ٻڌ گيا جو مندر
10- ٻڌ ڌرم وارو زمانو
(عيسوي
سن کان اٽڪل 300 ورهيه اڳي
کان عيسوي سن 300 تائين)
1- آسوڪا جي راڄ کان وٺي، يعني عيسوي سن کان اٽڪل
300 ورهيه کان وٺي، ويندي 300ع تائين جيڪو عرصو ٿي
گذريو تنهن کي جيڪر ٻڌ ڌرم وارو زمانو ڪري ڪوٺجي
ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ عرصي ۾ ٻڌ ڌرم ئي هندستان ۾ مکيه
ڌرم هو. ملڪ مان اصلي نالي نشان وڃڻ کان 300 ورهيه
ٻيا به لڳي ويس.
(الف) آسوڪا
232-272 عيسوي سن کان اڳ
1- اسوڪا، مَورين نسل جي راجا چندر گپت جو پوٽو
هو. هن کي اڪثر اسوڪا اعظم ڪري سڏيندا آهن، ڇاڪاڻ
جو هن زماني ۾ هو سڀني کان وڏو راجا هو. جڏهين هو
جوان مڙس هو، تڏهين هو جڌ جو ڪوڏيو هو ۽ سندس
اِهائي خواهش هئي ته ڪالنگا (اوڙيسا) تي ڪاهي
پنهنجي وڏي راڄ کي وڌائي اڃا به جيڪر وڏو ڪريان.
ٽن ورهين جي جڌ کان پوءِ هن سارو ملڪ ورتو. چون ٿا
ته هن جنگ ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا ۽ اسوڪا جيڪي
ٻين جا ايذاءُ ڏٺا، تن هن جي دل کي اهڙي چوٽ ڏني
جو سندس سڀاءُ سارو مٽجي ويو. هن پرن ڪيو ته وري
آءٌ ٻي جڌ ڪانه ڪندس ۽ ٻڌ جي سکيا موجب هلندس.
2- هن ٻڌ ڌرم کي مگڌ جو راڄ ڌرم ٺهرايو ۽ پاڻ تي
پرياداس (ديوتائن جو پيارو) نالو رکايائين،
الهه آباد ۾ اسوڪا جو ٿنڀو
هن
پوءِ ڀڪشو موڪليا ته وڃي ڪشمير، قنڌار، ٿٻيٽ،
بَرما، دکن ۽ سيلون ۾ ٻڌ ڌرم جي سکيا ڏين.
3- اسوڪا چوڏهن قانون يا فرمان ٺاهيا ۽ ساري
هندستان ۾ ٽَڪرن تي ۽ وڏن پاهڻن جي ٿنڀن تي
لکارائي ڇڏيائين. اُنهن مان ڪي اڄ ڏينهن تائين
پڙهڻ ۾ اچن ٿا. تن مان هڪڙو الهه آباد ۾ آهي.
اُنهن فرمانن ۾ ٻڌ جون مکيه سکيائون آهن ۽ اُهي
ماڻهن کي سمجهيائين ٿا ته هو مهربان، ڀلا، پوتر ۽
پن وان ٿين. اُنهن مان هڪڙو ڏيکاري ٿو ته اسوڪا
ڪالنگا جو ملڪ کٽيو ۽ پنجن گريڪ بادشاهن سان
عهدناما ڪيائين جن مان ٽي ها مصر، گريس ۽ سيريا جا
بادشاهه. اُنهن مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پنهنجي زماني
۾ هو ڪهڙو وڏو نامور راجا هو.
(ب) هندستاني يوناني حاڪم
1- جڏهن سڪندر هندستان کان (موت کاڌي تڏهن هزارين
گريڪ سپاهي ترڪستان (جنهن کي گريڪ ماڻهو بئڪٽريا
سڏيندا ها) ۾ رهي پيا ۽ ديسي زالن سان پرڻجي اُتي
گهر ڪري ويهي رهيا. سڪندر جي وفات کان پوءِ گريڪ
بادشاهن ايران ۾ اٽڪل پنج سو ورهيه ۽ بئڪٽريا ۾
اٽڪل هڪ سو ورهيه راڄ ڪيو. پوءِ ته سٿين جا اُڙه
اچي نيان. اُنهن گريڪ لوڪن کي ترڪستان مان لوڏي
ڪڌيو.
2- بڪٽريا جي گريڪ حاڪمن ۽ کائن پوءِ ايران جي
گريڪ حاڪمن، افغانستان ۽ پنجاب جي ڪن ڀاڳن ۾، جتي
اڄ ڏينهن سوڌو سندن نالن سان ڇاپ ٿيل سڪا هٿ ايندا
آهن، اُتي اٽڪل ٽي سو اسي ورهيه، عيسوي سن کان 250
ورهيه اڳي کان وٺي 130ع تائين راڄ ڪيو. سڀني ۾
جيڪو ناليرو حاڪم ٿي ويو آهي سو هو ميناندر، جنهن
کي هندو ليکڪ ميلنڊا ڪري سڏيندا آهن. اِئين ٿو چوڻ
۾ اچي ته هن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو ۽ لائق ۽ اِنصاف
پسند حاڪم هو. هندستاني يوناني، جن کي هندو ليکڪن
يَوَنَ ڪري سڏيو آهي، سي رفته رفته ويا اصلوڪن
رهاڪن سان ملندا ۽ سندن ڪوبه وڌيڪ پتو نه ٿو پوي.
(ٻ) هندستاني سٿين
1- گريڪ وچ ايشيا کي سٿيا ڪري سڏيندا ها ۽ جيڪي
قومون اُتي رهنديون هيون تن کي سڏيندا ها ”سٿين“.
جئن جُڳ اڳي آريه هندستان ۾ پئي آيا تئن سٿين لوڪن
جا به اُڙدن پٺيان اُڙد اٽڪل 500 ورهيه، عيسوي سن
کان 100 ورهيه اڳي کان وٺي سن 400ع تائين، ملڪ ۾
ايندا رهيا. ملڪ ۾ اچي ڪشمير، افغانستان، پنجاب،
سنڌ، گجرات ۽ وچ هندستان جي اولهه واري ڀاڱي ۾
ويهي ويا. اِئين ٿو معلوم ٿئي ته اول پنجاب ۾
هندستاني يوناني بادشاهن جي حڪومتن جي لڳو لڳ
ننڍڙيون حڪومتون جاري ڪيائون پر نيٺ سارو ملڪ
پنهنجي هٿ ڪري ورتائون.
2- ساڪ- سٿين لوڪن جي هڪڙي قوم کي ساڪ ڪري سڏيندا
ها. جيڪي سٿين قومون ملڪ ۾ پهريائين پهريائين
گهريون تن ۾ اِها ساڪ قوم به هئي جا وڃي سنڌ،
مالوا ۽ اُلهندي هندستان ۾ گهر ڪري ويٺي. ساڪ لوڪن
جي حاڪمن پنهنجو گهراڻو چالو ڪيو ۽ کين ڪوٺيندائي
هوا ”اُلهندي جا صوبا“. هنن مالوا ۾ اُجين جو شهر
پنهنجي گادي مقرر ڪري اٽڪل 400 ورهيه راڄ هلايو
تانجو سنه 400ع ۾ راجا وڪرماجيت هندن جي هاڪاري
راجا سندن راڄ جي پڄاڻي ڪئي.
3- هندستان سٿين جي ٻي هڪڙي وڏي قوم، جنهن اُتر
هندستان ۾ اٽڪل 180 ورهيه، سن 45ع کان سن 225ع
تائين، راڄ ڪيو، تنهن کي ڪنش قوم ڪري ڪوٺيندا هوا،
جنهن جو تمام ناليرو راجا ڪنشڪ هو. سندس گاديءَ جو
هنڌ هو پَرَشَپوُرِ يا پشاور ۽ سندس بادشاهت ۾
سنڌ، پنجاب، ڪشمير، بلڪ ترڪستان ۽ افغانستان به ٿي
اچي ويا. سندس نالي جي ڇاپ سان ڪئين سڪا لڌا ويا
آهن. ٻڌ ڌرم اختيار ڪيل هوس. پنهنجي ڌرم ۾ ڏاڍو
نسچو هوس. سن 140ع ۾ ڪشمير ۾ شاهي ٻڌي سڀا ڪٺي
ڪيائين ۽ پوءِ ڀڪشو (فقير) ڏياري موڪليائين جن وڃي
وچ ايشيا ۽ چين ۾ ٻڌ ڌرم جي سکيا ڦهلائي.
(ڀ) گپت گهراڻي جي شهنشاهت
1- ٻڌ زماني جي آخر ڌاري مگڌ ۾ گپت گهراڻي جا
راجائون راڄ ڪندا هوا. اِنهن جو راڄ اٽڪل 300
ورهيه، سن 300ع کان سن 600ع تائين قائم هو.
اِنهيءَ گهراڻي جا ٻه راجائون بلڪل نامور ٿي گذريا
آهن. هڪڙي جو نالو هو سَمُدر گپت، ۽ ٻئي جو
چندرگپت وڪرماجيت (اهو نالو هن ڪري پيس جو کانئس
500 ورهيه اڳي چندر گپت، مَوريان گهراڻي جو حاڪم،
مگڌ ۾ راج ڪري ويو هو).
2- سمندر گپت (326 عيسوي کان 375 عيسوي تائين) وڏو
ٻلوان راجا ٿي گذريو آهي. پاڻ سان وڏو ڪٽڪ وٺي
سارو وچ هندستان لتاڙي واٽ تي سڀ ملڪ فتح ڪندو وڃي
ڏکڻ هندستان تائين پهتو. هن جيڪي ملڪ فتح ڪيا سي
پنهنجي حڪومت ساڻ شامل ڪين ڪيائين، پر هر هڪ مان
پاڻ سان ڳچ خزانو گهلي ويو. گنگا جي ماٿريءَ ۾
جيڪي ملڪ هوا تنجا سڀ حاڪم کيس مڃيندا ها. نه فقط
ٻلي راجا هو پر هڪ ڪوي پڻ هو ۽ ستار چڱي وڃائڻ
ايندي هيس.
3- چندر گپت ٻيو (سنه 375ع کان سنه 413ع تائين) ته
تهائين وڌيڪ هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي. هن پاڻ کي
”وڪرماجيت“ (يعني شڪتيءَ جو سورج) ڪوٺايو ۽ هندو
ليکڪن موجب هو ٻين سڀني هندو راجائن کان مشهور
راجا ٿي گذريو آهي. پاڻ سان هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي وڌيو
اُتر اُلهندي طرف ۽ سنڌ نديءَ جي ماٿريءَ مان وڌي
پنجاب، سنڌ، گجرات ۽ مالوا، جن تي صدين کان وٺي
ساڪ (اُلهندي وارا صوبا) راڄ ڪندا ها، سي فتح ڪري
پنهنجي راڄ ۾ گڏي ڇڏيائين. هن جي حياتيءَ ۽ زماني
جون آکاڻيون ڄي اُجين جي راجا وڪرم جي آکاڻين جي
نالي سان پڌريون آهن، سي اڃا سوڌو هندستان جي
سڀڪنهن ڳوٺ ۾ کڻندا آهن. سندس ڪچهريءَ ۾ ڪَوِيُنِ
۾ مهاڪَوي ڪاليداس جنهن کي بعضي هندستان جو
شيڪسپيئر ڪري سڏيندا آهن ۽ ٻيا ڪيترا هاڪارا ماڻهو
۽ عالم رهندا هوا.
4- فاهيان هڪ چين ملڪ جو زيارتي ٿي ويو آهي جو
هندستان ۾ ٻڌ ڌرم جي پوتر اسٿانن جي درشن ڪرڻ لاءِ
آيو هو. ڪئين سال اچي ملڪ ۾ رهيو ۽ ملڪ چڱيءَ طرح
جاچي ڏٺائين. هندستان بابت احوال ڏيندي چوي ٿو ته
ساري اُتر هندستان ۾ حڪومت جو چڱو بندوبست هو،
ماڻهو تمام خوش هوا، ۽ گهڻو ڪري جتي ڪٿي ٻڌ ڌرم
زور هو.
5- هُنَ (سنه 450ع کان سن 528ع تائين) گپت راڄ جو
خاتمو ڪيو منگول لوڪل جي هن قوم، جن جا اُڙدن
پٺيان اُڙد سن 450ع ڌاري پنجاب ۾ اچي گهر ڪري ويهي
رهيا. اُتان جمنا جي ماٿريءَ ڏانهن وڌي اُنهيءَ
وقت جي گپت گهراڻي جي راجا کي ماري مڃايائون.
اُنهن جو مهندار تورمن نالي هو، جنهن سنه 500ع
ڌاري مالوا جو راڄ هٿ ڪري پاڻ کي مهاراجا سڏايو.
کانئس پوءِ پٽس، مهر ڪُل، گاديءَ تي ويٺو پر هن
اهڙو ته وٺي ظلم مچايو ۽ ايترا ته وٺي ماڻهو
ماريائين جو نيٺ مگڌ جي راجا، بالاجيت، وچ هندستان
جي هڪ راجا يسو ڌرم ديو جي مدد سان، وڏو لشڪر وٺي
وڃي سندس سامهون ٿيو ۽ کيس ملتان جي ويجهو ڪهرور
جي وڏيءَ جڌ ۾ سن 533ع ڌاري سخت شڪست پهچائي کيس
توري سندس لشڪر کي هندستان مان هڪالي ڪڍيائين.
هُنَ هندستان ۾ اٽڪل هڪ سو ورهيه رهيا ۽ منجهائن
ڪيترا ته گهر ڪري ويهي رهيا. گپت گهراڻي جي حاڪمن
اٽڪل ٻه سو ورهيه ٻيا به ٿانيسوَر ۾ ويهي راڄ ڪيو.
11- هندن جو نئون زمانو
(300
عيسوي کان 1200 عيسوي تائين)
1- اٽڪل هڪ هزار ورهيه ٻڌ ڌرم هندستان ۾ قائم هو.
پوءِ ته ويو آهستي آهستي ناس ٿيندو تان جو هاڻوڪو
هندو ڌرم سنديس جاءِ ڀري ويو. پر اِهو ڪم هڪدم
ڪين ٿيو. نئون هندو ڌرم ۽ اُن جا برهمڻ پروهت، اُن
جون مورتون ۽ مندر ۽ اُن جي ديوتائن جا دَلَ تن
سڀني هڪدم ٻڌ ڌرم جي جاءِ ڪين ورتي. سَوَن ورهين
تائين پئي نئي هندو ڌرم ٻڌ ڌرم کي ڌڪيو ۽ ڪڍيو. پر
سن 300ع ڌاري ٻڌ ڌرم پنهنجو زور ڇڏي رهيو هو ۽ ٻن
يا ٽن سَوَن ورهين کان پوءِ بنہ چٽ ٿي ويو.
2-
اِنهيءَ تفرقي جي ڦرڻ جو اِهو به سبب هو جو ڪي وڏي
اُتساهه وارا برهمڻ توري ٻيا هندو اُپديشڪ جاڳيا
جن مان مکيه هوا شنڪر آچاريه،
هاڻوڪو سرين گري گرو
جنهن اٺينءَ صديءَ ۾ ساري هندستان ۾ شِوَ ڀڳوان جي
پوڄا جو اُپديش ڪيو، ۽ رامانج آچاريه، جنهن
ٻارهينءَ صديءَ ۾ وشنو ڀڳوان جي پوڄا جو اُپديش
ڪيو. ٻيا جيڪي مکيه سکيا ڏيندڙ ٿي ويا آهن تن مان
ڏکڻ هندستان ۾ ٻارهين صديءَ ۾ هاڻوڪو سرين گري
گرو. ماڌو آچاريه، جاڳيو، اُتر هندستان ۾ تيرهينءَ
صديءَ ۾ رامانند، چوڏهينءَ صديءَ ۾ ڪبير،
پنڌرهينءَ صديءَ ۾ چيتَنُ ۽ سورهينءَ صديءَ ۾ ولب
سوامي جاڳيا.
3- هن زماني کي پُرانڪ زمانو پڻ ڪوٺيو ويو آهي
ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ زماني ۾ ڪيترا هندو پستڪ، جن کي
پُران يعني جهونا پستڪ ڪري ڪوٺيائون، سي رچيا ويا.
اهڙا ڪئين پران آهن ۽ سڀني ۾ وشنوَ، شِوُ ۽ ٻين
هندو ديوتائن جي پوڄا جي سکيا ڏني ويئي آهي.
4- راجپوت- هندستان جي تواريخ ۾ راجپوتن جو پهريون
پهريون ذڪر هن زماني ۾ سن 600ع ڌاري ٿيل آهي.
تواريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته اِنهيءَ وقت کان وٺي
راجپوت راجائن ساري اُتر ۽ وچ هندستان ۾ راڄ پي
ڪيو. عالمن جو رايو آهي ته ڪي راجپوت آڳاٽي وقت جي
کشترين جي نسل مان هوا ۽ ٻيا وري ساڪ يا سٿين ۽
ٻيون وچ ايشيا جون بي شمار قومون جي عيسوي سن کان
پوءِ پهرين پنجن صدين ۾ اُتر هندستان ۾ اچي گهر
ڪري ويٺيون، تن جي نسل مان هوا. راجپوت هڪڙيءَ
سورهيه ۽ اُتم ذآت جا ماڻهو آهن. هو جنگ جا ڪوڏيا
آهن. هنن کي ٻڌ ڌرم جون نرم سکيائون نه وڻيون.
آڳاٽي هندو ڌرم کي وري زور وٺائڻ لاءِ برهمڻن کي
سهائتا ڪرڻ ۾ وسون ڪين گهٽايائون.
12- هَرِشا
1- نئين هندڪي زماني جو سڀني کان هاڪارو راجا هرشا
ٿي گذريو آهي جنهن سن 606ع کان وٺي سن 648ع تائين
جمنا ۽ ستلج ندين جي وچ واري ملڪ تي راڄ ڪيو. سندس
گادي هئي ٿانيسور جنهن تي اوائل ۾ نالو هو ڪُر
کيتر. هن پاڻ کي سلاجيت جي نالي سان ڪوٺايو. هي
هندن جو پويون وڏو راجا ٿي گذريو آهي جنهن کي اُتر
هندستان جا سڀيئي راجائون مڃيندا هوا. پنجاب کان
وٺي آسام تائين سنڌو ندي ۽ گنگا نديءَ وارين
ماٿرين ۾ جيڪي راڄ هوا تنکي تابع ڪرڻ ۾ کيس ٽيہ
سال لڳي ويا.
2- راجا هرشا ۽ سندس راڄ بابت چڱا احوال موجود
آهن. هڪڙو احوال لکيو آهي چين جي هن زيارتيءَ
هوئين چئنگ نالي، جو ڪڇ وقت سندس ڪچهريءَ ۾ وڃي
رهيو هو، ۽ ٻيو لکيو آهي هڪ قابل برهمڻ بانا نالي
جنهن هڪڙو ڪتاب ويهي لکيو جنهن جو نالو ئي هو
”راجا هرشا جا ڪارناما“. هئوئين چئنگ ساري هندستان
جو سير ڪيو. جتي جتي هو ويو اُتي ٻڌ ڌرم سان گڏ
آڳاٽو هندڪو ڌرم هلندو ڏٺائين، جيتوڻيڪ ڪيترن هنڌ
ڏٺائين ته ٻڌ ڌرم ويو ٿي آهستي آهستي پنهنجو زور
ڇڏيندو. اگرچ راجا ٻڌ ڌرم جو پوءِ لڳ هو تنهن
هوندي به شِوَ ديوتا ۽ سورج ديوتا جي پوڄا ڪندو
هو. ملڪ جو انتظام چڱو هو ۽ عالمن جو ڏاڍو مانُ
هو. راجا هرشا، اسوڪا جي رهت جي نقل ڪرڻ ۾ وسان
ڪين گهٽايو. پنجين پنجين سالين هڪ وڏي سڀا ڪٺي
ڪندو هو، جتي پنهنجو سڀ خزانو ڀُڪشن ۽ برهمڻن کي
وراهي، پنهنجا راجائي وڳالاهي غريب پينوُءَ جا
لُڳرا کڻي پائيندو هو.
13- آڳاٽي وقت ۾ ڏکڻ هندستان جي حالت
1- جڏهن هندو آريه ويا ٿي ساري اُتر هندستان ۾
پکڙبا ، جڏهن ٻڌ ڌرم ويو ٿي زور وٺندو ۽ جڏهن گريڪ
لوڪن پنجاب ۾ ۽ سٿين اُتر اُلهندي وارن ڀاڱن ۾ پي
راڄ ڪيو، تڏهن اُنهي وقت ڏکڻ هندستان ۾ ڇا پي وهيو
واپريو؟ آڳاٽي وقت ۾ ڏکڻ هندستان جي ڪهڙي حالت هئي
تنهن جي اسان کي تمام ٿوري خبر آهي. سارو ملڪ
دراوڙ قوم جي ماڻهن سان ڀرپور هو. ڪئن رهندا ها ۽
ڇا ڪندا ها تنهن بابت خير ڪو ليکه موجود آهي. اسين
ايترو چئي سگهون ٿا ته ايامن کان پوءِ هنن وڏي شهر
ٻڌا ۽ وڏا مندر جوڙيائون ۽ برهمڻن اُتر هندستان
مان اچي کين هندو ڌرم جي سکيا ڏيئي، کين ذاتين ۾
وراهيو.
2- سڀ کان آڳاٽي حڪومت جنهنجي اسان کي خبر آهي سا
هئي پانڊيا جي حِڪومت جا ٽامل جي ڏکڻ ۾ هئي ۽ جنهن
جو مکيه شهر هو مدورا. اُن جي اُتر ڏي هئي چولا جي
حڪومت، جا پڻ ٽامل جي ڀاڱي ۾ هئي ۽ جنهن جو مکيه
شهر هو ڪانچي يا ڪانجيورم. وري جنهن ڀاڱي تي هينئر
نالو آهي ميسور اُن ڀاڱي ۾ هوندي هئي چيرا جي
حڪومت جنهن ۾ هينئر ڪئنري لوڪ رهن ٿا. اُلهندا ڳاٽ
۽ سمنڊ جي وچ ۾ جيڪو ملاياليز جو ڀاڱو آهي، جو
هينئر ملبار جي نالي سان سڏبو آهي، سو ڪئين صديون
ڪيرالا جي حڪومت ڪري ڪوٺبو هو. ڪن عالمن جو ته
رايو آهي ته اُتر هندستان جي ڪن کشتري راجائن اِهي
حڪومتون ٻڌيون؛ وري ٻين جو رايو آهي ته نه بلڪل
آڳاٽي وقت کان وٺي دراوڙ قوم جي راجائن اِتي راڄ
پي ڪيو.
14- مسلمان
1- عربستان ۾ نديون يا ڍنڍون ڪين آهن، تنهن ڪري هو
اڪثر خشڪ ۽ سڃو ملڪ آهي. وارياسيءَ ڌرتيءَ جا وڏا
پوٺا آهن، ڪٿي ڪٿي ڪو هنڌ سائو ڏسجي ٿو، جتي گاهه
ٿئي ٿو ۽ پاڻي ڪنهن جهري يا کوهه مان ملي ٿو.
آڳاٽي زماني ۾ عربستان ۾ جهنگلي ۽ وحشي قومون
رهنديون هيون، جي پنهنجا ڌڻ ۽ گلا وٺي چاري جي
ڳولا ۾ ملڪ ۾ رلنديون وتنديون هيون. اُهي ڏاڍيون
شوخ ۽ ويڙهوُ هيون، هميشہ هڪ ٻئي سان جنگ لڳي پئي
هين ۽ گهڻا ڪٺور ۽ ڪنا دستور هئن.
2- حضرت عيسيٰ کان 600 کن ورهيه پوءِ عربستان ۾
هڪڙو پيغمبر پيدا ٿيو، جنهن جو نالو حضرت محمّد صلي
الله عليه وسلم
هو. هن کي عربن جا ڪنا دستور ڏسي دک ٿيو؛ اُنهن جي
سڌرڻ ڪاڻ جيڪي پڄي سگهيس سو سڀ ڪيائين. اُنهن کي
چيائين ته هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۽ مورتون پوڄڻ غلط آهي.
هن چيو ته خدا فقط هڪڙو آهي. پهريائين عربن حضرت
محمّد جي ڳالهه نه ٻڌي ۽ ڪن هن جي مارڻ لاءِ به
ڪوشش ڪئي؛ پر جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن منجهان ڪن
مورتون ڀڃي ڦٽيون ڪيون ۽ ساڻس وڃي گڏيا.
3- حضرت محمّد صلي
الله عليه وسلم
جي پيروي ڪندڙن تي جن ٻين عربي قومن پنهنجن پراڻين
رسمن کي ڇڏڻ نٿي گهريو تن ڪاهون شروع ڪيون پر هو
جيتيا ويا ۽ مسلمان وڌندا ويا، ايتري قدر جو سن
632ع ۾ جڏهين حضرت محمّد صلي
الله عليه وسلم
وفات ڪئي تنهن کان اڳيئي عربستان جو سڄو ملڪ
مسلمان ٿي ويو. مسلمانن جي پاڪ ڪتاب جو نالو قرآن
آهي، جنهن کي هو خدا جو ڪلام ڪري مڃيندا آهن ۽
سندن نبيءَ جو جيڪو ڪلام گڏ ٿيل آهي تنهن کي حدِيث
چوندا آهن. مسلمانن جي مذهب کي اِسلام سڏيندا آهن.
مسلماني سن يا ورهيه جو ڳاڻيٽو سال 622ع کان شروع
ڪندا آهن، جنهن سال ۾ حضرت محمّد صلي
الله عليه وسلم
عربستان جي مکيه شهر مڪي مان نڪري ٻئي وڏي شهر
مديني ۾ اچي رهيو. اُنهيءَ لاڏاڻي کي هِجرت چوندا
آهن ۽ اُنهي ڪري مسلماني سنه کي هجري سن سڏيندا
آهن. مسلمانن جو عقيدو آهي ته خدا هڪڙو آهي ۽ حضرت
محمّد صلي
الله عليه وسلم
سندس رسول آهي ۽ سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ خدا
جي نظر ۾ برابر آهن. اسلام ۾ ذاتنِ جو ڪوبه فرق يا
تفاوت ڪونهي.
4- جڏهين عربن جو مذهب به هڪ ٿيو ۽ سردار به هڪ
ٿيو تڏهين هو سڀ گڏجي هڪ قوم ٿيا. هو بهادر ۽ جنگ
جا ڪوڏيا ته اڳيئي هوا، پر هاڻي پاڻ ۾ وڙهڻ جو هنن
کي سبب ڪونه هو. تنهن ڪري ٻين ملڪن ۾ پنهنجي مذهب
پکيڙڻ جو خيال ڪيائون. مسلمانن جو زور ڏسي پاسي
وارن ملڪن جون قومون هنن سان اَٽڪڻ لڳيون ۽
مسلمانن کي اُنهن سان جنگ ڪرڻي پيئي. اِها جنگ جا
پنهنجي مذهب جي بچائڻ لاءِ ڪرڻ ۾ ايندي هئي تنهن
کي جِهاد ڪري چوندا هوا، ۽ جيڪي مسلمان اُنهيءَ
جنگ ۾ مرندا هوا تن کي هو شهيد ڄاڻندا هوا ۽
وسهندا هوا ته اُهي بهشت ۾ ويندا. ٻين قومن جا
ماڻهو جي اُنهن جنگين ۾ قيد ٿي پوندا هوا تن مان
ڪي رهي رهي نيٺ مسلمان ٿيندا هوا ۽ ڪي هڪڙي ٺهرايل
هلڪي چٽي ڀرڻ سان آزاد ڪيا ويندا هوا. اهڙيءَ
چٽيءَ يا عيوض جي پيسن کي جزيه چوندا هوا.
5- هنن عربستان جي اُتر وارن ملڪن تي ڪاهيو، جي
سهنجائيءَ سان فتح ڪيائون. اُنهن کي قيمتي لُٽ جا
هٿ آئي، تنهن ڪري ٻين ملڪن جيتڻ جو منجهن شوق پيدا
ٿيو. اِنهيءَ ڪري هو هڪڙي پٺيان ٻئي ملڪ ڏي
ڪاهيندا ويا. هڪ سَو ورهن جي اندر هنن ايران،
ترڪستان ۽ افغانستان يعني سڄي ايران جي آڳاٽي
شهنشاهت هٿ ڪئي. اُهي سڀ ملڪ مسلمان ٿيا.
6- ڪن ايران جي ماڻهن نه عربن کي پاڻ سونپيو ۽ نه
اُهي مسلمان ٿيا. اُهي پنهنجو ملڪ ڇڏي هندستان ڏي
وٺي ڀڳا، جتي 1200 ورهين کان وڌيڪ مدت لاڪر هو
رهندا اچن. اُنهن کي ”پارسي“ چوندا آهن ۽ هو اڃا
تائين اڳئين سمي جي آريه لوڪن واري اگني ديوتا جي
پوڄا ڪندا اچن. هو هاڻي خاص ڪري اُلهندي ڪناري تي
بمبئيءَ ۾ رهندا آهن ۽ ماٺيڻا، سانتيڪا ماڻهو آهن
جي واپار جي ڪم ۾ ڏاڍا ڀڙ آهن. اُنهن مان گهڻا
ڏاڍا شاهوڪار آهن ۽ ٻين جي ڀلي ڪرڻ لاءِ گهڻا پيسا
خرچيندا آهن.
7- هندستان جي اُتر وارن ملڪن ۾ جو ”عرب“ پکڙي
ويا، تنهن سبب ڪري ڪيترن سَون ورهين تائين، اُتر
هندستان ۾ اُتر وارين قومن جي گهڻي ڊوڙ ڪانه هئي.
ايرانين تاتارين ۽ عربن جي وچ ۾ اهڙي ويڙهه لڳي
پيئي هئي، جو اُهي قومون هندستان ۾ وڃي سگهيون ئي
ڪين.
15- محمود غزنوي (مورت ٽوڙ)
(997
عيسوي کان 1030 عيسوي تائين)
1- اٽڪل 900 ورهين کان اڳي افغان ۽ ترڪ اچي
هندستان ۾ نيان، جهڙي طرح آڳاٽي وقت ۾ آرين، گريڪن
۽ سٿين ڪيو هو. عرب لوڪ عربستان جي اُتر ۽ اُتر
اوڀر وارن ملڪن جي فتح ڪِرڻ لاءِ عربستان مان
روانا ٿيا ها، تنهن کي ساڍا ٽي سَو ورهيه گذري ويا
ها؛ ترڪستان، ايران ۽ افغانستان سڀ هن وقت تائين
مسلماني ملڪ ٿي ويا هئا. عربن جا گهڻا ڪٽنب اُنهن
۾ ٿاڻو ڪري ويهي ويا ها ۽ اُهي به ساڳئي اهڙي جوش
سان ڀريل ها، جهڙي سان عربستان جا عرب ڀريل ها.
2- هن وقت ۾ افغانستان جو مکيه شهر غزني هو. ملڪ
جو بادشاهه هڪڙو ترڪ هو، جنهن جو نالو هو محمود.
جَيپال نالي پنجاب جي راجپوت راجا سان محمود جي
پيُ اڪثر جنگيون ڪيون هيون، هن کي ماري مڃايو
هائين ۽ سنڌو درياء تائين ملڪ ورتو هائين. اُنهيءَ
سمي ۾ هندستان دنيا جي تمام سائو ملڪن مان هڪڙو
هو. اُتر اوڀر وارن ملڪن ۽ يورپ جي ملڪن سان
هندستان جو گهڻو واپار هلندو هو. افغانستان جي
دِرن جي رستي اُٺن تي هندستان مان قيمتي سامان هنن
ملڪن ڏي ويندو هو. محمود جڏهين ڇوڪر هو، تڏهين هو
اُنهي قيمتي سامان سان ڀريل اُٺن جون ڊگهيون
قطارون اڪثر پنهنجي پيُ جي ملڪ مان لنگهينديون
ڏسندو هو. هو واپارين سان ڳالهائيندو ٻولائيندو هو
۽ هو هندستان جي وڏن شهرن، ڌن وارن مندرن جون
ڳالهيون ٻڌائيندا هئس. هو چوندو هو ته آءٌ جڏهين
وڏو مڙس ٿيندس ۽ بادشاهي ڪندس، تڏهين آءٌ هندو
راجائن سان جنگ ڪندس، هنن جون مورتون ڀڃي ڇيهون
ڇيهون ڪندس ۽ جيئن عربن ٻين ملڪن ۾ ڪيو هو، تيئن
اُنهن جا مندر ڊاهي چٽ ڪندس ۽ اُنهن جو سونُ رُپو
۽ قيمتي سامان هيڏي غزنيءَ ڏي کڻي ايندس.
3- محمود ٽيهن ورهين جي عمر ۾ بادشاهه ٿيو ۽ جيئن
چيو هوائين تيئن ڪيائين. جيسين مينهن پئي بس ٿيا ۽
برف، جنهن سان جبل جون واٽون ڀريل هيون ساڳري
ويئي، تيسين هو ترسيو ۽ پوءِ پنهنجو لشڪر وٺي
هندستان ۾ وڃي نڪتو. ڦُر لُٽ آڻڻ ڪاڻ هو اُٺ ۽
گهوڙا پاڻ سان گهڻا وٺي ويو. ڏٺائين ته جيپال جنهن
پڻس سان ٽڪرا کاڌا ها، سو ساڻس به وڙهڻ ڪاڻ تيار
آهي. پر محمود ۽ سندس افغانن راجا کي ڀڄائي ڪڍيو ۽
قيمتي لٽ سان غزنيءَ ڏي موٽي ويا. جيپال لڄ ۽ دک ۾
ڀرجي پنهنجو راڄ پنهنجي پٽ اَنندپال کي کڻي سونپيو
۽ پاڻ کي جلائي ماريائين.
4- اَنندپال ڏٺو ته هندستان ڏاڍي جوکي ۾ آهي. هن
اُجين، گواليار، قنوج، دهلي ۽ اجمير جي وڏن راجپوت
راجائن کي چوائي موڪليو ته مون کي سُڌ آهي ته هي
افغان سلطان رهندو ڪين ۽ وري ٻئي سال ايندو، سو هن
سان وڙهڻ ڪاڻ توهين اچي مون سان گڏجو. هن جي سڏ تي
سڀ اچي ڪٺا ٿيا. راجپوتن جو وڏو لشڪر پنجاب ۾ ڪاهي
ويو. پر هندستان جي گرم پوٺن جي راجپوتن کان سرد
اُتر ملڪ جا افغان زور وارا ها، تنهن ڪري وڏيءَ
جنگ کان پوءِ هنن راجپوتن کي ڀڄائي ڇڏيو. محمود
نگرڪوٽ جا ڌن وارا مندر وڃي لُٽيا ۽ پوءِ سونُ،
رُپو، موتي ۽ جواهر، جي ڌرمشٽ هندن جُڳن کان
ديوتائن وٽ ڀيٽ پئي ڌريا ۽ گڏ پئي ٿيا، تن جي
گهڻيءَ لُٽ سان وري غزنيءَ ڏي موٽيو.
5- محمود جڏهين موٽي غزنيءَ ڏي ويو، تڏهن اُتي هڪ
وڏي مجلس ڪيائين ۽ سڀني افغانن کي مجلس ۾ اچڻ لاءِ
ڪوٺيائين. مجلس ٽي ڏينهن هلي. سون، چاندي، ريشمي
ڪپڙا ۽ قيمتي سامان جي هندستان مان آندا هائين، سي
ماڻهن جي ڏسڻ ڪاڻ وڏين ميزن تي پکيڙي رکيا هائون.
افغان اميرن ۽ سردارن کي سٺا اِنعام مليا ۽ جو
غريب کان غريب افغان هو، تنهن کي به وڏو ڏاڻ مليو.
6- اِنهيءَ طرح محمود پنهنجن افغانن کي 17 ڀيرا
هندستان ۾ آندو. ڀيري ڀيري سان جيئن ويس همت
وڌندي، تئين ويو اڳتي وڌندو. جتي ڪٿي ڪو سائو شهر
يا ڌن وارو مندر هو، اُتي هو پنهنجو لشڪر وٺي ويو؛
هن مندر ڊاهي ڇڏيا ۽ مورتونِ ڀڃي ٽڪرا ڪري ڇڏيائين
۽ سڀ دولت جا پروهتن سون ورهين تائين پئي گڏ ڪئي،
سا کڻي ويو. راجپوت راجائون اڪثر پاڻ ۾ پيا وڙهندا
ها، پر اُنهن مان ڪنهين به اُنهن مندرن جي ڌن کي
ڪڏهين هٿ ڪونه لاتو هو؛ اُنهيءَ ڪري ڪيترن گذريلن
زمانن لاڪر اُهي ڌن ۾ پئي وڌيا. محمود جو لشڪر به
ويو وڌندو؛ ڇاڪاڻ جو تُرڪ، ايراني ۽ افغان جي سڀ
لُٽ ۾ ڀائيوار ٿيڻ جا شوقين ها، تن جا دَلَ اچي
ساڻس گڏيا.
7- پويون ڀيرو جو محمود 1024ع ۾ هندستان ۾ آيو، سو
ڏکڻ گجرات جي ملڪ ڏي ويو، جتي هڪڙو تمام جهونو
مندر هو، جو ساري هندستان ۾ جهجهيءَ دولت جي ڪري
مشهور هو. اُنهي مندر ۾ هڪ وڏي مورت هئي، جنهن کي
سومناٿ سڏيندا ها. سنڌ جَي وڏي ٿَرَ مان ساڍن ٽن
سون ميلن جي ڊگهيءَ ۽ ٿڪائيندڙ مسافريءَ کان پوءِ
محمود اُنهي مندر کي اچي پهتو ۽ هندن جا لشڪر جي
اُنَ جي بچاءِ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا ها، تن کي ماري
مات ڪيائين. جڏهين هو مندر ۾ گهڙيو، تڏهين پروهتن
ڏڪندي ڏڪندي جهجهو ناڻهو اَڇي چيس ته ”هي وٺو ۽
اَسانجي هن وڏيءَ مورت کي ڇڏي ڏيو.“ پر هن وراڻي
ڏني ته ”آءٌ مورتون وڪڻندڙ ڪين آهيان، آءٌ مورت
ٽوڙ(بت
شڪن)
آهيان“ اِئين چونديئي هن وڏيءَ مورت کي پنهنجي
لوڙهه سان اهڙو زور سان ڌڪ هنيون، جو ڇيهون ٿي
پيئي.
8- محمود افغانستان ڏي موٽڻ کان پوءِ ستتئي مري
ويو. جيتوڻيڪ هو پاڻ ملڪ ۾ رهي ڪين پيو، ته به
پنجاب ۾ هڪڙو پنهنجو عملدار ڇڏي ويو هو، جنهنجي
حوالي ۾ لاهور پنجاب جو مکيه شهر هو. ڏيڍ سو ورهين
تائين هندن افغانن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ گهڻا
مٿا هنيان؛ پر ڳالهه مان وريو ڪين. محمود کان پوءِ
جيڪي افغان بادشاهه ٿيا، تن لاهور کي پنهنجي هٿ ۾
سوگهو رکيو ۽ پنجاب مان اڪثر نڪري وڃي پريان گنگا
جي پَٽَ ۾ هندن جا جي وڏا شهر ها، تن کي لُٽي
ايندا هئا. هنن بادشاهن جا ٻه گاديءَ جا هنڌها
هڪڙو غزنيءَ ۾، ٻيو لاهور ۾. |