سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 11

سر آئرڪوٽ

7- پر سر آئرڪوٽ وانڊيواش جو سورمو نئون لشڪر وٺيو بنگالي کان پئي آيو. هو سنه 1781ع ۾ حيدر جي لشڪر سان پورٽونوو وٽ اچي اٽڪيو ۽ هن جي سڄي لشڪر کي شڪست ڏنائين ۽ وري پاليلور وٽ اُنهيءَ ساڳيءَ ڌرتيءَ تي، جتي ڪرنيل بيلي جو لشڪر اڳين سال ۾ مارجي ٽڪر ٽڪر ٿي ويو هو، وري شولنگر وٽ ۽ تهان پوءِ وري ٻئي سال ۾ آرنيءَ وٽ هن کي شڪست ڏنائين.

8- هن کان پوءِ ستت ئي حيدر علي مري ويو. انگريزن هن جي پٽ ٽيپوءَ سان سن 1784ع ۾ منگلور ۾ صلح ڪيو. ٻنهي طرفن جيڪو ملڪ ۽ شهر کٽيا ها، سي هڪٻئي کي موٽائي ڏنائون ۽ انگريزن جا جيڪي ميسور ۾ باندي ها، سي ڇٽا.

 

54- بورڊ آف ڪنٽرول

      (مٿان اختياري هلائيندڙن جي جماعت)

      1784 عيسوي

1- ميسور ۽ مرهٽن سان جنگ تي گهڻو ناڻو لڳي ويو هو ۽ هيسٽنگس کي ڪنهن نه ڪنهن هنڌان اُهو ناڻو ڪڍڻو هو. جيتوڻيڪ حيدر سان جا جنگ ٿي هئي، سا ڪرناتڪ جي بچاءُ ڪاڻ ٿي هئي؛ پر ڪرناٽڪ جي نواب محمد عليءَ وٽ نالي ڪاڻ هڪ رپيو ڪونه هو جو کڻي ڏئي؛ ڇاڪاڻ جو ملڪ اُجاڙ ٿي پيو هو، ڏڪار رڻ مچائي ڏنو هو ۽ غريب ماڻهو ڪا ڍل ڏيئي نٿي سگهيا.

2- جڏهين مدراس مان ناڻهو ملي نٿي سگهيو تڏهين هيسٽنگس اودهه جي نواب شجاع الدوله جي پٽ کي چيو ته مٿس ڪمپنيءَ جو جيڪو ڳرو قرض لهڻل آهي سو ڏئي. نواب چيو ته رياست جو جيڪو ناڻو پڻس ڇڏي ويو هو، سو سڀ ماڻس ۽ ڏاڏيس، جي اودهه جون بيگمون سڏبيون هيون، کڻي ويئون اهن. هن هنن کان پئسن وٺڻ جي موڪل گهري. هن کي موڪل ملي، بيگمن کان ناڻي ڇڏائڻ لاءِ نواب اُنهن ۽ سندن نوڪرن سان تمام بي رحميءَ جي هلت ڪئي. اُن ۾ هيسٽنگس جو ڪو ڏوهه ڪونه هو، پر ان جي اڳوڻي دشمن مسٽر فرانسيس جو چوڻ هو ته هن جو ڏوهه هو.

3- پوءِ هيسٽنگس چيت سنگهه بنارس جي راجا کان ڪجهه پئسن جي مدد گهري. هن کي انگريزن گاديءَ تي وهاريو هو ۽ هو اُنهن کي ڏن ڀريندو هو. جنگ جي وقت هنن کي مدد ڏيڻ مٿس فرض هو؛ ڇاڪاڻ جو مرهٽا جي انگريزن جا ويري ها، سي سندس به ويري ها ۽ جي انگريزن جي لشڪر جو سبب نه هجي ها، ته هو سندس ملڪ وٺي وڃن ها، يا کائونس چوٿ وٺي ڇڏين ها. راجا جيتوڻيڪ ڏاڍو ڌن وارو هو، تب هن ڪجهه ڏيڻ جي نه ڪئي. هيسٽنگس هن کان پئسن وٺڻ لاءِ بنارس ويو. هن ۽ بنارس جي ماڻهن فساد کڻي مچايو، ۽ هيسٽنگس ذري گهٽ مارجي ويو هو. چيت سنگهه گاديءَ تان لاٿو ويو ۽ سندس ڀائٽيو راجا ٿاڦيو ويو. هن ڳالهه ۾ به مسٽر فرانسيس جو چوڻ هو ته هيسٽنگس جو ڏوهه هو.

4- مسٽر فرانسيس اِنگلنڊ ڏي ويو ۽ اُتي وارن هيسٽنگس جي ڪمن جي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي وڃي دانهن ڏنائين. ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن سمجهو ته جيڪي مسٽر فرانسيس چوي ٿو سو سچ آهي ۽ هنن گورنر جنرل کي سخت عتاب ڏنو. وارن هيسٽنگس پوءِ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو ۽ موٽي اِنگلنڊ ڏي ويو؛ اُتي انگريزن جي پارليمينٽ اڳيان سندس دريافت هلي. سڄا ست ورهيه دريافت پئي ٿي، پر نيٺ وارن هيسٽنگس تي جيڪي تهمتون هيون، اُنهن سڀني کان بي ڏوهو ٺهرايو ويو.

5- ايتري ۾ مستر پِٽ اِنگلنڊ جي وزيراعظم هڪڙو نئون قاعدو منظور ڪرايو، جنهن کي پِٽ وارو هندستان جو بل (قاعديجو مسودو) چوندا ها.

6- هن نئين قاعدي موجب مٿان بورڊ آفڪنٽرول، يعني اختياري هلائڻ واري جماعت ٺهي. اُنهيءَ سڀا ۾ ڇهه ڄڻا مقرر ٿيا، جنجو ڪم هو هندستان جي حڪومت جي ڪم تي نظر رکڻ. ڪنهين به هندستان جي راجا سان جنگ يا صلح انگريزن جي پارليمينٽ جي منظوريءَ ڌاران نٿي ٿي سگهيو. هن 1784ع کان وٺي برٽش اِنڊيا ۾ سچ پچ حڪومت انهيءَ مٿان اختياري هلائيندڙ سڀا جي ٿي ۽ نه اڳين وانگر ايسٽ اِنڊيا ڪمپني جي.

 

55- لارڊ ڪارنوالس بيو گورنر جنرل

     ( 1786 عيسوي کان 1793 عيسوي تائين)

1- ٻيو گورنر جنرل لارڊ ڪارنوالس هڪڙو انگريزي امير ٿيو، جو اڳي ڪڏهين هندستان ۾ ڪونه آيو هو. هن کي تمام سيگهه ۾ ميسور سان جنگ ڪرڻ لاءِ سانباهو ڪرڻو پيو.

 

لارڊ ڪارنوالس

 

2- ٽيپو جنهن کي حڪومت ڪندي هاڻي اَٺ  ورهيه ٿي ويا ها، تنهن ملبار ۽ ڪرگ ۽ ميسور جي آسپاس وارا ڪي ٻيا ملڪ فتح ڪيا ها. هو آڪڙ ۾ ڦونڊجي ويو ۽ ڀانيائين ته مون جهڙو زور وارو بادشاهه ٻيو هندستان ۾ ڪونهي. اورنگزيب وانگر جيڪي ماڻهو هن جيتيا، تن کي زور سان ملسمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. گهڻن کي جن اِنڪار ڪيو مارائي ڇڏيائين. هو انگريزن کي ڌڪاريندو هو ۽ کليو کلايو ٻول ڪيو هوائين ته ڪنهن ڏينهن انگريزن کي هندستان مان لوڌي ڪڍندس.

3- نيٺ هن ٽراونڪور تي ڪاهه ڪئي. اُنهيءَ ملڪ جو راجا انگريزن جو دوست ۽ ساٿي هو ۽ هن هنن کي منت ڪئي ته مون کي ٽيپوءَ کان بچايو. گورنر جنرل

برٽش انڊيا ڪارنواس جي ڏينهن ۾

1792ع

هن کي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ نظام ۽ مرهٽن کان لکي پڇيائين ته توهين اسان سڀني جي عام دشمن سان جنگ ڪرڻ ۾ اسان سان گڏبو يا ڪئَن؟ اُهي خوشيءَ سان انگريزن جي پاسي اچي ٿيا. پوءِ ٽيپوءَ کي چيائون ته ٽراونڪور جي راجا کي ڇڏي ڏي ۽ جڏهين هن اِئين نه ڪيو، تڏهين جنگ جو ڏئنڪو لڳو. ميسور سان انگريزن جي هيءَ ٽين ويڙهه هئي.

ٽيپو

 

4- جئَن ڏهه ورهيه اڳي حيدر ڪيو هو، تئَن هن هڪدم ڪرناٽڪ کي اُجاڙ ڪيو ۽ لارڊ ڪارنوالس پنهنجي سر ڪلڪتي کان انگريزي لشڪر جو اڳواڻ ٿيڻ ڪاڻ مدراس ۾ آيو. هو ميسور جي ملڪ ڏي چڙهي ويو ۽ بنگلور وڃي ورتائين. نظام ۽ مرهٽن جي فوجون موڪليون، سي بلڪل ڪنهين ڪم جون ڪين هيون، هو وڙهن ڪين، مگر ملڪ ڦرڻ ڪاڻ سو ڊوڙ پيا وڃن؛ انِهي ڪري سچو پچو ڏکيو ڪم جيڪو ڪرڻو هو، سو سڀ انگريزي لشڪر کي ڪرڻو پيو.

5- لارڊ ڪارنوالس بنگلور جي لڳ ڪيترا مضبوط قلعه ورتا ۽ پوءِ آهستي آهستي سرينگاپٽم تي چڙهي ڪري ويو، ٽيپوءَ جي ساري لشڪر هارايو ۽ شهر ۾ تڙجي ويو ۽ شهر جي ڀتين تي توبن جو وسڪارو ٿيڻ لڳو. ٽيپوءَ ڏٺو ته قلعو ڌڪ ڪين جهليندو ۽ تمام سگهو وٺجي پوندو؛ تنهنڪري هن ڪهڙن به شرطن تي صلح گهريو.

6- پوءِ ٽيپوءَ انگريزن ۽ هنن جي ٻن ساٿين جي وچ ۾ سرينگاپٽم جو عهدنامو ٿيو. ٽيپوءَ کي پنهنجي ملڪ جو اَڌ، جنگ جي خرچ بابت ٽي ڪروڙ رپيا تنهن مان اڌ هڪدم ۽ اڌ ڪجهه وقت کان پوءِ ڏيڻا ٿيا ۽ جيسين سڀ پئسا ڏئي تيسين پنهنجا ٻه پٽ اول ۾ موڪلڻا ٿيس.

7- ٽيپوءَ کان جيڪو ملڪ مليو سو انگريزن، نظام ۽ مرهٽن برابر ٽي پتيون ڪري ورهائي ورتو، اگرچ واجبي ڪري پوين ٻن جو ڪجهه حق نه هو. انگريزن جي ڀاڱي ۾ آيو اُلهندي ڪناري وارو ملبار جو ملڪ ۽ ڪرناٽڪ جا اُهي ضلعا جن کي سليم ۽ مدورا ٿا سڏين.

8- بنگالي ۾ زمين تي ڍل ڪئن وٺجي، تنهن جو لارڊ ڪارنوالس ٺهراءُ ڪيو. مغل جي بادشاهيءَ ۾ زمين زميندارن کي ٺيڪي ڪري ڏيندا ها. اُهي نواب کي مقرر ڍل پهچائي ڏيندا ها ۽ پوءِ ماڻهن کان پنهنجي ڍل اُڳارڻ جي محنت جي عيوض جيترو وڌيڪ وڻندو هون اوترو وٺندا ها. زمين شهنشاهه جي ملڪ هوندي هئي ۽ زميندار ڄڻ ته سندس رڳا مواجب دار نوڪر ها. هو ماڻهن کي ٻانها ڪري ڀانئيندا ها ۽ اُنهن سان ڏاڍي بيرحميءَ جي هلت ڪندا ها. هو ماڻهن کان پنهنجي ڪاڻ ايترا پيسا وٺندا ها، جو ويچارا ڳوٺاڻا ڏاڍا تنگ هوندا ها ۽ سڀني پاسي انگريز سرڪار کي دانهوڙ لڳي ويئي.

9- اُنهن سڀني دانهن ڪوڪن بند ڪرڻ ۽ ماڻهن تان ايذاءُ لاهڻ لاءِ لارڊ ڪارنوالس هر هڪ زميندار کي اوتري زمين انعام ڏني جيتريءَ تان هو ڍل وٺندو هو. اِنهي ڪري اُها زمين ٿي هن جي پنهنجي. اِنهيءَ ريت لارڊ ڪارنوالس زميندارن جو هڪڙو دفعو بڻايو، جي اِنگلنڊ جي اميرن وانگر هاڻي زميندارين جا مالڪ ٿيا ويٺا آهن. هنن ماڻهن پنهنجون زمينداريون نڪي ڳڌيون ۽ نڪي فتح ڪري ورتيون. اُنهن کي اُهي انگريز سرڪار کان مفت بخشش طور مليون.

10- لارڊ ڪارنوالس سڀني معاملن نبيرڻ لاءِ هر هڪ ضلع ۾ هڪ جج ۽ ڍلن اُڳاڙڻ لاءِ هڪ ڪليڪٽر مقرر ڪيو. لارڊ ڪلائيو اِهي ٻئي ڪم هڪڙي عملدار تي رکيا ها؛ پر معلوم ٿيو ته هڪڙي ماڻهوءَ کان اِنهن ٻنهين قسمن جا ڪم برابر هلي ڪين ٿي سگهيا.

 

56- سر جان شور، ٽيو گورنر جنرل

    (1793 عيسوي کان 1798 عيسوي تائين)

1- ٽيو گورنر جنرل سر جان شور ڪلڪتي ۾ ڪمپنيءَ جو (سِوِل سروَنٽ) سَنَدي مُلڪي نوڪر هو. هو پنج ورهيه گورنر جنرل هو ۽ هن جي وقت ۾ انگريزن ڪا جنگ ڪانه ڪئي ۽ نڪا برٽش اِنڊيا جي حڪومت رانيءَ ۾ ڪا مٽ سٽ ٿي.

2- اِنگلنڊ جي سرڪار سخت حڪم موڪليو هو ته گورنر جنرل ڪنهين به ڏيهي راجا سان ڪنهين به ريت دست اندازي نه ڪري. هنن جي مرضي هئي ته هر هڪ حڪومت جئَن اُن وقت هئي، تئَن رهي، نه وڌيڪ زور وٺي ۽ نه ڪم زور ٿئي ته اِنهي ڪري سڀ ڪنهن هنڌ صلح رهي.

3- پر نظام مرهٽن ۽ ٽيپوءَ جو مطلب نه هو ته ڪو صلح هجي. ٽيپوءَ جي مرضي هئي ته منهنجي طاقت جا ويئي آهي، سا وري حاصل ڪريان. مرهٽن جو مطلب هو ته ٽيپوءَ نظام ۽ هندستان ۾ ٻئي سڀ ڪنهن کان اسين چوٿ وٺون. ۽ نظام جي مراد هئي ته مرهٽن سان وڙهڻ ۾ انگريز مون کي مدد ڏين.

4- جڏهين مرهٽن ڏٺو ته انگريز نظام کي واهر نٿا ڪن، تڏهين هن کان چوٿ گهريائون، جا گهڻن ورهين کان هن نه ڏني هئي. نظام هنن کي چوٿ ڏيئي نٿي سگهيو؛ ڇاڪاڻ جو پئسو ڪونه هوس ۽ نڪا هنن سان وڙهڻ جي طاقت هيس. اِنهيءَ ڪري هن گورنر جنرل ڏي لکيو، پر سر جان شور ورندي ڏنيس ته آءٌ مدد ڏيئي ڪين سگهندس.

5- پوءِ پيشوا ٻين مرهٽن سردارن کي چوائي موڪليو ته نظام تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ مون سان اچي گڏجو. اُهي سڀ گواليار، اِندور، گجرات ۽ برار کان لشڪر وٺي آيا. وڏو ڪٽڪ اچي ڪٺو ٿيو ۽ سموري زور سان نظام تي اچي ڪڙڪيو. سنه 1795ع ۾ ڪردلا وٽ وڏي جنگ ٿي ۽ نظام اُن ۾ هارايو. هن کي پنهنجي ملڪ جو اَڌ مرهٽن کي ڏيڻو پيو ۽ ٻئي اَڌ تان سدائين چوٿ ڏيڻ جو انجام ڪرڻو ٿيس.

6- پر ڦُرِ مان هر هڪ کي ڪيترو ڀاڱو ملي، تنهن لاءِ مرهٽن سردارن جو اچي پاڻ ۾ جهيڙو لڳو ۽ پيشوا، سنڌيا، هولڪر، گائڪواڙ ۽ ڀونسلي اِهي سڀ ٻٽي ورهيه پاڻ ۾ پئي وڙهيا.

 

57- مارڪئس ويلسلي، چوٿون گورنر جنرل

     (1798 عيسوي کان 1805 عيسوي تائين)

1- مارڪئس ويلسلي ٻئي گورنر جنرل هندستان ۾ انگريزن جي طاقت سڀني کان وڌيڪ ڪئي. هن جو ننڍو ڀاءُ ڪرنيل ويلسلي جو همت وارو جوڌو هو ۽ جو پوءِ سر آرٿر ويلسلي ۽ تهان پوءِ ڊيوڪ آو ويلنگٽن ۽ اِنگلنڊ جو وزيراعظم ٿيو سو ساڻس گڏجي آيو. لارڊ ويلسلي ڪو واپاري ڪونه هو ۽ کيس واپار توڙي نفعي جو ڪوبه خيال ڪونه هو. هو وڏي درجي جو هڪ انگريزي امير هو ۽ هندستان ۾ جو حڪومت هلائڻ لاءِ آيو سو نه ڪمپنيءَ جي فائدي لاءِ پر خاص ملڪ جي ڀلي ڪاتر.

2- ڪٽنب ۾ سڀيئي ٻار ڪٽنب جي وڏي يعني پيُ کي مڃيندا آهن ۽ هو اُنهن کان جيڪي واجبي هوندو آهي سو ڪرائيندو آهي؛ جيڪڏهين ڪو ٻار غلط ڪم ڪندو آهي ته پيُ هن کي سيکت ڏيندو آهي. هو پنهنجن ٻارن جي سنڀال ڪندو آهي، اُنهن کي ايذاءَ کان بچائيندو آهي ۽ اُنهن کي چوندو آهي ته هيءُ ڪم ڪريو ۽ هيءُ نه ڪريو.

3- اِنهيءَ ساڳيءَ ريت چڱيءَ بادشاهت ۾ ماڻهو بادشاهه جو چيو ڪندا آهن، جئَن ٻار پنهنجي پيُ جو چيو مڃيندا آهن. هو پنهنجن ماڻهن کي ايذاءَ کان بچائيندو آهي، جيڪي غلط ڪم ڪندا آهن، تن کي سيکت ڏيندو آهي. هيڻن جي رکيا ڪندو آهي ۽ هن جا ماڻهو آرام ۽ سلامتيءَ سان رهندا آهن.

4- اِنهيءَ طرح هندستان جهڙي وڏي ملڪ ۾ جيڪڏهين جابجا صلح سانت هجي ۽ ماڻهو سلامتيءَ سان رهن ته اُتي هڪ مضبوط چڱو ۽ اِنصاف وارو حاڪم يا رئيس هجڻ گهرجي؛ جنهن کي سڀيئي مڃين. هو اهڙو زور ڀريو هجڻ گهرجي، جو هو پنهنجا حڪم بادشاهن کان به مڃائي سگهي. هو اهڙو هجي جو ڌاڙيلن ۽ چورن سڀني کي ماري مات ڪري ۽ جتي ڪٿي صلح سانت رکي سگهي. هو تمام شاهوڪار هجڻ گهرجي جو ڏڪار جي وقت ۾ غريبن کي مدد ڏيئي سگهي. هو اهڙو سياڻو ۽ چڱو هجي، جو پنهنجي غريت ڪاڻ چڱا ۽ پورا قاعدا جوڙي سگهي.

5- اورنگزيب جي وفات کان پوءِ سَو ورهين تائين، (دکن ۽ ڏکڻ هندستان ۾ ته اُنهيءَ کان به ڳچ وقت اڳي) ساري ملڪ ۾ خوفناڪ ويڙهيون اچي لڳيون. مٿي ڏسي آيا آهيون ته ڪئن اُتر هندستان ۾ افغان ڌوڪيندا پي آيا ۽ ويا ٿي ماڻهو ماريندا، شهر توڙي ڳوٺ ناس ڪندا ۽ جتي ڪٿي ڦرمار مچائيندا. دکن ۾ ته مسلمان بادشاهن ۽ هندو راجائن جي وچ ۾ هميشہ ويڙهيون لڳيون پيئون هيون. لکين مسڪين قتل ٿي ويا ۽ زمين جا وڏا ٽڪر اُجڙ ٿي ويا. هنن کان پوءِ وري مرهٽن ملڪ کي تلف تاراج ڪري ڇڏيو ۽ هر هنڌ ويا ڦرمار ڪندا. ڏکڻ هندستان ۾ وري حيدر ۽ کانئس پوءِ ٽيپو پنهنجن ڪٺور دل سوارن جون ٽوليون وٺي ڇا اوڀر، ڇا ڏکڻ ۽ ڇا اولهه، ويا هندن کي ماريندا، سندن مندرن جي بي حرمتي ڪندا ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪندا. ڏسڻ ۾ ته اِئين ٿي آيو ته سارو هندستان هڪ شاهي بيابان ٿي ويندو ۽ ملڪ جي ڪيترن ڀاڱن ۾ تمام ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا.

مارڪئس آو ويلسلي

 

- ويلسليءَ جي وقت تائين انگريزن کي اڪبر وانگر ساري هندستان تي حڪومت ڪرڻ جو خيال ڪونه هو. هنن هندستان ۾ ڪي ملڪ ورتا ها، پر سڀ ڪنهن ڀيري جڏهين ڪو ملڪ ٿي ورتائون، تڏهين جنهن جنگ جي ڪري اُهو ملڪ فتح ٿي ٿيو، سان سندن مرضيءَ جي برخلاف لاچار کين ڪرڻي ٿي پيئي. هنن تي ڪاهه ٿي ٿي ۽ هنن کي پاڻ بچائڻو ٿي پيو. ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جو مطلب هو ته هندستان سان جيڪو سندن واپار ٿي هليو، تنهن مان هو فائدو پرائين ۽ هنن کي وڌيڪ زمين جي هٿ ڪرڻ جي مرضي ڪانه هئي. هنن وري وري ڪلائيو، هيسٽنگس ۽ ڪارنوالس ۽ پنهنجن ٻين گورنرن ڏي سخت حڪم پئي ڪڍيا، ته هو ڪنهن به سبب ڪري ڪنهين ڏيهي راجا يا حاڪم سان جنگ نه ڪن ۽ نه ڪنهن ڏيهي حاڪم جو ملڪ وٺن.

7- پر لارڊ ويسلي ڏٺو ته هاڻي وقت ٿيو آهي ته انگريز جي هندستان جي حاڪمن ۾ سڀني کان زور وارا، سياڻا ۽ تمام سڌريل ها، سي جنگ جهيڙي ۽ ڦرمار کي جن جي جتي ڪٿي رڙ پئي پيئي بند ڪن ۽ ملڪ کي جنهن جو هر هڪ ڀاڱو ناس پئي ٿيو، چٽ ٿي وڃڻ کان بچائين. پهريون ڪم جو هن کي ڪرڻو پيو، سو هيءُ هو ته ٻين وڏين حڪومتن کان اِها ڳالهه باسائي ته هو سندس حڪم مڃيندا ۽ انجام ڪندا ته ٻيو جنگ جهيڙو ڪونه ڪنداسين ۽ پنهنجن ملڪن تي پوريءَ طرح حڪومت ڪنداسين ۽ جيڪڏهين ڪو اِها ڳالهه نه مڃي، ته زور سان هن کان مڃارائجي. هن کي ساري هندستان ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ هڪ وڏو مدامي لشڪر به رکڻو پيو ۽ هر هڪ ملڪ کي اُنهيءَ لشڪر جي خرچ جي ڀاڱي ڀرائڻ جي به تجويز ڪرڻي پيئي ۽ اُنهيءَ خرچ جي ڀاڱي ڏيڻ جي عيوض انگريزن هن جي دشمنن کي لوڌي ڪڍڻ جو ذمو کنيو.

8- اُنهيءَ وقت زور وارا حاڪم ها مرهٽا. سندن پنجن سردارن پيشوا، سنڌيا، هولڪر، گائڪواڙ ۽ ڀونسلي جي حڪم هيٺ، ٻيو نظام ۽ ٽيو ٽيپو سلطان، سک به زور ۾ وڌندا ٿي ويا؛ پر اُهي پنهنجي ملڪ پنجاب جي اندر ٿي رهيا. مغل شهنشاهه شاهه عالم ويچارو پريو مڙس هو ۽ سنڌيا وٽ نظر بند ٿيو پيو هو. اودهه جي نواب کي ڪا طاقت ڪانه هئي.

نيپولين

 

9- هن وقت يورپ ۾ فرينچ لوڪن پنهنجي بادشاهه ۽ راڻيءَ سان فساد ڪري اُنهن کي ماري وڌو، هڪڙو فرينچ عملدار جنهن جو نالو نيپولين هو، سو فرانس جو حاڪم ٿيو هو. هن وٽ ڏاڍو زور وارو لشڪر هو؛ هن يورپ ۾ ڪيترا ملڪ کٽيا، اِنگلنڊ سان  جهيڙو منڊيائين؛ چيائين ٿي ته آءٌ اِنگلنڊ تي ڪاهيندس ۽ اُن تي به فتح ڪندس.

10- لارڊ ويلسليءَ ڏٺو ته نظام، ٽيپو ۽ سنڌيا اُنهن سڀني وٽ مضبوط لشڪر آهن، جن کي فرينچن وڙهڻ جي تعليم ڏني هئي قواعد سيکاريو هو. نيپولين فرينچن جو وڏو سپه سالار مصر تائين آيو هو ۽ ٽيپوءَ هن کي لکي مڪو هو ته انگريزن کي هندستان مان لوڌي ڪڍڻ ۾ اچي مون سان مددگار ٿيو. نيپولين هن کي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ فرينچن جو ٿورو لشڪر منگلور ۾ اچي لٿو. هو پانڊيچريءَ ۾ وڃي ڪين سگهيا، جو اُهو هنڌ اڳيئي انگريز وٺي ويا ها.

11- پوءِ گورنر جنرل نظام، ٽيپوءَ ۽ پيشوا ڏي، جنهن کي اڃان سوڌو سڀني مرهٽن لوڪن جو اڳواڻ ڪري ٿي ڀانيائون لکيو ۽ هر هڪ کي چيائين ته توهان جي نوڪريءَ ۾ جيڪي فرينچ ماڻهو هجن تن کي ڪڍي ڇڏڻ جو انجام ڪريو؛ ڇاڪاڻ جو هاڻي فرينچ اسان جا جاني دشمن آهن. ملڪ ۾ صلح سانت رکڻ ۽ اُن کي دشمن کان بچائڻ لاءِ مضبوط انگريزي لشڪر پاڻ وٽ رهائڻ ۽ اُنهيءَ لشڪر جو خرچ ڀرڻ قبول ڪريو. جئَن ته اُهو لشڪر ملڪ ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ حاڪم جي مدد هو؛ تنهنڪري اُن کي مددي لشڪر ڪري سڏيندا ها ۽ اِها ويلسليءَ جي تجويز يا دستور ”مددي دستور“ جي طرح پڌرو آهي.

12- نظام جو ٽنهين حاڪمن ۾ سڀني کان هيڻو هو ۽ جنهن کي مرهٽن جو گهڻو ڀو هو، تنهن هڪدم چيو ته جي انگريز مون کي اُنهن کان پناهه ڏيندا ۽ چوٿ ڏيڻ کان بچائيندا ته جيڪي ويلسلي چوي ٿو سو مون کي قبول آهي. هن پنهنجو فرينچ لشڪر ڪڍي ڇڏيو، ۽ انگريزي لشڪر حيدراباد ڏي موڪليو ويو. اُنهيءَ وقت کان وٺي نظامن کي ڪنهن دشمن جو ڊپ نه رهيو آهي. اُنهن پنهنجي ملڪ تي آرام ۾ حڪومت پي ڪئي آهي ۽ انگريزن جا پڪا دوست ۽ ساٿي ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ٽيپوءَ ۽ مرهٽن جا سردار به ويلسليءَ جي اِها سياڻپ جي تجويز قبولين ها، ته نظام وانگر هو به چڱيءَ طرح پيا هلن ها ۽ اُنهن جا پوٽا پڙ پوٽا هاڻي تائين راڄ پيا ڪن ها.

13- پر ٽيپوءَ اِها ڳالهه نه باسي. جيڪو انگريزي عملدار گورنر جنرل جو خط ڏانهس کڻي ويو هو، تنهن کي پاڻ وٽ گهرائي ڏٺائين به ڪين؛ اِنهي ڪري ميسور سان چوٿون ڀيرو ويڙهه ظاهر ڪئي ويئي. پيشوا انجام ڪيو ته جي مون کي سنڌيا کان جنهن جو ڏاڍو ڊپ هوس، بچائيندو ته آءٌ انگريزن سان مددگار ٿيندس؛ پر ٻيا مرهٽا راجائون الڳ رهيا.

14- پوءِ ٻه انگريزي لشڪر ميسور تي چڙهي هليا، هڪڙو بمبئيءَ کان ٻيو مدراس کان. مدراس واري

ٽيپوءَ جو پويون جُهد

 

لشڪر جو مهندار هو جنرل هئرس ۽ ڪرنيل ويلسلي به ساڻس گڏجي ويو. ٽيپوءَ پهرين بمبئيءَ واري لشڪر تي ڪاهيو، پر هارايائين؛ پوءِ وري ٻئي لشڪر تي ڪاهڻ لاءِ پٺتي ڌوڪيندو ويو، پر وري به هارايائين. ۽ ٻئي لشڪر ورائي ويس ۽ هو پنهنجي گاديءَ واري شهر سرينگاپٽم ۾ بند ٿي پيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ توفن قلعي جي ڀتين جو ڀاڱو ڊاهي وڌو. جڏهين سڀ سانباهو ٿي رهيو، تڏهين جنرل بيرڊ، جو گهڻي مدت تائين سريگاپٽم ۾ بند ۾ پيو هو، ۽ جنهن سان ٽيپوءَ ڏاڍي بيرحميءَ جي هلت ڪئي هئي، پر اڳين جنگ جي پڄاڻيءَ ۾ ڇٽو هو، سو انگريزي سپاهين سان قلعي تي ڪاهي ويو ۽ ستن منٽن ۾ قلعي جي ڀت جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو ۽ ٻيو هڪ وڳو گذريو ته شهر وٺي ويو؛ ٽيپو قلعي جي در وٽ وڙهندي مارجي ويو.

15- ميسور هاڻي فتح ڪيل ملڪ هو ۽ جي گورنر جنرل اُن کي وٺي برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ڪري هن سان گڏي ڇڏي ها ته ٿي سگهي ها. پر اِئين ڪرڻ جي بدران هن هڪڙي پنجن ورهين جي ڇوڪر کي کڻي گاديءَ تي وهاريو؛ اُهو ڇوڪر اڳئين هندو راجا جي نسل مان هو، جنهن کي حيدر گاديءَ تان لاٿو هو. هن جو نالو هو ڪرشنا راجا. پر ملڪ جا اُهي ڀاڱا جي اڳئين ميسور جي ملڪ سان نه هوا، مگر حيدر ۽ ٽيپوءَ فتح ڪيا ها، سي هن انگريزن، مرهٽن ۽ نظام کي ورهائي ڏنا. انگريزن کي ملڪ جو اُهو ڀاڱو پتيءَ آيو، جنهن کي هاڻي ڪانارا ۽ ڪوئمبتور ڪوٺين ٿا. ٽيپوءَ جي پٽن تي تمام گهڻي مهرباني ٿي، وڏا مواجب ملين ۽ ويلور ۾ رهڻ ڪاڻ اوڏاهين ڏياري موڪليائون.

 

58- مارڪئس ويلسلي (هلي پيوُ)

1- ٿوري وقت پڄاڻا نظام چيو ته حيدرآباد ۾ جو مددي لشڪر موڪليل آهي، تنهن جي بابت پئسن ڏيڻ بدران مون کي ڇڏيو ته آءٌ انگريزن کي هاڻوڪا مليل ضلعا کڻي سونپيان. هن کي اِها اِجازت ملي ۽ تنگڀدرا ندي ۽ ميسور جي وچوارو ملڪ، جو ڏنل ضلعن جي نالي سان پڌرو آهي، يعني بيلاري ۽ ڪڊاپا ضلعا سن 1799ع ۾ انگريزن جي حڪومت هيٺ آيا.

2- ڪاويري نديءَ سان آباد ٿيل تانجور جو ملڪ اهڙو سائو آهي، جو هن کي ڏکڻ هندستان جو باغ ڪري سڏيندا آهن. سون ورهين تائين هو هندو نائڪن جي حڪومت هيٺ هو، جي وجيه نگر جي راجائن جي تابع هوندا ها. پوئين نائڪ تمام خراب طرح حڪومت هلائي، هن ماڻهن تي اهڙيون ڳريون ڍلون وڌيون، جو اُنهن کي گذران ڪاڻ ڪي ڪين بچيو هو ۽ گهڻا هزار ماڻهن جا هن جي ظلم کان تانجور مان ڀڄي ويا. نيٺ هو مري ويو ۽ پٽ ڪونه هوس. هن گهراڻي جي ٻن راجائن گاديءَ لاءِ دعويٰ ڪئي ۽ هنن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ کان ڇڏائڻ لاءِ تانجور ۾ چڱيءَ ريت حڪومت هلي، تنهن لاءِ لارڊ ويلسليءَ اُهو ملڪ انگريزن جي ملڪ ۾ کڻي گڏيو ۽ هنن ٻنهي کي وڏو مواجب ٺاهي ڏنائين.

3- محمد علي جنهن کي ڪلائيو 1756ع ۾ سندس دشمنن کان بچايو، سو 1795ع تائين ڪرناٽڪ جو نواب هو. پر هيءُ سارو وقت هن حڪومت تمام خراب ريت سان هلائي. حيدر ۽ ٽيپوءَ سان جي جنگيون ٿيون، سي جيتوڻيڪ سندس ملڪ ڪرناٽڪ جي سلامتيءَ لاءِ ٿيون هيون، ته به هن انگريزن جي لشڪر سان واهر ته ڪانه ڪئي، پر اُٽلندو سندس عملدارن کان جيڪي پنو، سو دشمن کي مدد ڏيڻ لاءِ پئي ڪيائين. هن پنهنجي لشڪر کي مواجب ڪونه ڏنو هو؛ تنهن ڪري گهڻا ماڻهو کيس ڇڏي وڃي ٽيپوءَ سان ٿيا ۽ انگريزن سان وڙهيا. هن ڍلون پنهنجن رونشن ۽ مزن تي کپائي ڇڏيون ۽ مٿس ايترو گهڻو قرض چڙهي ويو هو، جو هو لاهي ڪين سگهيو ۽ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي سندس قرض ڀري ڏيڻو ٿيو. 46 ورهيه حڪومت ڪري هو مري ويو ۽ سندس پٽ عمدة الامرا گاديءَ تي ويٺو. جڏهين انگريزن سرينگاپٽم ورتو، تڏهين هنن کي ڪاغذ هٿ آيا، جي محمد عليءَ ۽ پٽس ڳجهيءَ طرح حيدر عليءَ ۽ ٽيپوءَ ڏي لکيا ها، جن ۾ انجام ڪيو هئائون ته اسين انگريزن سان وڙهڻ ۾ توهان کي مدد ڪنداسون. ٽن ورهين جي ٿوري راڄ کان پوءِ عمدة الامرا به هن وقت چلي رهيو. هن جي حڪومت وري پڻس جي حڪومت کان به خراب هئي. هن کي پٽ ڪونه هو؛ تنهنڪري لارڊ ويلسليءَ ڪرناٽڪ انگريزن جي حڪومت هيٺ آندو ۽ محمد عليءَ جي ڀائٽين ۽ ٻين مائٽن کي وڏا مواجب جوڙي ڏنائين.

4- اِنهيءَ ريت مدراس کاتو ٺهيو. آرنڀ 1759ع ۾ ڪرنيل ڪلائيو ڪري ويو هو، جو هن اُتر سرڪار ضلعا فرينچن کان ورتا ها. لارڊ ڪارنوالس ٽيپوءَ سان پهرين جنگ کان پوءِ سنه 1792ع ۾ ملبار، سليم ۽ مدورا اُنهن ۾ گڏيا؛ لارڊ ويلسلي ڪانارا، ڪوئمبٽور، تانجور ۽ ڪرناٽڪ وٺي اُن کي پورو ڪيو. اُنهيءَ وقت لاڪر يعني سَو ورهيه تائين هن کاتي ۾ وري ڪا جنگ ڪانه ٿي آهي؛ ۽ ماڻهو خوش ۽ آسودا رهيا آهن.

5- لارڊ ويلسلي پوءِ اودهه جي نواب کي چيو ته توهين به نظام وانگر منهنجو مددي دستور قبوليو. پهريائين نواب نٿي باسيو، پر نيٺ جڏهين هن ڏٺو ته نٽائڻ مان ورندو ڪين، تڏهين مڃيائين. انگريزي لشڪر اودهه ڏي موڪليو ويو ۽ اُن جي خرچ لاءِ نواب دواب يا جمنا ۽ گنگا ندين جي وچوارو ملڪ انگريزن جي حوالي ڪيو؛ اُنهيءَ ملڪ ۽ ٻين ڪن ضلعن کي گڏي هاڻي آگرهه ۽ اودهه جا گڏيل علائقا سڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org