سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 18

 

لارڊ هارڊنج

 

4- فرمان فرماءِ لارد هارڊنج به شهنشاهه جي پاران اِهو اعلان ڪڍيو ته آئيندي، وڪٽوريا ڪراس، جو، جنگ جي ميدان ۾ بهادري ڏيکارڻ لاءِ وڏي ۾ وڏو انعام آهي. سو نه رڳو انگريزي سپاهين کي، پر هندستاني سپاهين کي به ڏنو ويندو. اِنهيءَ وڏي درٻار ۾، جنهن جهڙي شاندار درٻار دهليءَ جي شهر ۾ ڪا ورلي ٿي هئي، تنهن ۾ اِٽڪل لک هندستان جا ماڻهو، راجائون، سردار ۽ شهزادا حاضر هوا، جن وڏي خوشيءَ سان شهنشاهه جي ڀليءَ ڀت آجيان ڪئي. گهڻني ماڻهن ته خوشيءَ وچان روئي به ڏنو ۽ لکين ماڻهو، جن بادشاهه ۽ راڻيءَ کي دهلي، ڪلڪته يا بمبئي ۾ ڏٺو، سي سڄي ڄمار اِنهيءَ ڏينهن کي ياد ڪندا ايندا، جنهن ڏينهن کين سندن رحمدل شهنشاهه ۽ راڻيءَ جو درشن نصيب ٿيو.

جارج پنجون شاهنشاهه هند

 

5- لارڊ هارڊنج جنهن 1910ع کان 1916ع تائين هندستان ۾ فرمان فرماءِ ٿي راڄ ڪيو، سو عام ماڻهن کي ڏاڍو پسند هو. هن هڪڙي ڪميشن مقرر ڪئي ته سڄي هندستان جو گشت ڪري صلاح ڏين ته “Public Services” يعني عام نوڪرين کي سڌارڻ ۽ منجهن وڌيڪ هندستانين کي داخل ڪرڻ ۾ ڪهڙا اُپاءَ وٺجن ۽ ڪهڙي ريت جايون ڏنيون وڃن. هن به ماڻهن جي حالت کي بهتر ڪرڻ ۽ کين وڌيڪ سٌڪول، وڌيڪ اسپتالون، بهتر رستا ۽ ريلوايون ڏيڻ جي حتي المقدور ڪوشش ڪئي. سندس عمدي ڪم جي حتي المقدور ڪوشش ڪئي. سندس عمدي ڪم جي وچ ۾ آگسٽ 1914ع ۾ دنيا جي مهاڀاري لڙائي لڳي. هو موٽي اِنگلنڊ ويو ۽ سندس جاءِ 1916ع ۾ لارڊ چيلمسفورڊ ورتي.

 

83- هندستان مهاڀاري لڙائي ۾

     ( 1914ع -1918ع )

1- تواريخ ۾ هن جهڙي مهاڀاري لڙائي ڪڏهين ٻڌڻ ۾ نه آئي. ڪل 30 ڪروڙن کان مٿي ماڻهن، جي هر ڪنهن جدا جدا قوم مان آيل هئا، بهر ورتو. هڪڙي پاسي کان هئي جرمني، آسٽريا، ٽرڪي ۽ بلگيريا، جن کي “Central power” يعني وچولي ملڪن جون طاقتون ڪري ڪوٺيون ويون. ٽرڪي پهريائين جنگ ۾ شامل نه هئي، پر سگهوئي پوءِ جرمنيءَ کيس لالچاڻي پاڻ سان شامل ڪيو. ٻئي پاسي وري هوا اِنگلنڊ، فرانس، اِٽلي، بيلجم، يونان، آميريڪا جون گڏيل رياستون ۽ ٻيون ڪيئي ننڍيون قومون. اِنهن مڙني کي ڪوٺيو ويو ”طرفدار“.

2- جرمني ته گهڻنئي ڏينهن کان تياريون ڪندي آئي هئي. لکين سپاهين جا وڏا لشڪر، مضبوط جنگي جهاز، هزارين توبون، جن جهڙيون دنيا ۾ ڪڏهين نه ڏٺيون ويئون هيون ۽ ٻئي هر ڪنهن قسم جو سرو سامان موجود هون؛ پر سڀ تياريون اِهڙي ڳجهي دستور ڪيون هئائون جو ڪنهن کي به پتو ڪونه پيو.

3- سندس رٿ هئي ته فرانس تي ڪاه ڪري پئرس وٺي، اِنگلنڊ تي ڪاهجي. کين خبر هئي ته اِنگلنڊ کي ڪو وڏو لشڪر ڪونهي ۽ نڪي ڪي وري جنگي سامان سرو تيار رکيل هون. ڇو ته هوءَ صلح پسند قوم آهي ۽ جنهن کي ٻئي کي ايذاءَ رسائڻ جي ڪابه خواهش نه هئي. سو جرمنيءَ پئي سمجهيو ته اِنگلنڊ کي فتح ڪرڻ ڪو سولو ڪم آهي. سندن ٻيو مطلب اِهو به هو ته يورپ کي فتح ڪري سڄي دنيا کي هندستان سميت تابع ڪجي. آمريڪا جي گڏيل رياستن پهرين ئي ته جنگ ۾ ڪوبه بهرو نٿي ورتو. سمجهائون ته اُڀرندي دنيا جي اڌ ۾ لڙائي جو ساڻن ڪوبه تعلق ڪونهي. پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ اِهي اچي طرفدارن سان شامل ٿيا.

4- جڏهين سڀ ڪم راس ٿي ويو، تڏهين آسٽريا اچي سربيا جي ننڍي ملڪ تي حملو ڪيو. هوڏانهن جرمنن وري ڪوشش ڪئي ته بيلجم جي ملڪ مان زوريءَ لنگهي فرانس ۾ ٽپي پئون. جرمن مهندارن اِئين به چيو ته ڏهن ڏينهن ۾ اسين هلي پئرس ڀيرا ٿينداسون.

5- بيلجم جي بادشاهه اِنگلنڊ کي مدد ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي ۽ پنهنجي ننڍي، پر بهادر لشڪر سان جرمنيءَ جي شاهي لشڪر کي سامهون ٿي، ڀريا ٻه مهينا کين روڪي بيٺو، جنهن ڪري اِنهي وقت ۾ انگريزن کي وقت ملي ويو جو فرينچن کي مدد ڏيڻ لاءِ اچي سهڙيا. جيتوڻيڪ اِنهيءَ مُدي اندر بيلجم جو سڄو ملڪ تلف تاراج ٿي ويو، ته به اِئين چئبو ته بيلجم جي بهادر سپاهين پنهنجو ڪم پورو ڪري پنهنجي طرفدارن کي بچائي وڌو. جنگ جي پڇاڙيءَ تائين بيلجم جو بادشاهه ۽ سندس رهيل کوهيل لشڪر پنهنجي ملڪ جي ننڍڙي ڪنڊ مضبوط جهليو بيٺا هوا.

6- انگريزن جو اٽڪل 200000 ماڻهن جو ننڍو لشڪر هو، جنهن کي جرمنيءَ جو قيصر چوندو هو ”ڪين جهڙوڪ لشڪر“. پر جرمنيءَ جو انگريزن کان ويهوڻو لشڪر، اِنهيءَ انگريزي لشڪر جي قطار کي ڀڃي، جيئن اُميد ڪئي هئائين تيئن، پئرس اندر پير پائي ڪونه سگهيو. باقي انگريزن جا ڪي تمام ٿورا

لارڊ ڪچنر

 

سپاهي وڃي بچا هوا، جي فرينچن جي مدد سان ايڪر ٻيڪر محڪم بيٺا رهيا، جيستائين مدد اچي سهڙي.

7- لارڊ ڪچنر جو هندستان ۾ ڪمانڊر ان چيف هو، سو هن وقت اِنگلنڊ ۾ ڪمانڊر اِن چيف ٿيو هو. هن، جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد، توبون ۽ ٻيون جنگي سامان تيار ڪري فرانس ڏانهن روانو ڪيو. انگريزن جي سڄي قوم لشڪر ۾ گهري پيئي ۽ سال جي اندر سڄا ڏهه لک ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ ڏسڻ ۾ آيا. ٿوري ئي وقت ۾ ٻيا ڏهه لک تيار ٿيا، تنهن کان پوءِ ٽيان ڏهه لک، تان جو ايڏو وڏو لشڪر ٺاهي وڌائون جو جهڙس اڳي ڪو ٻيو اِنگلنڊ کڙو ڪري نه سگهيو هو. هاريءَ پنهنجون ٻنيون ڇڏي ڏنيون، ريڍار پنهنجون رڍون ڇڏي ڏنيون، منشيءَ پنهنجي آفيس، دڪان يا بئنڪ کي طلاق ڏني ۽ شاگردن پنهنجي ڪاليجون ترڪ ڪيون. مطلب ته 17 ورهيه جي ڇوڪر کان 50 ورهيه جي پوڙهي تائين، لکها ماڻهو پنهنجي روزمره جي ڌنڌي کي پاسيرو رکي سکيا جي ڇانوڻين ۾ داخل ٿيا، جتي کين ڪسرت ڪرائي ويئي ۽ جنگي سکيا ڏيئي فرانس ۾ موڪليو ويو. سڀني قومن جا ماڻهو، امير، نواب ڊيوڪ، اَرل، لارڊن جا پٽ، پرنس آف ويلس جي رهبريءَ هيٺ توڙي وچولن ۽ هيٺين درجن جا به ماڻهو جنگ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا. سندن جڳهيون سندن استرين، ڀينرن ۽ ڌيرن ورتيون. اِنگلنڊ جون زالون هر ڪاهڻ، اَن لڻڻ ۽ دڪانن، آفيسن ۽ بئنڪن ۾ ڪم ڪرڻ لڳيون يا ڪارخانن ۾ وڃي توبون، باروت، بم گولا ۽ ٻيون جنگ ۾ گهربل شيون جوڙينديون هيون. هزارها ته رڳو ڦٽيلن سولجرن کي ملم پٽي ڪرڻ لاءِ اِنگلنڊ ۾ فرانس جي لشڪر جي اسپتال ۾ وينديون هيون.

8- اڃا جنگ جون خبرون ماڻهن کي پهتيونئي مس هيون ته برٽش سلطنت اندر سڀني بيٺڪن جهڙو ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلنڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سلطنت اندر ٻين سڀني ملڪن ماتر ڀوميءَ جي مدد لاءِ ماڻهو. پئسو ۽ مال اِنگلنڊ ڏانهن روانو ڪيو.

9- هندستان به مدد ڏيڻ جي اُتساهه ۾ برٽش سلطنت اندر ڪنهن به ملڪ کان گهٽ ڪين پيو. هندستان جي اٽڪل 700 سردارن ۽ شهزادن مان هر هڪ پنهنجي خذمت گذاري، ترار، ماڻهو ۽ پئسو شهنشاهه اڳيان رکيا. سڄي برٽش هندستان اندر ميٽنگون ڪيون ويون ۽ سڀني ڳالاهيندڙن جو اِهو رايو هو ته سلطنت کي بچائڻ لاءِ اِنگلنڊ کي دل و جان سان مدد ڏيڻ گهرجي.

10- سڀني شهزادن، جن جنگ جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ عرض ڪيو تن مان وائسراءِ رڳو ڏهه وڏا سردار ۽ گهڻائي ننڍا سردار چونڊيا. اِنهن مان جوڌپور، بيڪانير، پٽيالا، رتلام ۽ ڪشنڳره جا راجائون هئا. سندن مٿان راٺور گهراڻي جي ٻڍي شاندار راجپوت سورمي سر پرتاب سنگه کي (سپہ سالار ڪري) مقرر ڪيو ويو. هو اِن وقت 70 ورهين کان به مٿي عمر جو هو. پهريائين عمر جي ڪري وائسراءِ چونڊيس ئي نٿي، پر هن سورمي چيو ته ”ڇا جنگ هجي ۽ مان اُن ۾ نه هجان! پنهنجي شهنشاهه لاءِ وڙهڻ ۾ آءٌ پنهنجو حق گهران ٿو. منهنجا سائين سيگهه ڪر ۽ مون کي جلد موڪل ڏي؛ آءٌ انڪار نامي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان“. لارڊ هارڊنج کيس موڪل ڏني. هو جوڌپور رياست جو سنڀاليندڙ هو ۽ چترال ۽ تير جي سرحدي قومن ۾ جيڪي جنگيون ٿيون هيون  تن ۾ هن بهرو ورتو هو، چئنا سان جنگ ٿيڻ وقت به هوُ جوڌپور جي نيزي بازن جو سئناپتي هوُ ۽ هينئَر طرفدارن جي لشڪر جو جنرل مقرر ڪيو ويو. ساڻس گڏ سندس ڀائٽيو جوڌپور جو نوجوان ۽ سهڻو 16 ورهين جو نينگر مهاراجا ساڻس گڏ ويو.

 

سر پرتاب سنگه

 

11- حيدرآباد، ميسور، گواليار، انڊور، برودي ۽ ڪشمير جي راجائن ۽ قلات جي خان پڻ لشڪر لاءِ ماڻهو، گهوڙا، اُٺ، توبيون ۽ پيسا موڪليا. هندستان جي ٻاهران نيپال جي راجا ۽ ٿٻيٽ جي دلائي لاما پڻ پنهنجي طرفدار، هندستان جي شهنشاهه کي ماڻهن ۽ پيسي جي مدد ڏني.

نظام

 

12- 1914ع جي آگسٽ جي چوٿين تاريخ جنگ جو نقارو وڄايو ويو ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ڌاري، برٽش هندستان لشڪر جون پهريون ٻه ٽوليون فرانس ۾ پهتيون. منجهس انگريزي توڙي هندستاني ريجيمينٽون سر جيمس ولڪاڪس جي هٿ هيٺ هيون، جو هنن جو ڪمانڊر اِن چيف هو. رڳو هو سو 24000 ماڻهن جو ٺهيل ننڍو لشڪر، پر هر هڪ ماڻهو جوڌو جوان هو. اِنهيءَ هندستان لشڪر ۾ هندستان جي جنگي قومن جا پهلوان چونڊ ماڻهو هوا. پهلوان راجپوت، سروما سک، قداور پنجابي مسلمان، ڪارين ڏاڙهين سان پٺاڻ، کلمکه ڇوٽا گورکا ۽ گراهوالس، مضبوط ڊوگرا ۽ جاٽ ۽ دلاور ۽ جانٺا مرهٽا سڀ اُتي حاضر هوا. برٽش ۽ هندستاني سولجر سڀ هڪ ٻئي ۾ رفيق ۽ جنگي ڀائر هوا ۽ سڀ خواهشمند هوا ته ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي لڙون ۽ جي ضرورت پوي ته پنهنجي ملڪ ۽ شهنشاهه لاءِ گڏجي سر قربان ڪريون. خوفناڪ دشمن سان لڙڻو هو ته به کين پائيءَ جو به ڊپ ڊاءُ ڪونه هو.

13- اڳين جنگين جن ۾ هو وڙهيا هئا، سي هن خوفناڪ جنگ جي مشابهت ۾ ٻاراڻيون رانديون هيون. هن کان اڳ ۾ جيڪي جنگيون لڳيون هيون سي يا ته زمين جي رستي لڳيون هيون يا ته سمنڊ جي. پر هن جنگ ۾ ماڻهو نه رڳو سمنڊ تي وڙهيا ٿي پر پڻ سمنڊ جي هيٺ ”سب مئرينس“ زير آبين جي وسيلي يعني ته اُنهن جهازن جي وسيلي جي سمنڊ جي تري ۾ مڇين وانگر هيڏانهن هوڏانهن اچي سگهيا ٿي يا سمنڊ جي مٿان پکين جيان، اِئين پئي تريا جيئن پکي هوا ۾  ترن. زمين هيٺان ٽنيلن ۽ کاڻين ۾، ۽ زمين مٿان هوائي جهازن ۾، جيڪي هوا مان هزار فوٽ مٿي گاڏيءَ جي رفتار کان به تکو ڊوڙي سگهن ٿا، لڙڻو پين ٿي. اهڙا به ڪيترائي وقت آيا ٿي جنهن ۾ دشمن نظر نٿي اچي سگهيو. مئلها پري هئا ته به اهڙين توبن جي وسيلي گولاپي ڇوڙيائون جي نظر کان بلڪل غائب هيون يا ته ڪڪرن کان به گهڻو مٿي بيهي، هيٺان لشڪر تي بم گولا پي اُڇلايائون. هندستاني لشڪر کي جي ڏک ڏوجهرا سهڻا پيا سي هنن ڪڏهن به ڪين سٺا هئا. ڀلا ملڪ هون پرائو، آب هوا، ماڻهو ۽ اُنهن جون عادتون سڀ سندن لاءِ نيون ۽ عجيب هيون، ٻولي به سندن ڳالاهي نٿي سگهيا، اُتر جون هوائون، برف، مٽي ۽ مينهن ته باقي به رڻ ٻاري ڏنوهون، پر مڙس هٽجڻ جا نه هئا. دلين ۾ ڪو ذري ماتر ڊپ هجين سو اصل نه.

14- جڏهن سر پرتاب جي گوديلي پٽ ايدر جي راجپوت نواب کان ڪنهن فرينچ عملدار پڇي ته خبر اٿيئي ته هيءَ جنگ ڇا جي لاءِ ڪئي ويئي آهي؟ تڏهين جواب ڏنائين ”خبر اٿم ته هيءَ جنگ حق جي ويڙهه آهي، هندستان پنهنجو قرض ادا ڪرڻ ٿو چاهي، ۽ ڄاڻي ٿو ته انگريزي سولجرن سان هم شريڪ ٿي، پنهنجي شهنشاهه سان وڙهڻ ۾ ئي سندس فرض جي پالنا آهي. هندستان کي ساراهڻ جو ڪوبه ضرور نه آهي، ڇو ته فرض ادا ڪرڻ ۾ ئي اسان جي عزت آهي. اسان کي فخر آهي ته شهنشاهه اسان کي ويڙه ڪرڻ لاءِ ڪوٺ ڪئي آهي. اسين سڀ هتي آيل خوش آهيون، پر جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن سي دل شڪستا ٿي پيا آهن، جون کين نه ورتو ويو. اسين، اسان جا ماڻهو اسان جون ترارون، اسان جو پيسو ۽ اسان جي سڀ مِلڪ آهي شهنشاهه سلامت جي. هي عمدو وقت آهي مرڻ جو. پاڪ، ۽ انصاف واري ڪم ۾ وڙهي مرڻ شانائتو ۽ تحسين جوڳو ڪم آهي. جنگ ۾ مرڻ موت نه آهي، ڇو ته اسان جا نالا سدائين لاءِ قائم رهندا.“

مهاراجه ميسور

 

15- جيڪي هندستان جي لشڪر فرانس ۾ ويڙهون ڪيون يا جيڪا اَمر سورمائيءَ جا ڪم هنن جنگ جي ميدان ۾ ڪيا سي هن ننڍي ڪتاب ۾ درج ٿيڻ مشڪل آهن. وڏي ۾ وڏو انعام جنگ جي ميدان ۾ آهي وڪٽوريا ڪراس، جو هيل تائين برٽش سپاهين کي ڏيڻ ۾ آيو هو، سو هن جنگ ۾ يارهن هندستانين کي عطا ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org