سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 16

 

77- پهريون وائسراءِ (فرمان فرماءِ)

      درجي بدرجي ڏاهپ جا سڌارا

     (1858ع کان 1862ع)

1- لارڊ ڪئننگ، پهريون وائسراءِ جو هندستان ۾ 1856ع ۾ گورنر جنرل ٿي آيو، تنهن 1863ع تائين راڄ ڪيو. اهڙو ته مهربان هو جو هندستان ۾ رحيم ڪئننگ جي نالي سان مشهور هوندو هو؛ ڇو ته اهڙو حليم سڀاءُ جو هوندو هو، جو سوَن فسادين تي رحم جو هٿڙو گهمايائين ۽ اُنهن سڀني کي معافي ڏنائين، سواءِ اِنهنجي جي خون جا ڏوهي هئا. گهڻيئي فسادي هئا، جي پاپي ۽ ٺڳباز ماڻهن جي دلبن سببون گمراه ٿي ويا هوا، ۽ هينئَر جيڪي ڪيو هئائون، تنهن جي لاءِ نهايت افسوس هون. راڻي وڪٽوريا جي مرضي هئي ته اِهي سڀ ماڻهو معاف ڪيا وڃن، ته هو موٽي پنهنجي گهر وَرن ۽ پنهنجي حياتي ڪنهن به ڊپ ڊاءَ کان سواءِ گذارين. لارڊ ڪئننگ راڻيءَ جي مرضي پوريءَ طرح بجاءِ آندي.

2- لارڊ ڪئننگ جي وقت ۾ سڄي هندستان لاءِ ٽي وڏا قانوني ڪتاب، وڏي جفاڪشي کانپوءِ، ٺاهيا ويا، جن ۾ سڄي ملڪ جو قاعدو قانون ڦهليل هو. اُنهن کي ڪوٺيو ويو پينل (سزائن جو) ڪوڊ، ڪوڊ آف سول پروسيڊيئر (ديواني ڪم جو)، ۽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيڊيئر (فوجداري ڪم جو). هيل تائين هر ڪنهن علائقي کي پنهنجا پنهنجا قانوني ڪتاب هوندا هئا، پر مٿيان ٽي قانوني ڪتاب سڄي برٽش هندستان سان لاڳو ڪيا ويا. اِنهن موجب سڄي ملڪ جي سڀني ذاتين ۽ عقيدن جي ماڻهن لاءِ ساڳيا ديواني توڙي فوجداري قاعدا جاري ٿيا، جو دستور هندستان ۾ اڳي ڪنهن به زماني ۾ نه هو. ساڳي وقت (1861ع) ۾ ٽن پريزيڊينسي شهرن ۾ وڏيون عدالتي ڪورٽون کوليون ويئون.

3- لارڊ ڪئننگ جي وقت ۾ ٻيو به هڪ وڏو سڌارو ڪيو ويو. سنه 1861ع جي ”اِنڊيا ڪائونسل ائڪٽ“ موجب بمبئي، مدراس ۽ بينگال جي علائقن کي پنهنجون قاعدي ساز ڪائونسلون ڏنيون ويون. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻين علائقن کي به ساڳي دستور ڪائونسلون مليون. هر هڪ ڪائونسل ۾ سرڪار ڪي هندستاني ميمبر مقرر ڪندي هئي. اُنهيءَ وقت کان وٺي هر ڪنهن وڏي علائقي پنهنجن ڪمن ڪارين بنسبت پنهنجا قاعدا پاڻ ٺاهيا آهن. گورنر جنرل جي ڪائونسل کي وڌايو ويو ۽ منجهس هندستاني ميمبر مقرر ڪيا ويا. اِها ڪائونسل اِنهن ڳالهين بنسبت قاعدا ٺاهي ٿي جي سڄي برٽش هندستان سان لاڳو آهن. هر ڪنهن علائقي کي پنهنجي پنهنجي قاعدي ساز ڪائونسل ۽ پنهنجا پنهنجا هندستاني ميمبر آهن. تنهن ڪري گورنرن کي هينئَر هروڀرو اوندهه ۾ ٿاڦورا ڪونه ٿا هڻڻا پون، پر اِنهن ميمبرن جي صلاح ۽ خبرچار جو فائدو ملين ٿو. اُهي صفا چئي سگهن ٿا ته ڪوبه نئون قاعدو رعيت جي ڀلي واسطي ٿيندو يا اُن مان کين ڪو خطرو رسندو. جيڪڏهين ڏٺو وڃي ٿو ته فلاڻو قاعدو رعيت جي بهبودي لاءِ آهي ته اُن کي پاس ڪيو ٿو وڃي، جو پوءِ قاعدي جي صورت وٺي ٿو؛ پر جيڪڏهين ثابت ڪيو ٿو وڃي ته خراب آهي اُنهيءَ کي اِهڙيءَ طرح سڌاريو وڃي ٿو، جو چڱو ۽ ڪمائتو ٿئي. ٻيءَ حالت ۾ جيڪڏهين اِئين نٿو ڪري سگهجي ته اصل لاءِ اُن کي رد ڪيو ٿو وڃي.

4- ڇو سڌارو درجه بدرجه ٿيڻ گهرجي؟ اِنهن ۽ ٻين سڌارن جي وقت بوقت پيش ڪرڻ ۽ پاس ٿيڻ ۾ هندستان جي سرڪار کي تمام گهڻي خبرداري ڪرڻي پوي ٿي ۽ آهستي ۽ هوشياريءَ سان قدم کڻڻو پوي ٿو. پهريائين ته ڪنهن کي به خيال ۾ نٿي آيو ته ڪهڙا نوان قاعدا ۽ ڪهڙيون نيون ڦيرون گهيرون ماڻهن جي فائدي لاءِ آهن. آڳاٽن وقتن ۾ هندستان جي جدا جدا ملڪن تي گهڻيئي حاڪم هوندا هئا. هرڪو حاڪم پنهنجي سمجهه آهر جيڪي پنهنجي رعيت لاءِ تمام سودمند سمجهندو هو، سو ڪندو هو ۽ هر ڪنهن ملڪ کي پنهنجون پنهنجون ريتون ۽ پنهنجا پنهنجا قانون هوندا هئا، جي سڀڪنهن هنڌ ساڳيا نه هوندا هوا. جو قانون هڪڙي ملڪ ۾ جائز يا شرعي هوندو هو، سو هروڀرو ٻئي ملڪ ۾ ڪونه هوندو هو. پر هن وقت هڪ بالا سرڪار هئي ۽ اهڙي رٿ رٿي ويئي، ته اُهي قاعدا ٺهن جي سڄي ملڪ لاءِ هڪجهڙا چڱا ۽ فائديمند ٿين. سرڪار اِئين ته چاهيندي هئي ته ڪنهن به آڳاٽي قانون يا رواج ۾ ڦير گهير ڪري، جيسين ڪ اُن کي صفا نظر نه ايندو هو ته اِهو غلط يا نقصانڪار آهي، جهڙوڪ هندو ودوائن جي ستي لڪڙي ٿيڻ جي رسم يا ننڍين ڇوڪرين جي ڪهڻ جو رواج. نڪا وري سرڪار جي اِها خواهش هئي ته ڪو اهڙو نئون قاعدو ٺاهجي جو سڀني ماڻهن لاءِ فائديمند نه ٿئي يا جنهن جي قبول ڪرڻ لاءِ ماڻهو اڃا تيار نه هجن، يا اهڙي نئين قسم جو هجي جو منجهن ڦرڦوٽ وجهي؛ ڇاڪاڻ جو هندستان جا ماڻهو جهونيون رسمون، اڳيان رستا ۽ پراڻيون ڳالهيون پسند ڪندا آهن، جن تي پاڻ ۽ سندن ابا ڏاڏا هريل هوندا آهن. اسان ڏٺو آهي (باب 37 فقره 3) ته 1857ع جي سپاهين جي بلوي جو هڪڙو ڪارڻ اِهو به هو ته لارڊ ڊلاهوسيءَ جي ڏينهن ۾ ڪئين نيون ڳالهيون جهڙوڪ ريلوايون، تار آفيسون، سستي ٽپال، سڪول، انگريزي ٻوليءَ جي تعليم ۽ اسپتالون هندستان ۾ جاري ڪيون ويون. اِهي ڳالهيون هيون ته ڪنهن به شڪ شبه کان سواءِ چڱيون، جيئن هاڻي ته سڀڪو ٿو سمجهي، پر اوائل ۾ هيون نيون، تنهن ڪري اُنهن گهڻني ديسي ماڻهن جي دلين ۾ ڊپ جاڳايو.

5- نون سڌارن تي ويچار ڪندي، ۽ اُهي قاعدا، جي اِنگلنڊ ۾ عام آهن پر هندستان ۾ نوان، تن جي ٺاهيندي، سرڪار کي البت ٻن ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو پوي ٿو.

6- پهريون ته اِنگلنڊ هندستان کان بلڪل علحدو ملڪ آهي ۽ سندس رهاڪو هندستان جي ماڻهن کان سڀڪنهن ڳالهه ۾ نيارا آهن. ٻنهي ملڪن جون ٻوليون، ڌرم، خوراڪ ۽ پوشاڪ ته کڻي ڇڏيو، پر سندن تواريخ به هڪ ٻئي کان علحدي آهي. سندن چال چلگت سندن ريتون رسمون، سندن قاعدا قانون هڪ جهڙا نه آهن. انگريز هڪ ئي ٻولي ڳالهائين ۽ ساڳي ڪرستاني مذهب جا آهن، هڪڙي ئي ذات اٿن، يا چئي سگهجي ته سندن ملڪ ۾ ذات جو ڀيد آهي ئي ڪونه؛ تنهن ڪري جيڪي اِنگلنڊ لاءِ فائديمند آهي، سو هرو ڀرو هندستان لاءِ نه به ٿئي. ساڳيو سرڪاري نمونو يا سرشتو  جو انگريزي ماڻهن لاءِ موافق هجي، سو هندستان جي ماڻهن لاءِ نه به هجي.

7- ٻيو ته هندستان جي جدا جدا ملڪن جا رهاڪو هڪٻئي کان گهڻين ڳالهين ۾ علحدا آهن، جهڙوڪ شڪل شبيهه ۾، ٻوليءَ ۾، ذات پات ۾، قوم ۾، دين ۽ ڌرم ۾، چال چلگت ۾ ۽ ريتين رسمن ۾. آرين سِکُ، دروايدن قوم جي مدراسيءَ کان نهايت ٻي نمَوني جو آهي ۽ پنجاب جو مسلمان بينگال جي هندوءَ کان بلڪل ٻي نموني جو آهي. بلوچي ڪنهن به ڳالهه ۾ برمي يا آساميءَ سان مشابهت نٿو رکي. اُتر اولهه جي سرحد علائقي جي پٺاڻ ۽ ملبار جي هندو نائر جي وچ ۾ ڪنهن به ڳالهه جي هڪجهڙائي ڪانهي؛ تنهنڪري جيڪي هندستان جي هڪڙي قسم جي ماڻهن يا قوم سان موافق هجي سو شايد ٻين ماڻهن سان ساڳي قدر نه به ٿئي.

8- اِهي قوي سبب آهن جن جي ڪري بالا سرڪاري کي هندستان ۾ سڌارن ڪرڻ ۾ يعني نون قاعدن قانونن ۽ انتظام جي نون رستن جي جاري ڪرڻ ۾ تمام آهستي ۽ خبرداريءَ سان قدم کڻڻو پوي ٿو. سڌارن ڪرڻ جو اِهو مطلب آهي ته سڀني لاءِ حياتي آسودي ڪجي ۽ نه هڪڙي فرقي کان وڌيڪ ٻي سان رعايت ڪجي جو هڪڙي جماعت يا قوم جي ماڻهن کي همت ٿئي جو ٻيءَ تي ظلم ڪري.

9- جڏهن ڪمپنيءَ کان حڪومت جون واڳون ڦري بادشاهه جي هٿ ۾ آيون تڏهن ”بورڊ آف ڪنٽرول“ ۽ اُن جي پريزيڊنٽ جي بجاءِ هڪ ڪائونسل مقرر ٿي جنهن کي ”ڪائونسل آف اِنڊيا“ ڪري ڪوٺيو ويو جنهن جو پريزيڊنٽ اِنگلنڊ جي بادشاهه جو مقرر ٿيل سيڪريٽري آف سٽيٽ هو. اوائل ۾ سڀ ميمبر انگريز هوندا هئا، پر هاڻي ٽي ميمبر هندستاني آهن جن مان ٻه هندو ۽ هڪ مسلمان آهن، ٻيا ميمبر انگريز آهن جن هندستان ۾ وڏا سرڪاري عهدا ڪمايا آهن.

10- 1857ع ۾ يعني بلوه واري سال ۾ پريزيڊينسيءَ وارن ٽن وڏن شهرن بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ وڏيون يونيورسٽيون برپا ڪيون ويون. اُنهيءَ کان پوءِ ٻين ٽن علائقن جي مکيه شهرن، الہ آباد، لاهور، پاٽنا ۾ به يونيورسٽيون کوليون وييون آهن. ٻيون يونيورسٽيون ٿوري وقت ۾ ڊاڪا، بنارس، عليڳره، ناگپور ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ کوليون وينديون. يونيورسٽين ۽ سندن ڪاليجن ۾ هزارها شاگرد اچي ڪٺا ٿيا آهن. تعليم ۾ سڀ سڌارو درجي بدر جي ٿيو آهي. جڏهن ڏٺو ويو ته اڳين يونيورسٽين فتحيابي حاصل ڪئي آهي تڏهن هڪ ٻي پٺيان آهستي آهستي خبرداريءَ سان ٻيون به يونيورسٽيون کوليون وييون. ڪاليجن، پرائيمري (ابتدائي) ۽ سيڪنڊري سڪولن برپا ڪرڻ ۾ به ساڳي قسم جي خبرداري رکڻي پيئي. پرائيمري، مڊل ۽ هاءِ سڪول سي سڀ هڪدم ڪونه کوليا ويا هئا، پر رفته رفته، جڏهن ماڻهن ۾ چاهه جاڳيو ۽ هو تعليم جو قدر ڪرڻ لڳا، ۽ جيئن جيئن اُنهن تعليم گاهن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چڱا سکيا ورتل ماستر ملي سگهيا ٿي. لارڊ ڪئننگ بلوي کي بند ڪرڻ، وري موٽي صلح آڻڻ ۽ ملڪي اِنتظام کي سڌارڻ ۾ جي جاکورا ڪيا تن کيس جهوري وڌو. سنه 1862ع ۾ اِنگلنڊ جي پهچڻ کان هڪ مهنو پوءِ 50 ورهين جي ننڍي عمر ۾ هن وفات ڪئي. ٿوروئي ڪو اڳ ۾ سندس استريءَ به ڪلڪتي ۾ تپ جي وگهي پراڻ ڏنا هئا.

 

78- هندستان جا راجائون

اسان ڏٺو آهي ته راڻي وڪٽوريا جو اعلان هندستان جي ماڻهن ۽ راجائن ڏانهن موڪليل هو.

هندستان جا راجائون ڪير آهن؟

برٽش هندستان سڌي طرح وائسراي جي هٿ ۾ آهي جو شهنشاهه جي پاران راڄ ڪري ٿو. پر هندستان ۾ اِنهن حدن کان ٻاهر ٻيون به ڪئين ديسي رياستون آهن، جن کي ”نيٽو“ (ڏيهي) يا پروٽيڪٽيڊ سٽيٽس (هند سرڪار جي بچاو هيٺ رياستون) چئبو آهي. اِنهن مان جيڪي وڏيون هيون، تن مان گهڻيون ته ٻه سؤ سال اڳ ۾ اورنگزيب جي موت کان پوءِ مغل شهنشاهت جي ڦٽڻ وقت ٺهيون. ٻيون خاص ڪري راجپوتانا واريون ٿوري ۾ ٿورو هزار سال کن اڳ ۾ ٺهيون آهن ۽ ڪي ته وري اِنهيءَ کان به زماني جون آهن. اِهي رياستون پنهنجن سردارن، نوابن يا راجائن جي راڄ هيٺ هونديون آهن. آڳاٽي اِهي هندستان جا شهزادا آهن. سندن ملڪ، برٽش هندستان جيئان، وڏي برٽش شهنشاهت جا ڀاڱا آهن ۽ سڀ شهنشاهه کي پنهنجي بالا حاڪم ڪري مڃينديون آهن.

2- اٽڪل 700 رياستون آهن. اِهي هندستان جي نقشي جو ٽيون حصو والارين ٿيون. منجهن اٽڪل ست ڪروڙ ماڻهن جا رهن ٿا يعني هندستان جي سڄي آدم جي چوٿين کان پنجين پتيءَ تائين. اِهي گهڻنئي مقدارن جو آهن. ننڍي ۾ ننڍي آهي راجپوتا جي لاوا جا اوڻهين چورس ميلن جي ايراضيءَ ۾ آهي. وڏي ۾ وڏي حيدرآباد آهي، جنهن جي ايراضي اٽڪل بينگال جيڏي ٿيندي ۽ جنهن جي آدمشماري هڪ ڪروڙ ٽيهه لک آهي. سڀني ۾ وڏي ۾ وڏيون رياستون آهن حيدرآباد، ميسور، برودا ۽ ڪشمير.

3- راڻيءَ پنهنجي اِشتهار ۾ اِئين پڌرو ڪيو هو ته ”اسان جي مرضي نه آهي ته اسين قبضي ۾ آيل ملڪن کي اڃا به وڌايون. اسين ڏيهي شهزادن جي حقن، مرتبي ۽ مان جي اهڙيائي عزت رکنداسين جهڙي جيڪر پنهنجن حقن ۽ مان جي رکون. اِهائي اسان جي مراد آهي ته اِهي ۽ سندن رعيت سکي ۽ آباد هجن، ۽ اِهي ڳالهيون تڏهين ٿي سگهنديون، جڏهين ملڪ ۾ صلح سانت ۽ حڪومت جو چڱو انتظام رهندو ايندو.“

4- 1859ع ۾ لارڊ ڪئننگ سڄي هندستان ۾ سير ڪيو. آگري ۾ وڏي درٻار ڪيائين جنهن ۾ سڀني ڏيهي شهزادن کي راڻيءَ جي پاران پڪ ڏنائين ته ڪنهن به رياست جي آزادگيءَ کي جوکو ڪونهي ۽ نڪو وري ڪا به رياست برٽش هندستان سان گڏي ويندي. جيڪڏهين گديءَ تي وهڻ لاءِ ڪو وارث جيئرو نه هجي، ته به رياست برٽش هندستان سان گڏ نه ويندي. هندستان جي راجائن کي اجازت ملي ته هنن کي پنهنجا پٽ نه هجن ته کانئن پوءِ سندن راڄ گديءَ تي وهڻ لاءِ هو گوديلا پٽ ڪن. لارڊ ڪئننگ سڀني سردارن کي سَنَدون يا دستاويز موڪليا جنهن ۾ کين اِها اختياري ڏنائين بشرطيڪ هو اِنگلش تختگاهه سان فرمانبردار ٿي هلندا ۽ برٽش سرڪار مان وقت بوقت ڪيلن عهدنامن تي محڪم رهندا.

5- اِهي رياستون ”پروٽيڪٽيڊ“ (يعني حفاظت هيٺ رکيل) اِنهيءَ ڪري ڪوٺيون وڃن ٿيون، جو برٽش سرڪار کين هندستان کان ٻاهرين توڙي اندرين ڪاهن جي خطري کان بچائڻ لاءِ ذمون کنيو آهي. هر ڪنهن رياست جا ماڻهو پنهنجي حاڪم جي رعيت آهن. حاڪم پنهنجون ڍلون پاڻ وجهي ٿو ۽ پنهنجا قاعدا پاڻ جوڙي ٿو ۽ جيستائين با اِنصاف راڄ ڪري ٿو، تيستائين پنهنجي مرضي موجب راڄ ڪري سگهي ٿو. سندس رعيت برٽش هندستان جي ڪنهن به ڀاڱي سان، بنان ڪنهن روڪ، واپار ڪري سگهي ٿي ۽ هندستان جا بندر يا ريلوايون ۽ واپار مارڪيٽون، سواءِ ڪنهن اجوڙي جي، ڪم آڻي سگهي ٿي. اڳين ڏينهن ۾ رياست جو راجا هميشہ ڌارين ڪاهن جي ڊپ ۾ رهندو هو. سڀڪنهن راجا کي ڳري خرچ سان پنهنجي ۽ رعيت جي جان مال جي سلامتيءَ لاءِ لشڪر رکڻو پوندو هو؛ پر هينئَر سڀڪنهن ٻاهرين حملي کان اَمن ۾ رهي، ملڪ جي سموري ڍل هو پاڻ تي ۽ پنهنجي رعيت مٿان خرچ ڪري سگهي ٿو. ديسي رياستن کي جا وڏي ۾ وڏي رحمت ملي آهي سا آهي صلح.

6- ٻيءَ ڳالهه به ٿورو ڌيان لهڻو. جيڪڏهين هندستان جي شهزادن کي پنهنجا حق حقوق آهن ته فرضن کان به ڇٽل ڪين آهن. ڪنهن به راجا کي جنگ يا صلح ڪرڻ جي منع آهي. اِهو سندس بالا حاڪم يعني شهنشاه جو فرض آهي، جو سندس بچاءُ ڪري ٿو. جيڪڏهين مرضي پويس ته هو پنهنجي راڄڌانيءَ ۾ صلح سانت يا وڳور بند ڪرڻ لاءِ هٿيارن سان پوليسي جٿو پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو. ڪجهه لشڪر پڻ رکي سگهي ٿو، اِنهي لاءِ ته ضرورت جي وقت شهنشاهت جي بچاءَ ۾ مدد ڏيئي سگهي. اِهڙي لشڪر کي سڏيندا آهن ”امپيريل سروس ڪور“ يعني شهنشاهت لاءِ وڙهڻ واسطي لشڪر.

7- هرڪو راڄ ڪندڙ سردار ٻڌل آهي ته انصاف سان ۽ چڱيءَ طرح سان راڄ ڪري، رعيت کي نه آزاري ۽ نڪي ڪي وري بد رسمن جهڙوڪ ستي لڪڙيءَ چڙهڻ جي يا معصوم ڇوڪرين جي ڪهڻ جي پنهنجي رياست جي اندر ڪٿي به موڪل ڏئي. اگرچ خراب راڄ ڪرڻ ڪري کڻي سرڪار راجا کي گاديءَ تان لاهي، ته به اِهڙيءَ حالت ۾ سندس ويجهي ۾ ويجهي عزيز کي ٿاڦيندي.

 لارڊ ايلگن

 

79- راڻيءَ جي هٿ هيٺ هندستان

      ٻيا چار فرمان فرما

1- لارڊ ايلگن (1862ع-1863ع) ٻيو فرمان فرما ٿيو.  جنهن سال هندستان ۾ آيو تنهن کان هڪ سال پوءِ يعني 1863ع ۾ 51 ورهين جي ڄمار ڌاري وفات ڪيائين، تنهن ڪري هندستان جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ، جيترو خيال هوس، اوترو ڪري نه سگهيو. راڻيءَ جي فرمان موجب ڪلڪتي ۾ وڏي درٻار کوليائين، جنهن ۾ اُتر هندستان جي راجائن کي ٻڌايائين ته ڪيئن نه راڻيءَ سندن سار لڌي ٿي، ڪهڙو نه اِنهن لاءِ سندس هڏ ڪرڪيو ٿي، ڪيئن نه سندن بهبودي لاءِ منتظر هئي ۽ اُميد ٿي ڪيائين ته هو پنهنجي رياستن تي اِهڙيءَ طرح راڄ ڪندا جو رعيت کي سدائين خوش رکندا.

2- ساڳي ورهيه ۾ افغانستان جي حاڪم دوست محمد وفات ڪئي. بلوي ۾ هو انگريزن جو رفيق ۽ وفادار دوست ٿي رهيو هو. هن کان پوءِ سندن پٽن مان ننڍي پٽ شير عليءَ تخت زوريءَ هٿ ڪري، پنهنجي وڏي ڀاءُ افضل خان کي، جو حقي وارث هو، کڻي بند ۾ رکيو.

لارڊ لارينس

 

3- سر جان لارينس (1861ع-1869ع) ٽيون فرمان فرما هو. هن سڄي بلوي جي وقت پنجاب جو چيف ڪمشنر ٿي، پنجاب تي ڏاهپ سان ۽ چڱيءَ طرح سان حڪمراني ڪئي هئي. هو بهادر، ايماندار ۽ مضبوط حاڪم ٿي گذريو آهي. رڳو ٻاهرين ڏيک ويک کي پسند ڪندڙ نه هو، پر سچي محنت لاءِ چاهه هوندو هوس. پنهنجي رعيت تي ڏاڍو مهربان هوندو هو ۽ جيتري قدر ٿي سگهيس، اوتري قدر اُنهن سان مهربانيءَ جا ڪم ڪيائين.

4- سندس وقت ۾ نيپال جي اوڀر ۾ ڀوتان جي هڪ ننڍي ملڪ سان هڪ ويڙه لڳي. اُتي جو راجا هندستان جا ڪي ڏيهي ماڻهو ٻانها ڪري کڻي ويو هو. کيس شڪست ڏني ويئي، ٻانهن کي آزاد ڪيو ويو ۽ ساڻس صلح ڪيو ويو.

 5- افغانستان ۾ وري افضل خان، دوست محمد جي وڏي پٽ کي سندس پٽ عبدالرحمان بند مان پَلَو آجا ڪرائي آڻي تخت تي وهاريو. شير علي اُٿي ڀڳو، پر ٿوري وقت کان پوءِ افضل خان وفات ڪئي ۽ وري شير علي موٽي اچي ٻيهر امير ٿي راڄ ڪيو. سر جان لارينس ڏاهپ ڪري افغانستان جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ کان نابري واري ۽ افغانن کي ڇوٽ ڇڏيائين ته ڀل جيئن وڻين تيئين جنگيون جوٽين.

Text Box: لارڊ ميئو
6- 1866ع ۾ اوڙيسا ۾ اچي سخت ڏڪار پيو ۽ گهڻيئي ماڻهو مري ويا. سرڪار جهجها پيسا خرچي هزارن ماڻهن جون حياتيون بچايون. هڪ چڱو نتيجو اِهو نڪتو جو اوڙيسا ۾ آئندي لاءِ وڌيڪ رستا، واه ۽ ريلوايون کوليون ويئون، اِنهيءَ لاءِ ته ٻئي وقت جي کڻي ڏڪار پوي، ته اَن آڻن ۾ وڌيڪ سولائي ٿئي. وائسراي ڳرا ناڻا پاسيرا ڪري رکيا جنهن کي ”ڏڪار جو انشورنس فنڊ“ ڪري ڪوٺيو ويو. هر هڪ سال هن فنڊ ۾ ڪجهه نه ڪجهه گڏيو ويندو هو ۽ رڳو اِهڙن عام ڪمن تي خرچيو ويندو هو جهڙوڪ رستا، ريلوايون ۽ واه اِنهيءَ لاءِ ته ملڪ کي ڏڪار کان باز رکجي.

لارڊ ميئو

 

7- لارڊ ڊلاهوسيءَ جيڪي سڌارا شروع ڪيا هوا تن جي تعميل ڪئي ويئي ۽ منجهن ڪيتريون نيون ڳالهيون گڏيون ويئون، ڪيترائي نوان سڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا ۽ تار جا وڌيڪ رستا ٺاهيا ويا. ٽڪي واري ڪارڊ تي ٻيڻي تور مجرا ڏني ويئي. ٻيلي واري کاتي کي وڌايو ۽ سڌاريو ويو ۽ ڪئين وڻ پوکيا ويا.

8- لارڊ ميئو، چوٿون فرمان فرما، هندستان ۾ 1869ع ۾ آيو ۽ هندستان ۾ ٽن ورهين راڄ ڪرڻ بعد انڊمان ٻيٽن مان گشت ڪندي، هڪ قيدي جي هٿان مارجي ويو.

9- هي پڻ سڌاري ۽ واڌاري جي ڪمن کي کڻندو آيو. عام ڪمن کي وڌايائين، نيون ريلوايون، رستا ۽ واه ٺاراهايائين. نوان سڪول، خاص ڪري مسلمانن لاءِ، کوليا ويا. هڪ تمام نئون ۽ ڪارائتو کاتو ٺاراهيائين جنهن کي زراعتي کاتو سڏيو ويو. اِنهيءَ کاتي جا عملدار جاچي معلوم ڪن ٿا ته ٻين ملڪن جا آبادگار ڇا پيا ڪن، ڪهڙا فصل ٿا اُپائين، ڪهڙو اناج ٿا پوکين، ڪهڙا هر ٿا ڪم آڻين، ڪهڙو ميوو پنهنجن باغن ۾ ٿا اُپائين، زمين کي ڪهڙو ڀاڻ ٿا ڏين ۽ زمين ۾ ٻج ڪئين ٿا پوکين. اِهي سڀ ڳالهيون انگريز لوڪ ڪري سگهن ٿا، ڇو جو سڀڪنهن ملڪ ۾ ويندا آهن ۽ سڄي جهان ۾ جيڪي وهي واپري پيو، تنهن جي سڌ لهندا آهن، (هندستان جا ماڻهو هندستان کان ڪڏهين پير به ٻاهر ڪونه ڪڍندا هئا، رڳو هاڻي ويجهرائيءَ ۾ وڃڻ لڳا آهن)، پوءِ جيڪي ڏسي وائسي سکي اچن ٿا، سو ڏيهي آبادگارن کي اچي ٻڌائين ٿا ۽ فصل پيدا ڪرڻ جي عمدي واٽ اچي ٿا هنن کي بتائين.

10- جن ڏينهن ۾ لارڊ ميئو هندستان جو فرمان فرماءِ هو تن ڏينهن ۾ راڻي وڪٽوريا جو ٻيو پٽ ڊيوڪ آف ايڊنبرگ هندستان ۾ آيو هو. هو پهريون ئي شاهي گهراڻي جو ماڻهو هو جنهن هندستان اندر پير پاتو. هن گهڻني هندستاني شهزادن کي ڏٺو جي ساڻس ملاقات ڪري نهايت خوش ٿيا.

11-  لارڊ ميئو جو ٻيو سڌارو اِهو هو ته هر هڪ پرڳڻي جون ڪي ڪاروباريون، خاص ڪري اُهي جي جيلن، ريجسٽريشن، پوليس، تعليم، رستن ۽ ملڪي اڏاوتن سان لاڳو آهن، سي مڪاني سرڪار کي ڏجن ۽ هر هڪ پرڳڻي جي سرڪار کي اختياري هجي ته مٿين ڳالهين تي جيڪو خرچ ٿئي، سو، رعيت مان جيڪي ڍلون ۽ محصول اوڳارين تن مان ڪن ۽ پڻ اُنهن پيسن مان جي شهنشاهت جي عام آمدني مان هر هڪ پرڳڻي کي ملن ٿا جنهن آمدنيءَ کي چوندا آهن .”امپريل ريونيو“. اِهڙيءَ ريت هر ڪنهن پرڳڻي جي ڍل خود پرڳڻي تي ئي، ماڻهن جي گهرجن آهر، خرچ ڪرڻ ۾ ٿي آئي ۽ هند سرڪار يعني گورنر جنرل ۽ سندس ڪائونسل، اِنهن ڪمن کان فارغ ٿي، پنهنجو سمورو وقت ۽ ڌيان شهنشاهي ڪمن تي ڏيئي سگهن يعني اُنهن ڪمن تي جي هندستان جي سلطنت سان لاڳو آهن جهڙوڪ لشڪر، ٽپال، تار وغيره وغيره.

12- ٻيو جيڪو سڌارو ٿيو سو هو. لوڻ تي محصول جو گهٽجڻ، جنهن ڪري غريب ۾ غريب کي به وڏي هٿي آئي. ساڳي وقت راجپوتانا ۾ لوڻ واريءَ ڍنڍ کان، ريل جي مکيه رستن تائين هڪڙي ننڍڙي ريل کولي ويئي ته ملڪ جي سڀڪنهن ڀاڱي ۾ سهنجائيءَ ۽ سستائيءَ سان لوڻ آڻيو يا نيون وڃي.

13- پنجون فرمان فرماءِ ٿيو لارڊ نارٿ بروڪ (1872ع-1876ع). هن جي وقت ۾ بينگال ۾ اچي هڪڙي وڏي ڏڪار منهن ڪڍيو، پر اِهو اهڙو موتمار ڪونه هو جهڙو اوڙيسا ۾ ٿيو هو. وائسراءِ ۽ سندس ڪائونسل ڏڪار کي دور رکڻ جا سياڻپ وارا رستا اختيار ڪيا ۽ وڏو عملدارن جو مجموعو ٺاهيو ويو ته اِنهيءَ سوال تي ويچار ڪن. جن غريب ماڻهن جو فصل ڪونه ٿيو هو تن کي ڪم، کاڌو ۽ پگهار ڏنو ويو جنهن ڪري موت ڪو ورلي ٿيو.

14- لارڊ نارٿ بروڪ اڃا وائسراءِ هو ته اُن وقت ۾ برودي جو گائڪواڙ، جو گهڻي وقت کان خراب طرح سان راڄ ڪندو آيو هو تنهن کي تخت تان لاٿو ويو. قديم زماني ۾ ته اهڙي هلت ڪري سندس رياست برٽش ملڪ سان گڏي وڃي ها، پر 1858ع جي اعلان موجب اِئين ٿي نه ٿي نه ٿي سگهيو. گائڪواڙ جو هڪڙو ننڍو مائٽ گديءَ تي وهاريو ويو ۽ سر ٽي ماڌو راءِ جهڙو مشهور هندستاني مدبّر سندس هٿ هيٺ وزير مقرر ڪيو ويو.

15- اٽڪل اِنهيءَ وقت ڌاري هندستان راجائن ۽ شهزادن جي پٽن لاءِ اجمير ۾ ڪاليج کوليو ويو جا لارڊ ميئو ڪاليج سڏجڻ ۾ آئي ڇو ته اِهڙي قسم جي ڪاليج کولڻ جي رٿ هن صاحب ئي رٿي هئي، پر عمل ۾ آڻڻ کان اڳ پاڻ مري ويو. اُن وقت کان وٺي لاهور ۽ ٻين هنڌن ۾ به راجڪمارن لاءِ ڪاليج کوليا ويا آهن. هتي ننڍڙن راجڪمارن کي تعليم ڏني وڃي ٿي، اِنهيءَ لاءِ ته پنهنجي رعيت مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ لائق ٿين. هنن کي نه رڳو ڪتاب پاڙهيا وڃن ٿا پر کين سواري ڪرڻ ۽ مردانگيءَ واريون رانديون جهڙوڪ ڪرڪيٽ، پولو، ٽينس ۽ هاڪي سيکاريون وينديون آهن ته تَن توڙي مَن ۾ سدائين تندرست ۽ مضبوط گذارين.

16- لارڊ نارٿ بروڪ جي ڏينهن ۾ ٻيو جيڪو واقعو ٿيو، سو هو ويلس جي شهزادي جو 1875ع ۾ هندستان ۾ اچڻ“ جو پوءِ بادشاهه ايڊورڊ ستون ٿيو. ڪلڪتو جو اُن وقت هندستان جو تختگاهه هو تنهن ۾ هڪ شاندار درٻار ڪيائين جنهن منجهه هندستان جا شهزادا، سردار، حاڪم ۽ سڀني ملڪن جا وڏا ماڻهو پنهنجي ايندڙ شهنشاهه کي ڏسڻ ۽ اُن کي پنهنجو بالا حاڪم سمجهي تسليم ڏيڻ آيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org