄاڻي ٿي، هن کي انگريز سرڪار حياتيءَ تائين وڏو مواجب ٺاهي ڏنو هو ۽ ڪانپور کان ڇهن ميلن تي بٿور ۾ رهندو هو. هن کي پٽ ڪونه هو، پر هن هڪڙي ڇوڪر کي، جنهن کي نانا صاحب ڪوٺيندا ها، گوديلو پٽ ڪيو. هو پنج ڪروڙ رپيا هن کي ڏيئي ويو، پر ايتري ناڻي تي به نانا صاحب راضي نه ٿيو. هن جو مطلب هو ته انگريز سرڪار مون کي اُهو ساڳيو مواجب ڏئي، جو باجي راءِ کي ملندو هو. هن مواجب تي هن جو ڪو حق نه هو؛ تنهن ڪري انگريز سرڪار اُن جي ڏيڻ کان اِنڪار ڪيو. پوءِ هو لڳو انگريزن جي برخلاف منصوبا ڪرڻ ۽ ڏيهي سپاهين کي لکڻ ته فساد ڪن.

7- پهريائين هڪ يا ٻن پلٽڻيون پنهنجي عملدارن جو حڪم نه مڃيو، تنهن ڪري اُهي پلٽڻين ٽوڙي ماڻهن کي ڪڍي ڇڏيائون. اُهي ساري ملڪ ۾ پکڙي ويا ۽ جيڪي ٿيو هو، تنهنجي ٻين سپاهين سان وڃي ڳالهه ڪيائون. اوچتو 1857ع دهليءَ جي ڀرسان ميرٺ ۾، جتي سپاهين جو وڏو لشڪر هو، فساد اچي جاڳيو. هنن پنهنجي عملدارن کي گوليون هڻي ماري وڌو، پوءِ جيڪو يوروپين گڏبو وين، تنهن کي پورو ڪندا ويا، نه ڇڏيائون مرد، نه زالون ۽ نه ٻار، ڄڻ ڪ هو ڇتا ٿي پيا هوا؛ گهرن کي وٺي باهه ڏنائون؛ تُرنگ پَٽي قيدين کي ڇڙواڳ کڻي ڇڏيائون ۽ پوءِ دهليءَ تي ڪاهي ويا.

8- دهليءَ ۾ شاهه عالم ٻڍي مغل جي نسل مان جيڪو هو، تنهن سان انگريزن گهڻي مهرباني ڪئي هئي؛ هو بهادر شاهه نالي هڪڙو پير مرد هو، جنهن کي انگريزن وڏو مواجب ٺاهي ڏنو هو. هن ڀانيو ته اڳي جي وڏا مغل شهنشاهه ٿي ويا آهن، تن وانگر آءٌ به هيڪر شايد شهنشاهه ٿي پوندس. هو پٽن سوڌو فسادين سان وڃي گڏيو ۽ پاڻ کي هندستان جو شهنشاهه ظاهر ڪيائين. انگريزن جون پنجاهه زالون ۽ ٻار جي سپاهين کان پنهنجي جان بچائڻ ڪاڻ سندس محلات ۾ پڄي ويا ها، سي سڀ سندس حڪم سان مارجي ويا.

9- جيڪي ميرٺ ۾ ٿيو. سو ٻين گهڻن هنڌن ۾ به ٿيو انگريزي عملدارن جو پنهنجن ماڻهن تي ڀروسو هو، ڇو ته ساڻن گڏجي سندن هيترن دشمنن سان وڙهيا ها ۽ ساڻن سچي رهڻ لاءِ هنن سنهن کنيو هو؛ پر اُنهن مان گهڻا ماڻهو بي ايمان ٿي پيا، پنهنجن عملدارن کي ۽ جيڪو يوروپي ماڻهو ڏٺائون تنهن کي ماريائون ۽ دهليءَ تي ڪاهي ويا.

10- ڪانپور ۾ نانا صاحب فسادين جي وڏيءَ ٽوليءَ جو اڳواڻ ٿي بيٺو. اُنهيءَ شهر ۾ انگريزن جا ٿورا مرد ماڻهو ها ۽ زالون ۽ ٻار گهڻا ها، جي اُتي پناهه واسطي موڪليا ويا ها. سپاهين جا دل ها، انگريزن اُڻهين ڏينهن تائين جرات سان اُنهن سان ٽڪرا کاڌا ۽ هو جيڪر کائن نڪري وڃن ها، پر زالن ۽ ٻارن کي ڪئَن ڇڏين. پوءِ ناناصاحب ساڻن انجام ڪيو ته جي اوهين پاڻ سونپيندو، ته اوهان کي سلامتيءَ سان الهه آباد لنگهائي ڇڏيندس ۽ هنن مورکائي ڪري اِها ڳالهه کڻي قبولي. هو گنگانديءَ تي ويا ۽ وڃي ٻيڙين ۾ چڙهيا. اڃا هو نڪري نديءَ ۾ ٿيا ته ناناصاحب جي سپاهين ڪناري کان هنن تي بندوقون ڇوڙيون ۽ اُنهن مان گهڻن کي ماريائون ۽ پوءِ وٺي ٻيڙين کي باهه ڏنائون. جيڪي مرد ها، تن کي سپاهين بندوقون هڻي ماري وڌو ۽ ويچارين زالن ۽ ٻارن کي پهريائين قيد ۾ وڌائون، پر پوءِ ناناصاحب جي حڪم سان اُنهن کي ڪپي ٽڪر ٽڪر ڪري اُنهن جا مڙهه هڪڙي کوهه ۾ کڻي اُڇلايائون. هندستان ۾ جيڪي تمام بيرحميءَ جهڙا ڪم ٿي گذريا آهن، تن مان هيءُ به هڪڙو هو.

11- فسادي سپاهي پنجن مهنن تائين دهلي هٿ ڪري ويٺا ها. پر ايتري ۾ ڪلڪتي، مدراس ۽ پنجاب کان لشڪر پئي آيو. سکن کي انگريزن فتح ڪيو، تنهن کي رڳا اَٺ ورهيه گذريا ها. پر هنن کي سڌ پئجي ويئي هئي ته انگريزن جي حڪومت ڪهڙي چڱي آهي ۽ هو Text Box: جنرل هيولاڪ
پنهنجن حاڪمن جي ڏينهن ۾ ڪڏهين اهڙا سکي نه ها، جهڙا هاڻي ٿيا، تنهن ڪري هو ۽ گورکا سپاهي انگريزن سان سچا رهيا ۽ هنن جي طرفان اهڙو همت سان وڙهيا، جهڙو ٿورا ڏينهن اڳي ساڻن  وڙهيا ها. جنرل (پوءِ ٿيو سر هنري) هيولاڪ ناناصاحب کي ماري مات ڪيو ۽ هو جهنگ منهن ڏيئي ڀڄي ويو ۽ وري ڪڏهين ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو، جنرل نيل به اچي جنرل هيولاڪ سان گڏيو؛ هنن ڪانپور جو شهر ورتو ۽ پوءِ ويا لکنوءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ، جنهن کي گهڻن مهنن لاڪر سر هنري لارينس پنجاهن هزارن فسادين کان بهادريءَ سان بچايو ويٺو هو. جنرل ولسن ڇهن ڏينهن جي سخت جنگ کان پوءِ Text Box: سر جيمس آوٽرم
هڻي ماري ڪٽي دهلي ورتي. سرڪالن ڪئمبيل سپه سالار ۽ سر جيمس آوٽرم جي هٿ هيٺ وڌيڪ انگريزي لشڪر اچي سهڙيو. لکنو ۽ ڪانپور ورتا ويا ۽ فسادي اودهه مان تڙجي ويا. جنرل نڪولسن دهليءَ جي جنگ ۾ مارجي ويو ۽ جنرل هيولاڪ به پوءِ سگهوئي مري ويو.

سر جيمس آوٽرم

16- هڪڙو لشڪر جنرل وهٽلاڪ جي حڪم هيٺ مدراس کان ۽ ٻيو لشڪر سر هيوروز جي حڪم هيٺ بمبئيءَ کان هليا، سي واٽ تي سنڌيا ۽ هولڪر جي فوجن کي جيتيندا ۽ هڪ ٻئي پٺيان قلعا وٺندا آهستي آهستي اُتر هندستان ڏي پئي آيا هي مرهٽا راجائون پاڻ پنهنجي سر انگريزن سان سچا رهيا؛ پر پنهنجي لشڪر کي فسادي سپاهين سان شامل ٿيڻ کان هو جهلي نه سگهيا. هنن جو اڳواڻ هو هڪڙو مرهٽو سردار جنهنجو نالو هو ٽانٽيا ٽوپي. پر سڀڪنهن هنڌ هنن جي هار ٿي ۽ ٽانٽيا ٽوپي جهليو ۽ ڦاهيءَ چڙهيو.

13- دهليءَ جي هار کان پوءِ سپاهي سڀڪنهن پاسي اُتي ڀڳا ۽ 1858ع جي پڇاڙيءَ ۾ جابجاءِ آرام ٿي ويو.

 

74- مانواري ايسٽ اِنڊيا ڪمپني

1- اسان ڏٺو آهي ته ڪيئَن انگريزي سلطنت هندستان ۾ شروع ٿي ڪئن درجي بدرجي وڌندي ويئي، تان جو سَو سالن جي مدي بعد سڄو هندستان ۽ لوئر برما سندس قبضي هيٺ آيا. برٽش شهنشاهت جي شروعات واپار سان ٿي. اوائل ۾ سنه 1600ع ڌاري ڪي انگريز (ڏسو باب 31) واپار جي ارادي سان هندستان ۾ آيا. ساڳي ئي وقت راڻي ايليزبيٿ جي ڏينهن ۾ جڏهن هندستان ۾ اڪبر جو راڄ هوندو هو، تڏهن ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ٺاهي ويئي. 1612ع ۾ انگريزي واپارين سورت ۾ هڪ ڪوٺي وڌي. اِها ڪوٺي پهريون ئي زمين جو ٽڪر هو جنهن تي انگريزن هندستان ۾ مالڪپڻي جو حق ڄمايو. اِنهيءَ کان ٿورا سال پوءِ هنن مدراس (1639) ۾، بمبئي (1662) ۾ ڪلڪته (1690) ۾ ڪوٺيون وڌيون ۽ ساڳي ئي وقت اِنهيءَ ساڻ بچاءَ لاءِ قلعا ٺاراهيا.

2- 17 صدي يعني 1600 کان وٺي 1700 تائين جيڪو سؤ سالن جو مدو هو، سو هو انگريزي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جو هندستان ۾ واپار جو. اِنگلنڊ منجهان جهاز سامان کڻي هندستان ۾ ايندا هئا ۽ موٽي وري هندستان جو سامان اِنگلنڊ ۾ نيندا هئا. اِهو سچ آهي ته انگريزن کي اِنهيءَ وقت گهڻيئي جنگيون جوٽڻيون پييون، پر اِهي سڀ بحري جنگيون هيون پورٽوگيزن ۽ ڊچن سان، جن جي مرضي هئي ته هندستان سان سڄو واپار پنهنجي هٿ وس رکون. وقت بوقت وري سندن قلعي ۾ رهندڙ سپاهين کي، ڌاريلن ۽ ٻين ڪن هندستاني سردارن، جهڙوڪ شيواجي، مرهٽن جو راجا، جنهن 1864ع ۾ سورت (ڏسو باب 33) ۽ ڪاروار تي ڪاهه ڪئي هئي، تن جي ڪاهن کي هٽائڻو پوندو هو. هڪ وقت اورنگزيب جي ڏينهن جي جهوني انگريزي ڪمپنيءَ کي بينگال جي صوبيدار سان بحري نول بنسبت جهيڙو ڪرڻو پيو. اِنهن جي سپاهين کي شهنشاه جي لشڪر سان چٽاڀيٽي ڪرڻي پيئي ۽ پوءِ بينگال ڇڏڻو پين؛ پر آخر شهنشاه کين وري ڪوٺايو؛ ڇو ته کيس چڱيءَ پر خبر هئي ته سندس رعيت کي واپار مان ڪيترو نه فائدو هو ۽ خود کيس به جهجهوئي لاڀ ٿيندو هو. اِنهن حالتن کان سواءِ انگريزي واپارين هندستاني راجائن سان ڪڏهين به ٻي ڪا جنگ نه جوٽي.

3- سنه 1702ع کان وٺي 1708ع تائين يونائيٽيڊ (گڏيل) ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ٺاهي ويئي. اُتس مانواري ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جو نالو ڌريو ويو. اِنهيءَ ۾ ٻيون به مشرق سان واپار ڪندڙ ڪمپنيون گڏجي ويئون، جهوني انگريزي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سميت. بعضي هندستان ۾ هندستاني اِن ڪمپنيءَ کي سڏيندا هئا ”جهان ڪمپني بهادر“، جو عام ماڻهن سمجهو ٿي ته اِهو نالو ڪنهن وڏي انگريزي شهزادي يا امير جو خطاب هوندو.

4- اِنهيءَ وقت ڌاري ٻيون به ڪيتريون ڪوٺيون سمنڊ جي ڪناري جي لاڳو يا اِن جي ويجهو جهڙوڪ احمد آباد، بروچ، ٽيليچري، ڪوچين، ڪڊلور، مسليپٽم، وزيگاپٽم ۽ ٻين هنڌن تي اڏيون ويئون. انگريزي واپارين جون ڪوٺيون، ۽ اِنهن جي چوڌاري جي بيٺڪون هونديون هيون، سي سڀ اُنهن هنڌن تي هيون، جي هٿيارن جي وسيلي سان هٿ ڪونه ڪيا ويا هئا، مگر يا ته هندستاني راجائن کان خريد ڪيا ويئا هئا، يا مقاطي تي کنيل هئا، يا امداد ٿيل هُئا، اِهي ننڍيون بيٺڪون رفته رفته اُسري ننڍا شهر بنجي پيئون، جي شهر خاص تجارت واسطي هوندا هئا. اُهي سڄا سامان جي گدامن سان ڀريا پيا هوندا هئا، جن ۾ مال سٿيا پيا هوندا هئا. ڪوبه عملداري قبضو ساڻن لاڳو نه هو، فقط ڪن ڪوٺين ۾ مضبوط قلعا اڏيل هئا، اِنهيءَ لاءِ ته قيمتي مال ۽ خزانو جو منجهن موجود هو، تنهن جو، گهمندڙ ڦوڙن جي ٽولين کان بچاءَ ٿئي.

5- ٻيءَ ايندڙ صديءَ جي اڌ ۾ يعني 18 صديءَ جي وچ ڌاري سندن واپار صلح سانت سان پئي هليو؛ پر اِنهيءَ کان پوءِ هڪ وڏي ڦيرگهير ڪرڻ ۾ آئي. سال 1799 ۾ فرينچن سان جنگ شروع ٿي (ڏسو باب 37). فرينچن اچي انگريزن تي حملو ڪيو، جنهن ڪري لاچار ٿي انگريزن کي لشڪر کڙو ڪري پاڻ بچائڻو پيو. اڃا اِها جنگ پوري ڪين ٿي هئي ته بينگال جي نواب سراج الدوله ڪلڪته ۾ اچي انگريزن جي بيٺڪن تي ڪاهه ڪئي (ڏسو باب 41). ڪرنل ڪلائيو 1756 ۾ کيس پلاسيءَ جي جنگ ۾ جيتيو، ۽ نئين نواب مير جعفر انگريزن کي 24 پرڳڻا ڏنا. اِهوئي پهريون برٽش جو هندستان ۾ عملداري قبضو ٿيو. اِها ڳالهه 1757ع ۾ ٿي گذري ۽ اِنهيءَ تاريخ سان هندستان ۾ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي هٿ هيٺ انگريزي راڄ جي گويا شروعات ٿي ۽ اهو سال چئجي کڻي ته سندس راڄ ڪندڙ طاقت جي جنم جو ڏينهن آهي.

6- ٻين سَو سالن منجهه يعني سال 1757 کان 1857 تائين، مانواري ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ درجي بدرجه هندستان ۾ انگريزي شهنشاهت جي عمارت کڙي ڪئي. اِهو ڪيئن ٿيو سو هن ڪتاب ۾ ڏيکاريل آهي. پرڳڻي پٺيان پرڳڻو جيئن جيئن انگريزي راڄ هيٺ ايندو رهيو، تيئن تيئن منجهانئس جنگ جدل ۽ رتوڇاڻ غائب ٿيندي ويئي ۽ صلح ۽ سانت اُنهن جي جاءِ ورتي. اِنهيءَ مدي جي پهرين اڌ ۾ يعني لارڊ ڪلائيو جي وقت کان وٺي لارڊ ويلسليءَ جي وقت تائين جيڪي جنگيون جوٽيون ويئون هيون، سي صرف بچاءَ لاءِ هيون. انگريزن تي ڪاهون ٿيون ۽ کين پاڻ بچائڻ لاچار ٿيو. جي نه وڙهن ها، ته هندستان مان هڪاليا وڃن ها. هيل تائين ته کين خواب خيال به ڪين هو ته سڄي هندستان مٿان راڄ ڪنداسون؛ پر جڏهين لارڊ ويلسليءَ 1798 ۾ هندستان ۾ آيو، تڏهين سمجهائين ته ملڪ ۾ جيڪڏهين آرام ۽ سانت ٿيڻو آهي ته اُتس هڪ وڏو خودمختيار حاڪم ٿيڻ کپي، جنهن جي سڀ راجائون نواب ۽ ٻيا وڏا هندستاني شهزادا ۽ سردار مڃتا ڪن. اِنهيءَ مراد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪهڙا اُپاءَ ورتائين ۽ ڪيئن لارڊ هيسٽنگس ۽ ٻيا جيڪي کانئس پوءِ آيا سي اِهو ڪم هلائيندا آيا، ۽ ڪيئن سڄو ڪم 25 سالن ۾ رچي راس ٿيو. سو مٿي (باب 57 کان 63 تائين) ڏيکاريل آهي.

7- وڌيڪ ملڪ جي پوءِ برٽش اِنڊيا ۾ گڏيا ويا سي هڪڙا ڪيا لارڊ ڊلاهوسيءَ، جنهن پنجاب ۽ لوئر برما جنگ ۾ فتح ڪري گڏيا. ناگپور به گڏيائين جو اُتي جو راجا بناوارث فوت ٿي ويو هو، ۽ آئوڌ گڏيائين اُتي جي نواب جي بد انتظاميءَ ڪري ٻيو ملڪ جو واڌارو ڪيو لارڊ ڊفرن جنهن اَپر برما 1886ع واري جنگ ۾ فتح ڪري انگريزي شهنشاهت سان گڏي ڇڏيو.

8- پلاسيءَ جي جنگ کان سؤ سال پوءِ يعني 1857ع ۾ اُتر هندستان ۾ وڏو سپاهين جو بلوو ٿيو. فساد بند ڪيو ويو، مگر نتيجو اِهو ٿيو جو ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي اچي پڄاڻي ٿي، ڇو ته برٽش پارليمنٽ هينئر ڏٺو ته وقت آيو آهي جڏهين هندستان جي سرڪار ۾ ڦيرڦار ضروري آهي. اچو ته ڏسون ته اِنهيءَ سؤ سالن جي اندر ڪمپنيءَ جي راڄ ۾ ڪهڙيون تبديليون ٿيون ۽ سندن ڪهڙي ضرورت هئي.

 

75- ڪيئن درجه بدرجه ڪمپنيءَ جو راڄ ڦري اِنگلنڊ جي تخت ڌڻيءَ جي هٿ هيٺ آيو

1- اسان کي ياد ڪرڻ کپي ته ايسٽ اِنڊيا ڪمپني جيتوڻيڪ برٽش ڪمپني هئي ته به برٽش سرڪار نه هئي. اِها برٽش رياست ڪانه هئي، پر فقط انگريزي واپاري، جي حصيدار هوا تن جي هڪ خانگي ڪمپني هئي ۽ ڪمپنيءَ جو سڄو ڪاروبار ڊائريڪٽرن جو بورڊ هلائيندو هو، جي حصيدارن جا چونڊيل هوندا هئا، جن منجهان ڪي وڏا انگريزي اميرزادا هئا. اِهي سڀيئي انگريزي رعيت هئا ۽ اِنهيءَ ڪري اُهي برٽش پارليمنٽ يا بادشاه (يا راڻيءَ) جا ٺاهيل قاعدا ۽ قانون بجاءِ آڻڻ لاءِ ٻڌل هئا. ڪمپنيءَ کي ڪنهن به ضروري ڳالهه، جهڙوڪ لشڪر کڙو ڪرڻ، جنگي جهاز تيار ڪرڻ يا سڪا ٺاهڻ يا قلعا ٺاراهڻ، وغيره وغيره لاءِ ڪمپنيءَ کي چارٽر يعني لکيل فرمان اِنگلنڊ جي تخت جي واليءَ کان وٺڻو پوندو هو. اِنهيءَ چارٽر کان سواءِ کين واپار ڪرڻ جي اختياري ڪانه هئي. اسان ڏٺو آهي ته پهريون چارٽر سنه 1600ع ۾ راڻي ايليزبيٿ ڪمپنيءَ کي عطا ڪيو ۽ وقت بوقت ساڳي قسم جا چارٽر ڏنا ويندا هئا، پر ڪنهن به مقرر مدي لاءِ نه. سال 1773ع ۾ ريگيوليٽنگ ائڪٽ پاس ٿيڻ بعد هر ڪنهن ويهن ويهن سالن جي عرصي بعد يعني 1793-    1813ع- 1833ع- 185 ۾ ڪمپنيءَ کي نئون چارٽر ڏنو ويو. سڀڪنهن ڀيري هر ڪنهن چارٽر جي سرنوُ ٿيڻ وقت ڪمپنيءَ جي حڪمراني، توڙي تجارتي طاقت ۾ ڪانه ڪا مڙيوئي تبديل ڪئي ويندي هئي.

ڇو اِهي ڦيرڦاريون ڪيون ويئون؟

2- اِهي ڦيرون گهيرون ضروري ڏسڻ ۾ آيون ڇو ته ڪمپنيءَ ۾ خود تبديليون ٿيون هيون. شروعات ۾ ته ڪمپني فقط هڪ واپاري مجموعو هو جو سواءِ واپار جي ٻيو ڪجهه نه ڪندو هو، پر پوءِ اسان ڏٺو آهي هت ڏيڍ سؤ سالن جي واپار کان پوءِ اِنهيءَ ڪمپنيءَ هڪ ملڪ جو ٽڪر هٿ ڪيو ۽ اُن وقت کان وٺي حڪمراني ڪندڙ طاقتن ۾ ليکجڻ ۾ آئي. اِنهن سببن ڪري اِئين ڏسڻ ۾ آيو ته ساڳيا قاعدا ۽ قانون جيڪي واپاري ڪمپنيءَ سان لاڳو هئا سي حڪمراني ڪندڙ طاقتن سان لاڳو ٿي نٿي سگهيا، جا طاقت سال بسال وڌندي پي ويئي، تان جو نيٺ هڪ مکيه راڄ هلائيندڙ بالا طاقت بڻجي پيئي.

3- واپارين جو مول مت ٿيندو آهي فائدو. اِنهيءَ واسطي هو پنهنجي موري جوکي ۾ وجهندا آهن. جيڪو فائدو واپاري ڪمپنيءَ منجهه ٿيندو آهي سو سال بسال حصيدارن ۾ وراهيندا آهن. ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي، حصيدارن کي سندن پتيءَ آهر فائدو پورن پور وقتن تي پهچائڻو ٿيندو آهي؛ تنهن ڪري لشڪر ۽ جنگي جهازن پٺيان حصيدارن جو پسئو خرچڻ لاءِ سمرٿي نه ساڙيندا آهن ۽ جيترو ٿي سگهندو اٿن اوترو پنهنجي سموري موري واپار ۾ صرف ڪندا آهن، ڇو ته واپار مان ئي فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

4- واپار هڪ ڳالهه آهي ۽ ملڪ جي حڪومت جي ڳالهه ئي نرالي آهي. اسين جيڪي هن زماني ۾ رهون ٿا سي اِنهيءَ راءِ جا آهيون ته ملڪ مان اڳريل ڍلون سڀ رعيت جي فائدي ۽ بچاءَ لاءِ، جهڙوڪ سولجرن، پوليس، جنگي جهازن، رستن، اسپتالن، انصاف جي ڪورٽن، سڪولن، ٽپال آفيسن، ريج جي ڪمن وغيره ۾ خرچ ڪرڻ کپن، ۽ ٻين اهڙن قسمن جي ڪمن پٺيان جن جو سرڪار تي قرض آهي. پر جڏهين ڪوبه واپاري مجموعو اوچتو حڪمراني طاقت بڻجي ٿو، ته اِنهيءَ جي من ۾ اِها لالچ اُٿي ٿي ته جيڪر مان سرڪار ڍلون پنهنجي واپار جي مليل موريءَ سان گڏي وڌيڪ خريداري ڪريان ۽ حصيدارن کي ملڪ جي ڍلن مان سندن فائدي جا حصا پهچايان. تنهن کان سواءِ راڄ هلائيندڙ ٿي، واپارين ۽ سندن گماشتن کي اِهو به خيال اُٿي سگهي ٿو ته ڍلن جو ڪجهه حصو پاڻ وٽ رکڻ ۾ اهم ڪونهي، جيئن هندستان جي راجائن، نوابن ۽ وڏن زميندارن پئي ڪيو آهي ۽ اڃا پيا ڪن، ۽ جن ماڻهن جي مٿان راڄ هلائين ٿا، تن وٽان، هندستاني راجائن وانگر، پنهنجي رعيت کان نذرانو يا پيشڪش يعني سوکڙين پاکرين وٺڻ ۾ اعتراض جوڳي ڳالهه نه آهي. اِهي هيون ڳالهيون جي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ (هندستاني گماشتن) ڪيون، جڏهين بينگال جي حڪومت جون واڳون سندس هٿ هيٺ آيون. اِهو ويچار ڪونه پين ته ڪو ڍلون ۽ موري ڌار ڌار شيون آهن، ۽ واپار مان جيڪو فائدو ٿئي ٿو، سو ڪنهن به حالت ۾، حڪومت جي چرخي تي نه خرچڻ کپي ۽ نڪي ڪي وري ملڪ جون ڍلون واپار جي ڪمن تي صرف ڪجن.

5- ٿوري ئي وقت ۾ اِئين ڏسڻ ۾ آيو ته ڪانه ڪا ڦيرگهير ضروري آهي. واپار کي گهڻي شڪست آئي، ڇاڪاڻ ته ڪمپنيءَ جا گماشتا پنهنجو سڄو ڌيان واپار ڏانهن ڏيئي نٿي سگهيا، جيئن حڪومت جي واڳن وٺڻ کان اڳ ڪندا هئا. واپار مان جيڪي فائدا ٿيا ٿي سي لشڪر جي خرچ پکي بلي لڳايا ويندا هئا. نتيجو اِهو ٿيو جو حصيدارن کي فائدي جا حصا نٿي ڏيڻ ۾ آيا. ٻئي پاسي وري ملڪ جي انتظام ۾ شڪست ٿي رسي؛ ڇو ته ڪمپنيءَ جا گماشتا جي هينئَر ملڪ جا والي بنجي پيا هوا تن کي واپار کي به منهن ڏيڻو هو، تنهن ڪري ملڪ جي ڍلن جي اُپت ملڪ تي خرچ نٿي ڪيائون. نتيجو اِهو ٿيو جو ڪمپنيءَ جي مٿان اچي قرضن جا ڪوٽ چڙهيا، جنهن ڪري ڊائريڪٽرن کي انگريز سرڪار کان قرض جي وڏي انداز جي مدد لاءِ عرض ڪرڻ لاچار ٿيو.

6- اِها ڳالهه 1773 ۾ ٿي. وري نئين سر پروانو ڏيڻ وقت پارليمنٽ ريگيوليٽنگ ائڪٽ پاس ڪيو. جهوني پرواني موجب ڪمپنيءَ کي واپار ڪرڻ جي اختياري هئي، نه راڄ ڪرڻ جي. نئين ائڪٽ ڪمپنيءَ کي هندستان ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پارليمينٽ جي منظوري ۽ قانوني حق ڏنو. ساڳي وقت بينگال جي گورنر کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو، جنهن کي مدراس ۽ بمبئي جي گورنر مٿان ڪجهه عمل، پر نه گهڻو، ڏنو ويو، ۽ چئن مشيرن جي ڪائونسل پڻ ڏني ويئي، جن کي اختيار هو، ته جي چاهين، ته وقت تي ڀلي سندس خلاف ووٽ ڏين. پارليمنٽ هڪ وڏي عدالتي ڪورٽ پڻ مقرر ڪئي. اِها هئي برٽش هندستان ۾ قاعدي ۽ قانون تي ٻڌل سرڪار جي سرشتي جي شروعات، جو سرشتو، درجي بدرجي، سڀڪنهن ملڪ سان لڳايو ٿي ويو جو وقت به وقت برٽش هندستان سان گڏبو ٿي ويو.

گورنر جنرل کي جيتوڻيڪ پارليمنٽ مقرر ٿي ڪيو، ته به هو ڪمپنيءَ جو نوڪر ليکبو هو جنهن جو پگهاردار هو؛ تنهنڪري ڊائريڪٽرن کي مڃڻ لاءِ ٻڌل هو ۽ ڪمپنيءَ جي واپار جو پورو بندوبست رکڻ به سندس فرضن جو هڪ ڀاڱو هو. هن کي واپار هلائڻ ۽ ملڪ جو سڄو ڪاروبار رکڻ ٻئي ڪرڻا پيا ٿي. هن وقت تائين ڪمپنيءَ کي اڃا جنگ يا صلح ڪرڻ جي اختياري هئي.

7- چارٽر سرنؤ ڪرڻ کان گهڻو اڳي وڌيڪ ڦيرگهير ضروري ڄاتي ويئي هئي. سنه 1784ع ۾ ريگيوليٽنگ ائڪٽ جي پاس ٿيڻ کان 11 سال پوءِ اِنگلنڊ جي مکيه وزير مسٽر پٽ پاليمنٽ ۾ هندستان جي بهتر سرڪاري انتظام رکڻ لاءِ نئون بل آندو، جنهن کي پٽس اِنڊيا بل چوندا آهن (ڏسو باب 54). اِنهيءَ بل پٽاندڙ بورڊ آف ڪنٽرول يعني هندستان جي سرڪار مٿان ضابطو ڪرڻ لاءِ پريزيڊنٽ هيٺ ڇهن ميمبرن جو بورڊ جاري ڪيو ويو، جن کي اِنگلنڊ جو بادشاهه مقرر ڪري سگهيو ٿو. هن کان پوءِ ڪمپني ڪنهن به هندستاني راجا سان پارليمنٽ جي منظوري کان سواءِ ڪابه جنگ يا صلح نٿي ڪري سگهي. ۽ گورنر جنرل (جوپڻ بينگال جو گورنر هو) تنهن کي ٻين گورنرن جي مٿان ڪلي اختياريون ڏنيون ويئون، ۽ ضرورت ۽ خوف جي وقت ۾ اِها به موڪل ڏني ويس ته ڪائونسل جي ووٽ کان سواءِ ڪاروبار هلائي سگهي. اِنهن مڙني قاعدن برٽش اِنڊيا جي سرڪار کي گهڻو ويجهو پارليمنٽ جي عمل هيٺ آندو، ڇو ته سڀڪنهن وڏي قدم کڻڻ مهل گورنر جنرل کي بورڊ آف ڪنٽرول جي پريزيڊنٽ جي موڪل وٺڻي پيئي ٿي، جو وري پارليمنٽ سان سڀڪنهن ڪم لاءِ جوابدار هو. پر تڏهين به نالي طور اڃا تائين ايسٽ اِنڊيا ڪمپني هندستان مٿان راڄ ڪندي هئي، ۽ کيس هندستان سان واپار ڪرڻ لاءِ خاص حق مليل هو؛ اهڙي طرح گورنر جنرل کي واپار ۽ راڄ ٻئي ڪرڻا ٿي پيا.

8- 1793ع ۾ چارٽر کي ٻين ويهن سالن لاءِ سرنؤ ڪيو ويو. اِنهيءَ سموري وقت ۾ واپار ۾ اڃا ڪوبه واڌارو نه ٿيو هو، جنهن جا سبب اڳ ۾ ئي ڏيئي چڪا آهيون. هن وقت ڌاري ڪمپنيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انگريزي واپاري هوا جي سمجهي نٿي سگهيا ته واپار جو حق ڇو نه کين به ملڻ کپي! انهيءَ ڪري ئي 1813ع ۾ پارليمنٽ ٻئي چارٽر کي نئين سر جاري ڪرڻ وقت ڪمپنيءَ جو خاص واپاري حق رد ڪيو، ۽ سڀني لاءِ واپار جا در کليل رکيا. پر تنهن هوندي به واپار ۾ جيئن ترقي ٿيڻ کپندي هُئي تئن ڪانه ٿي، ڇو ته ايسٽ اِنڊيا ڪمپني جي جهوني قاعدي موجب ڪوبه ماڻهو ڪمپنيءَ جي راڄ هيٺ جي ملڪ آيل هئا، تن ۾ بنا اجازت رهي نٿي سگهيو. ٻيا واپاري تنهن ڪري هندستان ۾ نڪي سامان آڻي سگهيا ٿي، نڪي ڪي وري ديسي سامان اِنگلنڊ ڏانهن موڪلي سگهيا ٿي. اِهو قاعدو واپار لاءِ وڏي رنڊڪ هو، جنهن مان اِنگلنڊ توڙي هندستان ٻنهي کي هرج رستو ٿي. اِنهن خرابين کي دور ڪرڻ واسطي 1833ع ۾ نئين پرواني جاري ڪرڻ وقت پارليمنٽ قاعدو پاس ڪيو هت ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي واپار بنہ ڪونه ڪرڻو آهي، پر کين موڪل آهي ته هندستان مٿان ڀل اڃا حڪمراني ڪري، پر جنهن صورت ۾ سڄي اختياري بورڊ آف ڪنٽرول جي هٿ ۾ هئي، تنهن صورت ۾ اِهو قاعدو رڳو نالي جو هو. هن کان پوءِ هندستان ۾ واپار ڪرڻ لاءِ ڪوبه چارٽر يا پروانو ضروري نه هو. ڪوبه ماڻهو بنا اجازت جي هندستان ۾ وڃي سگهيو ٿي ۽ واپار ڪري سگهيو ٿي.

9- واپار ۾ هينئَر بيحد ترقي ٿي ۽ انگريزي واپاري جن جو ملڪ جي سرڪار سان ڪوبه واسطو نه هو، سي پنهنجو سڄو وقت واپار پٺيان صرف ڪندا هوا، ۽ سڀ پئسو واپار بلي خرچيندا هوا. نڪي ڪي جنگي جهاز رکندا هوا ۽ نڪي وري هون لشڪر جنهن تي ڪري پئسو خرچين. اِهو سڀ ڪم سرڪار تي ڇڏيل هو، جنهن جو فرض هو سندن بچاءُ ڪرڻ. اِنگلنڊ ۾ انگريزي واپاري ۽ هندستان ۾ هندستاني واپارين گهڻيون نيون تجارتي ڪمپنيون ٺاهيون. ٻئي ملڪ شاهوڪار ٿيا، ۽ ماڻهو به ويا آسودا ٿيندا؛ ڇو ته واپار ۽ تجارت سڀني لاءِ- اُهي جيڪي ڳنهندا آهن ۽ اُهي جيڪي وڪڻندا آهن يا جيڪي هڪڙي ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن زمين خواه سمنڊ رستي، سامان آڻيندا نيندا آهن- گهڻي قدر فائدي مند آهي.

10- هندستان ۾ آڳاٽي زماني ۾ ڪي صديون اڳي هندستاني واپاري جيڪو مال متاع يورپ جي واپارين کي وڪڻندا هوا، سو هو ڪارا مرچ، مصالح، هيرا جواهر، عاج، ململيون، ريشم ۽ ناريل، ۽ اِنهن جو ملهه لکن کي وڃي رسندو هو. هاڻوڪي وقت ۾ هندستان جي روانگي نه رڳو مرچن ۽ مصالحن جي آهي، پر گهڻو ڪري سڄي ڪچي مال جي پيدائش جي يعني ته ٻنين، باغن ۽ ٻيلن ۾ اُڀرندڙ شين جي، جهڙوڪ ڪپھ، چاه، سڻي، رٻڙ، تيل، تيلي ٻج، ڪافي، کوپرو، نير، ساڳ جو ڪاٺ. سندس آمدني اڪثر اِنهن شين جي ٿئي ٿي، جي ڪارخانن ۾ ٺهن ٿيون جهڙوڪ ڪپهه، پشم لوھ ۽ رڪ جو ٺهيل سامان، ڪلون، توڙي سون ۽ رپو، ڪاغذ، کنڊ، ڪتاب وغيره وغيره: سڄي آمدني ۽ روانگي هينئَر لکن ۾ نه، پر بلڪ ڪروڙ رپين يا پائونڊن تي وڃي لڳي آهي. هندستان هڪ زراعتي ملڪ آهي، ۽ منجهانئس، نه رڳو پنهنجي ماڻهن لاءِ پر اِنگلنڊ ۽ شهنشاهت جي ٻين ملڪن لاءِ زراعتي پئدائش حاصل ٿئي ٿي. اِنگلنڊ هڪ ڪارخانن وارو ملڪ آهي جو پنهنجي ملڪ ۽ هندستان لاءِ شيون جوڙي ٿو. اِهڙيءَ طرح هر هڪ ملڪ ٻئي کي مدد ڏيئي زرخيز ڪري ٿو.

11- هڪ پاسي واپاري پنهنجي ڌنڌي يعني واپار ڪرڻ ۾ مشغول هئا، ته ٻئي پاسي وري ملڪ تي راڄ ڪندڙ، جي اڃا تائين نالي ماتر ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جا ڊائريڪٽر هوا، سي رڳو سرڪاري ڪاروبار ۾ رڌل هوا. اِنهيءَ ڪري، ملڪ مان جيڪا اوڳر ٿي ٿي، سا هو ملڪ جي فائدي لاءِ خرچي سگهيا ٿي. سال 1833ع کان گورنر جنرل کي فقط راڄ ڪرڻو ٿي پيو ۽ نه واپار.

12- چارٽر جي پڇاريءَ جي نئين سر جاري ڪرڻ جو سال 1853ع هو. هن وقت جيڪا پارليمنٽ مکيه ڦيرگهير ڪئي سا هئي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کان هندستان ۾ سرڪاري عملدارن جي مقرر ڪرڻ جي طاقت کسڻ، جا طاقت هنن هيل تائين پنهنجي قبضي ۾ رکي هئي ۽ جنهن جي زور تي هو اِهي جايون پنهنجن دوستن کي عطا ڪندا هوا. 1853ع ۾ اِنڊين سِوِل سروس يعني وڏيون ملڪي عملداري جايون عام کليل رکيون ويئون ته ڀلي اِنهن لاءِ برٽش رعيت مان ڪي به انگريز توڙي هندستاني مقابلو ڪن ۽ جيڪي لائق هجن سي مقرر ٿين.

13- ساڳئي وقت بينگال ۽ بهار جا علائقا ليفٽننٽ گورنر جي هٿ هيٺ رکيا ويا ۽ گورنر جنرل جنهن هيستائين اِنهن ملڪن تي (يعني بينگال جي پريزيڊنسي تي) راڄ پئي ڪيو، سو هينئَر اِنهيءَ بوجي کان آزاد ٿي پنهنجو سمورو وقت سڄي هندستان جي حڪومت تي ڏيڻ لڳو.

راڻي وڪٽوريا

 

76- اِنگلستان جي راڻي هيٺ هندستان

1- جڏهن بلوو پورو ٿيو، ۽ موٽي صلح سانت قائم ٿي، تڏهن انگريزي پارليمنٽ ڏٺو ته هاڻي اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي راڄ جي ضرورت نالي ماتر به ڪانه آهي. ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي وڏي، شانائتي ۽ عجيب زندگي هئي، پر سندس ڪم جي هاڻي اچي پڄاڻي ٿي هئي. اِنگلنڊ جي راڻيءَ وڪٽوريا پنهنجي پارليمنٽ جي صلاح ۽ منظوريءَ سان هندستان جي حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ڪيون ۽ اِهو ملڪ هينئَر وڏيءَ برٽش سلطنت جو هڪ ڀاڱو ٿيو، جنهن جهڙي عالي ۽ شاندار شهنشاهت دنيا ۾ ڪو ورلي ٿي گذري آهي. راڻي صاحبه اِشتهار ڪڍيو جو هندستان جي ويهن ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ تاريخ پهرين نومبر 1858ع ۾ هر هڪ وڏي شهر ۾ عام ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو ويو. سڀني هندستان جي راجائن، شهزادن ۽ سرڪاري ماڻهن ڏانهن لکيل هو ۽ هندستان لاءِ گويا هڪ قسم جي مئگناڪارٽا (وڏو پروانو) آهي جو هن وڏي ملڪ جي ماڻهن جي حقن ۽ آزادگيءَ جو پايو آهي.

2- لارڊ ڪئننگ جو 1856ع کان گورنر جنرل هو تنهن کي راڻيءَ پنهنجي بدران هندستان مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ اختياري ڏني ۽ مٿس وائسراءِ ۽ گورنر جنرل جو خطاب ڌريو. اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جا سڀ عملدار انگريزي توڙي هندستاني، پنهنجن پنهنجن جاين تي، راڻيءَ جي هٿ هيٺ هليا آيا. اعلان ۾ اِئين پڌرو ڪيو ويو ته ”اسين (راڻي) هندستان جي ڏيهي شهزادن جا حق، مان ۽ شان اهڙيءَ طرح سان رکنداسون جهڙيءَ طرح پنهنجا رکون ٿا. اسين اِنهن سڀني کي، جي اسان جي اختياري هيٺ آهن، سخت تاڪيد ڪريون ٿا ته اسان جي رعيت جي ڌرمي عقيدن يا عبادت ۾ ڪنهن به دست اندازيءَ کان باز رهن. اسان جي خواهش آهي ته هندستان جي قديم حقن، ريتين ۽ رواجن تي جوڳي نظر رکڻ ۾ اچي. اسان جي اِها به مراد آهي، ته سرڪاري نوڪرين ۾ اسان جي رعيت جا ماڻهو، جي قابليت جي لحاظ تي، جن جن سرڪاري عهدن هلائڻ جا لائق هجن، سي، جيترو ٿي سگهي، اوترو بي ريائيءَ سان اِنهن کي ڏجن، پوءِ ڀل ته اِنهن جي ذات ۽ ڌرم ڪهڙو به هجي. اسان جي اِها به دلي مراد آهي ته هندستان جي سانت سان هلندڙ هنرن ۽ ڌنڌن کي زور وٺائجي. عام فائدي ۽ سڌارن جهڙن ڪمن کي وڌائجي، ۽ سرڪاري سرشتو اهڙيءَ ريت هلائجي جو منجهس سڀني رهندڙن جي ڀلائي هجي. اُنهن جي آسودگيءَ ۾ آهي اسان جي مضبوطي، اُنهن جي راضپي ۾ اسان جي بادشاهت جي تقويت، اُنهن جي شڪر گذاري ۾ آهي اسان جو وڏي ۾ وڏو اجوڙو.“

3- هندستان جي ماڻهن ۽ راجائن کي هينئَر پرور پئي ته اهڙي مضبوط ۽ مهربان حاڪم، (جهڙس هيستائين ڪو ٻيو ورلي ٿيو هوندو) جي راڄ هيٺ ئي سندن مال ۽ جان جي سلامتي آهي. اُن وقت کان وٺي 60 ورهيه سانده صلح سانت ۾ گذرندا آيا آهن. ٿوريون جنگيون هندستان جي سرحدن کان ٻاهر ٿيون آهن، پر برٽش هندستان جي حد اندر ته اڃا ڪا به ڪا نه لڳي آهي. جيئن هڪ ٻئي پٺيان هاڻوڪي زماني جي سڀيتا جا سهنج ملڪ ۾ وڌا ويا آهن، تئن، چئجي کڻي، ته هندستان جي تواريخ هڪ وڏي صلح، ترقيءَ، آباديءَ، سڌاري ۽ ماڻهن جي مال ۽ آسودگيءَ جي بهتريءَ جي شاهدي ڏيئي رهي آهي.

4- هندستان جا ماڻهو، جن جون دليون مهربانيءَ سبب جلد ڀِڄي وڃن ٿيون، تن کي چڱيءَ راڻي لاءِ گهڻي حب هئي ۽ هوءَ به کين ڀائيندي هئي. هوءَ جهڙو اِنگلنڊ جي سڀني کان دماغي امير جي راڻي هئي تهڙو هندستان جي غريب ۾ غريب پوڙهيت جي به هئي. جيتوڻيڪ هندستان ۾ ڪڏهين به ڪانه آئي هئي تڏهين به هندستان مان هڪ منشي گهرائي. هندستان جي ٻولي سکي هوائين جا ڳالهائي لکي ۽ پڙهي سگهي ٿي. ۽ جڏهين ڪوبه وائسراءِ يا ٻيو ڪو عملدار هندستان ۾ ايندو هو ته اُن کي هيئن چوڻ کان ڪين گسندي هئي ته منهنجي هندستان جي ماڻهن مٿان مهربان رهج. 1858ع کان 1901ع تائين يعني ته 43 سال وائسراءِ جي معرفت هندستان جي مٿان راڄ ڪيائين. هندستان جي ڪنهن به ڀاڱي ۾، ڪنهن به زماني ۾، اهڙو چڱيءَ طرح راڄ نه هليو هو، جهڙو هن وڏي راڻيءَ سڄي ملڪ تي راڄ هلايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org