سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 7

 

28- شاهه جهان محلات اَڏائيندڙ

1627 عيسوي کان 1658 عيسوي تائين

شاهه جهان

1- شاهه جهان نالي جو ترڪ هو، پر گهڻو مڙيوئي راجپوت هو. هن جي ماءُ راجپوتڻ هئي ۽ پڻس به اَڌ راجپوت هو. مغل شهنشاهن ۾ هو سڀني کان وڌيڪ شاندار هو. هن پنهنجي ٽيهن ورهين جي راڄ ۾ هندستان منجهه سٺي کان سٺا شهر ۽ محلاتون، مقبرا ۽ مسجدون ٺهرايون.

2- هو اڃا شهنشاهه ٿيو ته هن بيرحميءَ سان پنهنجا سڀ ڀائر ۽ اُنهن جا نڌر ننڍڙا ٻار مارائي ڦٽا ڪيا؛ اِنهي لاءِ ته تخت ڪاڻ ساڻ وڙهڻ واسطي ڪوبه نه رهي.

 

3- جيتوڻيڪ شاهه جهان پنهنجو راڄ هن ڪٺور ريت سان شروع ڪيو، ته به هن حڪومت چڱيءَ پر هلائي ۽ پنهنجي پيُ جهانگير کان گهڻو چڱو بادشاهه هو. هي نڪي اهڙو آلسي هو ۽ نڪا اهڙي شراب سان دل هيس.

4- شاهجان جي زال ممتاز محل نالي هڪڙي

ممتاز محل

ايران جي بيبي نورجهان جي ڀائٽي هئي، هن جي پنهنجي مڙس سان ڏاڍي دل هئي ۽ پرڻئي کان 14 ورهيه پوءِ جڏهين سندس موت جو وقت آيو، تڏهين هن کي چيائين ته ٻي زال متان پرڻجو، ۽ منهنجي مٿان اَهڙي قبر جوڙائجو، جنهن ڪري منهنجو نالو هميشہ جيئرو رهي. هن جي رئندي مڙس جيڪي چيو راڻيءَ تنهنجي ڪرڻ لاءِ سخن ڏنو ۽ اُهو پنهنجو سخن پاڙيائين به چڱيءَ طرح. هو ٻي زال ڪانه پرڻيو ۽ هن جي مٿان عاليشان ”تاج محل“ اَڏايائين، جنهن جهڙي قيمتي ۽ سهڻي قبر جهان ۾ ٻي ڪانهي. اِهو آگره ۾ جمنا نديءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ اڃا به اهڙو تازو پيو ڏسجي جو ڄڻڪ ڪالهوڪو جڙيل آهي. صفا اڇي سنگ مرمر جو ٺهيل آهي ۽ جواهر جَڙيل اٿس. هن جي جڙڻ ۾ ٽيهه ورهيه لڳي ويا ۽ مٿس ٽي ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا آهن.

تاج محل

5- شاهه جهان دهليءَ ۾ ”جامع مسجد“ ۽ آگره ۾ ”موتي مسجد“ پڻ ٺهرائي. ”موتي مسجد“ سڄي جهان ۾ سڀني کان سهڻي عبادت گاهه آهي.

6- جڏهن شاهه جهان اُتر هندستان ۾ محلات ۽ مسجدون پي جوڙايون تڏهن پٽس اورنگزيب وري دکن جي مسلمان بادشاهن سان جنگيون پي ڪيون.

7- شاهه جهان جي راڄ ۾ انگريزي واپارين کي، جن کي ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ڪري ڪوٺيندا ها، اُڀرندي ڪناري تي مدراس جو ڳوٺ پڙپيو ۽ هنن اوتي سينٽ جارج قلعو اَڏايو. اُنهن بنگالي ۾ گنگا نديءَ جي منهن جي ويجهو هوگليءَ وٽ ڪلڪته جي اُتر 25 مئلن کان پنڌ تي هڪڙي ننڍي ڪوٺي به وڌي.

8- شاهه جهان کي چار پٽ ها. سڀني کان وڏو هو دارا، سو پهلوان ۽ سهڻو، وڏيءَ دل وارو ۽ هٿ جو ڇوٽ شاهزادو هو؛ پر مغرور ۽ اُتاولو هو. هو اڪبر وانگر هندن تي مهربان هو، پر مسلمانن اميرن کي ڪين وڻندو هو. ٻيو شاهزادو شجاع به بهادر ۽ هوشيار هو، پر پنهنجي ڏاڏي جهانگير وانگي شراب ۽ مزن جو ڪوڏيو هو. ٽيو پٽس هو اورنگزيب؛ هو هڪڙو هو اختياريءَ جو شوقين، ٻيو هو کيڏباز ۽ ڪلور. هو تمام پڪو مسلمان هو ۽ هندو ڌرم کي ڌڪاريندو هو. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ مراد کي چيو ته مون کي حڪومت جي هلاکي ڪين پڄندي؛ پر آءٌ درويش ٿيڻ ۽ پنهنجي ساري عمر خدا جي بندگيءَ ۾ ڪاٽڻ ٿو گهران. هن مراد کي چيو ته آءٌ توکي بادشاهه ٿيڻ ۾ مدد ڪندس. مراد جو سڀني کان ننڍو هو، تنهن کي وري شراب پيڻ، شڪار ڪرڻ ۽ تير اندازيءَ جو شوق هو. هن کي جيڪي اورنگزيب چيو سو هن اکيون پوري کڻي مڃيو. اُنهن مان هر هڪ ڀاءُ وٽ گهڻو لشڪر هو ۽ هر هڪ جدا جدا علائقي جو حاڪم هو. دارا هو دهليءَ ۾، اورنگزيب هو دکن ۾، شجاع هو بنگالي ۾ ۽ مراد هو گجرات ۾.

9- ٽيہ ورهيه بادشاهي ڪري جڏهن شاهه جهان ستر ورهين جي ڄمار جو هو تڏهن اچي بيمار ٿيو ۽ ڀانيو ٿي ته بچندو ڪين. هن وقت ڌاري مغل شهنشاهه جي وفات تي پُٽنِسِ جو پاڻ ۾ تخت هٿ ڪرڻ لاءِ ٽَڪِرجَڻُ سان ته هڪ رواجي ڳالهه ٿي ويئي هئي. شاهه جهان جا چارئي پٽ بادشاهيءَ ڪاڻ اچي پاڻ ۾ لڳا. هر هڪ ڄاتو ٿي ته مان فقط بادشاهت لاءِ نه بلڪ پنهنجي جان لاءِ ٿو لڙان. اُنهن جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي ڀريا ٽي سال هلي. نيٺ اورنگزيب پنهنجي اٽڪل، همت ۽ مڪر سان فتح ياب ٿيو. کانئس اڳي جئن پڻس ۽ ڏاڏس هلت ڪئي هئي تئن هن به پنهنجي ٻن ڀائرن کي مارائي ڇڏيو. شجاع اراڪان ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي اُن ملڪ جي راجا کيس مارائي ڇڏيو.

 

29- اورنگزيب

 (1658 عيسوي کان 1707 عيسوي تائين)

1- اورنگزيب هاڻي پاڻ کي شهنشاهه ڪري ڪوٺيو. سمجهائين ته هاڻي پٺتي هٽڻ ڪونهي ڄاتائين ٿي ته جي تخت تان ٿو دست بردار ٿيان ته پنهنجي جان ٿو جوکي ۾ وجهان. پڻس جو هينئر ٻڍو ۽ جهور ٿي ويو هو، ۽ جنهن کان هينئَر حڪومت جي ڪاروبار پڄي ڪين سگهي ها، تنهن جي مٿي تي وري ڇَٽَ رکڻ لاءِ ته کيس جُريت ئي ڪانه ٿي ٿي. هن ساڻس ادب ۽ مهربانيءَ سان هلت ڪئي ۽ کيس آگره ۾، پنهنجي محلات ۾ مضبوط پهري هيٺ رکيائين. هتي ست سال رهيو ۽ اِنهيءَ عرصي ۾ کيس سڀ سهنج هو، سواءِ آزادگيءَ جي. ٻڍي بادشاهه پنهنجي جگر ڀرئي پٽ کي هڪڙو خط لکيو جنهن ۾ کيس معافي ڏنائين. اِنهيءَ جي جواب ۾ جيڪي اورنگزيب لکيس سو اڃا تائين مؤجود آهي لکيس ٿو ”اِها خوش خبري ته

اورنگزيب

اوهان منهنجا قصور معاف ڪيا آهن تنهن ته مون کي ڏاڍو آنند ڏنو آهي ۽ مون ۾ اِها اُميد جاڳائي اٿس ته ڌڻي تعاليٰ پڻ مون کي بخشيندو. ڌڻي، جو دل جا سڀ راز ٿو ڄاڻي، سو ڄاڻي ٿو ته آءٌ پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف، حڪومت جي بچاءَ ڪاتر، رعيت جي فائدي ڪاتر، ۽ دين جي بچاءَ ڪاتر، اُنهيءَ هلت وٺڻ لاءِ مجبور ٿيو آهيان، جا منهنجي دل کي اصلي نه ٿي آئري. مان پاڻ کي، حڪومت هلائڻ جي باري ۾، رڳو اوهان جو نائب سمجهي ويٺو آهيان.“

2- نئون شهنشاهه ننڍي هوندي کان وٺي مسلمانن جي سُني فرقه جو هو. علما يعني قاعديدان جيڪي هوا تن چيس ته اڪبر ڪافرن تي (يعني جن جو مسلمانن جي مذهب ۾ ايمان ڪونه هو) توڙي شيعه فرقه وارن مسلمانن تي حد کان وڌيڪ مهربان ٿيو هو؛ جهانگير جي شراب توڙي اجاين رونشن سان ڏاڍي دل هوندي هئي ۽ شاهه جهان اجائي شان شوڪت ۽ ٻاهرين ٺٺ تي ملڪ جو پيسو هاريو هو. ۽ تنهن ڪري چيائونس ته اِسلام جو سچو پٽ ٿي تو تي فرض آهي ته ڪچهريءَ توڙي حڪومت کي سڌار.

3- پنهنجي خانگي رهت ۾ اورنگزيب بلڪل بي قصور هو. قرآن شريف جو کيس برزبان ايندو هو ۽ جو ٻه دفعا نقل به ڪيائين، تنهن جي هدايت موجب سڀ ڪم ڪندو هو. پاڻ تي خزاني مان پائي به نه خرچائين. بلڪ ڪڇ وقت ته ٽوپيون جوڙي پنهنجو پيٽ پاڙيندو هو. هو تمام سادا ڪپڙا ڍڪيندو هو ۽ جڏهن ڪچهريءَ ۾ تخت تي وهندو هو تڏهن سا ٻي ڳالهه آهي باقي هونءَ ڪڏهن به هيرا جواهر نه پهريندو هو. عدالت جي ڪم ۾ سچار ۽ بي رياءَ هوندو هو.

4- هن کي راڳ ۽ ناچ کان بڇان لڳندي هئي. هو تخت تي اَڃا ويٺو ته پڻس جا جيڪي درٻاري ڳائيندڙ ۽ ناج ڪندڙ ها، تن سڀني کي ڪڍي ڇڏيائين. اُنهن موقف ٿيلن ماڻهن ڇا ڪيو جو هڪ ڪائي کڻي رئندا پٽيندا هن جي محلات جي درين هيٺان اَچي لنگهيا. شهنشاهه نهاري پڇيو ته ڪنهنجو جنازو ٿو وڃي. هنن چيو ته ”راڳ مري ويو آهي، تنهن کي ٿا وڃون پوُرڻ“. هن وراڻي ڏني ”ته مهرباني ڪري پورجوس اهڙو اوُنهون جو وري ڪڏهين به نه جاڳي“.

5- جيتوڻيڪ سندس نيت چڱي هئي تنهن هوندي به هن حڪومت ۾ جيڪي ڦير ڦاريون ڪيون تن سندس شهنشاهت چٽ ڪري ڇڏي. ڪيترا هندو جن کي اڳين بادشاهن رکيو هو تن کي هن نوڪري کان جواب ڏيئي ڇڏيو. ڪيترا هندن جا مندر ڊهرائي چٽ ڪيائين. بنارس جي پوتر شهر ۾، هڪڙي مشهور مندر جي آسٿان تي هڪڙي شاهي مسجد جوڙايائين جا اڄ ڏينهن سوڌو قائم آهي. بتن جون اصلي گاڏيون ڀرائي آگره جي محلات جي دروازي وٽ هيٺ پورائي ڇڏيائين، اِنهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن ڪوبه کيس ڏسڻ اچي ته اُنهن کي پيرن سان لتارڻ کان سواءِ وَٽس وڃي نه سگهي. اِنهيءَ جو ذڪر اُنهيءَ وقت جي هڪ مشهور ليکڪ ڪيو آهي. پوتر اسٿانن تي جاترا يعني ڌرمي ميلا بند ڪرايائين. اڳيان بادشاهه هر روز جهاروخا يعني محلات جي دريءَ تي اچي ماڻهن کي پنهنجو درسن ڪرائيندا ها مگر هن اِئين ڪرڻ بند ڪيو، ڇاڪاڻ ته چيائين ته ماڻهو جو بادشاهه اڳيان نمن ٿا ۽ کيس پوڄين ٿا سا به بت پرستيءَ جهڙي ئي خراب ڳالهه آهي. حڪم ڪيائين ته منهنجي حڪومت جي تواريخ ڪو به نه لکي، ڇاڪاڻ ته چيائين ته ليکڪ سچ ڳالهائڻ بدران منهنجي خوشامد ڪندا. سندس حڪومت جو مکيه تواريخي احوال ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ پڙهيل ماڻهوءَ هٿان لکيو ويو جنهن پاڻ کي ڪوٺيو ئي ٿي خفي خان (يعني ڳجهارت جو صاحب). جيسين اورنگزيب گذر ڪري ويو تيسين ڪنهين به ماڻهوءَ کي اُنهي ڪتاب ڏيکارڻ جي هن کي همت نٿي ٿي. پر وڏي ۾ وڏي ڀل جا اورنگزيب ڪئي سا اِها هئي جو هن هندن تي زور رکي کانئن جزيه ڍل اوڳاري، اگرچ اِها ڍل سون ورهين لاڪر بند هئي.

6- اِنهن سڀني ڳالهين راجپوت راجائن کي ڏاڍو ڪاوڙايو. اڪبر توڙي ٻيا ٻه شهنشاهه، جن سان سڱ جو رستو هون، اُنهن کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. اُنهن ڪاتر وڙهندا هوا ۽ وڏيءَ شهنشاهت برپا ڪرڻ ۾ سندن مددگار ٿي بيٺا. پر اورنگزيب جي ته برخلاف ٿي بيٺا؛ اُهي توڙي ٻيون هندو ذاتيون، مرهٽا ۽ سک، سڀ ساڻس وڙهيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ مغلن جي شهنشاهت ڊاهي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائون.

7- جوڌپور جي راجپوت راجا، شهنشاهه کي هن ريت لکيو ”جيڪڏهين حضرت جن اُهي ڪتاب پڙهندا. جن کي سڀ ماڻهو پاڪ ڪتاب ڪري ٿا سڏين ته ڏسندا ته خدا ساري مخلوقات جو خدا آهي ۽ نه رڳو مسلمانن جو. توهين مسجدن ۾ هن جي عبادت ڪريو ٿا ۽ هندو پنهنجي مندرن ۾ جتي گهنڊ وڄي ٿو، هن جي عبادت ڪن ٿا. توهان جو پر ڏاڏو اڪبر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ تي مهربان هو، پوءِ اُهو يهودي هو، يا عيسائي هو، مسلمان هو يا هندو هو. تهان پوءِ جيڪي ٻه شهنشاهه ٿيا، توهان جو ڏاڏو ۽ پيُ اُهي به سڀني تي مهربان ها. پر اوهين پنهنجي هندو رعيت کي پيرن هيٺ ٿا لتاڙيو.“

8- ساري ڄمار اورنگزيب جو دکن فتح ڪرڻ جو ارادو هو. پنجن مسلمانڪين بادشاهتن مان ٽي بيدر، برار ۽ احمدنگر جن بهمني بادشاهت جي جاءِ ورتي هئي سي ته هن شهنشاهه ٿيڻ کان اڳي پنهنجي پيُ جي راڄ ۾ ورتيون هيون. هو ٻين ٻن بادشاهتن گورڪنڊي ۽ بيجاپور جي جيتڻ ۾ لڳو. سڄا پنجويهه ورهيه سندس سپه سالارن هنن ٻن پٺاڻڪين بادشاهتن وٺڻ لاءِ اَجايا مٿا هنيا. پوءِ هن ڏٺو ته جي ڪم ڪرڻو آهي ته مون کي اُهو پنهنجي سر ڪرڻ کپي. هو 65 ورهين جي عمر ۾ دهليءَ کان نڪري ڇانوڻيءَ ۾ ويو سو وري نه موٽيو. پنهنجي بادشاهيءَ جو ٻيو اَڌ يعني پنجويهه ورهيه هن دکن ۾ جنگ جي ميدان ۾ گذاريا. ورهين جي ويڙهه پڄاڻا گولڪنڊي ۽ بيجاپور جون بادشاهتون مات ٿيون ۽ مغل شهنشاهت ۾ جا اُنهي وقت جهڙي وڏي اڳي ڪڏهين ڪين هئي. گڏي ڇڏيائين.

9- پر اُنهيءَ وچ ۾ اُلهندي گهاٽن ۾ جي مرهٽن جون ذاتيون هيون، تن مان هڪڙي نئين قوم ٺهي هئي. اُنهن

مغل شهنشاهت

اورنگزيب جي هٿ هيٺ

 1700ع

 

گرونانڪ صاحب

جي سردارن کي بيجاپور جا بادشاهه روڪيو ويٺا ها ۽ جڏهين اُهي ٻُهارجي ويا، تڏهين اورنگزيب کي ڪل پيئي ته کيس اُنهن کان به ڳري دشمن مرهٽن جي راجا شواجيءَ سان جنهن جي تواريخ ٻئي باب ۾ بيان ٿيندي. سامهون ٿيڻو هو. اورنگزيب هن کي فتح ڪري ڪين سگهيو.

10- پنجاب ۾ وري ٻي قوم، جنهن کي سِکَ ٿا سڏين، پيدا ٿي. بابر جي راڄ ۾ نانڪ صاحب جن نالي هڪڙا ڀلا مانس ٿي گذريا آهن، هنن کي هن ڳالهه جو گهڻو ارمان هو ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سدائين اهڙي ويڙهه لڳي پيئي هجي، تنهن ڪري هنن ڪجهه هندو ڌرم مان ورتو ۽ ڪجهه مسلمان مذهب مان ورتو ۽ هڪڙو نئون ڌرم ٺاهيو، جنهن ۾ هنن ڀانيو ته هو ٻئي گڏجي سگهن ٿا. گهڻا ماڻهو سندن ڌرم ۾ وڃي گڏيا ۽ اُنهن کي هنن پنهنجا سِکَ ڪري ڇڏيو. بابر ۽ هن کان پوءِ جيڪي مغل بادشاهه ٿيا تن هنن جي ڇيڙ ڪانه ڪئي، ڇاڪاڻ جو هو ماٺيڻا، غريب ماڻهو ها، جي پنهنجون ڍلون برابر ڏيندا ها ۽ ڪنهن کي ڏکوئيندا ڪين ها. پر اورنگزيب اُنهن سان گهڻي بي رحمي ڪئي ۽ سکن مان گهڻا مارائي ڇڏيائين. هنن پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿيار ٻڌا ۽ اُنهي وقت کان وٺي هو سپاهين جي قوم ٿي پيا. اورنگزيب اُنهن کي جيتيو ۽ هو هماليه جبلن ڏي ڀڄي ويا، پر هن جي مرڻ کان پوءِ وري موٽي آيا ۽ وقت سر اُتر هندستان ۾ سڀني کان مضبوط قوم ٿي پيا.

11- نيٺ ورهين جا ورهيه مرهٽن سان وڙهڻ ڪري اورنگزيب جو لشڪر بلڪل ٿڪي ٽٽي پيو. نه کائڻ ڪاڻ کاڄ هون ۽ نه پيڻ لاءِ پاڻي هون؛ ڇو جو کوهن ۾ زهر وجهي ڇڏيو هوائون. شهنشاهه جو نوي ورهين جو اچي ٿيو هو، تنهن کي ڪٿان مدد ملڻ جو آسرو ڪونه هو. هن جا پٽ سندس گهڻن ڏينهن جي راج ڪري ڪڪ ٿي پيا. هڪڙو ته وڃي مرهٽن سان گڏيو. ٻيو ايران ڏي ڀڄي ويو. سندس امير کانئس ڊنا ٿي ۽ سندس رعيت اڪثر کيس ڌڪاريو ٿي. ٻڍي شهنشاهه جو هن جهان ڇڏڻ جو وقت ڀرجي آيو هو. هو پيريءَ جي ڪري بلڪل ٿڪي ٽٽي 1707ع ۾ مري ويو. هن کان پوءِ مغل شهنشاهت ڀڄي ڀري ٽڪر ٽوٽا ٿي ويئي.

 

30- يورپ ۽ هندستان جي وچ ۾ آڳاٽو واپار

1- هندستان هاڻي انگريزن جي شهنشاهت جو ڀاڱو آهي ۽ اِنگلنڊ جو بادشاهه هندستان جو شهنشاهه آهي. انگريز هندستان ۾ ڪڏهن آيا؛ ڪيئن آيا ۽ ڇاڪاڻ آيا؟ هندستان اِنگلنڊ جي بادشاهه جي حڪومت هيٺ ڪيئن آيو؟ باقي جيڪو ڪتاب رهيل آهي، تنهن مان سڌ پئجي ويندي ته اُهي ڳالهيون ڪيئن ٿيون.

2- پهرائين جيڪي انگريز هن ملڪ ۾ آيا، سي اٽڪل ٽن سون ورهين کان اڳي واپار ڪرڻ لاءِ آيا. هو اُنهن شين جي وڻجڻ ڪاڻ آيا، جي يورپ ۾ نٿيون لڀن. ڪارا مرچ، چانور، ڪپاه، نير، سُنڍ، مصالح، ناريل ۽ خسخاس جنهن مان آفيم، ۽ ڪمند جنهن مان کنڊ جوڙيندا آهن، اُهي سڀ شيون اِنگلنڊ جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ ڪين ٿينديون آهن ۽ اڳئين وقت ۾ سٺيون ململيون سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙا اِنگلنڊ کان هندستان ۾ چڱا ٺهندا ها. اُهي واپاري وري پشمي ڪپڙا، ٽامون ۽ پارو ۽ لوهه ۽ رڪ جو سامان هندستان ۾ آڻيندا ها؛ ڇاڪاڻ جو اُهي وَٿون هن ملڪ ۾ ملي نٿي سگهيون.

3- آڳاٽي زماني ۾ هندستان مان جو سامان يورپ ڏي ويندو هو سو خشڪيءَ جي رستي اُٺن يا خچرن تي. اُنهيءَ واٽ جو ڀاڱو افغانستان، ايران ۽ ايشيا مائنر مان هو. جڏهين عربن اهي ملڪ فتح ڪيا، تڏهين اُهو واپار اڪثر بند ٿي ويو ۽ يورپ جا عيسائي واپاري پنهنجو سامان پراڻي رستي سان موڪلي نٿي سگهيا؛ ڇاڪڻ جو سون ورهين تائين عربن ۽ عيسائي ماڻهن جي وچ ۾ جنگ لڳي پيئي هئي.

4- يوروپي واپارين کي جيڪو سامان کپندو هو، سو جڏهين سُڪيءَ جي رستي ملي نه سگهيو، تڏهين هنن اُهو سمنڊ جي رستي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي.

5- اُنهن ڏينهن ۾ سمنڊ جو سڀني کان سٺو رستو هو آفريڪا جي چوگرد اولہ ۽ ڏکڻ پاسي کان. اُهو رستو لڌو هو پورٽوگيزن. هنن جا جهاز ويا آفريڪا جي ڪناري سان اڳتي وڌندا، جيسين چوڌاري ڦري آيس ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ اچي سهڙيا. نيٺ پورٽوگيزن جو ڪپتان (امير البحر) واسڪو ڊيگاما نالي پنهنجن جهازن سان هندستان ۾ اچي پهتو. هيءَ ڳالهه 1498ع ۾ ٿي. هو اُلهندي ڪناري تي ڪاليڪٽ ۾ اچي لٿو.

6- ڪاليڪٽ جي راجا کي زامورن چوندا ها. هن واسڪو ڊيگاما کي پورٽوگال جي بادشاهه ڏي هڪڙو ڪاغذ لکي ڏنو، تنهن ۾ چيائين ته ”منهنجي بادشاهت ۾ دالچيني، لونگ، ڪارا مرچ ۽ سُنڍ اِهي شيون جهجون آهن. تُنهنجي بادشاهت مان آءٌ سونُ، رُپو، مرجان ۽ ڳاڙهو ڪپڙو طلبيان ٿو.“

7- پوءِ سَو ورهين تائين سن 1500ع کان 1600ع تائين هندستان جو سمنڊ جو واپار سڀ پورٽوگيزن جي هٿ ۾ هو. گوا ۾ هنن کي هڪڙو مضبوط قلعه هو ۽ هي شهر اڃا تائين سندن هٿ ۾ آهي.

8- جڏهين ٻين يوروپي قومن ڏٺو ته پوٽوگيزن کي هندستان جي واپار مان ڪيترو فائدو آهي، تڏهين

واسڪو ڊيگاما ۽ زامورن

هنن ڀانيو ته اسين به هن واپار مان ڪو ڀاڱو وٺون. تنهنڪري هالنڊ، انگلنڊ، فرانس، ڊينمارڪ، جرمني ۽ سئيڊن اِنهن ملڪن جي واپارين جهاز ڏياري موڪليا. مگر اِنهن مان پهرين ٽن ملڪن کي ڪي ڪجهه فائدو ٿيو. ڊين، جرمن ۽ سئيڊن ڪي ڪين وَٽيو؛ تنهن ڪري ڪجهه وقت پڄاڻا اُنهن هندستان سان واپار ڪرڻ کڻي بند ڪيو.

9- ٻي قوم جا هندستان ۾ آئي سا هئي ڊچن جي. اُهي يورپ ۾ هڪڙي ننڍڙي ملڪ هالنڊ نالي جا ماڻهو آهن. هاڻي ڊچن کي زور ڪونهي؛ پر ٽن سون ورهين کان اڳي يورپ ۾ اُنهن جا جهاز ۽ خلاصي سڀني کان سرس ها. هو پورٽوگيزن کان وڌيڪ بهادر ها؛ تنهنڪري گوا کانسواءِ ٻين سڀني هنڌن مان اُنهن کي تڙي ڪڍيائون ۽ تهانپوءِ سو ورهين سوڌو يعني سن 1600ع کان وٺي سن 1700ع تائين مصالحن جو اڪثر سڀ واپار سندن هٿ ۾ هو. هنن جي واپار جون جايون ڪوچين، سلون، جاوا سوماترا ٻيٽن ۾ هيون.

 

31- يونائٽيڊ ايسٽ اِنڊيا ڪمپني

      (اِيسٽ اِنڊيا سان واپار ڪندڙ گڏيل جماعت)

1- سنه 1600ع ۾ لنڊن جي سوَ کن واپارين هندستان سان واپار ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو. هنن هڪڙي جماعت ٺاهي جنهن جو نالو رڪيائون انگريزن جي اِيسٽ اِنڊيا ڪمپني ۽ ايليزبيٿ اِنگلنڊ جي راڻيءَ کان هندستان ڏي جهازن موڪلڻ جي رخصت ورتائون. اُنهيءَ وقت مغل شهنشاهه اڪبر هو. سنه 1612ع ۾ هن ڪمپنيءَ اُلهندي ڪناري تي سورت ۾ پنهنجي مال رکڻ ڪاڻ هڪ ڪوٺي وڌي؛ ڇاڪاڻ جو اُهو مغل شهنشاهت جو مکيه بندر هو. هتي هو سڄي سال جو ڏيهي واپارين کان خريد ڪيل مال رکندا هئا، جيسين اِنگلنڊ مان سندن جهاز اچي اُهو کڻي وڃن. اُهي ساڳيا جهاز اِنگلنڊ مان سامان کڻي ايندا ها، جو هو پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇڏيندا ها ۽ وقت بوقت پيا وڪڻندا ها. پنهنجي ۽ پنهنجي مال جي سلامتيءَ لاءِ هنن پنهنجي ڪوٺيءَ کي چوڌاري مضبوط ڀت ڏياري ۽ اُنهيءَ تي وڏيون توپون رکائي ڇڏيائون.

2- انگريزي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ ايترو فائدو ڪڍيو، جو ٻين انگريزي واپارين به جماعتون ٺاهيون ۽ ساڳيءَ ريت هندستان سان واپار ڪرڻ لڳا. نيٺ جڏهين هڪ سَو ورهيه گذري ويا، تڏهين اُهي سڀ جماعتون گڏجي هڪ ٿيون ۽ سنه 1700ع ۾ هڪ وڏي ڪمپني ٺاهيائون، جنهن کي گڏيل ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ڪري سڏيائون ۽ اِنگلنڊ جي بادشاهه کان هندستان سان واپار ڪرڻ جو کين خلاصو حق مليو.

 

32- انگريزي واپارين کي مدراس، بمبئي ۽ ڪلڪتو ڪيئَن مليو

1- ٽي سوَ ورهيه اڳي جڏهن اڪبر اعظم دهليءَ ۾ راڄ پي ڪيو تڏهن مدراس، بمبئي ۽ ڪلڪتو ننڍڙا ڳوٺ هوا. هينئر ته اهي ساري هندستان ۾ وڏي ۾ وڏا شهر آهن ۽ هندستان جي شهنشاهت ۾ ٽيئي گاديءَ جا هنڌ آهن.

چارلس ٻيو

2- سنه 1639ع ۾ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ مدراس جو اُن وقت هڪڙو ننڍرو مهاڻڪو ڳوٺ هو، چندرگريءَ جي راجا کان جو ڪرناٽڪ ۾ هڪڙي ٽاڪرو قلعه جو سردار هو، خريد ڪيو. اُتي انگريزن هڪڙو مضبوط قلعه اٰڏايو ۽ اُن تي فورٽ سينٽ جارج نالو  رکيائون. گهڻا هندو انگريزي سان واپار ڪرڻ ۽ سندن قلعه جي توبن جي اَجهي هيٺ سلامتيءَ سان رهڻ ڪاڻ اُتي اچي رهيا. جنهن ڀاڱي ۾ اُهي اچي رهيا، تنهن کي سڏيائون بلئڪ ٽائون (ڪارن ماڻهن جو شهر).

3- بمبئي پهرائين پورٽوگيزن جي هئي. چارلس ٻيو نالي انگريزن جو هڪڙو بادشاهه پورٽوگال جي بادشاهه جي ڌيءَ پرڻيو ۽ هن جي پيُ سنه 1662ع ۾ بمبئي انگريزن جي بادشاهه کي ڏاج ۾ ڏني. ڇهن ورهين کان پوءِ چارلس ٻئي ڏهِن پائونڊن سالياني ڀونڀاڙي تي بمبئي ڪمپنيءَ کي ڏني. ان جو بندر سٺو آهي، تنهن ڪري سگهوئي هو وڌي وڏو شهر ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو گهڻا هندو واپاري اُتي بيٺڪ ڪري اچي ويٺا. ڪجهه وقت کان پوءِ انگريزن پنهنجو سڀ ڌنڌو واپار سورت مان ڪڍي بمبئيءَ ۾ آڻي وڌو.

4- انگريزن کي ڪلڪتو ڪئن مليو؟

هڪڙي ڏينهن شاه جهان جي پياري ڌيءَ جي ڪپڙن کي ڪنهن بتيءَ مان اچي باهه لڳي. ڏاڍي باهه جي جهڙپ آيس. اِنهيءَ تي شاه جهان سندس ملم پٽيءَ لاءِ جهٽ ۾ سورت مان هڪڙو انگريزي ڊاڪٽر گهرائي ورتو. ڊاڪٽر اچي ڌيڻس کي نؤبنو ڪري وڌو. اِنهيءَ تي شاه جهان چيس ته جيڪي گهرڻو هجيئي سو گهر. تنهن تي هن چيس ته انگريزن کي بينگال ۾ واپار ڪرڻ جي موڪل ڏي. شهنشاه اِها موڪل خوشيءَ سان ڏني ۽ انگريزن سنه 1640ع ۾ يعني مدراس وٺڻ کان هڪ سال پوءِ گنگا نديءَ جي ڇوڙ وٽ هوگليءَ ۾ ڪوٺي وڌي. جيستائين شاه جهان جي بادشاهي هئي اوستائين ته هنن فرحت سان پي واپار ڪيو، پر اورنگزيب جي وقت ۾ بينگال جي نواب شائسته خان، کانئن سامان تي ڳري محصول اوڳارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنن ايتري محصول ڀَرَڻَ کان نابري واري ۽ جهازن ۾ چڙهي هوگلي ڇڏي ويا هليا. جڏهن اورنگزيب ڏٺو ته خود سندس رعيتي ماڻهو پنهنجو مال نٿي نيڪال ڪري سگهيا ۽ اِنگلنڊ سان واپار ڪرڻ ۾ جيڪو فائدو ٿيندو هون سو بنہ بهي وين،

 

واپار جا هنڌ


تڏهن انگريزن کي چيائين ته اوهين موٽي اچو ۽ انجام ڏنائين ته مان نڪي اوهان کي ڪو ايذاءُ رسائيندس ۽ نڪي اوهان کان زوران زوريءَ محصول اوڳاريندس. اِنهيءَ تي هوُ موٽي آيا ۽ هوگليءَ کان به گنگا جي ڇوڙ کي اوڏڙو ٽي ڳوٺ خريد ڪيائون. اِنهن مان هڪڙي جو نالو هو ڪاليگهاٽ، جو پوءِ ڪلڪتي جي نالي سان پڌرو ٿيو. هتي انگريزن 1700ع ۾ فورٽ وليم نالي هڪڙو قلعو اڏايو.

5- اورنگزيب جي وفات کان پوءِ برابر چاليهن ورهين تائين، جڏهن ساري هندستان ۾ جتي ڪٿي جنگ ۽ جڌ لڳي پيئي هئي تڏهن انگريزي واپاري پنهنجي واپار ۾ ئي مشغول هوا ۽ سندن ڪوٺين جي ٻاهران جيڪي پي وهيو واپريو تنهن تي ڪوبه ڌيان ڪونه ٿي ڏنائون. هو ڪلڪتي لاءِ بينگال جي نواب کي ۽ مدراس لاءِ ڪرناٽڪ جي نواب کي سالياني ڍل پهچائيندا ها.

6- انگريزن جون رڳيون اِهي ڪوٺيون ڪين هيون. اُڀرندي ڪناري تي مدراس جي ڏکڻ فورٽ سينٽ ڊيوڊ نالي اُنهن جو هڪڙو قلعه هو، اُتي ڪوٺي هين ۽ ٻي ڪوٺي مسليپٽم ۾ هين. بنگالي ۾ پاٽنا، ڊاڪا، ۽ بنگالي جي نواب جي گاديءَ جي هنڌ مرشد آباد جي ڀرسان قاسم بازار ۾ به ڪوٺيون هين.

7- جنهن وقت انگريز هندستان ۾ آيا ها، اُنهي ساڳي وقت ڌاري فرينچ به آيا ها، اُنهن جون به واپار جون جايون هيون. اُنهن مان ماهي اُلهندي ڪناري تي، پانڊيچري مدراس جي ڏکڻ اُڀرندي ڪناري تي ۽ چندرنگر بنگالي ۾ ڪلڪته کان 20 مئل کن پنڌ تي اِهي مکيه جايون هيون.

8- ڊچن کي به واپار جون جايون هيون، جمان مکيه هي هيون: اُلهندي ڪناري تي ڪوچين، اُڀرندي ڪناري تي مدراس جي اُتر پليڪٽ ۽ بنگالي ۾ چندرنگر جي ڀرسان چنسورا.

 

33- شواجيءَ جو اُسرڻ.

    (مرهٽا 1627 عيسوي کان 1680 عيسوي تائين)

1- مرهٽا هندستان جي اُلهندي اُنهيءَ ٽاڪرو ملڪ ۾ رهندا ها جنهن کي هاڻي بمبئي کاتو چون ٿا. اُهي قد جا ننڍا، ڏاڍا مڙس سورهه ۽ ڦڙت ۽ هلت چلت ۾ سادا ها. هنن جو ملڪ ٽڪرين سان ڀريل آهي. اُنهن ڏينهن ۾ دڳ ڪين ها ۽ ٽڪريون وڏن ٻيلن سان ڇانيون پيئون هيون. اڪثر سڀ ڪنهن ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قلعو هو ۽ سڀڪو قلعو هڪڙي ننڍي سردار جو هو، جو هيٺين ملڪ وارن ڳوٺاڻن تي حڪم هلائيندو هو. اِهي سردار گهڻن ڏينهن تائين دکن جي مسلمان بادشاهن کي مڃيندا ۽ ڏَنُ ڀريندا ها. اِهي اڪثر سندن لشڪر ۾ مغل بادشاهن سان وڙهندا ها. شواجي نالي هڪڙي سردار مرهٽي ذاتين کي گڏي هڪڙي قوم بڻائي.

2- شواجي سنه 1627ع ۾ ڄائو هو، ساڳئي اُنهي ورهيه ۾، جنهن ۾ شاهه جهان تخت تي ويٺو. پڻس بيجاپور جي بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ هو. هن شواجيءَ کي پالنا ڪاڻ پوني ۾ کڻي ڇڏيو. هن ننڍي سردار کي لکڻ پڙهڻ ڪنهن ڪونه سيکاريو؛ ڇاڪاڻ جو ڀانئيندا ها ته اُهي هنر رڳو برهمڻن ليکارين جي سکڻ جوڳ آهن؛ پر هن کي سواري ڪرڻ، تير هڻڻ ۽ ڪشتي وڙهڻ، ترار ۽ ڪٽارو هلائڻ ۽ ڀالو ۽ برڇي هڻڻ سيکاريائون. هن اڳئين ڏينهن جيندو وريامن جا گيت ياد ڪيا ۽ جهڙا سورمائيءَ جا ڪم اُنهن ڪيا ها تهڙا ڪري نانءَ ناموس ڪڍڻ جو چاهه هوس.

3- اڪثر مرهٽا سردار هيٺاهين ملڪ ۾ جڏهين ڪو وجهه لڳندو هون تڏهين ڦر ۽ لٽ ڪندا هئا. شواجي به گهڻو ڪري ساڻن گڏجي ويندو هو ۽ هو ويهن ورهين جي ڄمار جو ٿيو ته ايتري ۾ پاڻ به هڪڙيءَ جوان مڙسن جي ٽوليءَ جو اڳواڻ ٿيو. هن پرنڌر جو مضبوط ٽاڪرو قلعو ورتو ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ويو ٽاڪرو قلعا وٺندو. هن هٿيار ۽ خزانو گڏ ڪيو ۽ پري اوري سندس هاڪ پئجي ويئي.

شواجيءَ جو پرنڌر وارو قلعو

4- نيٺ بيجاپور جو بادشاهه اچي ڊنو ۽ افضل خان نالي سپه سالار کي شيواجيءَ جي سامهون ٿيڻ لاءِ موڪليائين. شيواجيءَ ڍونگ ڪيو ته مون کي ڊپ ٿو ٿئي ۽ چيائين ته جي خان مون کي اڪيلو ۽ بنا هٿيار اچي گڏبو ته آءٌ هن جي آڻ مڃيندس. خان هن جي ڳالهه تي ڀروسو ڪيو ۽ سنهي ململ جي پيراهن سان رڳو هڪڙو ماڻهو ساڻ وٺي ۽ پنهنجا پهري وارا پٺتي ڇڏي ساڻس گڏجڻ لاءِ ويو. هن کيڏباز جوان مرهٽي ڇا ڪيو هو جو ڪپڙن جي هيٺان زنجيريءَ جي ٺهيل زِرَهه کڻي ڍڪي هائين، پنهنجي هٿ جي اندران تکا رڪ جا چنبا کڻي وڌا هائين ۽ آستين جي مٿان هڪڙو خنجر کڻي لڪايو هائين. جڏهين خان کيس گڏجڻ آيو، تڏهن هو شينهن وانگر اُڇانگ ڏيئي اچي مٿان پيس؛ چنبا کڻي سندس بت ۾ ٽُنبيائين ۽ هن خنجر سان ماري ڇڏيائينس. پوءِ شيواجيءَ جا ماڻهو جي وڻن ۾ لڪا ويٺا ها، سي مسلمانن سپاهين تي جي وڙهڻ ڪاڻ تيار نه ها، ڪاهي پيا ۽ اُنهن کي ڀڄائي ڪڍيائون.

5- پوءِ شيواجيءَ ملڪ کي تلف تاريخ ڪري ڇڏيو ۽ گهڻو ڪري سڀ مرهٽا سردار اچي ساڻس گڏيا؛ هو هن کي دکن جو وڏو هندو سردار سمجهي وٽس ڊوڙندا آيا. هو مسلمانن کي ڌڪاريندو هو ۽ هن ملڪ ۾ اِها ڳالهه کڻي هلائي ته آءٌ ”گَئُن ۽ برهمڻن“ جي ڪاڻ وڙهڻ واسطي آيو آهيان. هن وقت ۾ دکن جا مسلمان بادشاهه اورنگزيب جي لشڪر سان وڙهڻ ۾ لڳا پيا ها؛ تنهن ڪري شيواجيءَ کي ڦيهي رکڻ لاءِ پنهنجو زور لائي نٿي سگهيا. هو ويو طاقت ۾ وڌندو ۽ نيٺ بيجاپور جي بادشاهه لاچار ٿي هن سان عهدنامو ڪيو؛ جنهن ڪري هن کي اُلهندي ڪناري جو، جنهن کي ڪونڪن سڏيندا آهن، حاڪم ڪري مڃيائين.

6- ايتري ۾ اورنگزيب، شهنشاهه اچي ٿيو. هو به مرهٽن جي سردار جي اُسرڻ ڪري ڊڄي ويو ۽ پنهنجي چاچي شائسته خان دکن جي صوبه دار يا نائب بادشاهه جي حڪم هيٺ وڏو لشڪر هن جي سامهون ٿيڻ ڪاڻ ڏياري موڪليائين. هو گهڻي لشڪر سان پوني تي چڙهي ڪري ويو. شيواجيءَ سمجهيو ته اهڙي زبردست دشمن سان پڌري پٽ وڙهڻ اجايو آهي؛ تنهن ڪري هن فقيراڻا ڪپڙا کڻي ڍڪيا ۽ ٻين ويهن ماڻهن کي به پنهنجن ڪپڙن جهڙا ڪپڙا ڍڪائي هڪڙيءَ رات لڪي پوني جي شهر ۾ ويو ۽ شائسته خان جنهن جاءِ ۾ رهندو هو، تنهنجي ويجهو وڃي اُمالڪ اندر گهڙي پيو ۽ ذري گهٽ ماري وڌو هوائينس. هن دريءَ مان ٻاهر ٽپو ڏيئي پاڻ بچايو. پر جئَن هو ٽپيو ٿي تئَن شواجي جو پٺيانس ويجهو بيٺو هو، آڱريون ڪپي ڇڏيس. پوءِ مرهٽا جهڙا تڪڙا آيا ها تهڙا ڀڄي ويا؛ پر شائسته خان کي اهڙو ڀوَ ٿيو، جو پونو ڇڏي هليو ويو ۽ شيواجي سڄي ملڪ ۾ گهمڻ ۽ وڌيڪ فتحن ڪرڻ لاءِ ڇڙواڳ رهيو.

7- تنهن کان پوءِ هو لشڪر جو هڪڙو دفعو وٺي سورت ڏي ويو، جو اُلهندي ڪناري تي هڪڙو ڀاڳيو بندر آهي ۽ ڇهن ڏينهن تائين اُنهيءَ شهر کي پئي لُٽيائين. انگريزن جي اُتي ڪوٺي هئي، سو جڏهين اُنتي ڪاهيائين، تڏهين اُنهن ماري تڙي ڪڍيس.

8- پوءِ اورنگزيب ٻيو وڏو لشڪر سندس سامهو ٿيڻ ڪاڻ موڪليو ۽ اُنهيءَ ڀيري شواجيءَ چيو ته شهنشاهه جي مون کي ملڪ جو ڀاڱو ڇڏي ڇڏيندو ۽ مغل لشڪر ۾ سپه سالار جهڙو وڏو درجو ڏيندو ته آءٌ هن جي آڻ مڃيندس. اورنگزيب اِها ڳالهه قبول ڪئي؛ پر هن جو رڳو اِهو مطلب هو ته ڪنهن پر شواجي منهنجي وس ۾ اچي، ته مارائي ڇڏيانس. شواجي دهليءَ منجهه اورنگزيب جي ڪچهريءَ ۾ ويو؛ پر هن سان اهڙي بڇڙي هلت ٿي، جو هن هڪدم ڏٺو ته مون کي ساهه جو خوف آهي. هن هڪڙيءَ جاءِ ۾ پاڻ کي پوري ڇڏيو ۽ چيائين ته آءٌ بيمار آهيان. اُنهيءَ جاءِ تي مغل سپاهين جو پهرو هو، پر شواجيءَ کي ڪي سندس نوڪر ٽوڪريءَ ۾ وجهي ٻاهر ڪنهن سوگهيءَ جاءِ ۾ کڻي ويا ۽ پهري وارن ڀانيو ته ٽوڪري مٺائيءَ سان ڀريل آهي. پوءِ هن مُنهن مٿو پنهنجي کڻي ڪوڙايو ۽ هندو فقير جا ڪپڙا کڻي پهريائين، بت تي رک کڻي مکيائين ته ڪنهن کي سڌ نه پوي ته هي ڪير آهي ۽ اُنهيءَ تجويز سان پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄي نڪري ويو.

9- وري ڪڏهين هن پاڻ کي اورنگزيب جي وس ۾ اچڻ نه ڏنو. مٺيءَ زبان سان هن کي

شواجي گهوڙي تي

 

ڦاسائڻ ۽ وري پنهنجي درٻار ۾ آڻڻ لاءِ اڪثر هن ڪوشش ڪئي، پر اُنمان وريو ڪين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org