لارڊ لٽن
80-
هندستان مهاراڻيءَ جي هٿ هيٺ ٻيا پنج فرمان فرما
1877(ع
-1901ع)
1- لارڊ لٽن (1876ع
-1880ع)
دهليءَ ۾ هڪ وڏي درٻار ڪئي. اعلان نڪتو ته راڻي
وڪٽوريا قيصر
هند سڏي وڃي. شهنشاهه لفظ جي معنيٰ آهي بادشاهن جو
بادشاهه. شهنشاهه گهڻني ملڪن جي بادشاهن جو بالا
حاڪم آهي. اِهو ئي سبب آهي جو اسين مغلن کي
شهنشاهه ڪري ڪوٺيندا آهيون ڇاڪاڻ ته هو ڪيترن ملڪن
جا والي هوا ۽ گهڻني راجائن، شهزادن ۽ نوابن جا
بالا حاڪم هوندا هئا؛ تنهنڪري برٽش سلطنت جي حاڪم
کي اِهو خطاب پوري پوري طرح ٺهڪي اچي ٿو. اسان جو
بادشاهه جارج پنجون مثال طور کڻي وٺو، ته اِنگلنڊ
جو حاڪم آهي پر هنِدستان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جو،
برٽش سلطنت اندر، شهنشاهه آهي.
2- پهرين جنوري 1877ع ۾ دهليءَ ۾، وڏي شهنشاهي
اسيمبلي ڪٺي ٿي جنهن ۾ هندستان جا سڀ شهزادا فرمان
فرما جي اڳيان راڻي صاحبه لاءِ فرمانبرداريءَ جو
اظهار ڪرڻ آيا. هو سڀئي پنهنجا جهونا جهيڙا ۽
جهڳرا وساري، شاهي درٻار اندر، راڻيءَ جي
فرمانبردار رعيت ۽ برٽش سلطنت اندر شهزادا ٿي،
درٻار جا جاءِ نشين ٿيا.
3-
دکن ۽ ڏکڻ هندستان ٽن سالن 1876ع
،1877ع،
1878ع ۾ برسات پيئي ڪونه ۽ سڄا ٻه سال سانده موسمي
مينهن نه پوڻ ڪري ڀيانڪ ڏڪار اچي پيو ۽ پنجاهه لک
ماڻهو مري ويا. رعيت جي بکايل ماڻهن کي مدد ڪرڻ ۾
سرڪار پاڻ وسون ڪونه گهٽايو؛ هندستان جي اُنهن
ڀاڱن ۾ جتي ڏڪار هو اُتي ٻين ملڪن مان جتي ڏڪار نه
هو، سمنڊ ۽ ريل جي رستي اَن جا وڏا انبار آڻي اچي
ڪٺا ڪيائون. ڏڪار وقت ماڻهن کي کارائڻ ۾ سرڪار کي
ڏهه ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻا پيا. لکن ماڻهن جون
حياتيون اِنهيءَ ڪري بچي پييون. هن وڏي ڏڪار کان
پوءِ سڄي هندستان ۾ وڌيڪ ريل جا رستا ٺهيا،
اِنهيءَ لاءِ ته وري هندستان جي ڪنهن به ڀاڱي ۾
ڏڪار پئجي وڃي ته اوڏانهن اَن پهچائي سگهجي.
4-
هن وقت ڌاري شير عليءَ ڪابل ۾ هڪڙي روسي عملدار کي
ايلچيءَ طرح رهڻ ڏنو، مگر گورنر جنرل جي طرفان
انگريزي عملدار جو دوستاڻيءَ طرح موڪليو ويو هو،
تنهن کي اُتي رهڻ نه ڇڏيائين. هن مان هو اِها
ڏيکاري ڏيئي چڪو ته جي روسي کڻي هندستان تي ڪاهين
ته آءٌ اُنهن جو مددگار ٿيندس ۽ آءٌ انگريزن جو
دوست نه آهيان، پر جيڪيسو دشمن. هن سان ويڙهه لڳي
۽ انگريزي لشڪرن افغانستان تي ڪاهيو. شير علي،
رشيا جي ترڪستان ڀڄي ويو، جتي مري ويو. يعقوب خان،
جو پيءُ جي جاءِ تي امير ٿيو هو، انگريزن سان
عهدنامو ڪيو. پر جڏهين سر ايل ڪيوانري هڪڙي
انگريزي آفيسر ملاقات لاءِ ڏانهس موڪليو ويو،
تڏهين سندس افغان سپاهين هن عملدار ۽ سندس خاص
حفاظتي فوج کي ماري وڌو. پوءِ يعقوب خان ڪابل جي
گادي ڇڏي ڦٽي ڪئي ۽ هو هندستان ڏي موڪليو ويو.
لارڊ رپن
5-
لارڊ رپن (1880ع
-1884ع
) ستين فرمان فرماءِ اچي افغان جنگ جي پڄاڻي ڪئي.
اَيوب خان،
يعقوب خان جي ننڍي ڀاءُ گاديءَ وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪئي،
پر جنرل رابرٽش (پوءِ لارڊ رابرٽس) ڪابل کان قنڌار
ڏي ڪاهي آيو ۽ هن کي ڀڄائي ڇڏيائين. حقي وارث
عبدالرحمان، افضل خان جو وڏو پٽ هو. هن کي
افغانستان جو امير ڪيو ويو. هو 1901ع ۾ مري ويو ۽
سندس پٽ حبيب الله جوڪ انگريزن جو گهرو دوست ۽ هم
رفيق هو، تخت تي ويٺو. 1919ع جي شروعات ۾ حبيب
الله کي سندس ماڻهن ماري ڇڏيو ۽ سندس ٽيو نمبر پٽ
اَمين الله خان افغانستان جو امير پڌرو ڪيو ويو.
6- هندستان جي ماڻهن تي لارڊ رپن ڏاڍو مهربان هو،
تنهن ڪري هو به ماڻهن کي تمام گهڻو وڻندو هو.
اسان ڏٺو آهي ته ڪيئن نه سر چارلس ميٽڪاف
”ورنيڪولر پريس ائڪٽ“ جوڙيو، جنهن موجب هندستان جي
اخبارن کي آزادگي ڏني ويئي، ته پنهنجي مرضي انوسار
ڪي به لکن، بشرطيڪ ڪنهن کي به نه ڏکوئين. لارڊ لٽن
جي ڏينهن ۾ اِهو ائڪٽ ڪن اخبارن چڱيءَ طرح ڪتب نه
لاتو، اِنهيءَ ڪري لارڊ لٽن اِنهيءَ کي رد ڪري
ڇڏيو. لارڊ رپن وري لارڊ لٽن جي ائڪٽ کي منسوخ ڪري
پريس کي پوري پوري آزادگي ڏني ۽ اِهو اعلان ڪڍيو
ته جيڪڏهين ڪابه اخبار قاعدي ۾ ڀڃڪري وجهندي ته
اُن تي قاعدي جي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويندو ۽ ڏوهي
ثبات ٿيڻ تي سزاياب ڪيو ويندو.
7- لارڊ رپن هندستانين کي وڌيڪ ”سيلف گورنمينٽ“
(مڪاني خود حڪومت) ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لوڪل بورڊن،
ميونسپالٽين، ٽائون ڪائونسلن، ضلع ۽ تعلقه لوڪل
بورڊن، ۾ نئين سر حياتي ڦوڪي. هن وقت ته گهڻيئي
شهر پنهنجا ماڻهو پاڻ چونڊين ٿا ته پنهنجن ڪمن
ڪارين جي سنڀال پاڻ لهن ۽ محصولن مان جيڪي پئسا
ٿين سي رستن، جاين، اسپتالن، سڪولن وغيره بلي خرچ
ڪن. لارڊ ميئو اسان ڏٺو ته ڪيئن نه ساڳي طاقت هر
ڪنهن پرڳڻي کي ڏني.
8- هن وقت 700 کان مٿي ميونسپالٽيون آهن جن ۾ اٽڪل
10000 ميمبر آهن جي پنهنجا محصول پاڻ وجهندا آهن،
پنهنجا خاص مڪاني قاعدا جوڙيندا آهن ۽ پنهنجي ملڪ
جي آمدني پاڻ خرچيندا آهن. 1150 کان مٿي لوڪل ۽
ضلع بورڊ ۽ 400 کان مٿي يونين پئنچايتون آهن
(مدراس ۾)، جن ۾ اٽڪل 17000 ميمبر آهن جن کي خود
حڪومت جون ساڳيون ئي طاقتون آهن.
9- لارڊ رپن خانگي ماڻهن جي کوليلن سٌڪولن کي پڻ
گرانٽون ڏيئي خرچ جي حصي ۾ ڪجهه مدد ڏني. ٿوري وقت
۾ جتي ڪٿي ڪئين سٌڪول کوليا ويا. هندستان ۾ ٻاهران
آيل سامان تي جو اُن وقت تائين محصول پوندو هو سو
اڪثر ڪري سڀ ڪڍي ڇڏيائين. اِنهيءَ ڪري سامان
سهانگو ٿيڻ لڳو ۽ واپار جو به واڌارو ٿيو.
لاردن ڊفرن
10-
1881ع ۾ ميسور، جو 50 ورهيه ساندهه برٽش عملدارن
جن کي ”ميسور ڪميشن“ ڪوٺيو ويندو هو، جي هٿ هيٺ
رهندو آيو هو، سو اڳئين راجا جي گوديلي پٽ راجا
چمرا جندرا کي ڏنو ويو، ڇو جو هو هينئَر بالغ ٿيو
هو. اِهو ڪم راڻي وڪٽوريا جي 1858ع
واري اعلان موجب ٿيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ڪو به
هندستاني شهزادو پٽ نه هئڻ سبب گوديلو پٽ ڪري
سگهيو ٿي.
11- لارڊ ڊفرن (1884ع
-1888ع
) اٺون فرمان فرما ٿي گذريو آهي. سندس اچڻ کان
ٿوروئي پوءِ
اُتر برما جي راجا ٿيبا، جنهن پنهنجي ملڪ ۾ تمام
خراب طرح حڪومت ڪئي هئي، انگريزن سان ويڙهه ڪئي.
هڪڙو ننڍڙو لشڪر ساڻس سامهون ٿيڻ ڪاڻ موڪليوويو ۽
هو اُٿي ڀڳو. 1886ع ۾ اُتريون برما ٻيءَ برٽش برما
سان گڏي ڇڏيائون ۽ ٿيبا کي مواجب ٺهرائي ڏنائون ۽
هندستان ڏي ڏياري موڪليائونس ته اُتي وڃي رهي.
برمي ڊاڪن جون ٽولين پٺيان ٽوليون ماري مات ڪيون
وييون ۽ اُترين برما جي حڪومت جي ڪاروبار ڏاکاڻي
برما ۽ هندستان جي ٻي ڀاڱي وانگر هلي.
12- هِنَ فرمان فرما جي زال، ليڊي ڊفرن، جي مدد
سان هندستان جي زالن لاءِ اِنگلنڊ مان ڊاڪٽرياڻيون
آيون. هندستان ۽ اِنگلنڊ ٻنهي ملڪن ۾ هن ڪم لاءِ
ماڻهن گهڻا پيسا ڏنا ۽ اُنهن پيسن جو هڪڙو فند
ٺاهيائون، جنهن کي ليڊي ڊفرن فنڊ ڪري ٿا سڏين.
اِهو سڄو ڪم راڻي وڪٽوريا جي مدد ۽ صلاح سان ڪيو
ويو.
13- 1886ع ۾ گواليار جي رياست جي راجا سنڌيا کي،
گواليار جو مشهور قلعو جو ڪئپٽن پوپهام 1780ع ۾
انگريزي سپاهين جي مدد سان هٿ ڪيو هو، موٽائي ڏنو
ويو. اِهو ڏيکاري ٿو ته ڪيئن نه وائسراءِ ديسي
راجا ۾ ڀروسو رکيو ٿي.
14- 1885ع ۾ ديسي قومي ڪانگريس جي پهرين ميٽنگ
يعني اجلاس ڪوٺائي ويئي. اِنهيءَ ڪانگريس جو پايو
1883ع ۾ مسٽر اي- او- هيوم نالي هڪڙي انگريزي
سِوِلين وڌيو، اِنهيءَ لاءِ ته پڙهيل هندستاني
گڏجي ويچار ڪري راءِ ڏين ته برٽش هندستان جي سرڪار
وقت به وقت ڪهڙا وڌيڪ سڌارا ۽ وڌارا ڪري جو ملڪ کي
فائدو رسي. اُنهيءَ وقت کان وٺي سال بسال هڪ نه ٻي
مکيه شهر ۾ ڪانگريس ٿيندي پئي آئي آهي.
15- 1882ع ۾ ايجپٽ ۾ برٽش لشڪر موڪليو ويو جنهن ۾
هندستاني لشڪر به شامل هو. ڪيرو هٿ ڪيو ويو ۽ ساڳي
سال لشڪر موٽي هندستان ۾ آيو. اِهو پهريون ئي دفعو
هو جو هندستاني سپاهي برما جي جنگ کان سواءِ،
هندستان کان ٻاهر شهنشاهت لاءِ وڙهڻ واسطي موڪليا
ويا هئا.
16- لارڊ لئنسڊائون (1888ع
-1894ع
) نائون وائسراءِ ٿي گذريو آهي. 1890ع ۾ آسام جي
ننڍي رياست مانيپور جي سردارن پنهنجي راجا کي
گديءَ تان لاهي ڇڏيو، جو اُٿي ڀڳو ۽ تختگاهه ۾ جي
انگريز عملدار هئا، تن مٿان اچي حملو ڪيائون ۽
ڪيترني انگريزي عملدارن کي ماري وڌائون. اُتي لشڪر
موڪليو ويو ۽ مانيپور جي سردارن کي شڪست ڏني ويئي.
جيڪي خون جي تهمت جا ڏوهي هئا تن کي ڦاسيءَ تي
چاڙهيو ويو، ۽ شاهاڻي ڪٽنب جو ننڍو ڇوڪرو مانيپور
جو راجا ٿاڦيو ويو.
لارڊ لئنسڊائون
17-
لارڊ لئنسڊائون هندستان جي اُتر اولهه سرحدن کي
مضبوط ڪرڻ ۽ ڪاهن کان سلامت رکڻ جي هرڪا ڪوشش ڪئي.
بلوچستان کي ”پروٽيڪٽيڊ سٽيٽ“ ڪيو ويو. قلات جي
خان کي موڪل ڏني ويئي ته ڀل هندستان جي شهزادن جي
ياداشت ۾ ليکجي. جبلن ۾ جيڪي لنگهه آهن تن وٽ قلعا
ٺهرايا ويا ۽ اُنهن ڏانهن نوان رستا ۽ نيون
ريلوايون کوليون وييون، اِنهيءَ لاءِ ته گهرج جي
وقت لشڪر سولائيءَ سان موڪلي سگهجي.
18- هن وائسراءِ جي وقت ۾ 1892ع واري اِنڊيا
ڪائونسل ائڪٽ موجب هڪڙو ضروري سڌارو ڪيو ويو.
1861ع جي اِنڊين ائڪٽ کي پاس ٿئي 30 سال نبري ويا
هئا، جنهن موجب ليجسليٽو ڪائونسلون ٺاهيون وييون
هيون. منجهس هندستاني ميمبر مقرر ڪيا ويا هئا.
اُهي سڀ قابل ۽ سرڪار جا چونڊيل ماڻهو هوا.
اُنهنجي صلاح اهڙي ته ڪارگر ٿي هئي جو سرڪار خيال
ڪيو ته هاڻي ڪائونسلن ۾ وڌيڪ هندستاني چونڊيا وڃن،
جن مان خود ڪي ماڻهن جا چونڊيل هجن. تنهن ڪري
1892ع جي ائڪٽ موجب سڀ ليجسليٽو ڪائونسلون وڌايون
ويئون ۽ منجهس وڌيڪ هندستاني داخل ڪيا ويا، جن مان
ڪي اڳي وانگي ٿاڦيل يعني سرڪار جا چونڊيل هئا ۽ ڪي
سفارش ٿيل يعني ته ڪن عام مجموعن جا چونڊيل جهڙوڪ
ضلع ۽ ميونسپل ڪائونسل ۽ يونيورسٽيءَ جا چونڊيل ۽
پڻ وڏن هندستان جي زميندارن ۽ واپارين جا چونڊيل.
19- لارڊ ايلگن ٻيو (1894ع
-1899ع
) ڏهون فرمان فرماءِ نمبر ٻئين وائسراءِ جو پٽ هو.
هو سرحدن کي مضبوط ڪرائڻ جو ڪم کڻندو آيو. ڪيترين
سرحدي قومن زوريءَ اندر اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُنهن
کي شڪست ڏيئي هڪالي ڪڍيو ويو. مکيه ويڙهه جا لڳي،
سا هي چترال ۽ تيره جي ماٿريءَ جي قومن سان.
20- 1896ع ۾ اچي بمبئيءَ ۾ پليگ پيئي جا اِنهيءَ
وقت کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن هندستان جي ڀاڱي ۾ سال
بسال منهن ڏيکاريندي پي آئي آهي. پهريائين ته
گهڻيئي ماڻهو خاص ڪري بمبئيءَ ۾ ويا مرندا پر ٿوري
وقت ۾ ڊاڪٽرن کي اِنهيءَ خوفناڪ مرض جي پرور پيئي
ته ڪيئن اُن کي منهن ڏجي. هاڻ ٿورا ماڻهو اُن
خوفناڪ مرض جي وگهي مرندا آهن. ڪجهه وقت اڳ ۾ يورپ
۾ هن مرض وگهي انيڪ ماڻهو چٽ ٿيندا هئا، پر هينئَر
اُنهيءَ دنيا جي ڀاڱي ۾ ته اِهو مرض ڪو ورلي
ڏيکاري ڏيندو آهي.
21- لارڊ ايلگن جي وقت ۾ سرڪار جي نوڪريءَ جي هر
هڪ شاخ ۾ هندستانين جو وڌيڪ انداز مقرر ڪيو ويو.
81- هندستان شهنشاهه ايڊورڊ ستين جي هٿ هيٺ
(1901ع
-1910
ع)
يارهون ۽ ٻارهون فرمان فرماءِ
1- ”ماڻهن جي اَمڙ“ راڻي وڪٽوريا، جهڙي چڱي راڻي
ڪنهن ملڪ ورلي ڏٺي، تنهن 22 جنوري 1901ع ۾ وفات
ڪئي. ڀريا 82 سال دنيا ۾ رهي ۽ 64 سال راڄ
ماڻيائين. کانئس پوءِ، ويلس جو شهزادو، ايڊورڊ
ستين جي خطاب سان اِنگلنڊ جو بادشاهه ۽ هندستان جو
شهنشاهه ٿيو.
2- ايڊورڊ ستين 9 سال ڏاڍي شان مان سان راڄ ڪيو.
اسان ڏٺو آهي ته لارڊ نارٿ بروڪ جي ڏينهن ۾ سنه
1875ع ۾ ڪيئن ويلس جو شهزادو هندستان ۾ آيو هو ۽
پاڻ پنهنجي سر اچي هندستان جي راجائن ۽ شهزادن سان
گفتگو ڪئي هئائين. سڄي رعيت کيس ڀائيندي هئي، نه
رڳو اِنهيءَ لاءِ ته هو سياڻو ۽ طاقت وارو بادشاهه
ٿي گذريو آهي، پر اِنهيءَ ڪري ته هو شخصيت ۾ تمام
نيڪ ۽ رحم دل انسان هو. سڀيئي يورپ جون قومون کيس
جهجهي تعظيم ڏينديون هيون. هن کي چڱيءَ طرح
سڃاڻنديون هيون ڇو ته اِنهن قومن جي گهڻين راڻين ۽
بادشاهن
بادشاهه ايڊورڊ ستون هند جو اڳيون شهنشاهه
سان سندس مٽي مائٽيءَ جو ناتو هو، جن وٽ هو اڪثر
ملاقات لاءِ ويندو هو. جرمنيءَ جو شهنشاهه سندس
ڀاڻيجو هوندو هو ۽ رشيا جي زار جي راڻي سندس
ڀاڻيجي هوندي هئي. يورپ ۾ صلح آڻڻ جي، هن انسان،
پنهنجي پڄنديءَ آهر هرڪا ڪوشش ڪئي جنهن ڪري تواريخ
۾ سندس نالو ”ايڊورڊ صلح جوڙيندر“ ٿي ڳائڻ ۾ ايندو
آهي. جڏهن دفن ٿي ڪيائونس ته اِنهيءَ موقعه تي
يورپ جا ست بادشاهه، پنهنجو پريم ۽ تعظيم ڏيکارڻ
لاءِ، حاضر هوا.
لارد ڪرزن
3- راڻي وڪٽوريا جا پهرين راڻي پوءِ مهاراڻي ٿي
گذري هئي تنهنجي هٿ هيٺ ڏهه وائسراءِ ٿي گذريا
آهن. پر ايڊورڊ ستين جي وقت ۾ رڳو ٻه وائسراءِ
لارڊ ڪرزن ۽ لارڊ منٽو ٿي گذريا آهن. يارهون
وائسراءِ لارڊ ڪرزن هو، جنهن 1899ع کان 1905ع
تائين راڄ ڪيو. هن جي وقت ۾ ٻيا ٻه نوان علائقا
جوڙيا ويا. اِئين ڏٺو ويو هو ته بينگال ۽ پنجاب جي
ٻن جهونن علائقن منِجهه هڪڙي گورنر لاءِ يڪي سر
سرڪار جو ڪم ڪرڻ تمام ڳرو هو. اِنهيءَ ڪري پنجاب
جي اُتر اولهه واري ڀاڱي کي هڪ جدا نئون علائقو
ڪيو ويو، جنهن کي اُتر اولهه
جو سرحدي علائقو ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ بينگال جي اوڀر
واري ڀاڱي کي آسام سان گڏي اُن کي اوڀر بينگال ۽
آسام جو علائقو ڪوٺيو ويو. اِهي تبديليون لارڊ
ڪرزن جي ڏينهن واري هندستان جي نقشي ۾ چٽيءَ طرح
سان ڏسي سگهجن ٿيون.
4- لارڊ ڪرزن هندستان ۾ گهڻيئي سڌارا ڪيا. هن لوڻ
جي محصول گهٽائي اڌ ڪيو. اِها غريبن لاءِ ته هڪ
قسم جي نعمت هئي. هن واپار ۽ ڪارخانن جو کاتو
کوليو ته هر قسم جي واپار کي ۽ ڪاريگريءَ کي ڀرتي
ملي. 1900ع ۾ اچي ڏڪار پيو، پر وائسراءِ ۽ سندس
عملدارن جي ڏاهپ ۽ مدد ڪري موت ٿورا ٿيا.
يونيورسٽي ۾ سڌارو ڪيو ويو ته آئيندي لاءِ ڪم وڌيڪ
چڱيءَ طرح سان ڪيو وڃي. زراعتي بئنڪون کوليون
ويئون ته غريب هاري ناري گهرج جي وقت ٿوري وياج تي
اُتان اُڌارا پيسا وٺي سگهن. پنجاب ۾ ائڪٽ پاس ڪيو
ويو جنهن کي ”پنجاب جو زمين ائڪٽ“ (پنجاب لئنڊ
ايڪٽ) چوندا آهن، جنهن آبادگارن کي وياج خورن جي
چنبي کان آزاد ڪيو، جن وياج خورن جي مراد هوندي
هئي ته سندن زمينون ڦٻايون. ”امپيريل ڪئڊٽ ڪور“ (Imperial
Cedet Corps
) برپا ڪيو ويو ته راجائن جي پٽن کي جنگي سکيا
ڏجي. اُتر اولہ جي سرحدن تي جيڪي سرحدي قومون هيون
۽ جي انگريزن سان وقت بوقت وڙهنديون پئي آيون، تن
کي نوڪريون، هٿيار پنوهار ۽ پگهار ڏنو ويو ته
پنهنجي ملڪ ۾ پاڻ صلح رکن.
5- 1901ع ۾ افغانستان جو امير عبدالرحمان مري ويو
۽ سندس پٽ حبيب الله گادي نشين ٿيو. ساڻس پڻس سان
ڪيل رضاناما وري نئين سر ڪيا ويا. 1919ع ۾ هو قتل
ٿي ويو.
6- 1904ع ۾ ٿٻيٽ جي حاڪم دلائي لاما اچي انگريزن
سان پائي کنئي، واپار ۾ رنڊڪون وجهڻ لڳو ۽ رشيا کي
پڻ مدد لکيائين. ٿٻيٽ ۾ ڪرنل ينگهسبنڊ جي هٿ هيٺ
لشڪر موڪليون ويو. لاسا گاديءَ جو هنڌ ورتو ويو.
دلائي لاما اُٿي ڀڳو ۽ سندس گاديءَ نشين سان
عهدنامو ڪيو ويو، جنهن موجب هندستان کي ٿٻيٽ سان
واپار ڪرڻ جي موڪل ملي.
لارڊ منٽو
7-
لارڊ ڪرزن جهونين جڳهين، مسجدن ۽ آڳاٽي هندستان جي
يادگار قائم ڪرڻ ۽ مٿن مرمت ڪرائڻ ۾ جيڪو ڪم ڪيو،
سو هيل تائين ڪنهن به وائسراءِ ڪونه ڪيو هو. جهونن
يادگارن قائم ڪرڻ جو ائڪٽ پاس ڪيو ويو. لارڊ
ميئوءَ جي وقت 1807ع ۾ جو ”آرڪيالاجيڪل کاتو“ يعني
”قديم شين جي علم جو کاتو“ ٺاهيو ويو هو، تنهن ۾
نئون ساه ڦوڪيو ويو. سڄو هندستان ستن ”سرڪلس“ يعني
ڀاڱن ۾ وراهيو ويو ۽ هر هڪ ڀاڱي ۾ اِنهيءَ ڪم لاءِ
خاص عملدار رکيو ويو، جنهن پنهنجو سڄو ڌيان
اِنهيءَ ڪم تي ڏنو ٿي. اِنهيءَ وقت کان وٺي جهونن
ٽڪرن ۽ ٿنڀن تي جو نوشتا اُڪريل هئا سي خبرداريءَ
سان ترجمو
ڪيا ويا آهن، جن هندستان جي قديم تواريخ تي گهڻي
روشني وڌي آهي.
8- لارد منٽو (1905ع
–1910ع)
ٻارهون فرمان فرماءِ هو. سندس هٿ هيٺ هندستان جي
خود حڪومت ڏانهن ٽي وڏا قدم کنيا ويا. 1909ع جي
اِنڊين ڪائونسل ائڪٽ“ موجب:-
(1) هندستان ۾ گورنر ۽ گورنر جنرل جي ڪاروباري
ڪائونسل ۾ پهريون ڀيرو هندستاني ميمبر مقرر ٿيو.
(2) سڀيئي قاعدي ساز ڪائونسلون ڳچ وڌايون ويئون ۽
نه رڳو کن اُنهن کي قاعدن ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويئي،
پر ملڪ جون عام ڍلون ڪيئن خرچڻ ۾ اچن تن تي به بحث
مباحثه ڪرڻ جي موڪل ڏني ويئي.
(3) اِنهن ڪائونسلن جي ميمبرن جو وڏو انداز جئن
1892ع ۾ چونڊيو هو، تيئن هينئَر عام مجموعن ۽ وڏن
زميندارن، واپارين، کيٽ جي مالڪن ۽ مسلمانن جي ووٽ
تي چونڊجڻ ۾ آيو. لنڊن واري ”سيڪريٽري آف اِنڊيا“
جي ڪائونسل ۾ ٻه هندستاني، هڪ هندو، هڪ مسلمان
مقرر ڪيا ويا. ٿوري وقت کان پوءِ ٻيو به هندو
ميمبر مقرر ڪيو ويو. تنهن ڪري هينئر مڙيئي هن
ڪائونسل ۾ ٽي هندستاني ميمبر آهن. جيئن ته لارڊ
مارلي هن وقت ”سيڪريٽري آف سٌٽيٽ“ هو، تنهن ڪري
اِها سڌارا ”مارلي منٽو رفارمس“ جي نالي سان مشهور
آهن.
82- هندستان شهنشاهه جارج پنجين جي هٿ هيٺ سندس
وائسراءِ
(
1910ع-1918ع
)
1- بادشاهه ايڊورڊ کان پوءِ 1910ع ۾ سندس پٽ جارج،
جو هاڻي اسان جو شهنشاهه آهي سو جارج پنجين جو
خطاب وٺي گادي نشين ٿيو. هن لارڊ هارڊنج کي پنهنجو
وائسراءِ ڪري موڪليو.
2- 1911ع ۾ بادشاهه سلامت، جو هندستان جو شهنشاهه
آهي، ۽ مهاراڻي ميري هندستان ۾ آيا. ايڊورڊ ستين
جي ڏينهن ۾ به هو ٻئي هن ملڪ ۾ آيا هوا. يارهين
ڊسمبر 1911ع ۾ دهليءَ جي آڳاٽي شهر ۾ ڏاڍي تومان
سان درٻار ڪيائون. شهنشاهه پاڻ اعلان ڪڍيو ته
هندستان جي گاديءَ جو هنڌ اڳتي لاءِ دهلي ٿي، جيئن
مغلن جي بادشاهي ۾ هوندو هو.
3- ساڳي وقت هن اِشتهار ڪڍيو ته بهار، مگڌ ۽
اوڙيسا جي آڳاٽي سلطنت، کي هڪ نئون جدا علائقو ڪجي
۽ سندس گاديءَ جو هنڌ پاٽنا ٿئي، جا، عيسوي سنه
کان 2000 ورهيه اڳي، پاتالي پتر جي نالي سان مشهور
هوندي هئي ۽ جنهن تي عيسوي سنه کان 300 ورهيه اڳي
چندر گپت مؤريا ڏاڍي شان شوڪت سان راڄ ڪندو هو.
ايسٽرن بينگال ۽ آسام جي پرڳڻي جو وري وڙاهاڱو
ڪيائون ۽ سندس ڏاکڻو ڀاڱو ڊاڪا سميت بينگال جي
جهوني پرڳڻي سان وري گڏيو ويو ۽ آسام کي نئون
علائقو بنائي چيف ڪمشنر جي هٿ هيٺ رکيو ويو. |