سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 19

 

خداداد خان

 

16- پهريون هن ٻلي جو کٽندڙ سپاهي خداداد خان پنهنجابي مسلمان هو. 31 آڪٽوبر 1914ع واري جنگ ۾ رڳو اِهوئي ماڻهو هو جو مارجي ڪونه ويو. سخت

نائڪ دروان سنگهه نيگي

 

زخم رسيا هئس، تنهن ڪري مئل سمجهي جنگ جي ميدان ۾ ڇڏي ويس، پر رات جو مڙس سڙي اچي ڇانوڻيءَ ڀيرو ٿيو.

17- ٻيو هندستان، جنهن کي هي ٻلو عطا ڪيو ويو، سو هو گراهوالي هندو، هماليه جو رهاڪو نائڪ دروان سنگهه نيگي. 1914ع جي 27 سيپٽمبر جي 21 ڏينهن سانده وڙهڻ کان پوءِ جڏهن سندس انگريزي عملدار فوت ٿي ويو، تڏهن، هي، جيتوڻيڪ سخت ڦٽيو پيو هو، تڏهن به آڌيءَ رات جو دشمن ڏانهن ڌوڪيندو ويو ۽ کين شڪست ڏيئي، ڪيتريون ئي توبون هٿ ڪري، پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾ باقي بچلن سپاهين سان سلامت اچي پهتو.

18- جنگ جي ٻي سال يعني  1915ع ۾ هندستاني لشڪر پنهنجو ڪم فرانس ۾ پورو ڪري رهيا ته کين ٻين ملڪن ۾ موڪليو ويو، جتي تُرڪن سان هنن جي ويڙهه پي لڳي. هنن جو انداز هينئَر گهڻي تعداد ۾ هو. چئن سالن جي مدي اندر اٽڪل پنج لک پنجاهه هزار هندستاني سپاهي گهر ڇڏي جنگ ۾ روانا ٿيا. بصري جي گهيري ڪرڻ ۾، تنهن کان پوءِ يوفريٽس نديءَ جي ڪناري ڏانهن ڪوچ ڪرڻ ۾، ۽ پڇاريءَ ۾ بغداد وٺڻ ۾، جو هندستانين عجيب ڪم ڪري ڏيکاريو تنهن ۾ سندن ڏاڍو ناماچار نڪتو. ترڪن کي سئيز واهه مصر مان هڪالي ڪڍيائون. 1917 ۾ جنرل آلنبي سندن لشڪر جو سپه سالار ٿيو. سندس هٿ هيٺ برٽش هندستاني لشڪر ويو سڀ ڪنهن جنگ ۾ ترڪن جي لشڪر کي شڪست ڏيندو (جي جرمن عملدارن جي هٿ هيٺ هئا) ۽ هڪ ٻئي پٺيان جيروسلم، بيروٽ، ٽرپولي ۽ عليپو جا شهر هٿ ڪندو. ترڪن بهادريءَ سان جنگ ڪئي، پر هندستاني پهلوان سپاهين سان مٽ پئي نه سگهيا. هر ڪنهن ملڪ ۾ هنن پنهنجي لاءِ جتي ڪٿي شان ۽ تعريف هٿ ڪئي آهي.

.

مانٽيگو

 

19- لارڊ چيلمسفورڊ هندستان ۾ 1916ع ۾ فرمان فرماءِ آيو. سندس مکيه ڪم هو ٻين ملڪن ۾ لشڪر لاءِ هندستان مان ماڻهو ۽ مال موڪلڻ. پر مهاڀاري لڙائيءَ ۾ به انگريز سرڪار سڌاري کي ڪين وساريو.  1918ع ۾ مسٽر مانٽيگو هندستان جو سيڪريٽري آف سٽيٽ هندستان ۾ آيو ۽ سڄا سارا ڇهه مِهنا هن ملڪ ۾ رهيو. سڀني وڏن شهرن ۾ ويو ۽ سَون هندستان جي اڳوانن ۽ راجائن سان ڳالهه ٻولهه ڪيائين. هو اِنهيءَ واسطي آيو هو ته ڏسان ته هندستانين کي  پنهنجي ملڪ جي سرڪار ۾ بهرو ڏيڻ لاءِ ڪهڙا وڌيڪ اُپاءَ وٺجن. هڪ رپورٽ مسٽر مانٽيگو ۽ لارڊ چيامسفورڊ پارليمينٽ جي پيش رکڻ لاءِ ٺاهي.

مهاراجا بيڪانير

 

20- لنڊن ۾ جيڪا جنگ وقت ”اپيريل وار ڪئبينيٽ“ يعني شاهي جنگي جماعت برٽش سلطنت جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ گڏ ٿي، تنهن ۾ ٻه هندستاني ميمبر، هڪڙو بيڪانير جو مهاراجا، هندستان جي شهزادن پاران، ۽ ٻيو سر ايس- پي سِنها، جو لارڊ منٽو جي ڏينهن ۾ ڪاروباري ڪائونسل تي پهريون ئي ميمبر هو، ماڻهن جي پاران، داخل ڪيا ويا. ٻئي ڄڻا هندستان جي مکيه وزير ۽ ٻين اٺن ڪئبينيٽ وزيرن ۽ ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، سائوٿ آفريڪا ۽ نيوفائونڊ لئنڊ جي بيٺڪن کان آيلن ميمبرن جي ڀر ۾ ويٺا. برٽش هندستان جي نئين سرشتي پٽاندر، لارڊ سِنها بهار ۽ اوڙيسا جو گورنر مقرر ڪيو ويو جو پهريون ئي مثال هو جنهن ۾ هندستاني ڪنهن به پرڳڻي جو حاڪم بڻايو ويو. نيٺ مهاڀاري لڙائي جو خاتمو ٿيو. جرمن ۽ سندس ساٿي سخت شڪست کائي صلح لاءِ درخواست ڪرڻ لڳا، قيصر پنهنجو تخت ڇڏي هالنڊ جي ملڪ ۾ جو جنگ ۾ ڪنهن جو به طرفدار ڪونه ٿيو) ڀڄي ويو، جتي هو سلامت رهي سگهيو. يارهين نومبر 1918ع ڌاري ٿوري وقت لاءِ جنگ بند ٿي، جيستائين ڪ آخرين صلح ٿيو. جرمنيءَ کي پنهنجو لشڪر ڇروڇر ڪرڻو پيو. توبون ۽ سڀ ملڪ، جي تلف تاراج ڪيا هئائون، سي موٽائي ڏيڻا پين. پئرس ۾ سڀني طرفدارن جي ڪانفرنس ڪئي ويئي ته صلح جي شرطن تي ويچار ڪجي ۽ ٺهراءُ ڪجي ته جرمنيءَ کي سندن ڏوهن لاءِ ڪهڙي سزا ڏني وڃي.

لارڊ سنها

 

21- 1919ع جي شروعات ۾ سر پي – سنها، لارڊ سنها آف رائپور جو خطاب وٺي پارليمنٽ جي هائوس آف لارڊس ۾ جڳهه وٺي ويٺو ۽ پهريون ئي ڀيرو هندستاني شهنشآهت جو امير بنايو ويو. هن کي ڪنگس ڪائونسل يعني اِنڊيا ڪائونسل ۾ صلاحڪار ڪيو ويو ۽ هندستان جو نائب سيڪريٽري آف سٌٽيٽ ٿاڦيو ويو. ڪنهن به هندستانيءَ کي هيل تائين اهڙو مان نه مليو هو. اِنهن مقررين ڏيکاريو ٿي ته برٽش سرڪار کي هندستانين کي عزت ڏيڻ ۽ کين برٽس سلطنت جي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪهڙي نه خواهش آهي. پئرس ۾ سڀني قومن جي وچ ۾ دنيا جي صلح قائم ڪرڻ لاءِ جيڪا صلح ڪانفرنس ٿي تنهن ۾ پڻ لارڊ سنها ۽ بيڪانير جو مهاراجا هندستان جي پاران عيوضي مقرر ٿيا.

لارڊ اَروِن

 

   اپريل 1921ع ۾ لارڊ چيلمسفورڊ هندستان ۾ پنهنجو ڪم ڪري وطن وريو ۽ سندس جڳهه تي لارڊ ريڊنگ هندستان ۾ فرمان فرماءِ مقرر ڪيو ويو. هو هن کان اڳ اِنگلستان جو ”لارڊ چيف جسٽس“ يعني وڏي ۾ وڏو جج هو ۽ نئين سرشتي موجب ٺهيل هند سرڪار مٿان ضابطي رکڻ لاءِ پوروُ پوروُ ماڻهو. لارڊ ريڊنگ اپريل 1926ع ۾ حڪومت جون واڳوون ڇڏيون ۽ لارڊ اَرون وائسراءِ مقرر ٿيو.

 

84- گريٽ برٽن جو سرڪاري سرشتو ڪئن ٿو هلي؟

هندستان کي جيڪو هاڻي نئون سرشتو ڏنو ويو آهي تنهن جي بيان ڪرڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته گريٽ برٽن جو سرڪاري ڪاروبار ڪيئن ٿو هلايو وڃي ۽ ڪهڙي ريت چيو وڃي ٿو ته گريٽ برٽن جي ماڻهن کي سوراج آهي.

لارڊ ريڊنگ

 

1- سڄيءَ برٽش قوم ۽ شهنشاهت لاءِ سڀ قاعدا هڪ قاعدي ساز قومي مجموعو ٺاهيندو آهي جو اهڙو آڳاٽو آهي جهڙو برٽش قوم پاڻ ۽ جنهن کي چوندا آهن ”پارليمنٽ“. گذريل ست سَو سالن کان وَٺي کيس ٻن گهرن ۾ وڙاهيو ويو، جنهن مان هڪڙي کي چئبو آهي ”اميراڻي مجلس“ (House of Lords) ۽ ٻئي کي ”عام ماڻهن جي مجلس“ (House of Commons) جي ساڳي ڇت هيٺ ويسٽمنسٽر لنڊن ۾ ڌار ڌار ڪوٺين ۾ پنهنجي ڪارروائي هلائيندا آهن. جيئن وقتن ۾ تبديل ٿيندي آئي آهي، تيئن وقت بوقت اِنهن ٻنهي گهرن ۾ به گهڻيئي ڦيرون گهيرون ٿيون آهن، هائوس آف ڪامنس رفته رفته وڌندو پي ويو آهي ۽ طاقت ۾ پڻ وڌيڪ زور وٺندو ويو آهي. ڪوبه نئون قاعدو يا ائڪٽ جو بحال ٿئي ٿو سو نه رڳو هائوس آف ڪامنس بحال ڪري ٿي، پر اِهو هائوس آف لارڊس کي به پاس ڪرڻو پوي ٿو ۽ پڇاڙيءَ بادشاهه جي اُن لاءِ منظوري وٺڻي پوي ٿي.

2- هن وقت هائوس آف لارڊس ۾ (740) ميمبر آهن. هائوس آف ڪامنس جا (615) ميمبر ماڻهن هٿان چونڊيا ويندا آهن ۽ مردن توڙي زالن کي ووٽ ڏيڻ جي اختياري آهي. هر هڪ شهر واسي جو بالغ عمر جو آهي تنهن کي ووٽ ڏيڻ جي اختياري آهي. زالن کي ووٽ ڏيڻ ۽ پارليمنٽ ۾ وهڻ جو حق سنه 1918ع ۾ پهريون دفعو ڏنو ويو.

3- سرڪار جو سچو پچو ڪم يعني ملڪي اِنتظام جي جوڙجڪ سڀ هڪ ويهن وزيرن جي جماعت ڪندي آهي جنهن کي ڪئبينيٽ چوندا آهن. وزارت جو مکي، پرائيم منسٽر آهي، جو بادشاهه جو ٿاڦيل ٿيندو آهي ۽ کيس اختياري مليل آهي ته پارليمنٽ جي ميمبرن مان ئي اِهي وزير چونڊي. اِنهن کي ”سرڪار“ ڪري ڪوٺبو آهي.

4- پارليمنٽ ته سڄي برٽن ۽ سلطنت لاءِ قاعدا ٺاهيندي آهي، پر مڪاني ڳالهيون جهڙوڪ رستن، سڪولن ۽ اِسپتالن جي سنڀال، پاڻيءَ جي موجودات ۽ صحت وغيره جو بندوبست ڪائونٽي ڪائونسلون ڪنديون آهن، جي هندستان جي ڊسٽرڪٽ بورڊ سان گهڻو مشابهت رکن ٿيون. رڳو تفاوت اِهو آهي ته برٽن ڪائونٽيز ۾ وڙاهيل آهي ۽ هندستان ضلعن ۾ وڏن شهرن لاءِ اِهو ڪم ڪار ميونسپل ڪائونسلون ڪنديون آهن جيئن هندستان ۾ ٿيندو آهي. هنن کي محصول وجهڻ جي اختياري آهي، جن محصولن کي ”لوڪل ريٽس“ ڪري ڪوٺبو آهي. اِنهيءَ ڪائونسل جا ميمبر ماڻهن جا چونڊيل هوندا آهن. ميمبر ٿيڻ جو حق زال توڙي مرد ٻنهي کي آهي.

5- جيتوڻيڪ هر ڪنهن قاعدي لاءِ شاهي منظوري يعني بادشاهه جي قبوليت ضروري آهي، تڏهين به عمل ۾ بادشاهه ڪڏهين به پارليمنٽ جي پاس ٿيل بل کي رد ڪونه ڏيندو آهي. جنهن صورت ۾ پارليمنٽ جا ميمبر جي قاعدا ٺاهين ٿا ۽ ملڪ جو ڪاروبار هلائين ٿا سي ماڻهن جا چونڊيل آهن، تنهن صورت ۾ گويا ماڻهو سچ پچ پاڻ ئي حڪومت هلائين ٿا.

6- هائوس آف ڪامنس جي نئين چونڊ، قاعدي موجب پنجن سالن بعد ٿيندي آهي. چونڊيلن ميمبرن جيڪي پنهنجي فرض جي بجاوري ڪرڻ لاءِ رستا اختيار ڪيا آهن، تن مان جي ووٽر راضي نه هوندا ته هنن کي ڪنهن ٻئي ميمبر چونڊڻ جي اختياري آهي. پر جيڪڏهين منجهائن راضي آهن ته کين وري ٻيو ڀيرو چونڊي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح اِنگلنڊ ۾ هر هڪ مرد توڙي زال کي پنهنجي ملڪ جي سرڪار ۾ آواز آهي. اِهوئي آهي سوراج جو مطلب.

 

85- هندستان جي حڪومت جي نئين جوڙجڪ

1- اسان ڏٺو آهي ته هندستان جي سرڪار، جڏهانڪر (1858ع کان وٺي) ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کان نڪري راڻي وڪٽوريا جي هٿ ۾ آئي، تڏهانڪر منجهس، رفته رفته پر يڪسان، سڌارو ٿيندو آيو آهي. وقت به وقت حڪومت جي جوڙجڪ ۾ روان پٺيان رول ٺهندا آيا آهن، جن ۾ پهريائين هندواسين کي قاعدن ۽ قانونن ٺاهڻ ۾ مدد ۽ صلاح ڏين جو حق مليو، ۽ پوءِ ته کين جنسي حڪومت هلائڻ جي ڪم ۾ بهرو پڻ مليو آهي.

2- پهريون ڀيرو 1909ع ۾ گورنر جنرل جي ۽ پرڳنن جي گورنرن جي قاعدي ساز ڪائونسلن ۾ هندستاني ميمبر مقرر ڪيا ويا. اُن کان گهڻو اڳ، قاعدي ساز ڪائونسلن جا ميمبر ٿي، هندستانين ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته هو قاعدن ٺاهڻ ۾ هر طرح لايق هئا. هاڻي وري ايگزيڪيوٽو (ڪاروباري) ڪائونسلن جا ميمبر ٿي، هنن ساڳي طرح ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سرڪاري قاعدن ۽ قانونن کي عمل ۾ آڻڻ ۾ يعني ملڪي انتظام ۽ ڪاروبار ۾ به مددگار ٿي سگهن ٿا.

3- اٺن سالن گذرڻ بعد شهنشاهه ۽ سندس صلاحڪارن خيال ڪيو ته هينئَر وڌيڪ وک کڻڻ جو وقت آيو آهي جو هندواسين کي قاعدي سازيءَ ۽ ڪاروباريءَ ٻنهي ۾ وڌيڪ اختياريون ڏجن، اِنهيءَ لاءِ ته نه رڳو حڪومت جي ڪم ۾ مدد ڏين، پر خود پاڻ جنسي حڪومت هلائين. اِنهيءَ ڳالهه کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ، هنن پڪو ارادو ڪيو ته نوان قاعدا ٺاهجن، جي جيترو ٿي سگهي، اِنهن قاعدن جهڙا هجن، جن موجب اِنگلنڊ جي حڪومت جو چرخو هلي ٿو (جنهنجو ذڪر اڳيئن باب ۾ ڪيل آهي)، اِنهيءَ مراد سان ته نيٺ هندواسي پاڻ هندستان جي حڪومت هلائين، جيئن انگريز اِنگلنڊ جي هلائين ٿا.

4- مٿين ارادي موجب 1917ع جي 20 آگسٽ تي سيڪريٽري آف سٽيٽ پارليمنٽ ۾ پڌرو ڪيو ته انگريز سرڪار جي مرضي آهي ته هند سرڪار جي هر هڪ کاتي ۾، تمام وڏن عهدن تي، جيترا هندستاني يڪدم مقرر ڪري سگهجن، اوترا ڪجن، ۽ پوءِ رفته رفته سڄي برٽش هندستان کي، برٽش شهنشاهت جو هڪڙو ڀاڱو سمجهي، خود حڪومت جو حق ڏجي. اِهو ڪم، هن صاحب فرمايو، ته هڪدم ڪونه ڪري سگهبو، پر قدم به قدم، ۽ اُهو برٽش سرڪار تي ڇڏيو ويندو ته، آخرين مقصد نگاهه ۾ رکي، ڪيئَن ۽ ڪڏهين هر هڪ قدم کڻڻ ۾ ايندو. اِهو سڀ هن ڳالهه تي مدار رکندو، ته، جن هندواسين تي ڪم سنؤپيل آهي، سي ڪهڙيءَ ريت ڪم جي سرانجامي ڪن ٿا. جيئن هو پنهنجو ڪم وڌيڪ لياقت سان ڪندا، تيئن وڌيڪ جلد سمورو سوراج برٽش هندستان کي حاصل ٿيندو.

5- پوءِ، جيئن اسان سبق 83 ۾ ڏٺو آهي، مسٽر مانٽيگو، سيڪريٽري آف سٌٽيٽس، هندستان ۾ ويو ۽ ڇهه مهنا اُتي ترسيو. هو صاحب ۽ وائسراءِ چيلمسفورڊ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ويا ۽ سوَن هندستاني ۽ انگريزي نامور ماڻهن سان ملاقات ڪري، اُنهن جا رايا حڪومت بنسبت ٻڌائون.

6- اُنهيءَ بعد، هنن، حڪومت جي نئين سرشتي تي، يعني هند سرڪار لاءِ جي نوان قاعدا ٺهيا تن تي، پنهنجي رپورٽ لکي. اِهي قاعدا پارليمنٽ جي ٻنهي گهرن، يعني هائوس آف لارڊس ۽ هائوس آف ڪامنس، گهڻي غور ۽ ويچار بعد پاس ڪيا ۽ پوءِ اُتن بادشاهه جي منظور ورتي ويئي. تنهن کان پوءِ اِهي پارليمنٽ جي ائڪٽ جي صورت ۾ آندا ويا ۽ هاڻي اِهو ائڪٽ، هند ملڪ لاءِ جي قاعدا ٺهيل آهن، تن مان هڪڙو قاعدو ٿي چڪو آهي. اِهو ائڪٽ هينئَر ”1919ع جو گورنمينٽ آف اِنڊيا ائڪٽ“ ڪوٺبو آهي. اِهو 1909ع جي ائڪٽ کان پورا ڏهه سال پوءِ پاس ٿيو.

7- جنهن صورت ۾ پارليمنٽ پڌرو ڪيو آهي ته هندستان جي حڪومت جي واڳ هندواسين کي سونپجي، چائين جو اِنهيءَ ڪم لاءِ لائق ٿين، تنهن صورت ۾ ائڪٽ جي اِها مراد آهي ته هر ڪنهن وڏي علائقي ۾، جي ڪل نَوَ ٿيندا، جنسي حڪومت جو ڪجهه ڀاڱو هندواسين جي حوالي ڪري، کين اِنهيءَ وڏي ڪم لاءِ سکيا ڏيئي تيار ڪيو وڃي. اِنهن علائقن جا نالا آهن:- مدراس، بمبئي، بينگال، گڏيل علائقا، بهار ۽ اوڙيسا، پنجاب، وچوارا علائقا، آسام ۽ برما. جيئن به هر هڪ علائقو گورنر جي هٿ هيٺ ايندو، اُنهيءَ کي گورنر جو علائقو چوڻ ۾ ايندو. جڏهين آزمودي بعد ثابت ٿيندو ته علائقن ۾ سچو پچو حڪومت هلائڻ جو ڪم هندستان چڱيءَ طرح ڪري ٿا سگهن، تڏهين اِهو سرڪاري ڪم وڌيڪ ۽ وڌيڪ کين ڏنو ويندو، جيستائينڪ سڄو ڪم سندن حوالي ٿيندو ۽ علائقن تي سمورو راڄ هندستاني پاڻ هلائيندا.

8- هر ڪنهن وڏي علائقي ۾ ڪن کاتن جو ڪاروبار ٻه يا وڌيڪ هندستاني پاڻ هلائين ٿا. اُنهن کي وزير جو لقب ڏنو ويو آهي ۽ جيئن اِنگلنڊ ۾ پرائيم منسٽر، پارليمنٽ جي چونڊيلن ميمبرن مان، جدا جدا سرڪاري کاتا هلائڻ لاءِ، وزير چونڊي مقرر ڪندو آهي تيئن، هندستان ۾ علائقي جو گورنر، قاعدي ساز ڪائونسل جي چونڊيلن ميمبرن مان هندستاني وزير ٿاڦيندو آهي.

9- اِنهيءَ طرح، هر ڪنهن علائقي جي سرڪاري مٿان گورنر ٿيندو آهي، هن هيٺان هڪڙي آهي چئن ميمبرن جي ڪاروباري ڪائونسل جن مان اڌ ميمبر هندواسي هوندا آهن. اِنهيءَ ڪاروباري ڪائونسل جي حوالي فقط ڪي کاتا آهن، جن کي ”رزروڊ“ کاتا ڪري ڪوٺبو آهي يعني اِهي کاتا جي انگريز سرڪاري اڃا پنهنجي هٿ هيٺ رکيا آهن ۽ اُنهن کاتن ۾ هند سرڪار ۽ سيڪريٽري آف سٌٽيٽ جو ضابطو قائم آهي. اِنهيءَ ڪائونسل جي حوالي بمبئي پريزيڊينسيءَ ۾ هيٺيان کاتا آهن. (1) ريونيو ۽ زرعي کاتو (زمين جي ڍلن ۽ انجنيري ڪمن سان لاڳاپو رکندڙ)، (2) مالي کاتو (هندستان جي مالي حالت سان لاڳاپو رکندڙ جهڙوڪ ضرب خانو، بئنڪون، نوٽ، دستاويز وغيره)، (3) گهرو (Home) کاتو (ڪورٽن، جيلن ۽ پوليسن سان لاڳاپو رکندڙ) ۽ (4) عام کاتو.

ڪاروباري ڪائونسل کان سواءِ علائقي جي گورنر جي هٿ هيٺ آهن سندس وزير، جن کي باقي کاتا سونپيل آهن، جهڙوڪ تعليم کاتو، خود مڪاني حڪومت وارو کاتو يعني ميونسپالٽيون ۽ لوڪل بورڊ، ٽيون آبڪاري کاتو. اِنهن کاتن کي ”ٽرئنسفرڊ“ کاتا يعني سونپيل يا بدل ٿيل کاتا ڪري ڪوٺيو آهي، ڇو ته اِهي هندستاني وزيرن کي سپرد ڪيا ويا آهن ۽ گويا هندستان جي ماڻهن کي سونپيا ويا آهن. پرڳڻن جي اِنهيءَ ٻن ڀاڱن ۾ وراهيل حڪومت کي ”ڊائرڪي“ چئبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org