سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 4

16- محمد غوري

   ( 1186 عيسوي کان 1206 عيسوي تائين)

Text Box: محمد غوري
1- غزنيءَ جي تُرڪي بادشاهن ڏيڍ سَو کن ورهين تائين بادشاهي

محمد غوري

ڪئي، تنهن کان پوءِ اُنهن کي هڪڙيءَ افغانن جي قوم، جا افغانستان جي اُتر اولهه غور نالي هڪڙي ننڍي ملڪ ۾ رهندي هئي، اچي جيتيو. اُن وقت اُنهي قوم جي ماڻهن تي محمد شهاب الدين نالي بادشاهه، جو تواريخ ۾ محمد غوريءَ جي نالي سان پڌرو آهي حڪومت ڪندو هو. هو اهڙو پهلوان ۽ جنگ جو ڪوڏيو هو، جهڙو محمود غزنوي هو. هُن وانگر هِن به پنهنجي عمر اُتر هندستان تي ڪاهن ڪرڻ ۾ گذاري؛ پر هن جو مطلب رڳو دولت وارن شهرن ۽ مندرن کي لُٽي وڃڻ جو نه هو، پر ملڪ فتح ڪرڻ ۽ هن کي پنهنجو ڪري اُن تي حڪومت ڪرڻ جو مطلب هوس.

2- نَوَ دفعا پنهنجا لشڪر وٺي محمد غوري هندستان ۾ ڌوڪيندو آيو. جن شهرن ۽ مندرن کي محمود غزنويءَ جا هٿ رسي ڪين سگهيا هوا تن ۾ اچي ڦرمار مچائي ڏنائين. رُڳو بنارس ۾ ئي هزار کان به وڌيڪ مندر ناس ڪري چئن هزارن کان به وڌيڪ اُٺ خزاني سان ڏلهي ويو. هميشہ پنهنجي پرپٺ پنهنجي سپه سالار قطب کي جبري لشڪر سان ڇڏي ويندو هو ۽ هو نه فقط فتح ڪيل ڀاڱن جي سنڀال ڪندو هو پر هڪ ٻئي پٺيان نوان شهر هٿ ڪندو ويو تان جو گهڻو ڪري سارو اُتر هندستان مسلمانن جي قبضي هيٺ اچي ويو.

3- محمد غوريءَ کي ڪو پٽ ڪونه هو. جڏهن مري ويو تڏهن سندس سپه سالارن مان هڪڙو افغانستان جو ملڪ ڦٻائي ويهي رهيو. هوڏانهن وري قطب، جو ڪيترا سال هندستان جي پرڳڻن جو صوبو ٿي رهيو هو سو پاڻ کي قطب الدين (يعني مذهب جو قطب تارو) سڏائي بادشاهه ٿي ويهي رهيو.

 

17- اوائلي مسلمان بادشاهه

(1206 عيسوي کان 1526 عيسوي تائين)

1- مسلمان بادشاهن دهليءَ ۾ 1206ع کان وٺي 1526ع تائين، 320 ورهيه حڪومت ڪئي. هنن بادشاهن جا ڌار ڌار پنج گهراڻا ها: ٻانها بادشاهه، خلجي، تغلق (جي سڀ ترڪ هوا)، سيد (جي عرب هوا) ۽ لودي (جي افغان هوا ۽ پٺاڻ نالي سان پڻ ڪوٺيا ويندا هوا).

2- اُنهن سڀني سالن ۾ هندستان ۾ اڪثر هرجاءِ ويڙهه لڳي پيئي هئي. هندو راجائن ڏاڍيءَ چٽا ڀيٽيءَ ڌاران افغانن کي پاڻ ڪين سونپيو. ۽ جڏهين تڏهين تُرڪن، تاتارين، افغانن ۽ مغلن جون نيون نيون قومون ترڪستان، تاتار ۽ افغانستان کان نئي پييون ۽ افغان ۽ ترڪ، جي ملڪ ۾ ويهي ويا ها، تن سان ۽ جهونن هندو رهاڪن سان وڙهندي وڙهندي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا.

3- اِنهيءَ ڪري، جنهن ماڻهوءَ وٽ پيسا يا ڳهڻا ها، تنهن سڀڪنهن اُهي ڌرتيءَ ۾ کڏ کڻ پوُري ڇڏيا، ته متان ڪو سپاهي اُهي زبردستيءَ سان ڦُري کڻي وڃي. ڪيتريون ڀليون زمينون غير آباد رهجي وئيون ڇاڪاڻ ته غريب ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي ويا ٻيلن ۾. اُنهيءَ زماني ۾ چوڌاري ظلم ۽ زبردستي، ويڙهه ۽ خونريزي لڳي پيئي هوندي هئي. جيڪي ڏهه ٻانها بادشاهه ٿي گذريا تن مان فقط ٽي سانت سان بستري ۾ موا؛ ٻيا سڀ قتل ڪيا ويا. مطلب ته ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ وارو قصو لڳو پيو هو. جيڪي زبردست هوا تن ته غريبن تي ظلم ٻاري ڏنو.

4- اِنهن بادشاهن مان ڪي ته وري اهڙا به هوا جي ڄاوا توري نپنا هندستان ۾ ئي هوا. هنن هندستان کي پنهنجو وطن ڪري سمجهيو ۽ ملڪ جي اصلوڪن رهاڪن ڏانهن اوائلي حاڪمن جهڙي روش ڪين ورتائون. منجهائن ٻه، فيروز ۽ ناصر الدين سي ته انصاف پسند ۽ لائق حاڪم هوا، ۽ منجهن هڪ راڻي رضيه نالي پيدا ٿي جنهن ڏاڍيءَ سياڻپ سان حڪومت هلائي.

5- ڪيتريون مکيه راجپوت قومون، جمنا ۽ گنگا ندين جي وچ واري آباد ملڪ ۾ صدين کان وٺي گهر ڪري ويٺيون هيون. منجهائن ڪيترن کي ته هاڻي ترڪن ۽ افغانن پنهنجي اصلوڪي وطن مان هڪالي ڪڍيو، ۽ هو پنهنجا ٻار ٻچا ۽ سامان سرو کڻي ڏکڻ اُلهندي طرف اراولي ٽڪرين جي چوڌاري گهر ڪري ويهي رهيا. اُن وقت کان وٺي اُنهيءَ ملڪ تي نالو ئي رکيائون ”راجپوتانا“ يعني راجپوتن جو ملڪ.

 

18- اوائلي مسلمان بادشاهه (هلي پيو)

( 1206 عيسوي کان 1526 عيسوي تائين.)

Text Box: قطب الدين
ٻانها بادشاهه ۽ خلجي

قطب الدين

1- قطب الدين جڏهين ڇوڪر هو تڏهين ٻانهون هو. اُنهن ڏينهن جي مسلمانن ۾ جيڪي ماڻهو جنگ ۾ جهلبااوائلي ها، سي کٽندڙ جا ٻانها ٿيندا ها ۽ ڏوراهن ملڪن ۾ وڪامندا ها. هو زور سان مسلمان ٿيندا ها ۽ هو جو پنهنجي ملڪ ۾ ماڻهن کان پري ٿيندا ها، تنهن ڪري پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪٽنب ۽ ماڻهن کي هو پنهنجو ڪري ڀانئيندا ها ۽ اُنهن سان ايماندار رهندا ها. جي پنهنجا ٻار نه هوندا هئَن، ته ڪڏهين ڪڏهين ننڍن ٻانهن کي سندن ڌڻي پُٽيلا ڪري پاليندا ها. قطب الدين ٻانهي ڇوڪر کي اِنهيءَ ريت سندس ڌڻيءَ پنهنجي گهر ۾ پُٽيلو ڪري رکيو هو. هو وڌندي وڌندي وڏو سپه سالار ۽ نيٺ بادشاهه وڃي ٿيو. هو ٻانهن بادشاهن مان پهريون هو. هو ٻانها اِنهيءَ ڪري سڏبا ها، جو قطب الدين وانگر اُهي به اڪثر ننڍيءَ وَهيءَ ۾ ٻانها ها.

قطب منار

2- قطب الدين بهادر جوڌو ۽ ڏاهو اڳواڻ هو. پنهنجي عملدارن تي هو اهڙو مهربان هو ۽ هنن کي زمين ۽ ناڻي ڏيڻ جو اهڙو ڪوڏيو هو، جو هن کي سخي قطب ڪري سڏيندا ها. هو هندن سان ڏاڍي بيرحميءَ جي هلت ڪندو هو. هن هندن جي پنجويهن مندرن جي پهڻن سان دهليءَ جي ڀرسان هڪڙو سهڻو منارو ٺهرايو. اُهو سندس نالي ”قطب منار“ سڏبو آهي. اِهو منارو 240 فوٽ اوچو آهي ۽ دنيا ۾ جيڪي سڀني کان اوچا منارا آهن تن مان هڪ آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم بيٺو آهي.

3- قطب الدين فقط چار سال حڪومت ڪئي.  کانئس پوءِ

سلطانه رضيه

اٺ ٻانها بادشاهه ٿيا ۽ هڪ راڻي ٿي جن مريوئي ٻياسي ورهيه حڪومت هلائي. مسلمانن ۾ اِهائي هڪ راڻي، رضيه نالي ٿي گذري آهي جنهن دهليءَ ۾ ويهي راج ڪيو. کيس سلطانه ڪري ڪوٺيندا هوا، اگرچ اِهو لقب فقط مردن کي ڏنو ويندو آهي. ڏاڍي سياڻي ۽ بهادر هئي ۽ ملڪ جي ڪاروبار چڱيءَ طرح هلايائين، پر اهڙي زبردست نه هئي جو پنهنجي شوخ اميرن تي پورو ضابطو رکي سگهي. اِن ڪري ٿوري ئي وقت ۾ قتل ٿي ويئي.

علاو الدين خلجي

4- ٻانهن کان پوءِ خلجي گهراڻي جي چئن بادشاهن تيهن ورهين تائين راڄ ڪيو. سڀني ۾ طاقت وارو ۽ سڀني کان ظالم بادشاهه هو علاوالدين جنهن پنهنجي ٻڍي اسي ورهين جي چاچي جنهن کيس پُٽَ جيان پالي وڏو ڪيو هو؛ اُن کي خون ڪري تخت هٿ ڪيو. پنهنجي سپه سالار ڪافور (جو اصل هندو هو پر پوءِ مسلمان ٿيو هو) سان گڏجي، دکن تي ڪاهي، هندو راڄ چٽ ڪري، بيشمار ماڻهن کي قتل ڪري، ڪيترا مندر ڊاهي پاڻ سان اڪيچار خزانو کڻي موٽي ويو دهليءَ ڏي. مسلمانن جي اِها دکن تي پهرين ڪاه هئي. علاوالدين پنهنجي پٺيان مسلمان سپه سالار ڇڏي ويو، جن اول ته سندس صوبا ٿي دکن تي حڪومت هلائي، پر پوءِ ته بادشاهه ٿي ويهي رهيا.

 

19- اوائلي مسلمان بادشاهه (هلي پيو)

( 1206 عيسوي کان 1526 عيسوي تائين)

تغلق

1- تغلق گهراڻي جا ڪُلُ اٺ بادشاهه ٿيا، جن مريوئي ٽيانوي ورهيه حڪومت هلائي. اُنهن مان فقط به ناليرا ٿي گذريا آهن.

2- محمد تغلق هڪڙو تمام عجيب حاڪم ٿي گذريو آهي. عالم ۽ شاعر هو، دوستن ۽ عالمن تي مهربان هو ۽ کين قيمتي سوغاتون ڏيندو هو. خدا پرست ۽ بهادر هو. پر حڪومت اهڙو ردي نموني ۾ هلايائين ۽ اهڙا ته عجيب ڪم ڪيائين جو جيڪر کيس ”چريو“ ڪري ڪوٺجي ته ٺهي اچي. هڪ وڏو لشڪر سنباهي چين فتح ڪرڻ ڪاڻ موڪليائين پر اُهي سڀ ماڻهو جبلن تي ناس ٿي ويا. ويڙهين جي خرچ جي پورائيءَ ڪرڻ واسطي ڍلون وڌائي اڳي کان ڳريون ڪيائين. ڪم نصيب ماڻهن زمينون غير آباد کڻي ڇڏيون، ڇاڪاڻ جو هو اهڙيون ڳريون ڍلون ڀري نه ٿي سگهيا. تنهن تي وٺي ماڻهن جي شڪار ڪاڻ لشڪر کي حڪم ڏنائين. سپاهي ٻيلي کي چوگرد ڦري ويا ۽ جيئن جهنگلي مرن کي ماربو آهي تئن ويا غريب ماڻهن کي ماريندا.

3- ٻه گهمرا هن دهليءَ جي ماڻهن کي حڪم ڏنو ته اُتان لڏي ديوگريءَ ۾ وڃي رهن، جو 800 ميلن پنڌ تي دکن ۾ شهر آهي. اُنهيءَ شهر تي دولت آباد نالو رکيائين: ڄڻ ڪ اُنهي نالي ڏيڻ ڪري هو اُن کي دولت مند شهر ڪري سگهي ها. رستا ڪين ها؛ واٽ هئي ونڌيا جبلن ۽ گهاٽي جهنگ مان؛ پاڻي مشڪل سان لڀندو هو ۽ کاڌو به ڪو اِئين جيئن هو. جيڪي ٿورا ماڻهو اُتي وڃي پهتا، تن کي اُنهي نئين شهر ۾ رهڻ ڪاڻ جايون ڪين هيون. گهڻا ماڻهو ته واٽ تي ئي پورا ٿي ويا. جيڪي جيئرا بچيا، تن کي نيٺ بادشاهه وري دهليءَ ڏي موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو.

4- محمد تغلق جي مرڻ پڄاڻا سندس ڀائٽئي فيروز تغلق کي گاديءَ تي وهاريائون. پٺاڻ بادشاهن ۾ هو سڀني کان چڱو بادشاهه هو. هن قريب چاليهن ورهين تائين حڪومت ڪئي ۽ ملڪ سڌارڻ لاءِ گهڻو سعيو ڪيائين. هن رستا ۽ واهه جوڙايا ۽ مسافرن ڪاڻ مسافر خانا ٺهرايائين ۽ عربي ۽ پارسي سيکارڻ ڪاڻ مڪتب وڌائين. سندس قوم جي اڪثري بادشاهن کان هن ماڻهن سان چڱي هلت ڪئي. پر فيروز جهڙو بادشاهه به اڪثر هندن سان، جي پنهنجو ڌرم نه ڇڏيندا ها، تمام بيرحميءَ جي هلت ڪندو هو ۽ ڀائيندو هو ته هندڪا مندر ڊهرائي ۽ اُنهيءَ سامان مان مسلمانڪيون مسجديون ٺهرائڻ مون تي فرض آهي. هن پنهنجي حياتيءَ جي جيڪا تواريخ لکي آهي تنهن ۾ پاڻ اِنهيءَ ريت چيو اٿس.

5- پوئين تغلق بادشاهه جي وقت ۾ تاتاري ماڻهو تيمور جي هٿ هيٺ هندستان ۾ ڪاهي پيا.

 

20- تيمور لنگ

1- تغلق بادشاهن مان پوئين بادشاهه جي ڏينهن ۾ سارو ترڪستان تيمور نالي هڪڙي زور واري سردار يا بيگ جي حڪم هيٺ هو. هو ڊگهو، سهڻو ماڻهو هو، منهن ڪشادو، اکيون تيز ۽ آواز سنهون هوس. هنجون آڱريون ٿلهيون ۽ ڄنگهون ڊگهيون هيون. هو منڊو هو، ۽ سندس نالن مان هڪڙو جنهن سان هو پڌرو آهي سو آهي تيمور لنگ، جنهن جي معنيٰ تيمور منڊو. هو ترڪ هو ۽ شهر ۾ رهندڙ هو؛ پر هن جي لشڪر جا ماڻهو سڀ تاتاري ها ۽ هن کي به اڪثر تاتاري تيمور ڪري سڏيندا آهن. هو سڀاءَ جو ڏاڍو بي رحم ۽ دل جو ڏاڍو ڪٺور هو. چون ٿا ته هن جيترا ماڻهو مارايا، اوترا ٻئي ڪنهين اِنسان نه مارايا هوندا.

2- 1398ع ۾ تيمور تاتارين، ترڪن ۽ ايرانين جو هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪري طوفان وانگر اُتر اولهه وارن لڪن جي رستي هندستان ۾ لهي پيو. اُنهي ڀيانڪ وقت کان وٺي پنج سو ورهيه گذري ويا آهن، پر نه اُنهن کان پوءِ ۽ نه اڳي ڪڏهين اهڙو خوفناڪ قتل ٿيو آهي. پٺاڻ بادشاهه جنهن جي اُنهي وقت حڪومت هئي سو مسلمان بادشاهه هو؛ تنهنڪري تيمور اِئين چئي نٿي سگهيو ته سندس مطلب مسلماني مذهب پکيڙڻ جو هو. سندس جيڪو مطلب هو سو رُڳو هو لُٽڻ ۽ مارڻ جو.

3- پنهنجي تاتاري اُڙد کي وٺي افغانستان مان پنجاب ۾ آيو. هو آهسته آهسته دهليءَ ڏي ڪاهي ويو ۽ مڙهن ۽ سڙندڙن ڳوٺن ڌاران ٻيو ڪي پٺتي ڪين ڇڏيائين. جڏهين هو دهليءَ کي ويجهو پهتو، تڏهين سندس ڇانوڻيءَ ۾ هڪ لک قيدي ها ۽ جڏهين ڏٺائين ته هيترن باندين کي سڀنالڻ ڪٺڻ ڪم آهي، تڏهين پنڌرهن ورهين کان مٿي عمر وارا سڀ مارائي ڇڏيائين.

4- جڏهين هيءَ ڀيانڪ خبر دهليءَ ۾ پهتي، تڏهين سڀڪنهن ماڻهوءَ جو ڊپ کان منهن سائو ٿي ويو. پٺاڻ بادشاهه پهريائين شهر جي ڀتين اندر پاڻ کي پوري ڇڏيو؛ پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ مورکائي ڪري لشڪر وٺي ٻاهر نڪتو.

5- پوءِ ته تيمور به اچي مٿس ڪڙڪيو ۽ هن کي بلڪل شڪست ڏنائين. پنجين ڏينهن تائين بي رحم تاتاري شهر ۾ پئي گهميا ۽ ماڻهو پئي ماريائون ۽ سندن گهر پئي ساڙي چٽ ڪيائون. پوءِ باندين جا ميڙ ۽ لُٽ جا ڀريل بار ساڻ وٺي هماليه جبلن جي پايه سان پتي موٽي پنجاب ڏي ويا ۽ ڪابل جي رستي ترڪستان ڏي وري ويا.

6- دهليءَ کي چٽ ۽ ناس ڪري ڇڏيائين. تيمور هندستان ۾ رڳا پنج مهينا هو. هن جو اچڻ خوفناڪ سپني وانگر گذري ويو؛ پر بي رحم نَڪ مِڻا ۽ ڪنا تاتاري ۽ سندن منڊو ۽ ڄانگهو، شوخ مهانڊي، تيز اکين ۽ سنهي آواز وارو سردار هندستان جي ماڻهن کان گهڻن ڏينهن تائين ڪين وسريو.

 

21- تيمور کان پوءِ هندستان

1- تيمور هندستان ڇڏي ويو، تنهن کان پوءِ ٿوروئي وقت گذريو ته پوئين تغلق بادشاهه وفات ڪئي. انهيءَ تي هڪڙيءَ سيدن جي آڪہ، جا عربن جي نسل مان هئي، سا تخت ڦٻائي ويهي رهي. اِنهيءَ گهراڻي جا ڪُلُ چار بادشاهه ٿيا جن مريوئي ڇٽيہ ورهيه حڪومت هلائي.

2- اِنهيءَ کان پوءِ هڪ افغان (پٺاڻ) گهراڻو شروع ٿيو جو ڪوٺيائون لودي گهراڻو. اِنهيءَ گهراڻي جي ٽن بادشاهن ڇاهتر ورهيه راڄ ڪيو پر اِنهن جي حڪومت فقط دهلي، آگره ۽ ڀروارن ٽُڪَرَنِ تي هئي.

3- پنجاب ۽ بينگال ۾ اوائلي مسلمان بادشاهن جون حڪومتون هيون. جونپور (اوڌ ۽ الہ آباد جي چوڌاري ملڪ) وري هڪ ٻئي مسلمان بادشاهه جي هٿ هيٺ هو. راجپوتانا ٻن حڪومتن ۾ وراهيل هو. اراولي جي ٽڪرين اُڀرندي طرف جمنا ۽ نربدا ندين جي وچ وارو سهڻو ملڪ، جو مالوا ڪري سڏبو هو، اُن ۾ اگرچ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ