سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 10

نجم الدوله

 

3- مير جعفر هن کان اڳڀرو مري ويو هو. تنهن ڪري لارڊ ڪلائيو نجم الدوله هن جي هڪڙي پٽ کي ڪمپنيءَ جي زير تابع بنگالي ۽ بهار جو نواب مقرر ڪيو. هن کي ڪيترن ڏيهي عملدارن جي مدد سان ملڪ تي حڪومت هلائڻي هئي ۽ ڍلون سڀ انگريزن کي ڏيڻيون هيس. انگريزن کي ملڪ جي حڪومت ۾ ڪو دخل ڪونه هو؛ پر ملڪ جي بچاءَ لاءِ اُنهن لشڪر رکيو.

4- پويون ڪم جو لارڊ ڪلائيو ڪيو، سو هو ملڪي سَنَدي ڪامورن ۽ لشڪر جو سڌارو. ڪمپنيءَ جا نوڪر جو خانگي واپار ڪندا ها، سو سڀ هن بند ڪري ڇڏيو ۽ اُنهن کي ڏيهي ماڻهن کان سوکڙين يا بخشش وٺڻ جي منع ڪيائين؛ مگر ايترو سو ڪيائين جو اڳي جيڪا تنخواه ملندي هين، تنهن کان تنخواه گهڻو وڌائي ڏنائين، ته ڌنڌي واپار ڪرڻ ڌارانئي هو آسودا رهي سگهن. لشڪر کي گهڻي وقت لاڪر ٻيڻي تنخواه، جنهن کي ٻيڻو پتو ٿا چون، پئي مليو. هيءُ هن بند ڪيو ۽ لشڪر جو خرچ جو گهڻو هو سو گهٽايائين.

5- جنهن ڪم ڪرڻ لاءِ آيو هو سو پورو ڪري لارڊ ڪلائيو اِنگلنڊ ڏي موٽيو. هو هندستان ۾ 1744ع ۾ هڪڙو غريب محرر ٿي آيو هو. هتي اچي، فرينچن جي طاقت ٽوڙي، ڪئپٽن ڪلائيو جي عهدي سان اوڏهين موٽي ويو. وري اُتان 1756ع ۾ ڪرنل ڪلائيو جي عهدي سان ٻيو دفعو هندستان ۾ اچي، پلاسيءَ جي جنگ کٽيائين ۽ مدراس ۽ بينگال کاتن جو بنياد وڌائين. وري ٽيون دفعو 1760ع ۾ لارڊ

 

ڪلائيو کان پوءِ برٽش انڊيا

 

ڪلائيو جي لقب سان موٽي آيو ۽ پنهنجي جبري هٿ ۽ قوت ارادت سان لشڪر ۾ توڙي ملڪي سَنَدي ڪامورن ۾ سڌارو ڪيائين. اِهوئي مڙس هو هو اِئين ڪري سگهيو ڇاڪاڻ ته ڪمپنيءَ جا ملازم ٻئي ڪنهن جو ڪين ٻڌن ها.

 

6- جيتوڻيڪ هو سورمن ۾ سورمو هو؛ پر هو ڏاڍو مڙس ڪين هو. هو ضعيف ۽ روڳي هوندو هو ۽ وري هڪ پاسي هندستان جي گرمي ۽ ٻئي پاسي هن جو گهڻو ڏاکڙو ڪيو، تن باقي هن جي تدرستيءَ کي تمام گهڻو جهوري وڌو. هو اڃا پنجاهين ورهين جو ڪين ٿيو هو، ته هن اِنگلنڊ ۾ پاڻ گهات ڪري ڇڏيو.

 

46- احمد شاهه ابدالي

      1761 عيسوي

 

1- بابر کان وٺي اورنگزيب تائين جيڪي مغل شهنشاه ٿيا سي پنهنجي شهنشاهت جي ٻين ڀاڱن سان گڏ افغانستان يعني ڪابل جي حڪومت تي پڪو ضابطو ڄمائيندا پي آيا ۽ پنهنجا سٺي ۾ سٺا لشڪر اُتان ڪڍندا پي رهيا. پر اورنگزيب جي وفات کانپوءِ ايران جي شاهه، افغانستان فتح ڪري پنهنجي حڪومت سان شامل ڪري ڇڏيو.

 

2- نادر شاهه جي مرڻ کان پوءِ افغان ايران جي ڏوريءَ کان نڪري ويا. هڪڙو افغان سردار احمد ابدالي نالي هو، تنهن کي ٻين سردارن پنهنجو بادشاهه ڪري ٿاڦيو. هن ڏٺو ته مغل شهنشاهت وڃي ترين ڀر ٿي آهي؛ تنهن ڪري هن ڀانيو ته هيڪر وري به ساري هندستان کي افغانن جي حڪومت هيٺ آڻيندس ۽ جئَن مغلن کان اڳ پٺاڻ بادشاهه راڄ ڪندا ها، تئَن آءٌ به دهليءَ ۾ راڄ ڪندس.

 

3- هن پنجاب وٺڻ سان 1752ع ۾ آرنڀ ڪيو؛ جنهن سال ۾ ڪپتان ڪلائيو آرڪاٽ ورتو ۽ هن جو بچاءُ ڪيو. پوءِ محمود غزنوي ۽ محمد غوري وانگر هو ڦرڻ ۽ مارڻ ڪاڻ پنهنجو لشڪر هندستان ۾ وٺي ويو. ڇهه ڀيرا ڪٺور افغان گهوڙي سوار خيبر جي دري کان لنگهي ماريندا ساڙيندا ۽ ڦريندا اُتر هندستان ۾ ڪاهي پيا. هو جتي جتي ويا، اُتي هندن جا مندر ڊاٺائون ۽ اُنهن کي پليت ڪرڻ ڪاڻ منجهن گئو ڪٺائون ۽ مرد زالون ۽ ٻار باندي ڪري وٺي ويا.

 

4- جڏهين بالاجي باجي راءِ مرهٽن جي ٽئي پيشوا ڏٺو ته افغانن جي سبب ڪري آءٌ اُتر هندستان ۾ چوٿ جي اُڳاڙي ڪري نٿو سگهان ۽ احمد شاهه سارو اُتر هندستان پيو فتح ڪري، تڏهين هن اِرادو ڪيو ته هن سان هڪ چوٽ کائي هن کي هندستان مان لوڌي ڪڍان. احمد شاهه ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي گاديءَ جي هنڌ ڪابل ڏي ويو هو ۽ پيشوا پنهنجي ڀاءُ رگهوناٿ راءِ يا راگهوبا جي هٿ هيٺ هڪ وڏو مرهٽن جو لشڪر دهليءَ ڏي ڏياري موڪليو. راگهوبا اوڀر پاسي پنجاب تي چڙهي ڪئي ۽ لاهور وڃي ورتائين.

 

5- جڏهين احمد شاهه کي اِها سڌ ملي، تڏهين هن افغانن جي وڏي لشڪر سان موٽي اچڻ ۾ ويرم ڪانه ڪئي. هن ستتئي راگهوبا کي تڙي ڪڍيو ۽ دهليءَ تي چڙهي ڪري ويو. هولڪر ۽ سنڌيا، جي هن کي روڪڻ ڪاڻ آيا ها، سي ڀڄايا ويا ۽ مالوا ۾ پنهنجن جاين تي موٽي ويا، پوءِ پيشوا سڀني پاسين پنهنجن سردارن کي چوائي مڪو ته پنهنجو لشڪر گڏ ڪن. هن راجپوتن کي چيو ته افغانن کي لوڌي ڪڍڻ لاءِ هڪ ڏاڍي ڪوشش ڪرڻ ۾ اچي شامل ٿيو. گهڻا ساڻس اچي گڏيا ۽ مرهٽن ۽ راجپوتن جو وڏو لشڪر هندستان جي شهنشاهت لاءِ افغانن سان وڙهڻ واسطي نڪري اُٿي هليو.

 

6- ٻئي لشڪر 1761ع ۾ پاڻي پٽ واري وڏي ميدان ۾ اچي گڏيا. هن ساڳئي هنڌ تي 1526ع ۾ بابر ترڪي ۽ افغاني جوڌن جو اڳواڻ ٿي ابراهيم لوديءَ جي ڪٽڪ کي ڀڄايو هو. کلي جنگ جي ميدان ۾ هلڪن مرهٽن گهوڙي سوارن جي ڳري افغاني ترڪ سوارن جي لشڪر سان پڄڻ جي جاءِ نه هئي. وري به ڏکڻ جا ماڻهو اُتر وارن ماڻهن جي سخت حملي اڳيان بيهي ڪين سگهيا. مرهٽن جي ڀيانڪ ڪوس سان هار ٿي ۽ اُنهن جا ٻه لک ماڻهو ناس ٿي ويا.

 

7- جڏهين پيشوا هيءَ هيبت جهڙي خبر سڻي، تڏهين هن جي ڇاتي ڇڄي پيئي ۽ دک ۾ مري ويو. احمد شاهه هاڻي دهليءَ جي تخت تي ويهي سگهي ها، پر ڏسجي ٿو ته هن هڪ گهمرو وري پنهنجي ملڪ ڏي وڃڻ چڱو ڄاتو.

 

8- 1748ع وانگر 1761ع سال به هندستان جي تواريخ ۾ تمام پڌرو آهي. اُنهي ورهيه ۾ پانڊيچري جي هار جي ڪري ڏکڻ هندستان ۾ فرينچن جي طاقت ناس ٿي ويئي. دکن ۾ نظام علي نالي نئين نظام گادي هٿ آندي ۽ صلابت جنگ، جنهن کي فرينچن جي مهندار بُسيءَ جي مدد هئي، تنهن کي مارائي ڇڏيائين. افغانن احمد شاهه ابداليءَ جي هٿ هيٺ پاڻي پٽ جي جنگ ۾ مرهٽن کي چٽ ڪري ڇڏيو. ٽيو وڏو پيشوا مري ويو ۽ تنهن کان پوءِ جيڪو ٻيو پيشوا ٿيو، تنهن کي مرهٽن جي هن وڏيءَ شڪست پڄاڻا ٿوريائي ڪا طاقت باقي رهي هئي. اُنهي ساڳي ورهيه ۾ حيدر علي ميسور جو سلطان ٿيو. اُتر هندستان ۾ مير جعفر هن سال ۾ گاديءَ تان لٿو. مير قاسم بنگالي جو نواب ٿيو ۽ بردوان چٽگانگ ۽ مڊناپور جا ضلعا يعني سڄي بنگالي جي ٽي پتيءَ جيترو ملڪ ڪمپنيءَ کي ڏنائين.

 

47- مغل شهنشاهت جي پڄاڻي

 

1- محمد شاهه 1748ع ۾ مري ويو. جن مغلن کي ڪا اختياري هئي، تن مان هيءُ پويون هو. هئي ته هن جي طاقت به تمام ٿوري. پر جيڪا هئي، تنهن کي به وري 1739ع ۾ نادر شاهه هڻي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيو. هن کان پوءِ ٻه شاهزادا گاديءَ تي ٿاڦيا ويا، پر اُهي ٻئي رڳا نالي جا شهنشاهه ها. اُنهن ٻن مان هڪ جون اکيون نڪتيون ۽ ٻيو مارجي ويو. افغانن ۽ مرهٽن واري سان ساري اُتر هندستان ۾ حڪومت ڪئي. ماريل شهنشاهه جو پٽ جنهن کي شاهزادو چوندا ها، سو اودهه جي نواب شجاع الدوله وٽ ڀڄي ويو ۽ جئَن مٿي چيل آهي، هن سان گڏجي بنگالي تي ڪاهه ڪيائين؛ پر ڪلائيو ٻنهي کي لوڌي ڪڍيو.

 

2- پاڻي پٽ واريءَ موت مار جنگ کان پوءِ شاهزادو شاهه عالم جو لقب وٺي شهنشاهه ٿيو. شجاع الدوله سان گڏجي هن وري بنگالي تي ڪاهيو، پر ميجر ڪارنڪ وري هار جو منهن ڏيکاريس. هو اودهه ۾ رهندو هو؛ ڇاڪاڻ جو دهليءَ وڃڻ کان ڊنو ٿي.

 

3- ٽيو ڀيرو شاهه عالم ۽ شجاع الدوله بنگالي تي چڙهي ڪري ويا ۽ اُنهي گهمري مير قاسم به ساڻ هون. 1764ع ۾ هنن بڪسار وٽ پٽيءَ هارايو ۽ ٻئي سال لارڊ ڪلائيو الہ آباد جو عهدنامو ڪيو، جنهن موجب

شاهه عالم ڪمپنيءَ جي لشڪر کي نگاه مان ٿو ڪڍي

 

انگريزن شاهه عالم کي سندس گذران ڪاڻ 25 لکن رپين ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ هن الہ آباد ۾ سندن حفاظت هيٺ رهڻ قبوليو. هو بادشاهيءَ بنا بادشاهه هو. دهليءَ جي وڏي مغل شهنشاهت پوري ٿي ويئي.

4- پاڻي پٽ جي جنگ کان ڏهه ورهيه پوءِ مرهٽا اهڙو زور وٺي ويا، جهڙو اڳي هون. پر هاڻي سندن اڳواڻ پيشوا ڪين هو؛ مرهٽن سردارن ۾ سڀني کان زور وارو مهاداجي سنڌيا هو. هاڻي هن مهاراجا جو لقب ورتو. هن راجپوتانا جي سڀني راجپوت راجائن کان چوٿ وٺي ڇڏي. پوءِ هو دهليءَ تي چڙهي ويو ۽ شاهه عالم کي چيائين ته الہ آباد ڇڏي هلي دهليءَ ۾ مغلن جي تخت تي ويهه. انگريزن جي گورنر جي موڪل ڌاران ۽ هنن جي مرضيءَ جي اُبتڙ شاهه عالم اِئين ڪيو، جنهنڪري انگريز هن کي جيڪو 25 لک رپيا ساليانو ڏيندا ها سو وڃايائين.

شاهه عالم پوڙهو کم کرو ۽

اکين سڄو

5- ڪيترن ورهين تائين سنڌيا شاهه عالم کي نظربند ڪري رکيو ۽ دهليءَ ۽ آگرهه جي چوگرد جيڪو ملڪ هو، يعني دهليءَ جي پراڻي بادشاهت تنهن تي هن جي نالي تي حڪومت پئي ڪيائين. پر جڏهين ڪيترا ورهيه لنگهي ويا، تڏهين ڪنهن ڪم جي سبب ڪري هو پنهنجي مکيه شهر گواليار ڏي موٽي ويو. اڃا هن پٺ ڏني ته روهيلن جي ملڪ جو هڪ افغان سردار دهليءَ تي ڪاهي پيو، محلات کي ڦريائين ۽ ويچاري پيرسن مغل شهنشاهه جون اکيون ڪڍائي ڇڏيائين.

جڏهين سنڌيا اِها ڳالهه سڻي، تڏهين هو لشڪر وٺي موٽي آيو ۽ افغان کي ماريائين؛ پر شاهه عالم کي اکيون موٽائي ڪير ڏيئي سگهي؟ ويهه ورهيه پوءِ 1803ع ۾ انگريزن جي لشڪر دهلي ورتي، تڏهين ڏٺائون ته شاهه عالم جو انڌو ۽ پوڙهو هو، سو مرهٽن جي هٿ ۾ باندي ٿيو ويٺو آهي. هن کي آجو ڪيائون، گذران ڪاڻ گهڻو مواجب ٺاهي ڏنائنس ۽ سندس پراڻي محلات ۾ رهڻ جي رخصت ڏنائنس.

48- حيدر علي

      ميسور جي پهرين ويڙهه

     ( 1767 عيسوي کان 1769 عيسوي تائين)

1- ميسور ڪانيري لوڪن جو گَهُر آهي. سَوَن ورهين لاڪُرِ هندو راجائن اُن تي راڄ ڪيو هو ۽ دکن جا مسلمان سلطان اُهو ڪڏهن وٺي ڪين سگهيا ها. ڳچ وقت ته وجيه نگر جي بادشاهت جو ڀاڱو ڪري ليکبو هو؛ ۽ جڏهن 1565ع ۾ ٽاليڪوٽ جي مشهور جنگ کانپوءِ اُها بادشاهت ٽٽي پيئي تڏهن هڪڙو پاليگار يعني هڪ قلعي جو سردار اُهو ملڪ پنهنجو ڪري ويهي رهيو.

2- جنهن وقت محمد علي ڪرناٽڪ جو نواب ٿيو، اُنهيءَ وقت ڌاري حيدر علي نالي هڪڙو مسلمان سپاهي جو 1702ع ۾ ڄائو هو سو آهسته آهسته پڌرائيءَ ۾ ايندو ويو. هو نه لکي ڄاڻندو هو، نه پڙهي ڄاڻندو هو، پر هو سورهه ۽ هوشيار ماڻهو هو ۽ شروع ۾ ڌاريل هو.

3- اُنهيءَ وقت ميسور ۾ ڪا مضبوط پڪي حڪومت ڪانه هئي. شواجي ته اِهو ملڪ تلف تاراج ڪري ڇڏيو هو ۽ کانئس پوءِ مرهٽا سردار ۽ سندن ٽوليون هر سال ملڪ تي ڪاهون ڪري جتي ڪٿي وڃي چوٿ اوڳارينديون هيون. ميسور ۾ ڪئين ٽاڪرو قلعا آهن، جي اڪثر ڪري پاليگارن جي هٿ ۾ هوا، ۽ جيسين مٿن زور نه لڳايو ويندو هو، تيسين اُهي پاليگار ڪنهن کي به ڌَنُ ڀري نه ڏيندا ها.

4- حيدر علي سگهوئي ماڻهن جي هڪ ننڍي ٽولي گڏ ڪئي. اُنهن کي هو نقدي تنخواه ڪانه ڏيندو هو؛ پر ڦرلٽ مان ڀاڱو ڏيندو هون. هو ڳوٺاڻن جون رڍون، ڍور، اَن يا سامان ڦري کڻي ويندا ها ۽ هر هڪ سپاهي کي جيڪي هو چورائيندو هو، تنهنجو اَڌ ملندو هو ۽ باقي ملندو هو سندن مهندار حيدر کي.

5- ڪجهه وقت پڄاڻا حيدر اهڙو زور ورتو ۽ پاڻ وٽ ايترا ماڻهو گڏ ڪيائين جو ميسور جي هندو راجا هن کي نوڪريءَ ۾ رکيو ۽ سندس لشڪر جو خرچ پاڻ تي کنيائين. هو پيسن ۽ زور ۾ ڏينهان ڏينهن وڌندو ويو، ۽ چڙهندي چڙهندي نيٺ وڃي ميسور جي لشڪر جو سپه سالار ٿيو. اُنهيءَ وقت ڇا ٿيو جو نوجوان راجا جو پنهنجي چاچي سان، (جو قائم مقام هو) جهيڙو ٿي پيو. حيدر راجا جي طرف وٺڻ جو ڏيک ڪري قائم مقام کي هڻي ڊاهي وڌو؛ سموري اختياري پنهنجي هٿ ۾ آندائين ۽ پوءِ پاڻ تخت تي وهي رهيو ۽ هن ڳڀرو راجا کي کڻي بند ۾ وڌائين.

6- حيدر جي نوڪريءَ ۾ ڪي فرينچ ماڻهو هوا جن جي مدد سان پنهنجي لشڪر کي قواعد سيکاري، کين چڱا هٿيار پنوهار ڏيئي ٿوري ئي وقت ۾ تمام مضبوط لشڪر ٺاهي تيار ڪيائين. هن پوءِ حيدرآباد ۽ ڪرناٽڪ جي ڪن ڀاڱن تي ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون. ميسور جي حڪومت سان سندس دل ڍاپي ئي نه ٿي اِن ڪري خيال ڪيائين ته مان سارو ڏکڻ هندستان فتح ڪريان. جيڪڏهن اِئين ڪري وجهي ها ته شڪ ئي ڪونهي ته وچ هندستان فتح ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري ها.

7- جڏهن ڏکڻ هندستان جي ٻين حاڪمن ڏٺو ته حيدر اهڙو زور وٺي ويو آهي ۽ اهڙي اُرهه زورائي ٿو ڪري، تڏهين هو ويچار ڪرڻ لڳا ته هن جي وڌندڙ زور کي روڪڻ جو وقت آهي. اُهي ٽي حاڪم ها نظام، مرهٽا ۽ انگريز. حيدر اُن وقت سوڌو انگريزن سان جنگ ڪا نه ڪئي هئي، پر هن ڪرناٽڪ جي نواب جا، جو سندن پناهه هيٺ هو، ڪيترا شهر ۽ قلعا ورتا هوا. جڏهين حيدر نظام تي جو انگريزن جو ساٿي هو، ڪاهه ڪئي، تڏهين مدراس جي گورنر نظام ۽ مرهٽن سان شامل ٿي، حيدر سان جنگ ڪرڻ جو انجام ڪيو ۽ هنن جي واهر ڪاڻ لشڪر ڏياري موڪليائين. پوءِ انگريزن جي فوج نظام جي لشڪر سان گڏجي ميسور ڏي ويئي ۽ بنگلور وڃي ورتائين.

8- حيدر اهڙو اياڻو ڪين هو، جو ٽن ويرين سان وڙهي؛ تنهنڪري هن مرهٽن کي گهڻو لب ڏنو، ته پنهنجي ملڪ ڏي موٽي وڃو ۽ هنن هڪدم اِئين ڪيو.

9- پوءِ هن نظام ڏي خط موڪليا ۽ چيائين ته جي توهين منهنجي پاسي ڏانهن ٿيندا، ته آءٌ توهان کي سڄي ڪرناٽڪ جي وٺڻ ۾ مدد ڪندس. نظام اهڙو ڪچو ڪم ڪيو، جو اِها ڳالهه کڻي قبوليائين ۽ انگريزن جي

 

حيدر علي

 

10- ڪرنيل سمٿ پوءِ بنگلور ڇڏي وري مدراس ڏي روانو ٿيو؛ حيدر ستر هزار ماڻهن سان پٺيان پيس، جئن انگريز چندگام جي لڪ مان، جتان ميسور مان ڪرناٽڪ جي واٽ آهي، پئي لنگهيا، تئن حيدر وڃي مٿن پيو، پر گهڻيءَ هاڃيءَ پڄاڻا پٺتي موٽڻو پيس. اڃان به هن ڪرنيل سمٿ جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ ٽرنومليءَ وٽ وڏي جنگ ٿي، جنهن ۾ حيدر پٽيءَ هارايو ۽ اُٿي ڀڳو.

11- پوءِ نظام حيدر کي ڇڏيو ۽ جيترو پنس، اوترو تڪڙو حيدرآباد ڏي موٽي ويو ۽ انگريزن کي وڃي چيائين ته مون سان صلح ڪريو، جو اُنهن ڪيو.

12- حيدر سان جنگ آهسته آهسته ٻئي سال تائين پئي هلي. هيڏي هوڏي چل ڪوچ گهڻو ٿيو. پر حيدر ٻيءَ جنگ جو وت نه ساريو. نيٺ وڏي لشڪر سان تڪڙو ڪوچ ڪري سڌو ويو مدراس ۽ اُتي وڃي گورنر کي چيائين ته مون سان صلح ڪريو.

13- گورنر کي ويڙهه هلائيڻ ڪاڻ پئسو هوئي ڪونه. هن کي سڌ هئي ته جڏهين ڪمپني ڏسندي ته کين جيڪو کٽيو ٿيو، سو سڀ جنگ تي کپي ويو آهي ته هو راضي ڪين ٿيندا. ايترو وقت به ڪونه هوس جو بمبئي ۽ بنگالي جي گورنرن کان لکي صلاح پڇي؛ ڇاڪاڻ جو حيدر هڪدم ورندي ٿي گهري؛ تنهنڪري هن حيدر سان عهدنامو ڪيو، جنهن موجب هر هڪ ڌر جيڪو ملڪ فتح ڪيو هو، سو سڀ موٽائي ڏيڻو ڪيو ۽ ٻنهي طرفن هيءٌ انجام ڪيو ته جيڪڏهين اُنهن مان هڪڙي تي ڪو دشمن ڪاه ڪري آيو، ته ٻيو هن جو مددگار ٿيندو.

14- انگريزي گورنر جو عهدنامي جو ٻيو ڀاڱو قبول ڪيو تنهن ۾ هن وڏي بيوقوفي ڪئي ڇاڪاڻ ته کيس معلوم هوندو ته حيدر ڪنهن نه ڪنهن ڀرواري ملڪ سان جلدي ويڙهه ڪندو ۽ ويڙه کان ته اِيسٽ اِنڊيا ڪمپني اصل ٽٺي ٿي. تنهن کان سواءِ بمبئيءَ ۾ جيڪي انگريز هوا سي شهر جي چوڌاري جيڪي مرهٽا رهندا ها تن سان دوستيءَ جو رستو رکيو ويٺا ها؛ ۽ جيڪڏهن مدراس وارا انگريز حيدر کي مرهٽن جي برخلاف مدد ڏين ها ته بمبئي ۾ جيڪي انگريز هوا، جنکي ڪوبه لشڪر ڪونه هو، تن تي يڪدم مرهٽا ڪاهي وڃن ها ۽ هو وڏي خطره هيٺ اچي وڃن ها.

 

49- ڪلائيو کانپوءِ بنگالي جي حڪومت

    ( 1765 عيسوي کان 1772 عيسوي تائين)

1- مٿي ڏسي آيا آهيون ته اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ ڪلائيو کي حڪم ڪيو هو ته بينگال جي حڪومت جو ڪاروبار ڏيهي حاڪمن جي ئي حوالي ڇڏ. تنهن ڪري لارڊ ڪلائيو، مير جعفر جي هڪڙي پٽ کي حڪومت جي ڪاروبار سونپي. هن جي هٿ هيٺ ٻه نائب ها؛ هڪڙو بينگال ۾ ۽ ٻيو بهار ۾. اُهي ڍلون اُڳاري بينگال جي نواب کي پهچائيندا ها، ۽ هو وري کين توڙي سندن ملازمن کي مقرر لوازما ڏيندو هو. بنگالي کي افغانن ۽ مرهٽن کان بچائڻ لاءِ هڪڙو انگريزي لشڪر رکيو ويو.

2- هن ريت جي ٻٽي حڪومت اڌ انگريزي ۽ اڌ ڏيهي، ست ورهيه هلي پر بنہ ناڪامياب ثابت ٿي. هر ڪنهن اِها ئي ٿي ڪوشش ڪئي ته جيترو سگهو ٿي سگهي اوترو سگهو شاهوڪار ٿيان، ڇاڪاڻ جو نواب جي نوڪرن کي اِهو ڊپ هو ته اسين متان ڪنهين به ڏينهن موقوف ٿي وڃون. چڱيءَ ۽ مضبوط حڪومت هيٺ هر ڪو سرڪاري نوڪر پاڻ کي سلامت سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته کيس پڪ آهي ته جيستائين مان پنهنجو فرض بجاءِ ڪندس تيستائين منهنجي عهدي کي ڪو لهر لوڏو ڪونهي ۽ جڏهن آءٌ ٻڍاپڻ جي ڪري ڪم نه ڪري سگهندس تڏهن مون کي پينشن ملندي.

3- هلندڙ وقت ۾ ساري هندستان ۾ هزارين هندستاني عملدار آهن جي پنهنجو ڪم بلڪل چڱيءَ طرح پيا ڪن، پر اُنهن سڀني کي پنهنجي ڪم جي چڱي سکيا مليل آهي. هينئَر ته قاعدا ۽ قانون مقرر ٿيل آهن جي هر ڪنهن کي ضرور مڃڻا آهن، جنهنڪري هر هڪ عملدار کي بلڪل پوريءَ طرح خبر آهي ته مون کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي. هينئَر ڍلون واجبي ۽ مقرر ٿيل آهن ۽ سڀني کي اُنهن جي پوري خبر آهي جنهن ڪري به حاڪم يا گورنر ڪنهن به زيردست عملدار کي ماڻهن کان واجبي ڍلن کان وڌيڪ اوڳر ڪرڻ لاءِ حڪم ڏيئي نه ٿو سگهي.

4- اڳئين وقت ۾ اهڙا پوريءَ طرح سکيا مليل عملدار هوائي ڪين. جئن ٿي حاڪمن کي وڻيو تئن ٿي قاعدا مٽايائون ۽ اڪثر ڪري ته ڪنهن کي خبرئي ڪانه ٿي پيئي ته ڪهڙو قاعدو عمل ۾ آهي. اڳيان جيڪي صوبا ها تن پنهنجي زيردست عملدارن کان حقي ڍلن کان گهڻو ڳريون ڍلون ٿي وصول ڪرايون. اِنهيءَ وصوليءَ مان ڪڇ حصو موڪليائون ٿي راجا يا نواب ڏي، پر ڳپل حصو رکيائون ٿي پنهنجي واسطي. جج (منصف) ته جتي ڪٿي رشوتون پيا وٺندا ها. ڪوبه سرڪاري عملدار پنهنجي پگهار تي راضي ڪين هو ۽ اِها ئي ڪوشش پيو ڪندو هو ته جيترو ٿي سگهي اوترو ماڻهن جي پيسي مان پنهنجو کيسو ڀريان. عملدار گهڻو ڪري مسلمان هوندا ها جن کي نواب مقرر ڪندو هو.

5- اِنهيءَ ڪري بينگال ۾ جيڪي پيسا ڏيهي حاڪم انگريزي گورنر کي موڪليندا ها تنجو انداز ويو سال به سال گهٽبو، ڇاڪاڻ ته عملدار ويا روز به روز وڌيڪ پيسو ڦٻائيندا. ايترو پيسو نه هو جو ڪري لشڪر جي خرچ جي پورائي ڪجي. ڪمپنيءَ کي واپار مان جيڪو فائدو هو سو ته لشڪر جي خرچ ۾ ئي لڳي ٿي ويو. ساڳئي وقت وري رعيت کي جيڪي موتمار ڍلون ڏيڻيون ٿي پيئون تن ته سندن خانو ئي خراب ٿي ڪري ڇڏيو ۽ هنن ويچارن ڪلڪتي جي گورنر ڏي دانهن پٺيان دانهون لڳائي ڏنيون، پر هو سندن ڪو تدارڪ ڪري ڪونه سگهيو.

6- ويتر 70-1769ع ۾ جو بنگالي ۾ ڀيانڪ ڏڪار پيو، تنهن هيڪاري براحال ڪيس. بنگالي جي ماڻهن جي ٽي پتي مري چٽ ٿي ويئي. نڪو ٿيو فصل ۽ نڪي ماڻهو ڍلون ڏيئي سگهيا.

7- اڄوڪي وقت ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪو ڏڪار اچي پوندو آهي ته اُتي اَن جا انبار اَڳٻوُٽن جي رستي توڙي ريل جي رستي ٻين ملڪن مان آندا ويندا آهن، اِنگلنڊ ۽ آميريڪا جا ڀلا لوڪ مدد جو هٿ ڊگهيري وڏيون رقمون پهچائيندا آهن، ۽ انگريز سرڪار پڻ بکايلن کي کاڌو کارائيندي آهي. پر اَنهي وقت آگبوٽ ته هوائي ڪين ۽ جهاز به ڪي ٿورا ها؛ نڪي وري ڪي هيون ريلوايون؛ وري رستا به تمام ٿورا ها؛ ۽ اِنهيءَ ڪري ٻاهران ڪو به اَن اچي نه ٿي سگهيو. نواب جي سرڪار ته ماڻهن جي ڪابه مدد ڪا نه ٿي ڪئي.

 

50- وارن هيسٽنگس، بنگالي جو گورنر

     ( 1772 عيسوي کان 1774 عيسوي تائين)

1- بنگالي ۾ سڌاري ڪرڻ لاءِ ڪنهن هوشيار ماڻهوءَ جي گهرج هئي، ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي نوڪريءَ ۾ هڪڙو ماڻهو جو برابر اُنهيءَ جاءِ جو لائق هو. اُهو مسٽر وارن هيسٽنگس هو. هو ننڍو هو تڏهين ڪلڪتي ۾ 1750ع ۾ ليکاري ٿي آيو هو ۽ هڪ جاءِ تان وڌندو ويو ٻيءَ تي چڙهندو، تان جو نيٺ ڪمپنيءَ جي سڀني نوڪرن ۾ مکيه وڃي ٿيو. ڪلائيو جا جيڪي تمام ڀروسي جهڙا عملدار ها، تن مان هو هڪڙو هو ۽ جيتري هندستان ۽ ڏيهي ماڻهن جي هن کي سڌ هئي تيتري ٻئي ڪنهن کي ڪانه هئي.

2- هيسٽنگس کي چار ڪم ڪرڻا ها. کيس ڪمپنيءَ جي اُپت ايتري قدر وڌائڻي هئي جو اُن مان لشڪر توڙي سرڪار جو خرچ نڪري اچي. ساڳئي وقت کيس ڍلون هلڪيون ڪري اُنهنجو انداز گهٽائي غريبن جو سهنج ڪرڻو هو. سٺا قاعدا ۽ قانون پڻ ٺاهڻا هئس، جنهن ڪري عام ماڻهن کي شڪايت ڪرڻ جو ڪوبه سبب نه ٿئي. ازآن سواءِ کيس حيدر عليءَ سان ٻيءَ ويڙه ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ پيسو هڪيو تڪيو رکڻو هو، ڇاڪاڻ ته عالم آشڪار هو ته اُهو سردار ويڙه لاءِ تياري پيو ڪري ۽ ڪنهن به وقت انگريزن تي ڪاهي وڃي.

3- پهريائين جو هن ڪم ڪيو، سو هيءُ هو، جو بنگالي ۾ لارڊ ڪلائيو وارو ٻٽيءَ حڪومت جو دستور بند ڪيائين. جيڪي ڏيهي نواب ۽ نائب ها، سي ڪڍي ڇڏيائين ۽ بنگالي ۽ بهار جي هر هڪ ضلع ۾ انگريزي ڪليڪٽر مقرر ڪيائين، جو ڪليڪٽر به هو ۽ جج به هو. اُنهن جي مدد لاءِ پڙهيل هندو پنڊت مسلمان قاضي به مقرر ٿيا، جي هندو ڌرم شاستر ۽ محمدي شريعت سمجهائيندا ها. قاعدن قانونن جو به هڪڙو سهنجو مجموعو ٺاهيو ويو، جنهن مان سڀ ڪنهن کي سڌ پيئي ٿي ته مون کي ڇا مڃڻو آهي. گهڻيون ڍلون بند ٿيون. باقي جيڪي ٿوريون ڍلون رهيون، سي پوري وقت تي برابر ڏيڻ ۾ اينديون هيون. ڏيهي عملدار پئسا رهائيندا ڪين ها؛ تنهن ڪري پيدائش اڳي کان وڌيڪ ٿي.

4- شاهه عالم الهه آباد ڇڏي ويو، جتي هو انگريزن جي پناهه هيٺ رهندو هو ۽ مرهٽن جي راجا سنڌيا جي سڏ تي دهليءَ ڏي ڀڄي ويو؛ اُنهيءَ وقت 25 لکن جو مواجب جو شاهه عالم جي نالي تي سنڌيا ٿي گهريو، سو گورنر هيسٽنگس هڪدم بند ڪري ڇڏي؛ ڇاڪاڻ جو انگريزن کي ڇڏي وڃڻ ڪري اُنهيءَ ساڳئي وقت شاهه عالم پنهنجو حق اُن تان وڃايو هو ۽ مرهٽن جو اُن تي ڪو حق ڪونه هو. اِنهيءَ ريت ڪمپنيءَ تي 25 لک رپيا بچي پيا.

5- اُنهيءَ ساڳئي وقت دواب يا جمنا ۽ گنگا ندي جي وچوارو الهه آباد جو ضلع جو شاهه عالم جو هو، پر  دهليءَ ڏي وڃڻ ۽ مرهٽن سان وڃي گڏجڻ ڪري وڃائي ڇڏيو هوائين، سو اودهه جي نواب شجاع الدوله کي مليو ۽ هن وري اُن جي عيوض ڪمپنيءَ کي 50 لک رپيا ڏنا.

6- تنهن کان پوءِ ستت ئي شجاع الدوله روهيلن سان ويڙهه ڪئي. روهيلا افغانن جي هڪڙي ذات هئا، جي ٿورن ورهين کان اڳي روهيلکنڊ ۾ جو اوڌهه جي اُتر اولهه هڪڙو ننڍڙو ملڪ آهي، اچي رهيا ها. هو ڪٺور ۽ جهنگلي ماڻهو ها، جي هندن کي ستائيندا ها ۽ اودهه جي نواب کي گهڻو هلاک ڪندا ها. نواب گورنر هيسٽنگس کي چيو، ته مون کي روهيلن سان وڙهڻ ڪاڻ انگريزي لشڪر جي مدد ڪريو، ته آءُ توهان کي اُن جي بدران چاليهه لک رپيا ڏيندس. روهيلن هارايو ۽ ڀڄي ويا ۽ سڄو ملڪ ٺهر ۾ آيو. اڳين حاڪم جي پٽ کي نواب مقرر ڪيائون ۽ هن جا پويان اڃا سوڌو رامپور جا نواب سڏبا اچن. افغان سپاهي سانتيڪا زمين جا آبادگار ٿي ويهي رهيا.

وارن هيسٽنگس

 

51- وارن هيسٽنگس، پهريون گورنر جنرل

   ( 1774 عيسوي کان 1785 عيسوي تائين)

1- هيسٽنگس بنگالي جو گورنر مقرر ٿيو، تنهن کان ٻه ورهيه پوءِ اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت جي ڪم ۾ گهڻي مٽ سٽ ٿي. بينگال ۾ ڪلائيو جي ٻٽيءَ حڪومت وارو انتظام جو ست سال هليو هو تنهن ڪمپنيءَ تي ٻه ملين پائونڊ قرض چاڙهي ڇڏيو هو. تنهنڪري هُنن انگريز سرڪار کي عرض ڪيو ته اسان کي اِنگلنڊ جي شاهوڪار ماڻهن کان هن پيسي جي اوڌر کڻڻ ۾ مدد ڪريو. انگريز سرڪار کين اِئين ڪرڻ ڏنو پر ساڳئي وقت هڪڙو قاعدو پاس ڪيائون جو ڪوٺيائون ”ريگيوليٽنگ ائڪٽ“. اِنهيءَ قاعدي موجب اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي هدستان ۾ جيڪي ملڪ هوا تنجي حڪومت لاءِ نوان قانون جوڙيا ويا.

2- اُنهيءَ قاعدي جي ڪري بنگالي جو گورنر سڄي برٽش اِنڊيا جو گورنر جنرل ٿيو ۽ اڳي هن جي مقرري ڪندي هئي ڪمپني، پر هاڻي اُها اِنگلنڊ جي وزيراعظم جي وسي ٿي. ڪلڪتي ۾ سپريم ڪورٽ (وڏي ڪورٽ) ٿي. ۽ اُنهيءَ ڪورٽ جا جج به اِنگلنڊ مان انگريز سرڪار مقرر ڪري موڪليا.

3- گورنر جنرل کي مدد واسطي چئن ميمبرن جي ڪائونسل ٿي، جن جي مقرري به اِنگلنڊ جي سرڪار ڪئي.

4- اِنگلنڊ ۾ حڪومت جي واڳ بادشاهه يا راڻيءَ ۽ ٻن وڏن مجلسن جي هٿ ۾ آهي؛ هڪ ۾ آهن اِنگلنڊ جا امير، ۽ اُن کي ڪوٺبو آهي هائوس آف لارڊس؛ ٻيءَ ۾ آهن رعيت جا چونڊيل عيوضي ۽ اُن کي ڪوٺبو آهي هائوس آف ڪامنس. اِنهن ٻنهي مجلسن کي گڏي ڪوٺبو آهي پارلمينٽ جنهن جي مٿان آهي اِنگلنڊ جو وزيراعظم.

5- هن وقت سوڌو واپارين جي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي هندستان ۾ جئن وڻندو هو، تئن ڪندي هئي ۽ انگريز سرڪار اُنهن جي ڪم ۾ هٿ ڪين وجهندي هئي. ڇو ته اُها رڳي واپارين جي جماعت هئي، پر هاڻي اُنهيءَ ڪمپنيءَ کي حڪومت جي واڳ هٿ ۾ هئي ۽ هندستان ۾ زمين جي وڏن ڀاڱن جي مالڪي ملي هيس ۽ ڏيهي راجائن سان جنگ ۽ صلح ڪندي هئي. تنهن ڪري اِها ڳالهه واجبي هئي ته اِنگلنڊ جي سرڪار جو مٿس ڪجهه اختيار رهي.

6- گورنر جنرل ۽ هن جي ڪائونسل کي مدراس ۽ بمبئيءَ جي گورنرن جي مٿان ڪري رکيائون؛ تنهن ڪري هنن جي منظوريءَ ڌاران هو جنگ يا صلح ڪري نٿي سگهيا. هن کان اڳي سڀ ڪنهن گورنر کي جئن وڻندو هو؛ تئن ڪندو هو ۽ هو رڳو اِهو خيال ڪندو هو، ته سندس علائقي لاءِ سڀ کان چڱي ڪهڙي ڳالهه آهي. هيءَ ضروري ڳالهه هئي ته ساري هندستان ۾ انگريز ساڳين ماڻهن جا سڄڻ هجن ۽ ساڳين ويرين سان وڙهن.

7- جيسين وارن هيسٽنگس اڪيلو گورنر هو؛ تيسين ڪم سنئون سوڌو پئي ٽريو؛ پر نئين ائڪٽ موجب جي هن جا چار صلاحڪار مقرر ٿيا ها، تن مان ٽي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ هن کي آڏو ايندا ها. اُهي صلاح ڪار تازا اِنگلنڊ مان آيل ها ۽ هن ملڪ جي ڪا به سڌ ڪانه هين. ۽ هيسٽنگس کي اُنجي سڀ خبر هئي. اُنهن مان هڪڙو جنهن جو نالو فرانسيس هو، تنهن کي هيسٽنگس سان حسد هو ۽ هن جو مطلب هو ته هن جي خرابي ٿئي ته آءٌ هن جي جاءِ تي گورنر جنرل ٿيان. اِنهي ڪري هو ٻين کي به پيو چوريندو هو.

8- فرانسيس آيو تنهن کان پوءِ سگهوئي هن هڪڙي بنگالي برهمڻ کي، جن هن جو نالو راجا نندڪمار يا نن ڪمار هو، گورنر جنرل تي ڪوڙين تهمتن رکڻ ڪاڻ کڙو ڪري بيهاريو. نندڪمار هيسٽنگس کي ڌڪاريندو هو؛ ڇاڪاڻ جو جڏهين بنگالي ۾ ڏيهي حڪومت هئي ۽ نندڪمار به اُنهيءَ حڪومت ۾ شريڪ هو، تڏهين ڪنهن ڏوهه ڪرڻ جي هن مٿس تهمت رکي هئي. پر نندڪمار پاڻ جعلسازيءَ جو ڏوهي ٺهرايو ويو ۽ ڦاهيءَ چڙهيو. هيسٽنگس سان ڇهه يا ست ورهيه چٽاڀيٽي هلائي پوءِ فرانسيس اِنگلنڊ ڏي ويو ۽ تنهن کان پوءِ وري هيسٽنگس کي ڪائونسل ۾ ڪو اٽڪاءُ ڪونه ٿيو.

9- جيسين هيسٽنگس گورنر جنرل هو، تيسين مرهٽن ۽ حيدر عليءَ سان ٻه ويڙهيون ٿيون.

 

52- مرهٽن سان پهرين ويڙهه

    ( 1778 عيسوي کان 1782 عيسوي تائين)

1- ڪلڪتي ۽ مدراس جي واپارين کي ته لاچار مسلمان ڏيهي حاڪمن سان ويڙهيون ڪرڻيون پيئون مگر بمبئيءَ جا واپاري ته رڳو واپار ۾ ئي مشغول هوا. اِنهيءَ جو مکيه سبب اِهو هو جو بمبئيءَ ۾ انگريزن تي ڪابه ڪاهه ڪانه ٿي. اسين مٿي ڏسي آيا آهيون ته ڪئن فرينچن مدراس ۾ انگريزن تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪئن انگريزن کي لاچار پنهنجي بچاءَ لاءِ اِنگلنڊ مان لشڪر گهرائڻو پيو. ڪلڪتي ۾ پڻ انگريزن تي سراج الدوله ڪاهي ويو ۽ اُتي پڻ کين پنهنجي بچاءَ ۾ ورهڻو پيو.

2- پر بمبئيءَ جي ڀرسان فرينچن کي پانڊيچريءَ يا چندرنگر وانگي ڪا مضبوط بيٺڪ ڪانه هئي. نڪو وري فرينچن کي هاڻي ڊيوپلي جهڙو عملدار ئي هو جو چاهي ته مان انگريزن کي هڪالي ڪڍان. آس پاس جيڪو ملڪ هو سو مرهٽن جي هٿ ۾ هو. نڪي مرهٽا انگريزن جي ڪم ۾، ۽ نڪي وري انگريز مرهٽن جي ڪم ۾ ڪا دست اندازي ڪندا ها.

 راگهوبا

3- ماڌواراءِ چوٿون پيشوا 1772ع ۾ جنهن ورهيه ۾ هيسٽنگس بنگالي جو گورنر مقرر ٿيو هو، مري ويو هو. هن کي پٽ ڪونه هو، تنهن ڪري گاديءَ تي ڪير وهي اُن بابت گهڻو تڪرار هليو. پهريائين هن جو ننڍو ڀاءُ ٿاڦيو ويو، پر هو سگهوئي مارجي ويو ۽ راگهوبا يا رگهوناٿ راءِ هن جي چاچي پاڻ کي پيشوا سڏايو. پر ٻيا مرهٽا سردار هن جي برخلاف ها ۽ پنهنجي سلامتيءَ لاءِ هن بمبئي سرڪار کان مدد گهري.

4- پوءِ بمبئيءَ جي گورنر 1785ع ۾ سورت ۾ عهدنامو ڪيو، جنهن موجب هن راگهوبا کي مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو ۽ هن جي عوض ۾ راگهوبا سندس مدد لاءِ موڪليل انگريز لشڪر جو خرچ ڏيڻو ڪيو ۽ سالسيٽ ۽ بسين جا ننڍا ٻيٽ جي بمبئيءَ جي ڀرسان ها ۽ هاڻي اُن جو ڀاڱو آهن سي به هن انگريزن کي ڏيڻا ڪيا. انگريزن گهڻا گهمرا اُنهن ٻيٽن جي خريد ڪرڻ لاءِ اڳين پيشوائن کي چيو هو، پر اُنهن وڪڻڻ جي نه ڪئي.

نانا فرنويس

 

5- بمبئي سرڪار کي هن عهدنامي ڪرڻ کان اڳي نئين ائڪٽ موجب هند جي سرڪار کان پڇڻ گهربو هو، پر هن اِئين ڪين ڪيو. هنن اِنگلنڊ ۾ ڪمپنيءَ کي لکي موڪليو، ته اسان هيُ عهد نامو ڪيو آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ هند جي سرڪار اُنهيءَ عهدنامي جي خبر ٻڌي ۽ اُن جي منظوريءَ ڪرڻ کان اِنڪار ڪيائين. هنن وري 1776ع ۾ پرنڌر  ۾ راگهوبا جي مدعين سان جن ۾ نانا فرنويس نالي برهمڻ مکيه هو، ٻيو عهدنامو ڪيو؛ هن به سالسيٽ انگريزن کي ڏيڻو ڪيو. پر اُنهيءَ وچ ۾ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي سورت واري عهدنامي جي خبر پيئي. سالسيٽ ۽ بسين جي ملڻ جو ٻڌي ڪمپني ڏاڍي خوش ٿي ۽ حڪم موڪليائين ته اِهو عهدنامو اَسان کي پسند آهي.

6- اُنهيءَ ڪري بمبئي سرڪار ۽ هند جي سرڪار کي راگهوبا واري پهرئين عهدنامي تي عمل ڪرڻو ضرور ٿيو. بمبئيءَ جو لشڪر راگهوبا کي پوني ڏي وٺي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو؛ پر سنڌيا جي حڪم هيٺ جو مرهٽن گهوڙي سوارن جو وڏو ڪٽڪ هو، تنهن پٺ تي هٽائي ڪڍين. ڪپتان پاپهم جنهن کي ڪلڪتي کان هيسٽنگس موڪليو هو ۽ جو سورهه عملدار هو، تنهن گواليار جو مضبوط قلعه، جو سنڌيا جو مکيه شهر هو، وڃي ورتو. ايتري ۾ مرهٽن ۽ حيدر عليءَ انگريزن سان وڙهڻ لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي هئي ۽ حيدر ڪرناٽڪ تي ڪاهه ڪئي هئي. پر سنه 1782ع ۾ حيدر مري ويو ۽ مرهٽن سردارن جن جو اڳواڻ نانا فرنويس هو، اِها ڳالهه ٻڌي ۽ صلح ڪيائون. 1782ع ۾ سالبي ۾ عهدنامو ٿيو، جنهن موجب انگريزن ۽ مرهٽن انجام ڪيو ته اسين هڪ ٻئي جي دشمن کي واهر ڪين ڪنداسون. اَنگريزن سالسيٽ ۽ بسين پنهنجي هٿ رکيا ۽ راگهوباً کي مواجب جوڙي ڏنائون.

 

53- ميسور سان ٻي ويڙهه

( 1780 عيسوي کان 1784 عيسوي تائين)

1- حيدر عليءَ کي مدراس سرڪار تي ڏاڍي چر هئي جو هن جيڪا مرهٽن سان ويڙه ڪئي تنهن ۾ هنن کيس ڪا مدد ڪانه پهچائي هئي. هنن جو وري چوڻ هو ته هن مرهٽن تي ڪاهه ڪري اِها ويڙهه پاڻيهي پنهنجي سر تي آندي هئي ۽ هنن جو ساڻس انجام فقط اِهو هو ته هو کيس مدد تڏهن پهچائيندا جڏهن ڪا مٿس ڪاه ٿيندي. اِنهيءَ کان سواءِ بمبئيءَ سرڪار جو مرهٽن سان دوستيءَ جو رستو هو ۽ اِنهيءَ ڪري انگريز ساڻن وڙهي نه ٿي سگهيا.

2- ڏهن ورهين سوڌو حيدر علي انگريزن سان صلح ۾ رهيو. اِنهيءَ وچ ۾ هو ڏينهان ڏينهن زور وٺندو ويو. هن سڀني پاليگارن، ميسور ۽ ملبار ۽ ڪانارا جي راجائن کي ماري مڃايو هو. هن وٽ يورپي ماڻهن جي تعليم ڏنل وڏي فوج، هڪ سو توبون ۽ چئن سَون فرينچ ماڻهن جو هڪ ننڍو دفعو ها.

3- 1778 عيسوي ۾ يورپ ۾ فرانس ۽ اِنگلنڊ جي وچ ۾ وري ويڙهه لڳي. اِنهيءَ تي انگريزن وري پانڊيچري هٿ ڪئي ۽ ماهي بندر (جو اُلهندي ڪناري تي فرينچن جو بندر هو) جي هٿ ڪرڻ واسطي خشڪيءَ توڙي پاڻيءَ جي رستي لشڪر موڪليائون. ماهي آهي ملبار ۾ ۽ ملبار وري هو حيدر جي قبضي ۾. يورپ کان جيڪو سامان سرو گهرائيندو هو سو اِنهيءَ بندر تي ايندو هوس ۽ هن انگريزن کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اوهين ماهي وٺندؤ ته آءٌ سارو ڪرناٽڪ ناس ڪري ڇڏيندس. انگريزن ماهي ورتي ۽ حيدر پنهنجي ڌمڪي سچي ڪري ڏيکاري.

4- هن کي اِها سڌ هئي ته انگريزن جي مرهٽن سان جنگ لڳي پيئي آهي ۽ هن ڀانيو ته اِنهيءَ ڪري مدراس فتح ڪرڻ سولو ٿيندو. هن ڳجهيءَ طرح نظام ۽ مرهٽن ڏي لکي موڪليو ته انگريزن کي ڏکڻ هندستان مان لوڌي ڪڍڻ ۾ مون کي مدد ڏيو ۽ پوءِ سنه 1780ع ۾ هڪ لک ماڻهن سان طوفان وانگر ڪرناٽڪ تي اچي نيون. سارو ملڪ ڪشنا نديءَ کان وٺي ڪاويري نديءَ تائين چٽ ڪري ڇڏيائين. ڳوٺن کي باهه ڏياريائين، فصل ناس ڪريائين، ڍور ڪهرائي ويو، مڙس مارائي ڇڏيائين ۽ زالون ۽ ٻار باندي ڪري وٺي ويو. حيدر جي هن ڪٺور ڪاهه ڪري ملڪ ۾ وڏو ڏڪار پئجي ويو، جنهن جون پنجاهه ورهيه پوءِ ڳالهيون پئي هليون.

5- وارن هيسٽنگس ڏٺو ته مدراس وڏي خطري ۾ آهي. کيس ٽيٽ پئجي ويئي ته حيدر ڳجهه ڳوه ۾ مغل شهنشاهه کان پنهنجي لاءِ نظام جي ملڪ جي سَنَد وٺي ڇڏي آهي جيتوڻيڪ ٻاهران ته اِئين پئي ڏيکاريائين ته مان نظام جو وڏو سنگتي آهيان. هيسٽنگس نظام کي اِنهيءَ ڳالهه کان واقف ڪيو جنهن تي هو يڪدم حيدر جو طرف ڇڏي ويو هليو.

6- مدراس جو گورنر جنگ لاءِ تيار ڪين هو. انگريزي سپاهين جون ننڍيون ننڍيون ٽوليون ساري ملڪ ۾ پکڙيل هيون. ڪرنيل بيلي جي هٿ هيٺ ٿورو لشڪر اُتر سرڪار مان مدراس جي واهر ڪاڻ پئي ويو، تنهن تي حيدر وڏي لشڪر سان پاليلور وٽ اچي اوچتي ڪاهه ڪئي. ڪرنيل بيلي هو پريو مڙس ۽ هيڻو، ڪلائيو وانگر بهادر ۽ چالاڪ ڪين هو. هن سمجهو ته منهنجا سپاهي آهن ٿورا، سي هيڏي لشڪر سان وڙهي ڪين سگهندا. ۽ سندس ماڻهن کي وڙهڻ جو چاهه هو، پر حيدر جو انجام ڪيو ته آءٌ اُنهن جي جان بچائيندس، تنهن تي ڀروسو رکي هن ناداني ڪري پنهنجن ماڻهن کي چيو ته هٿيار کڻي رکو. اِهو انجام بي ايمان حيدر نه پاڙيو، اڪثر قيدي بنا ڪهل مارجي ويا ۽ ڪي ميسور ۾ قيد وجهڻ لاءِ اوڏاهين موڪليا ويا. ٻيو ننڍو لشڪر ڪرنيل بريٿ ويٽ جي حڪم هيٺ آيو؛ اُنهيءَ سان به ساڳي اِها ڪار ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org