سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 14

دوست محمد

- ٻئي ورهيه دوست محمد انگريزن کي پاڻ سونپيو ۽ ڪلڪتي ڏي موڪليو ويو، جتي هن سان تمام گهڻي مهربانيءَ جي هلت ٿي. پر اڪبر خان هن جو پٽ، جو شوخ جوان مڙس افغان سردار هو، تنهن آڻ نه مڃي ۽ هن سان گهڻا افغان وڃي گڏيا. شاهه شجاع هيڻو بادشاهه هو. هو حڪومت نه هلائي سگهيو ۽ خود سنديس رعيت کيس ڌڪاريندي هئي. هو گاديءَ تي ويٺو، تنهن کان پوءِ انگريزن جي لشڪر جو ڀاڱو موٽي هندستان ڏي هليو ويو ۽ انگريزي عملدار جي ڪابل ۾ رهيل ها، تن جي سنڀال لاءِ ٿورو لشڪر اُتي ڇڏيو ويو.

اڪبر خان

8- 1842ع ۾، شاهه شجاع ٻه ورهيه راڄ ڪيو هو، تنهن کان پوءِ افغان هٿيار کڻي فساد مچائي بيٺا. اڪبر خان هو سندن اڳواڻ سر ڊبليو مئڪناٽن صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جئَن هن دوستاڻي ملاقات ڪندي بنا هٿيار، اڪبر خان سان پئي ڳالهايو، تئَن هن اچتوئي اوچتو گولي هڻي ماري وڌس ۽ افغانن وڍي ٽڪر ٽِڪر ڪري ڇڏيس.

9- پوءِ ڪابل تي ڪاهه ٿي. انگريزن جو جنرل، جو لشڪر جو مهندار هو، تنهن ڀانيو ته ايترن ماڻهن سان وڙهڻ جو زور اسان ۾ ڪونهي ۽ کاڄ به کپي ويو آهي، تنهنڪري هن ناداني ڪري هندستان ڏي موٽي وڃڻ کڻي قبوليو. اِها هن وڏي ڀل ڪئي. انگريزن جي جنرل کي کپندو هو ته جئَن ڪالائيو آرڪاٽ ۾ ڪيو

9- پوءِ ڪابل تي ڪاهه ٿي. انگريزن جو جنرل، جو لشڪر جو مهندار هو، تنهن ڀانيو ته ايترن ماڻهن سان وڙهڻ جو زور اسان ۾ ڪونهي ۽ کاڄ به کپي ويو آهي، تنهنڪري هن ناداني ڪري هندستان ڏي موٽي وڃڻ کڻي قبوليو. اِها هن وڏي ڀل ڪئي. انگريزن جي جنرل کي کپندو هو ته جئَن ڪالائيو آرڪاٽ ۾ ڪيو

خيبر جي دري جا افغان

هو، تئَن هو به ڪابل جو قلعو تيسين جهلي وهي رهيا، جيسين کيس مدد اچي پهچي ها. افغانن سخن ڏنو ته ڪوچ ۾ لشڪر تي ڪاهه ڪين ڪنداسون؛ پر هنن بي ايماني ڪري پنهنجو سخن نه پاڙيو. جئَن انگريزي لشڪر خورد ڪابل جي سوڙهي دري مان پئي لنگهيو، تئَن مٿان ٽڪريءَ تان هزارين افغان انگريزي سولجرن ۽ ديسي سپاهين تي بندوق جو وسڪارو لائي ويهي رهيا. هڪڙو ڊاڪٽر برائيڊن سو بچيو، باقي ٻيا سڀ مارجي ويا.

لارڊ اينلبرو

69- لارڊ ايلنبرو، يارهون گورنر جنرل

      1842 عيسوي کان 1844 عيسوي تائين

1- ڪابل واري ڀاڄ کان پوءِ لارڊ آڪلنڊ اِنگلنڊ ڏي موٽي ويو ۽ لارڊ ايلنبرو گورنر جنرل ٿي آيو.

2- انگريزي لشڪر جا ٻه ننڍا دفعا افغانستان ۾ ڇڏيا ويا، هڪڙو جنرل ناٽ جي حڪم هيٺ قنڌار ۾ ۽ ٻيو جنرل سيل جي هٿ هيٺ جلال آباد ۾. جئَن انگريزي لشڪر کي ڪابل جهلي وهڻ کپندو هو، تئَن هو قلعا سوگها جهلي ويٺا ۽ جرات سان وڙهيا. جنرل پالڪ جي حڪم هيٺ هڪڙو مضبوط لشڪر هندستان مان موڪليو ويو. هو خيبر دري مان جلال آباد ويو ۽ جنرل سيل جو ٻانهن ٻيلي وڃي ٿيو. اڪبر خان ۽ سندس افغانن سان هڪڙي وڏي جنگ ٿي، جنهن ۾ هو ڀڄايا ويا. پوءِ هو ڪابل تي چڙهي ويو ۽ اُهو وري ٻيهر ورتائين. هن کي معلوم ٿيو ته شاهه شجاع کي اڪبر خان جي سپاهين انگريزن جي غير حاضريءَ ۾ ماري وڌو هو. ڪابل جو قلعو ناس ڪري انگريزن جو لشڪر هندستان ڏي موٽيو. دوست محمد ڪلڪتي ۾ آزاد ٿيو ۽ انگريزن جو ساٿي ٿي ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ لاءِ وري ڪابل ڏي موڪليو ويو.

سر چارلس نيپيئر

3- جڏهن سنڌ جي اميرن ٻڌو ته افغانن انگريزي لشڪر کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي تڏهن انگريزن سان عهدنامو ٽوري ويڙه جو سانباهو ڪيائون. ڪاهي ويا انگريزي ريزيڊنٽ، جنرل آوٽرام تي پر هو ته پنهنجي حياتي بچائي اُٿي ڀڳو. سر چارلس نيپيئر پاڻ سان ٽي هزار لشڪر وٺي هليو ساڻن ويڙهه ڪرڻ. اميرن کي پاڻ سان هوا ٻٽيہ هزار بلوچي سپاهي. 1843ع ۾ سنڌ ۾ مياڻيءَ ۽ حيدرآباد جي ڀرسان ٻه وڏيون جنگيون لڳيون جن ۾ سر چارلس نيپيئر سوڀارو ٿيو. پوءِ گورنر جنرل سنڌ کي به برٽش هندستان سان شامل ڪري اُن کي هڪ علائقو ڪري ڇڏيو.

4- گواليار جو راڄ ڪندڙ راجا جنڪا جي سنڌيا، جنهن کي لارڊ وليم بينٽنڪ گاديءَ تي وهاريو هو، سو مري ويو ۽ هن کي پٽ ڪونه هو. هو هيڻو ۽ نڪمون حاڪم هو ۽ هن جي سردارن سندس حڪم نٿي مڃيو. جيڪو هنن لشڪر رکيو هو، سو گهرج کان وڌيڪ هو ۽ مٿس جو خرچ ٿيو ٿي سو اجايو هو؛ ڇاڪاڻ جو رياست جي آمدنيءَ جي ٽن پتين مان ٻه پتيون ته لشڪر جي خرچ تي لڳي ٿي ويئون. سنڌيا جي وڌوا جا ٻارهن ورهين جي ڇوڪر هئي، تنهن کي گوديلي پٽ وٺڻ جي اجازت ملي. پر هن کان پوءِ سُتَتُئي هن سياڻي پيرسن وزير کي جنهن سندس مڙس وٽ گذاريو هو، ڪڍي ڇڏيو ۽ انگريزن سان ويڙهه ڪيائين.

5- سر هيوگف آگرهه کان لشڪر وٺي چڙهي هليو ۽ 1843ع ۾ مهاراجپور ۽ پنيار جي ٻن وڏين جنگين ۾ گواليار جي سردارن کي جيتيائين. پوءِ گورنر جنرل ڇهن مرهٽن سردارن جي هڪڙي سڀا ٺاهي، جنهن هن ننڍڙي ڇوڪر جياجي، راڻيءَ جي گوديلي پٽ جي وڏي ٿيڻ تائين ملڪ جي حڪومت پئي هلائي. رياست جو لشڪر گهٽائي چاليهن هزارن مان وڃي بچايائون نَو هزار، ۽ گواليار ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ انگريزي فوج رکي ويئي.

لارڊ هارڊنج

70- لارڊ هارڊنج، ٻارهون گورنر جنرل

      1844 عيسوي کان 1848 عيسوي تائين

1- رنجيت سنگ، جنهن کي پنجاب جو شينهن ڪري سڏيندا ها، تنهن پنجاب کي هڪڙو مضبوط راڄ بڻائي ڇڏيو هو. هو نڪي پڙهي ڄاڻندو هو ۽ نڪي لکي ڄاڻندو هو ۽ ڪاٺيءَ تي نشانيون ڪري اُن تي ليکو ڪندو هو. هو قد جو بندرو هو ۽ اک رڳي هڪ  هيس، ٻي وڃائي هوائين ماتا ۾، جنهن جي ڪري سڄي منهن تي سنئَرا ٿي پيا هئس. هو انگريزن جو پڪو دوست هو ۽ سياڻو ۽ زور وارو حاڪم هو، جو پنهنجن سردارن کي پنهنجي هٿ ۾ خوب قابو رکندو هو ۽ پنهنجي رعيت کي گهڻو وڻندو هو. هن ڪشمير جو ملڪ ورتو؛ ڇاڪاڻ جو هن کي مضبوط لشڪر هو، جنهن کي فرينچ عملدارن قواعد سيکاريو ۽ تعليم ڏني هئي ۽ توبون به گهڻيون هيس.

2- چاليهن ورهين جي راڄ کان پوءِ 1829ع ۾ رنجيت سنگ مري ويو ۽ سندس راڻين مان پنج سندس چکيا تي ستيون ٿيون. هن جو وڏو پٽ گاديءَ تي ويٺو؛ پر هو سگهوئي تخت تان لاٿو ويو ۽ پوءِ ٻن ٽن ورهين تائين هڪ ٻئي پٺيان منصوبا پئي ٿيا. شاهي گهراڻي جا گهڻا راڄ ڪنوَر مارجي ويا؛ نيٺ سکن جي لشڪر جو سپه سالار تيج سنگ سڀني کان زور ٿي ويو. انگريزن جي افغانستان ۾ ڀاڇ ٿي، تڏهانڪر سک سپاهي ڀانئيندا ها ته اسان کي انگريزن سان وڙهڻ جيترو زور گهڻوئي آهي ۽ هو دهليءَ کي لٽڻ ڪاڻ ٿي سڪيا. هو ستلج لگنهي پار ٿيا ۽ انگريزن جي ملڪ ۾ ڪاهي پيا.

Text Box: عليوال جي جنگ
سکن ۽ انگريزن جي وچ ۾ چار وڏيون جنگيون ٿيون ۽ اُهي سڀ ٽن هفتن جي اندر ٿيون. سکن کي چڱي جنگي سکيا مليل هئي ۽

عليوال جي جنگ

سورهائيءَ سان وڙهيا. انگريزن کي هندستان ۾ جن دشمنن سان وڙهڻو پيو هو، تن سڀني کان سک زور وارا دشمن ها.

پر لشڪر جي سپه سالار سر هيوگف ۽ لارڊ هارڊنج گورنر جنرل اُنهن کي ڊسمبر 1845ع ۾ مدڪي ۽ فيروز شاهه وَٽ جيتيو ۽ وري سر ايڇ سمٿ عليوال وٽ ۽ سر هيوگف جنوري 1846ع ۾ سوبرائِون وٽ جيتين.

3- پوءِ سکن جي پهرينءَ ويڙهه جي پڄاڻي ٿي. سکن جو لشڪر گهٽائي ويهه هزار ماڻهو ڪيائون ۽ ستلج ۽ راويءَ جي وچ وارو پنجاب جو ڀاڱو انگريزن پنهنجي هٿ آندو. اُنهيءَ ساڳئي وقت گلاب سنگ راجپوت کي جو رنجيت سنگ جي هٿ هيٺ ڪشمير جو حاڪم هو اُنهي ملڪ جو راجا ڪيائون ۽ هن وري اُن جي عيوض ۾ اڳيئنءَ ويڙهه جو خرچ ڀري ڏنو. رنجيت سنگه جي ننڍڙي پٽ دليپ سنگ کي پنجاب جو راجا ٿاڦيائون ۽ جيسين هو وڏو ٿئي، تيسين ماڻس کي قائم مقام مقرر ڪيائون.

لارڊ ڊلهئوسي

 

71- لارڊ ڊلهئوسي، تيرهون گورنر جنرل

      1848 عيسوي کان 1856 عيسوي تائين

1- 1848ع ۾ لارڊ ڊلهئوسي هندستان ۾ آيو ۽ اَٺن ورهين تائين گورنر جنرل رهيو. هو برٽش اِنڊيا جو چوٿون بنائيندڙ ليکبو آهي. لارڊ ڪلائيو، لارڊويلسليءَ ۽ لارڊ هيسٽنگس وانگر هن ڪيتريون ڏيهي رياستون انگريزن جي حڪومت هيٺ آنديون. ملڪ کي اڳئين کان وڌيڪ ڀاڳي ۽ آسودي ڪرڻ لاءِ هن گهڻوئي ڪي ڪيو.

2- لارڊ ڊلهئوسيءَ کي هندستان ۾ آئي اڃا ڇهه مهنا به ڪين ٿيا ها، ته وري سکن سان ٻي ويڙهه لڳي. مولراج، ملتان جي سک حاڪم ٻه جوان انگريزي عملدار ماري وڌا، سکن کي چيائين ته انگريزن سان وري

گجرات جي جنگ

 

هيڪر وڙهو. سکن سردارن پنهنجن اڳين سپاهين کي، جن کي ٽن ورهين کان اڳي هنن ڪڍي ڇڏيو هو، وري ڪٺو ڪيو ۽ 1849ع ۾ هڪڙي مضبوط سکن جي لشڪر، شير سنگه پنهنجي مهندار جي هٿ هيٺ، وري انگريزن تي ڪاهيو.

3- سرهيوگف هنن کي سامهون ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌيو چليان والا وٽ سخت جنگ ٿي؛ اُتي انگريز سوڀارا ٿيا، پر نقصان ڏاڍو سٺائون؛ پر پوءِ سگهوئي گجرات واريءَ جنگ ۾ سکن پٽيءَ هارايو.

4- پنجاب ۾ جا هر دم جنگ لڳي پيئي هئي، تنهنجي بند ڪرڻ ۽ هندستان کي افغانن کان بچائڻ لاءِ لارڊ دلهئوسي 1849 ۾ پنجاب کي انگريزي حڪومت هيٺ آندو. دليپ سنگ کي وڏو مواجب ٺاهي ڏنائون ۽ اِنگلنڊ ڏياري موڪليائنس، جتي هو اَنگريزن اميرن وانگر رهڻ لڳو. مسٽر جان لارينس کي (جو پوءِ گورنر جنرل ٿيو) چيف ڪمشنر جو لقب ڏيئي پنجاب جو خلاصو حاڪم مقرر ڪيائون. پهلوان سکن سپاهين جون انگريزي عملدارن سان پلٽڻيون ٺاهيائون؛ اُهي ۽ گورکا هاڻي هندستان ۾ تمام سٺو ۽ چڱو ڏيهي لشڪر آهن. پنجاب جي زمين خبرداريءَ سان ماپ ڪرائي ويئي. زمين جي ڍل جا رنجيت سنگ جي ڏينهن ۾ فصل جي قيمت جو اَڌ هئي، سا چوٿينءَ پتيءَ کان به گهٽ ڪئي ويئي. مال جيڪو ملڪ مان ويندو هو، تنهن تان سڀ محصول لاهي ڇڏيائون ۽ ڦورن جي ٽولين کي چٽ ڪيائون. رستا جوڙايائون، واهه کڻايائون ۽ سڪول کوليائون ۽ چڱا ۽ اِنصافي قاعدا هلايائون. سکن تي جهڙي هاڻي حڪومت ٿي، تهڙي اڳي ڪڏهين ڪانه هئي.

5- 1826ع ۾ يندابوءَ جو عهدنامو جو برما جي راجا سان ٿيو هو، سو هن وري وري پئي ڀڳو. برمين انگريزي جهازن جي ڪپتانن کي بنديخاني ۾ کڻي وڌو ۽ جڏهين انگريزي عملدار ڏانهن موڪليو ويو ته پڇين ته اِئين ڇو ٿا ڪن، تڏهين هن کي ماري وجهڻ جي ڪوشش ڪيائون.

6- اِنهيءَ ڪري 1852ع ۾ برمين سان ٻئي گهمري ويڙهه لڳي. انگريزي لشڪر رنگون وڃي ورتو، جنگ جا ٿي سا رڳو شهر ۾ وڏي مندر وٽ. ديس جي ماڻهن جي مرضي هئي ته سندن ملڪ ۾ به انگريزن جي حڪومت ٿئي؛ ڇاڪاڻ جو هنن ڏٺو هو ته ٽناسرم ۽ آراڪان علائقن ۾ برما جي راجا جي حڪومت کان انگريزن جي حڪومت گهڻو سرس هئي، برمين هنن کي کاڌي پيتي جو سامان ۽ ٻيو جيڪي کپندو هون، سو سڀ آڻي پئي ڏنو.

رنگون ۾ شوي ڊيگون مندر

 

7- برما جي راجا، جنهن جي گادي آوا ۾ هئي، عهدنامي ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو ۽ 1853ع ۾ لارڊ ڊلهئوسي پيگو ٻين ٻن علائقن سان گڏي ڇڏيو ۽ اُنهن کي برٽش برما ڪري سڏيائين، جنهن جو مکيه شهر رنگون ٿيو. تن ڏينهن کان وٺي رنگون وڏو بندر ٿي پيو آهي ۽ برمين جي حڪومت جي وقت ۾ جيترا ماڻهو اُن ۾ رهندا ها، تن کان هاڻي منجهس ويهوڻا ماڻهو آهن ۽ سارو ملڪ سائو ۽ آسودو ٿي پيو آهي. هردم جنگ جهيڙي ۽ بي رحم راجائن بدران، جي جيئَن وڻندو هون تيئَن سوين ماڻهو ماري ڇڏيندا ها، هاڻي اُتي چڱي حڪومت آهي؛ اِنصافي قاعدا هلن ٿا ۽ جتي ڪٿي صلح سانت ۽ آسودگي آهي.

8- 1818ع ۾ جڏهين پيشو ڊَٺو، تڏهين ستاري جي ننڍي مرهٽڪي رياست، شواجيءَ جي گهراڻي جي هڪ راجا کي ڏني ويئي هئي. اُهو راجا مري ويو ۽ پٽ ڪونه هوس؛ تنهنڪري 1848ع ۾ ستارو بمبئي کاتي جو ڀاڱو ڪري اُن ۾ ملايو ويو.

9- ناگپور جو پويون ڀونسلا راجا 1853ع ۾ مري ويو ۽ پٺتي وارث ڪونه ڇڏيائين. هيءُ ملڪ انگريزن جي حڪومت هيٺ آيو ۽ وچان علائقا سڏيو ويو ۽ چيف ڪمشنر جي هٿ هيٺ رکيو ويو. اِنهيءَ ساڳئي ورهيه ۾ برار، جو 1803ع ۾ ويلسليءَ حيدرآباد جي نظام کي ڏنو هو، سو سندس ملڪ ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ وهاريل انگريزي لشڪر جي خرچ جي عيوض هن موٽائي انگريزن کي ڏيئي ڇڏيو.

10- اودهه جي نواب حڪومت اهڙيءَ بڇڙيءَ طرح سان هلائي ۽ پنهنجي رعيت تي ايترو انڌير مچائي ڏنائن، جو انگريزن وٽ مٿس وڏيون دانهون آيون. لارڊ بينٽنڪ ۽ لارڊ هارڊنج هن کي وري وري چيو ته حڪومت چڱيءَ ريت هلاءِ ۽ هن کي خبردار ڪيائون ته جي اِئين نه ڪندين ته راڄ توکان کسي وٺبو؛ پر اُنهن تاڪيدن جو هن خيال ڪونه ڪيو ۽ ڏينهاڻي ويو ابتر ٿيندو. اودهه ويو ٿي جلد چٽ ٿيندو ۽ اُن کي خرابيءَ کان بچائڻ لاءِ 1856ع ۾ اِنگلنڊ جي سرڪار گورنر جنرل کي حڪم ڏنو ته ملڪ انگريزن جي حڪومت هيٺ رکجي. نواب کي ٻارهن لک روپيا مواجب ڏيئي ڪلڪتي موڪلي ڏنائون.

11- لارڊ ڊلهئوسي جيڪي ملڪ گڏيا، تن سان برٽش اِنڊيا ٽين پتيءَ کان وٺي اَڌ تائين اڳئين کان

برٽش انڊيا لارڊ ڊهائوسي جي هٿ هيٺ

1856ع

 

وڌيڪ ٿيو. هن وقت سوڌو بنگالي جو گورنر ساري هندستان جو گورنر جنرل به هو؛ پر هاڻي ڪم ايترو وڌي ويو هو، جو هڪڙو ماڻهو گورنر ۽ گورنر جنرل اِنهن ٻنهي عهدن لاءِ پورو پئي نٿي سگهيو. تنهن ڪري 1853ع ۾ بنگالي کي ليفٽننٽ گورنر جي هٿ هيٺ رکيائون ۽ گورنر جنرل ساري هندستان جي حڪومت هلائڻ لاءِ ڇڙواڳ رهيو. اُنهي ساڳئي وقت گورنر جنرل ۽ هن جي ڪائونسل جي رهڻ جي جاءِ ڪلڪتي کان ڦيرائي سملي ۾ ڪيائون جو پنجاب ۾ هڪڙي ٽڪر جي جاءِ آهي؛ تڏهانڪر سال ۾ اَٺ مهنا هو اُتي رهندا اَچن.

 

72- لارڊ ڊلهئوسي (هلي پيو)

       انگريز حڪومت جا فائدا

1- پنجاهي کن ورهيه اڳي 1853ع ۾ ويهن مئلن ۾ پهرين ريلوي ٺهي. هاڻي هن ملڪ ۾ ريل جو رستو ويهن هزارن مئلن کان ٻاهر آهي. سڀ وڏا شهر ۽ سمنڊ جا بندر اڪثر ريلوي جي ڪري گڏيا پيا آهن ۽ سال ۾ ڏهن ڪروڙن کان مٿي ماڻهو ريلوي جي مسافري ڪن ٿا. هاڻي ساري ملڪ ۾ مال سنهنجائيءَ سان آڻي نيئي سگهجي ٿو. جڏهين ڪٿي ڏڪار پوي ٿو، تڏهين ٻين ملڪن مان منجهس اَنُّ آڻي سگهجي ٿو ۽ بيشمار ماڻهن جي جان بچي پوي ٿي. جي ريلوي نه هجي ها، ته لشڪر جو جيترو خرچ ٿئي ها، تنهن کان هاڻي گهڻو گهٽ ٿئي ٿو؛ ڇاڪاڻ جو هندستان جي سڀ ڪنهن ڀاڱي ۾ گهڻي لشڪر رکڻ بدران رڳو ڪن نروين جاين ۾ لشڪر رکيل آهي ۽ جيڪڏهين اُنهيءَ جو ڪٿي کپ پوي ٿو، ته ريل جي رستي سان اوڏاهين موڪلي ڏجي ٿو.

2- لارڊ ڊلهئوسيءَ جي ڏينهن ۾ هندستان جو واپار گهڻو وڌيو. هندستان جي واپارين اڳي کان ڪپهه ۽ اناج ٽيڻا وڪيا ۽ مال جي خريد به ٽيڻي ٿي. آبادگار پنهنجي پيدايش وڌيڪ اگهن سان وڪڻڻ لڳا ۽ اڳئين کان زيادهه سائوُ ٿيا. هن جو ڪارڻ اِهو هو جو ريل جي رستن ۽ واهن ڪري مال ملڪ ۾ آڻڻ نيڻ سنهنجو ٿي پيو هو. انگريزي واپاري گهڻو سامان اِنگلنڊ مان آڻڻ لڳا؛ اِنهي ڪري سڀني قسمن جو سامان، جو ملڪ ۾ گهڻن هنڌن ۾ پٽيءَ ملي ڪين سگهندو هو، ۽ جي ملندو هو ته تمام مهانگو هو، سو اڪثر سڀڪنهن ڳوٺ ۾ تمام سهانگو ملي سگهيو ٿي.

3- رستن، واهن ۽ پُلين جوڙڻ ۽ اُنهن جي مرمت ڪرڻ لاءِ لارڊ ڊلهئوسيءَ پبلڪ ورڪس ڊيپارٽمينٽ (عام فائدي جي ڪمن جو کاتو) کوليو. ٻن هزارن مئلن کان وڌيڪ پنڌ ۾ چڱا دڳ ۽ اُنهن تي پليون سندس وقت ۾ ٺهي وييون. گنگانديءَ جو وڏو واهه جو سڄي جهان ۾ ڊگهو واهه آهي، سو کليو ۽ ٻيا گهڻا واهه کڻايا ويا. ملڪ جا وڏا ڀاڱا جتي اڳي ڪو فصل نه ٿيندو هو؛ اُتي هاڻي جهجهو پاڻي آهي ۽ اُهي ڀاڱا هنن واهن جي ڪري، جي ٽن هزارن ميلن ۾ وهن ٿا، اُپتائتا ۽ ڀلا ٿي پيا آهن.

4- لارڊ ڊلهئوسيءَ جي وقت کان اڳ خط پٽ ڪو ٿورو لکندو هو؛ ڇاڪاڻ جو ٽپال جو محصول ڳرو هو ۽ جڏهين رستا ٿورا ها ۽ ريلوي هئي ڪانه، تڏهين خط قاصد نيندا ها، جي تمام ڍلو پنڌ ڪندا ها، ٽڪليون ڪين هيون ۽ گهڻي پنڌ تي خط موڪلڻ لاءِ ٿوري پنڌ تي موڪليل خط کان خرچ گهڻو وڌيڪ لڳندو هو. لارڊ ڊلهئوسيءَ اَڌ آني واريون ٽڪليون وڌيون، جنهن جي ڪري هاڻي هندستان جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ٻن هزارن کن مئلن تي هڪ ٽڪي ۾ خط موڪلي سگهجي ٿو. جيڪڏهن سارو هندستان هڪڙي طاقت واري حاڪم جي هٿ هيٺ نه هجي ها، ته اِهو سڀ بندوبست ٿي ڪين سگهي ها.

هاڻي ٽپال اَسي هزار مئلن ۾ وڃي ٿي ۽ سال ۾ چاليہ ڪروڙ خط پهچائي ٿي.

5- اِنهي اَڌ آني واريءَ ٽڪليءَ کان به برقي تار وڌيڪ اچرج جهڙي آهي. هاڻي ٿورن آنن خرچڻ سان ٿورن منٽن ۾ نياپو هزار مئل پنڌ تائين موڪلي سگهجي ٿو. پهرين برقي تار لارڊ ڊلهئوسيءَ جي ڏينهن ۾ ٺهي.

6- لارڊ وليم بينٽنڪ انگريزي سيکارڻ ڪاڻ سڪول جاري ڪيا. لارڊ ڊلهئوسيءَ عام تعليم جو کاتو ٺاهيو ۽ ساري ملڪ ۾ گهڻا سڪول کلي ويا، جن ۾ ڏيهي زبانون سيکارڻ ۾ آيون ۽ جتي ڪٿي عام ماڻهو پڙهڻ لڳا. هن جي وقت ۾ هندستان ۾ پنجويہ هزار سڪول ٿي ويا. اُنهن جو انداز ڏينهان ڏينهن وڌيڪ ٿيندو ويو آهي ۽ هاڻي ڏيڍ لک شاگرد پڙهن ٿا.

7- 1853ع تائين اِنڊين سِول سَروس يعني هندستان جي ملڪي کاتي جي نوڪرن جي مقرري ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ڪندي هئي ۽ ڪمپنيءَ جا ماڻهو پنهنجا مائٽ مٽ ۽ دوست ڏياري مُنجندا ها. هندستان جو ڪوبه ڏيهي ماڻهو اُنهي کاتي ۾ گهڙي نٿي سگهيو، پر اِنهيءَ سال ۾ سِول سَروس يورپين، توڙي ڏيهي انگريزي رعيت جي سڀني ماڻهن لاءِ کليل رهيو. اِنگلنڊ ۾ امتحان ٿيڻ لڳو ۽ جيڪي اُن ۾ سڀني کان مٿي آيا، پوءِ اُنهن جي ذات يا ڌرم ڪهڙو به هو، ته سول سَروِس جا (ملڪي کاتي جا) عهدا اُنهن کي مليا. هاڻي سِول سَروس ۾ برهمڻ، راجپوت، مسلمان، پارسي ۽ سوُدر سڀ قسم جا ماڻهو آهن.

 

73- لارڊ ڪئننگ، چوڏهون گورنر جنرل

      1856 عيسوي کان 1858 عيسوي تائين

1- لارڊ ڪلائيو پلاسيءَ جي جنگ کٽي ۽ هندستان ۾ انگريزن جي حڪومت جو پايو وڌو، تنهن کان برابر هڪ سو ورهيه پوءِ لارڊ ڪئننگ 1856ع ۾ گورنر جنرل ٿي آيو. سڀڪنهن هنڌ صلح سانت ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ڪو ڊپ ڪو نه ٿي ڏٺو. اوچتوئي اوچتو بنگالي ۾ هڪڙو وڏو طوفان اچي کڙو ٿيو. اُهو طوفان هو بنگالي جي ڏيهي لشڪر جو فساد.

2- بنگالو انگريزن جي حڪومت هيٺ هميشہ سانتيڪو علائقو هو؛ تنهنڪري انگريز سولجر اُتي ڪي ٿورا ڇڏيا ويا ها. جڏهين پنجاب ورتو ويو هو؛ تڏهين گهڻا اُنهن مان هندستان جي اُتر اولهه ڏي موڪليا ويا ها. ڏيهي سپاهي بنگالي ۾ گهڻا ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org