- ڏکڻ هندستان ۾ جيڪي دراوڙ لوڪ رهن ٿا، تن جي ڊؤل
شؤل ۾ تمام ٿوري ڪا ڦيرڦار ٿي آهي. اڃا تائين
دراوڙ نالي سان ڪوٺبا آهن. هزارين ورهيه تمام گرم
ملڪ ۾ رهڻ ڪري ڏاڍا ڪارا ٿي پيا ۽ هاڻي هو هندستان
جي ٻين ڀاڱن ۾ رهندڙ ماڻهن کان گهڻو ڪارا آهن.
اِهي ڏکڻ هندستان جا دراوڙ اٽڪل روُءَ پنج ڪروڙ
ستر لک ٿيندا. اٽڪل چوڏهن ٻوليون اٿن، جن مان مکيه
آهن تامل، تيليوگر، ملايلم ۽ ڪانيري.
7- هندستان جي ڪن ٻين ڀاڱن ۾ پڻ آڳاٽي وقت جون ڪي
دراوڙ قوم جون ٽوليون رهن ٿيون، مگر اڄ وقت تائين
کين هندستان جي قطار ۾ مشڪل آڻي سگهبو. اِئين ٿو
سمجهه ۾ اچي ته اِهي ٽوليون ٻين دراوڙن وانگي ڪين
سڌري ڪين سڌريون. دکن جي اُتر ۾ جيڪي سڀ کان
جهنگلي ٽاڪرو ملڪ آهن، اُنهن ۾ اِهي ٽوليون رهن
ٿيون. منجهانئن مکيه آهن گونڊ ۽ ڪانڌ.
(ڀ) قومون جي هندستان ۾ گهر ڪيو ويٺيون آهن
1- هماليه جبل جي اُتر طرف آهي وچ ايشيا جو ڀاڱو.
اُتي تمام سردي آهي ڇاڪاڻ ته جبلن جون شاهي قطارون
برف سان ڇانيون پيئون آهن. اُتي زمين گهڻو ڪري سخت
۽ ٽاڪرو آهي، مينهن تمام ٿورو ٿو پوي ۽ نديون تمام
ٿوريون آهن. اِنهن ويران پٽن ۾ جيڪي ٽوليون رهن
ٿيون سي پنهنجي چوپائي مال واسطي گاهه هٿ ڪرڻ لاءِ
وتن هنڌ هنڌ ڀٽڪنديون. هنن جو گذران تنگ آهي ڇاڪاڻ
ته اُتي اَنّ جي پوک مشڪل ٿي ٿئي.
2- هماليه جبل جي هيٺان ڏکڻ طرف شاهي آباد ميدان
آهن، جي هزار ميلن کان به وڌيڪ پکڙيل آهن ۽ اِنهن
مان وڏيون نديون وهن ٿيون. اِتي گذران سولو آهي،
ڇاڪاڻ ته زمين ڀلي آهي ۽ هر قسم جو فصل چڱو ٿئي
ٿو. آڳاٽي وقت کان وٺي اُتر جي سرد ۽ ويران ملڪن
جا رهاڪو جبلن جا لڪ لتاڙي ڏکڻ جي آباد ميدانن ۾
پي آيا ۽ جڏهن ڏٺائون ته اِتي گذران ڪرڻ ڪهڙو نه
سولو آهي تڏهن اِتي گهر ڪري ويهي ويا.
3- ڪڇ وقت کان پوءِ وري اُتر جون ٻيون ٽوليون آيون
۽ اوائلي ٽولين کي يا ته ڏکڻ طرف هڪالي ڪڍيائون يا
ته ساڻن ملي يڪي قوم ٺاهيائون. اهڙيون حالتون ڪئين
دفعا ٿيون.
4- اِنهن ٽولين مان گهڻن جي نالن جو ته پتو ئي
ڪونه ٿو پوي. پر جيتري قدر اسان کي خبر آهي، اوتري
قدر چئي سگهجي ٿو ته جيڪي قومون وقت به وقت هڪ ٻئي
پٺيان اُتر هندستان جي ميدانن ۾ اچي گهر ڪري
ويٺيون سي نمبروار هيٺينءَ طرح هيون:- توراني يا
منگول، آريه، ايراني، يوناني، ساڪ يا سٿين، هَنَ،
عرب، تُرڪ، افغان يا پٺاڻ ۽ مغل.
5- اِنهن قومن مان هر هڪ جو ڪڇ احوال هن ڪتاب ۾
ڏنل آهي ته هر هڪ قوم هندستان ۾ ڪيئن آئي، ڪڏهن
آئي ۽ ڪٿي اچي گهر ڪري ويٺي. منجهانئن ڪي، جهڙوڪ
توراني، فقط اُتر اوڀر ڀاڱي ۾ آيا؛ ايراني، يوناني
۽ عرب اُتر اُلهندي ڀاڱي کان اڳتي ڪونه وڌي سگهيا؛
مغل، ترڪ ۽ پٺاڻ خاص اُتر هندستان ۾ سنڌوندي ۽
گنگانديءَ جي ماٿرين ۾ ويهي ويا؛ ساڪ ۽ هَنَ وچ
هندستان جي اُتر اولهه ۽ اولهه ڀاڱن ۾ گهر ڪري
ويٺا، ۽ آريه جي گهڻو ڪري سڀني کان اڳي هندستان ۾
گهريا، سي سڀني کان گهڻو اڳتي وڌي ويا ۽ ڏکڻ
هندستان کان سواءِ ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويا.
(ت) توراني يا منگول
1- منگول قوم جو اصلوڪو وطن ايشيا کنڊ جي وچ ۾
منگوليا جو ملڪ هو. اِن ملڪ کي چينائي تاتار پڻ
ڪري ڪوٺيندا آهن ۽ اِتان ئي هِوِ چين ۽ ڀروارن
ملڪن ۾ ويا پکڙندا. مسلمان ليکڪ اِن ملڪ کي توران
۽ رهاڪن کي توراني ڪري ڪوٺيندا آهن. کين تاتاري پڻ
ڪري ڪوٺبو آهي.
2- منگول قد جا بندرا هوا. مٿا ويڪرا هئن، نڪ پيٺل
هئن، اکيون سوڙهيون ۽ ترڇيون هين، چمڙي پيلي هئن.
آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳي، جن لڪن مان برهمپترا
ندي ۽ سندس شاخون وهي اچن ٿيون. اُنهن مان هندستان
۾ گِهري ٽولين جون ٽوليون اُتر اُڀرندي طرف آسام ۽
بنگال ۾ گهر ڪري ويهي رهيون. ڪول ۽ دراوڙ قومن کان
وڌيڪ مضبوط ۽ شوخ هوا. اول ته ساڻن وڙهيا پر ڪڇ
وقت کان پوءِ ويا آهستي آهستي ساڻن ملندا. هيتري
زماني جي گذرڻ ڪري ۽ ٻين قومن سان ملڻ ڪري منجهن
تمام گهڻي ڦيرڦار ٿي ويئي آهي، مگر اِنهن ڀاڱن جي
رهاڪن جي ڊؤل شؤل تي جيڪي نشانيون رهجي ويئون آهن،
سي اڄ ڏينهن تائين ڏيکارين ٿيون ته سندن وڏا ڪير
هوا.
3- پراچين (تواريخ کان اوائلي) سمو- جنهن صورت ۾
ڪول ۽ دراوڙ هندستان ۾ ايترو ته آڳاٽي وقت ۾ هوا ۽
توراني هندستان ۾ اُنهي وقت آيا جو اُنهن بابت ڪي
به تواريخي ليکڪ ڪونهن، تنهن صورت ۾ آرين کان اڳي
جيڪو سمو ٿي گذريو آهي تنهن کي جيڪر ڪوٺجي پراچين
سمون. ٿلهي ليکي جيڪر چئجي ته اِهو سمون بلڪل
آڳاٽي وقت کان وٺي (جنهن جو سماءِ تورايخي طرح
ڄاڻايل نه آهي)، عيسوي سن کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه
اڳي تائين هلي ٿو.
3- آريه..........
1- تمام آڳاٽي زماني ۾ ايشيا جي اُلهندي ڀاڱي جي
اُنهي ملڪ ۾، جنهن تي هينئر نالو آهي ترڪستان، ۽
يورپ جي اوڀر وارن ميدانن ۾ ڪي ٽوليون ۽ ڪٽنب
رهندا هوا، جن تي نالو هو آريه. اُهي ماڻهو ڊگها،
گورا ۽ سهڻا هئا؛ اُنهن جي پيشاني اوچي هُئي ۽
سئين منهن ۽ اوڀر وارن پيليءَ کل وارن ”تاتاري“
لوڪن کان بلڪل ٻئي طرح جا هئا.
2- هو ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ رهندا هئا ۽ رڍن ۽ ڍڳن
جا ڌڻ پاليندا هئا. هو ڌرتي آباد ڪندا هئا ۽ ڪڻڪ ۽
جون جا فصل پوکيندا هئا. هو سٽ ڪتندا ۽ ڪپڙو
اُڻندا هئا. اُنهن کي لوهه مان اوزارن ٺاهڻ جي خبر
ڪانه هئي؛ پر هو باهه تي قلعي ۽ ٽامون پگهاري
اُنهن مان هڪڙو گڏيل ڌاتو ٺاهيندا هئا. اُنهي مان
هو ڪپ ۽ ڀالن جا مٿا ٺاهيندا هئا.
هندستان تي آريه دوڪرن جو پکڙڻ
3- ڪيترا ڪٽنب هڪ ٻئي جي ويجهو رهندا ها ته اُنهن
کي سڏيندا ها هڪ قوم ۽ هر هڪ قوم کي هڪ مهندار يا
سردار هو جو جنگ ۾ اُنهن جو اَڳواڻ ٿيندو هو. اِهي
قومون وڌنديون وڏيون ٿينديون ويون. نيٺ وڌندي
وڌندي ايڏيون ٿيون جو اُهي سڀ پنهنجين پراڻين جاين
۾ ماپي ڪين ٿي سگهيون؛ ۽ جن ملڪن ۾ رهنديون هيون،
سي اول ته آباد هوا ۽ منجهن پاڻي به چڱو مُيسِرِ
هو، مگر هاڻي اُهي ويا خشڪ ۽ ٺوٺ ٿيندا. تنهنڪري
اُنهن مان ڪي هليون ويئون اولهه ۽ ڪي ڏکڻ. جي
اولهه ويئون سي ته ساري يورپ کنڊ ۾ پکڙجي ويئون.
اُتي جيڪي قومون رهنديون هيون، (جي کانئن انداز ۾
گهڻو وڌيڪ هيون)، تن سان وڃي مليون ۽ سندن ٻولي
توڙي رسمون گهڻي قدر نقل ڪيائون. اِنهن جي ميلاپ
مان جيڪي قومون ٺهيون تن مان انگريز، فرينچ، جرمن
۽ يورپ جون ٻيون قومون نسل ڇڪين ٿيون. ٻيون
ڪيتريون وڏيون قومون وري ويئون ڏکڻ ڏي. ڪي گهر ڪري
ويٺيون پرشيا ۾ جنهن جو ٻيو نالو آهي ايران جو
آرين لفظ جو هڪ ٻيو نمونو آهي. ٻيون قومون وري
افغانستان ويئون ۽ اُتي ڪڇ وقت رهي خيبر لڪ ۽ ٻيا
لڪ لنگهي هندستان جي اُتر اولهه ڀاڱي ۾ اچي
ويٺيون.
4- ويد جي زماني جا هندستان جا آريه
1- جي آريه لهي آيا هيٺ ۽ هندستان ۾ اچي رهيا، تن
کي اسين هندستان جا آريه ڪري ٿا سڏيون. اُهي لکي
ڪين ڄاڻندا ها، تنهن ڪري اُنهن پنهنجي بابت اسان
ڪاڻ ڪو لکيت ڪونه ڇڏيو آهي، پر هو پنهنجي ديوتائن
اڳيان ڀڄن ڳائيندا هئا ۽ اُهي ڀڄن پِئُر پنهنجن
پٽن کي گهڻيءَ خبرداريءَ سان ياد ڪرائيندا ها.
اُنهن مان ڪي ڀڄن ڪڏهن ڪين وسريا؛ پر پيُ کان پٽ
کي هٿ ايندي ايندي اِئين سَون ورهين تائين هلندا
آيا. نيٺ لکڻ جو هنر ڪڍيائون ۽ اُهي ڀڄن لکي
ڇڏيائون؛ جنهنڪري هاڻي اُهي هندن وٽ آهن. اُنهن کي
ويد يا اڳئين زماني جي ڏاهن جا وچن (قول) چون ٿا.
اُنهن مان آڳاٽن هندو آريه لوڪن جي اسان کي گهڻي
سڌ ٿي پوي.
2- اُهي گهڻن ڏينهن تائين پنجاب ۾ ندين جي ڪنٺن تي
سادو ۽ سکيو سنهجو گذران ڪندا هئا. هو ٻيلا
وڍيندا، زمين کيڙيندا ۽ سونهري رنگ جا فصل تن ۾ به
خاص ڪري ڪڻڪ ۽ جَوَ پوکيندا ها.
هو چمڪندڙ ۽ ڀلو چاهيندڙ ديوتائن جي پوڄا ڪندا
هئا. ديوتا نالو اِنهي ڪري پيو آهي جو ديوتا جي
معنيٰ آهي چمڪندڙ. هندستان ۾ اچڻ کان اڳي جڏهين هو
اڃا اُتر واري ٿڌي ملڪ ۾ ها، تڏهين اُنهن کي کائڻ،
رڌڻ ۽ پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ باهه ۽ گرميءَ جي ضرورت
هئي،
آرين جي سورج پوڄا
تنهن لاءِ هو خاص ڪري اگني ديوتا جي پوڄا ڪندا ها؛
پر جڏهن هو پنجاب ۾ اچي رهيا ۽ خبر پين ته سندن
فصل ٿيڻ ڪاڻ مينهن جي ڪيتري گهرج آهي، تڏهين
اِندر، آڪاس جي ديوتا کي پوڄڻ ۽ هن جا ڀڄن ڳائڻ
لڳا. هو ڀائيندا ها ته گجگوڙ هن جو آواز آهي ۽
کِوَڻ جا چمڪاٽ هن جا ڀالا آهن، جن سان هو ڪارن
ڪڪرن کي ڦاڙي ٻنين تي مينهن وسارائي ٿو.
3- هو سمجهندا ها ته مرڻ کان پوءِ سندن آتمائون
(روح) هوا مان لنگهي مٿي آڪاس ۾ سکئي ۽ اوُجل لوڪ
۾ وڃن ٿيون، جتي نڪو آهي ڏک، نڪو آهي سوُر ۽ جتي
سدائين سوجهرو ۽ آنند رهي ٿو ۽ متر (دوست) ڪڏهين
به هڪ ٻئي کان نٿا وڇڙن. اُنهي اوُجل لوڪ جي راجا
کي يم ڪري سڏيندا ها. هو سمجهندا ها ته هو مئن جو
وڏو نياڪاري (منصف) آهي. هو ورن کي، جو وڏو نيلو
آڪاس اسان جي مٿان پکڙيل آهي، به پوڄيندا ها.
سوريه يا ساوتري يعني چمڪندڙ سورج ۽ وايو يعني هوا
جنهن سان سڀ پولار ڀريل آهي ۽ رُدر يعني ڪاري
گرجنا واري ڪڪر ۽ اُش يعني گلابي پرڀات اُنهن سڀني
ديوتائن کي پوڄيندا ها.
4- ويد جو زمانو- پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي ته آريه
پهريائين پهريائين هندستان ۾ ڪڏهن آيا. ڪيترن
عالمن جو رايو آهي ته سڀ کان دير سان جيڪي آريه
ٽوليون آيون سي عيسوي سن کان 1500 ورهيه اڳي کان
دير سان نه آيون هونديون اگرچ ڪن جو ته رايو آهي
ته اِنهيءَ کان گهڻو اڳي آيا هوا. اِهو پڻ رايو
اٿن ته برابر 500 ورهيه ته پنجاب کان اڳتي نه
وڌيا. اِنهيءَ عرصي ۾ جهوني ۾ جهوني ويد يعني رگ
ويد جي ديوتائن جي پوڄا ڪندا ها، جهوني ويد جي
ٻولي ڳالهائيندا هئا. ۽ آرين جي جهونين رسمن جي
پيروي ڪندا ها. 1500-2000 عيسوي سن کان اڳ واري
عرصي کي جيڪر آرين جو يا ويد جو زمانو ڪري ڪوٺجي.
5- وڏن پستڪن واري زماني جا هندو
1- جڏهن آريه لوڪ پنجاب ۾ آيا تڏهين ڏٺائون ته ملڪ
اصلوڪن رهاڪن، دراوڙ ۽ ڪول لوڪن سان ڀريو پيو آهي.
شايد ڪيتريون قوميون ته اهڙيون هيون جن جا رڳا
نالا به گهڻن ڏينهن کان اڳي وسري ويا ها. ويدن مان
خبر ٿي پوي ته هنن سان ڪئين جنگيون ڪيائون. مگر
پاڻ هوا ٿورا ۽ اصلوڪا رهاڪو هوا گهڻا. اِن ڪري ڪڇ
وقت کان پوءِ ساڻن دوستيءَ جو رستو رکيائون ۽ نيٺ
هڪ ٻئي ۾ سڱ ڏيڻ وٺڻ لڳا. اُنهيءَ وقت ڪا ذات پات
ڪانه هئي. پر نيٺ ملڪ جا رهاڪو ايترو ته وڌي ويا
جو ايترا منجهس ماپي ڪين سگهيا. آرين جون نيون
ٽوليون هڪ ٻئي پٺيان پنهنجو اُتر وارو وطن ڇڏي
افغانستان کان توڙي ڪشمير کان هندستان ۾ اينديون
رهيون.
2- پريان اُڀرندي طرف گنگا ۽ جمنا ندين وارا، ٻين
کان به وڌيڪ آباد، ميدان پيا هوا. اِن ڪري ڪي
ٽوليون ندين جا ڪپ وٺي اُڀرندي طرف وڌنديون ويئون.
پر هي ملڪ به ماڻهن سان ٽمٽار هو. هتي پڻ دراوڙ،
ڪول، هنن جي ميلاپ مان پيدا ٿيل قومون ۽ توراني
رهندڙ هوا. انداز ۾ آرين کان ويهوڻا ته بيشڪ هوا،
پر هندستان جي گرم ميدانن ۾ ڳچ وقت رهڻ ڪري هڏ
ويهي ويا هئن ۽ اُتر اُلهندي وارين مضبوط قومن کان
بهادريءَ ۾ توڙي طاقت ۾ توڙي هوشياريءَ ۾ گهڻو گهٽ
هوا. ڳچ وقت آرين، ڏانهن نفرت ۽ ڌڪار سان نهاريو.
ويدن ۾ کين ”داس“ ڪري ڪوٺيو ويو آهي. ٻين ڏيهي
قومن کي وري ناگا، اسوارا، دناو ۽ ديت ڪري ڪوٺيو
ويو آهي. اُنهن کي ڪاريءَ چمڙيءَ وارو ڪري ڪوٺيو
ويو آهي، ۽ چيل آهي ته هنن جو رنگ ڪنو، نڪ سنوان
پيٺل اٿن، ڪچو ماس کائيندڙ آهن ۽ ڪوبه دين ڌرم
ڪونه اٿن. ياد رکڻ گهرجي ته جن هنن بابت اِهو
احوال ويهي ڏنو آهي سي سندن دشمن هوا. هنن مان پڻ
ڪيترا سڌريل هوا، جن وڏا شهر ٻڌا ۽ ڌارين ملڪن سان
واپار چالو ڪيائون. اُنهيءَ وقت جي دراوڙن جا ڪي
به لکيل ڪتاب ڪينهن. جي هجن ته جيڪر هو پڻ آرين
بابت اهڙوئي احوال ڏين، اول ته آريه هنن سان وڙهيا
پر نيٺ هنن سان دوستي رکي ساڻن ملي يورپ جي آرين
وانگي هتي پڻ نيون قومون ٺاهيائون.
3- آرين جي آڳاٽي زماني ۾ ڪٽنب جو پيءُ
پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي پاران اَگني ديوتا ۽ آڪاس
ديوتا کي پرارٿنا ڪندو هو. پاڻ ۽ سندس پٽ زمين
پوکيندا ها ۽ ڪپڙن ڪاڻ ڪپڙو اڻندا هئا. ننڍڙا ڇوڪر
ڍور چاريندا ها ۽ زالون ڳَئون ڏُهنديون يا سُٽُ
ڪَتينديون يا ٻيو گهر جو ڪم ڪنديون هيون. جنگ جي
وقت ۾ مرد تراريون ۽ تير کڻي وڃي قوم ۾ جو سڀني
کان وڌيڪ ٻلوان ۽ سياڻو هوندو هو ۽ جو سندن سردار
هوندو هو، تنهنجي هٿ هيٺ وڙهندا ها. هو جنگ ۾
سوڀاري ٿيڻ ڪاڻ مدد ملڻ لاءِ ديوتائن کي وينتي
ڪندو هو ۽ جنگ پوري ٿيڻ پڄاڻا ديوتائن جا سندن
سهائتا لاءِ ٿورا مڃيندو هو.
4- پر آريه لوڪ جيئن اُتر هندستان تي پکڙي ويا،
تئين اُنهن کي ايترو وڙهڻو پيو، جو ڪٽنبن جي پِيرن
۽ قومن جي سردار کي جهونن ويد جي پرارٿنائن ۽
ديوتائن جي ڀڄنن سکڻ لاءِ وقتئي ڪونه ٿي ملي
سگهيو؛ تنهن ڪري هر هڪ قوم ۾ ڪي ماڻهو ڌار ڪري
ڇڏيائون ته هو رڳو اِهي ڪم ڪن ۽ ٻيو ڪي به نه ڪن.
ڪن ڏينهن کان پوءِ قوم جا ٻيا ماڻهو اُنهن کي ڏاڍو
پوتر ڪري سمجهندا هئا. اِئين ڪري اُنهن جي ڌار ذات
ٺهي پيئي جنهن کي ”برهمڻ“ چون ٿا.
5- اِئين به ڏسڻ ۾ آيو ته سردار ۽ سندس ويڙهوُ
ماڻهن کي وڙهڻ ڌاران ڌرتيءَ پوکڻ يا ٻئي ڪم ڪرڻ
لاءِ وقت ڪونه هو؛ تنهن ڪري هر هڪ قوم ۾ جيڪي ڏاڍا
ماڻهو ها، تن کي وڙهڻ ڪاڻ ڌار ڪري ڇڏيائون. اُنهن
جي مٿان سندن سردار ٿيو، جنهن کي پنهنجو راجا ڪري
سڏيائون. اُنهن جي به ڌار ذات ٺهي پيئي، جنهن کي
”کشتري“
کتري کٽي
چون ٿا. گهڻي وقت تائين هو درجي ۾ برهمڻن سان
برابر ليکبا ها؛ پر نيٺ هو ٻئي درجي ۾ ٿي ويا.
6- قوم جا ٻيا ماڻهو جي ڌرتي پوکيندا ها، ڪپڙو
اُڻندا يا ٻيو ڪم ڪندا ها، سي ”وئش“ سڏجڻ ۾ آيا.
اُهي هندستان جي آريه لوڪن ۾ ٽين ذات ٿيا.
ڪاشي يا بنارس
7- چوٿون دفعو سڀني کان وڏو هو. اُهي ”سوُدر“ سڏبا
ها ۽ آڳاٽا آريه لوڪ، جي ديس جي اِستريون پرڻيا
ها، تن جي اولاد مان، ۽ جهونا توُراني ماڻهو جن
مان گهڻا آرين سان ٺهي رلي ملي هڪ ٿي ويا ها، تن
مان، اِهو دفعو ٺهيو هو. ڏسجي ٿو ته گهڻن ڏينهن
پڄاڻا سوُدرن سان وئش گڏجي ويا ها.
8- اُهي جهنگلي توُراني قومن جا ماڻهو جي آرين سان
ٺهي ۽ رلي ملي نه ويا، پر جنکي آرين جيتيو، سي ٻين
ذاتين جا ٻانها ٿيا ۽ اُهي سڀني ۾ گهٽ ذات ٿيا.
اُنهن کي چنڊال سڏيندا ها. اُنهن کي ڳوٺن جي اندر
رڳو رهڻ به ڪين ڏيندا ها؛ پر ڳوٺن جي ٻاهران
جهوپڙيون جوڙي رهندا ها.
9- اِنهيءَ ريت تمام گهڻي وقت کان هندوءَ جي نالي
سان جا قوم پڌري آهي ساٺهي؛ اُنهي کي گهٽ کان گهٽ
ٽي هزار ورهيه ٿيا هوندا. اُهي وري گهڻن قومن ۾
وراهيل ه.ا ۽ سڀ ڪنهن لوڪ کي پنهنجو راجا، پنهنجا
کشتري يا سپاهي، پنهنجا برهمڻ يا پروهت، پنهنجا
سوُدر يا عام ماڻهو ۽ پنهنجا چنڊال يا ٻانها هئا.
وڏا وڏا شهر ۽ مندر جڙي ويا ۽ گهڻا نوان ديوتائون
پوڄڻ ۾ آيا؛ سڀني کان پراڻن شهرن مان هڪڙو ڪاشي يا
بنارس هو. نيٺ اُهي سڀ ماڻهو جي ڪو هڪڙو ڪم ڪندا
ها يا ڌنڌو هلائيندا ها، تنجي ڌار ذات ٺهي پيئي؛
اِنهيءَ ڪري سوين ذاتيون ٿي پيون ۽ اُهي هاڻي
تائين هلنديون اچن. هڪڙيءَ ذات جي ماڻهن کي ٻيءَ
ذات جي ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي موڪل نه آهي ۽ نه اُنهن
کي ٻين ذاتين سان کائڻ پيئڻ يا پرڻجڻ جي موڪل آهي.
هي ذات جو دستور رڳو هندستان ۾ هندن ماڻهن ۾ ڏسجي
ٿو ۽ دنيا جي ٻئي ڪنهين هنڌ ۾ نه آهي.
6- آڳاٽي نظم جي زماني جو سري رامچندر
1- آڳاٽي هندُڪي زماني ۾ اُتر هندستان ۾ ڪئين
سورما ۽ جنگي جوڌا ٿي گذريا آهن. ساري ديس ۾ سڀني
کان ٻلوان ۽ سورمو راڄ ڪنور رام ٿي گذريو آهي جو
دسرٿ، ايوڌيا (جو هاڻي اُتر هندستان ۾ اوڌ جي نالي
سان ڪوٺبو آهي) جي راجا جو پٽ هو.
رام تير هڻڻ ٿو سکي
- اُنهيءَ سمي ۾ سڀني کان وڌيڪ سوڀيا واري ڪنيا
هئي سيتا جا هڪ ٻئي کتري راجا جي ڌيءَ هئي. پڻس کي
هڪ وڏو ڳرو ڌنش (ڪمان) هو، ۽ چيائين ته جيڪو اِهو
ڌنش موڙيندو تنهن کي سيتا جي ٻانهن ڏيندس. راجائن
هڪ ٻئي پٺيان اُنهيءَ ڀاري ڌنش موڙڻ لاءِ جتن ڪيو،
پر ڪو سوڀارو ڪونه ٿيو. پر جڏهين رام آيو تڏهين هو
سهنجائي سان هن کي موڙي ويو ۽ ويس موڙيندو تان جو
ٺڪاءُ ڏيئي ٻه ٽڪر ٿي پيو. چوڌاري واه واه پئجي
ويئي ۽ پوءِ وڏي ڌوم ڌام سان رام ۽ سيتا جو ويانهن
ٿيو.
3- رام کي پڻس ٻين سڀني پٽن کان گهڻو ڀائيندو هو.
جنهن صورت ۾ راجا جو وڏو پٽ هو تنهن صورت ۾ تخت جو
وارث پاڻ ئي هو. پر رام کي هڪ ڪٺور دل ماٽيجي ماءُ
هئي، جنهن جي مرضي هئي ته منهنجي پٽ کي گادي ملي.
ٻڍي راجا کي پرڀائي ريجهائي چيائينس ته رام ۽ ڀاڻس
لڪشمن کي ديس نيڪالي ڏيئي ڏکڻ هندستان ڏي بن ۾
موڪل ۽ منهنجي پٽ کي يوُراج مقرر ڪر. رام پنهنجا
پيُ جي آگيا انوسار لڪشمن ۽ سيتا سان گڏجي ٻيڙيءَ
۾ ندي لتاڙي دکن جي ٽاڪرو ملڪ ڏي روانو ٿيو. 4-
اِتي وڃي رام ڪيترا سال بن ۾ رهيو. ٻيلن ۾ ڪاري
رنگ جون ڪي قومون رهنديون هيون جن کي آريه ڪوٺيندا
ئي هوا باندرا. اِنهن سان رام دوستيءَ جو رستو
رکيو. هڪڙي ڏينهن رام ويو شڪار تي ته سندس پر پٺ
راوڻ نالي هڪ پاپي راجا سيتا کي کڻي ويو لنڪا جي
ٻيٽ ۾، جن کي هاڻي سيلون ملڪ ڪري ٿا چون
رام بن ڏي ٿو وڃي
رام سندس پٺيان پيو ۽ سُگر پوُ ٻيلن وارين ڪارين
قومن جي حاڪم، پنهنجا سينا پتيءَ (سپه سالار)
هنوُمان (جنهن کي هاڻي هندو باندرن
جو
ديوتا ڪري پوڄين ٿا) سان وڏو ڪٽڪ کيس واهر ڪرڻ ڪاڻ
ڏياري موڪليو. راوڻ کي ماري سيتا کي سک سان موٽي
وٺي آيا.
5- نيٺ رام، سيتا ۽ لڪشمن سان گڏجي پنهنجي راڄ
گديءَ ڏانهن موٽيا. پڻس ته مري ويو هو ۽ سندس ننڍي
ڀاءُ جنهن گاديءَ تي وهڻ کان اِنڪار ڪيو هو ۽ ڀاءُ
ڪاتر ساري راجائي امانت رکيو ويٺو هو تنهن رام جي
موٽڻ شرط کيس ايوڌيا جي راجائيءَ جون واڳون
سونپيون. رام اُتي ڪيترا سال ڏاڍي آنند ۾ راڄ ڪيو.
اڄ ڏينهن سوڌو هندو کيس ديوتا ڪري پوڄيندا آهن.
سندس جيون چرتر (حياتيءَ جو احوال) ڪَوِتا (شعر)
جي نموني ۾ هندن جي هڪ وڏو پوتر پستڪ رامايڻ ۾ ڏنو
ويو آهي.
7- نظم جي زماني ۾ پانڊوَن ۽ ڪوَروَن جي وچ ۾ وڏي
جڌ
1- ويدن ۽ رامايڻ جو ذڪر ته اڳيئي ڪري آيا آهيون.
سندن جو ٻيو به هڪڙو پوتر پستڪ آهي جو مهاڀارت جي
نالي سان مشهور آهي. اِنهن پستڪن مان اسان کي
اوائلي وقت جي هندن جي هلت چلت ۽ رسمن جي گهڻي خبر
پوي ٿي. اِنهن پستڪن جو انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو
ويو آهي.
2- مها جي معنيٰ آهي وڏو ۽ ڀارت، جهوني زماني جو
هڪ هندو راجا ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري مهاڀارت لفظ
جو ارٿ آهي ڀارت جي پوين جي وچ ۾ جا جڌ ٿي تنهنجي
ڳالهه. اِنهيءَ ڀارت جي پوين جا ٻه مکيه ڪٽنب هوا،
هڪڙا پانڊوَ جي پانڊوُءَ جا پٽ هوا ۽ ٻيا ڪوَروَ
جي ڪوَروَ جا پٽ هوا. اِهي ٻئي ڪٽنب هستيناپور
(جنهن جو ٻيو نالو هو هاٿين جو شهر ۽ هاڻوڪي
دهليءَ شهر کان ٿوروئي ڪو پرڀرو هو) جي راجائي
لاءِ پاڻ ۾ وڙهيا. ٻنهي ڌرين ۾ جيڪي راجائون وڙهيا
تن جو ذڪر مهاڀارت جي وڏيءَ ڪوِتا ۾ ڏنو ويو آهي
اِنهي ڪوِتا کي وري ارڙهن اڌڀائن (ڀاڱن) ۾ وراهيو
ويو آهي. ڪُرُ کيتر ميدان (جنهن کي پوءِ پاڻيپٽ جو
ميدان ڪري ڪوٺيو ويو) تي وڏي جڌ لڳي. برابر ارڙهين
ڏينهن جڌ پي لڳي. نيٺ پانڊوَن جي جئي ٿي ۽ سڀيئي
ڪوَروَ هڪ ٻئي پٺيان مارجي ويا.
3- اِنهيءَ جڌ ۾ ڪرشن، گجرات جو هاڪارو راجا، جنهن
کي پوءِ هندو ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا، سو پانڊوَن جو
مددگار ٿيو.
4- نظم جو زمانو (ڪَوِتا جو سمو)- 1500 ورهيه
عيسوي سن کان اڳ کان وٺي 1000 ورهيه عيسوي سن کان
اڳ تائين جيڪو عرصو ٿي گذريو آهي تنهن کي جيڪر نظم
جو زمانو ڪري ڪوٺجي، ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ عرصي ۾ ئي
رام پيدا ٿيو ۽ مهاڀارت وارا واقعا ٿي گذريا.
جيتوڻيڪ اِهي واقعا ٿيا اِنهيءَ عرصي ۾ تنهن هوندي
به رامايڻ ۽ مهاڀارت وارا ٻه وڏا ڪويتا (شعر يا
نظم) سوين ورهيه دير سان رچيا ويا.
8- جهونو هندڪو زمانو
1- عيسوي سن کان 1000 ورهيه اڳ کان وٺي 300 ورهيه
عيسوي سن کان اڳ تائين جيڪو عرصو ٿي گذريو آهي
تنهن کي جيڪر جهونو هندڪو زمانو ڪري ڪوٺيون. آريه،
جو دراوڙ، ڪول، توراني ۽ ٻين ڏيهي قومن سان ملي
ويا هوا سو ڪئين هندنَ جون قومون ٺهي ويئون هيون.
ذاتيون ٺهي ويئون هيون ۽ برهمڻ ماڻهن جا پروهت ٿي
رهيا هئا. آريه لوڪن جا جهونا ديوتائون ٽوري سندن
جهونو ڌرم ڪرم کانئن وسري ويو هو. ويدن جي ٻولي
رواج مان ئي نڪري ويئي ۽ اُن جي بدران برهمڻ سنسڪر
ٻولي ۽ عام ماڻهو پراڪرت ٻوليون، جن مان هاڻوڪيون
ٻوليون نڪتيون آهي سي ڪتب آڻڻ لڳا.
2- هن زماني جي پڇاڙيءَ ڌاري، ايراني ۽ يوناني، جن
جو احوال اسين هاڻي ڪنداسين، سي هندستان ۾ آيا.
آرين جي پوين ٽولين جي اچڻ کان وٺي ايراني قوم جي
اچڻ تائين يعني اٽڪل هڪ هزار ورهين تائين ڪيتريون
ٽوليون اُتر اولهه کان هندستان ۾ بيشڪ آيون
هونديون، مگر اُنهن جو ڪوبه تواريخي احوال هٿ نه
ٿو اچي سگهي.
(الف) ايرانين جو هندستان ۾ اچڻ
1- آريه لوڪ جي ايران ۾ ويا، تن اُتي هڪڙي وڏي
بادشاهت وڃي ٺاهي. ٻڌ جي زماني ڌاري عيسوي سن کان
پنج سو ورهيه اڳي ايران جي بادشاهه دارا جي حڪومت
سنڌو درياهه کان وٺي ڀونچ سمنڊ تائين سڄي اولاهين
ايشيا تي هئي؛ اُنهيءَ ۾ اُهي سڀ ملڪ اچي ويا، جن
کي هاڻي ايشيا مائنر، ايران، افغانستان، ترڪستان ۽
سنڌونديءَ جي اولهه پاسي وارو پنجاب جو ڀاڱو چون
ٿا.
2- پنهنجيءَ بادشاهت کي اڃا وڌائڻ لاءِ ڪاهي ويو
پنجاب تي. سندس امير البحر سائلا جهازن جي آرمار
وٺي سنڌوندي لتاڙي ڪناري کي ڦيرو ڏيئي ڳاڙهي سمنڊ
(ريڊسي) ۾ وڃي نڪتو. دارا سنڌونديءَ واري ساري
ماٿري پنهنجي بادشاهت سان لاڳو ڪري ڇڏي. چوڻ ۾ ٿو
اچي ته سندس شهنشاهت ۾ جيڪي ڪُلُ ٽيويهه پرڳڻا هوا
تن سڀني ۾ جيڪو شاهوڪار پرڳڻو هو، سو هو سنڌونديءَ
واريءَ ماٿريءَ وارو پرڳڻو، جنهن جي سالياني اُپت
اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ رپيا هئي.
(ب) هندستان ۾ يوناني قوم جو اچڻ
1- اُنهي زماني ۾ گريڪ ڏاڍا سوُرما ۽ يورپ جي آريه
قومن ۾ سڀني کان چڱا ها. سڪندر نالي هڪڙو گريڪ
بادشاهه، ايرانين جي گريس کي ڪاهي وڃڻ سبب، اُنهن
کي سيکت ڏيڻ ڪاڻ ايران تي چڙهي ويو. هو 35000 کن
پهلوان گريڪ سپاهين جو ننڍو لشڪر ساڻ وٺي ويو ۽
جرات ڪري ايران جي بادشاهت ۾ ڪاهي پيو.
2- سڪندر ويهن ورهين جي ننڍيءَ عمر ۾ بادشاهه ٿيو
هو. هاڻي هو ٽيهن ورهين جي ڄمار جو هو ۽ جيڪي تمام
چڱا ۽ سوُرهيه جوڌا ٿي ويا آهن تن مان هيءُ هڪڙو
هو. تواريخ ۾ هو سڪندر اعظم جي نالي سان پڌرو آهي.
هن سڄو ايشيا مائنر ۽ ايران فتح ڪيو ۽ ايران جي
بادشاهه دارا جيڪي ساڻس جنگيون ڪيون، تن مان هر هڪ
۾ هن جي لشڪر کي ماري مات ڪيائين. سڄي ترڪستان ۽
افغانستان جي وٺڻ کان پوءِ هو خيبر دري جي واٽ سان
هندستان ۾ آيو، جيئن ڪن زمانن کان اڳي آريه لوڪ
آيا ها.
3- پنجاب جي کشتري راجائن مان هڪڙي پورس نالي
سڪندر کي پٺتي تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. جهلم نديءَ
جي ڪنڌيءَ تي هڪ وڏي جڌ ٿي، جنهن ۾ پورس ۽ هن جي
کشترين کي سڪندر ۽ هن جي گريڪ لشڪر هڻي پٽيءَ
تالان ڪري ڇڏيو.
4- پوءِ سڪندر گنگا نديءَ جي ماٿري ڏي وڃڻ ۽ سڄي
هندستان جيتڻ جو ويچار ڪيو. پر سندس سپاهي ٿڪجي
پيا ها، تنهن ڪري ساڻس وڃڻ کان اِنڪار ڪيائون. هنن
جو مطلب هو ته پنهنجي ديس ڏي موٽون، جو ڪيترن
ورهين کان اُهو هنن ڪونه ڏٺو هو. اِنهيءَ ڪري
سڪندر کي پٺتي موٽڻو پيو.
5- عيسوي سن کان 327 ورهيه اڳي سڪندر اعظم جيڪا
هندستان تي ڪاهه ڪئي سا هندستان جي تواريخ ۾ هڪ
وڏي ڳالهه ڪري ليکبي آهي. اُنهيءَ زماني جا هندڪي
تواريخي ڪتاب ڪونه لکندا هوا، مگر يوناني لوڪ
لکندا هوا. ڪيترا يوناني عالم جي سڪندر سان گڏجي
هندستان ۾ آيا تن جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو تنهنجو احوال
ويهي لکيائون. هنن جيڪي احوال ويهي لکيا سي ته
هاڻي گم ٿي ويا آهن. پر اُنهن مان ڪي ٽڪر جي ٻين
يوناني ليکڪن ويهي نقل ڪيا سي پاڻ وٽ هاڻي موجود
آهن. اُنهن مان اسان کي ٻاويهه سَو ورهيه اڳي جيڪي
هندو هوا تن بابت ڪڇ خبر پوي ٿي.
(ٻ) چندر گپت، مَورين نسل جو بادشاهه (297-321
عيسوي سن کان اڳ)
1- سڪندر جي مرڻ تي هن جي وڏي شهنشاهت سندس سپہ
سالارن ۾ وراهي ويئي. گريڪ سپہ سالار جنهن کي
ترڪستان مليو (جنهن کي گريڪ ماڻهو (يوناني)
بئڪٽريا سڏيندا هوا) تنهنجو نالو هو سيليوڪس. هن
پنجاب کي به پنهنجي حڪومت هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر
مگڌ جي راجا چندرگپت سڪندر جي هندستان مان وڃڻ
پڄاڻا پنجاب ورتو هو. سيليوڪس ڏٺو ته آءٌ چندر گپت
تي پڙي نٿو سگهان؛ تنهن ڪري هن سان عهدنامو
ڪيائين. چندر گپت هن کي پنج سو هاٿي ڏنا ۽ هن
پنجاب جي سڀ دعويٰ ڦٽي ڪئي. هن چندر گپت کي پنهنجي
ڌيءَ به پرڻائي ۽ هڪڙو گريڪ وڪيل ميگاسٿينيز نالي
سندس ڪچهريءَ ۾ رهڻ لاءِ ڏياري مڪائين. چندر گپت
جيڪو گهراڻو ٻڌو سو سندس ماءِ مورا جي ڪري مورين
نسل جي نالي سان پڌرو ٿيو.
2- مگڌ اُهو راڄ هو جنهن کي هاڻي بهار سڏين ٿا.
اُن ۾ مکيه شهر هو پتاليپتر جنهن کي هاڻي پاٽنا
ڪري سڏبو آهي. آڳاٽي هندڪي زماني ۾ مگڌ سڀني کان
وڏو ۽ ناليرو راڄ هو. چون ٿا ته چندر گپت جي راڄ ۾
سارو اُتر هندستان، هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي
تائين، اچي ٿي ويو.
3- ميگاسٿينيز جو پٽاليپتر ۾ ڪيترا سال رهيو تنهن
به جيڪي ڏٺو ٻڌو هو، تنهن جو بيان لکيو هو ۽ هن جي
ڪتاب جا ڪي ڀاڱا هاڻي به پڙهي سگهجي ٿا.
ميگاسٿينيز چويٿو ته هندو مرد ماڻهو جي اُنهن
ڏينهن ۾ مون ڏٺا، سي سچار ۽ بهادر ها ۽ زالون
چڱيون ۽ پوتر هيون، ٻانهو پٽيءَ ڪونه هو. سڀڪو
هڪٻئي تي ڀروسو رکندو هو. ماڻهو درن کي ڪلف ڪين
پائيندا ها؛ ڇاڪاڻ جو چور هوائي ڪين. ڪو ورلي ڪنهن
تي قانوني هلت ڪندو هو. هو چوي ٿو ته اُنهي وقت
هندستان ۾ 118 راڄ ها. گورا هندي ماڻهو هوندا ها،
جي اوُچ ذات جا آريه برهمڻ ۽ کشتري هوندا. ۽ ڪارا
هندي ماڻهو ها، جي لاشڪ سوُدر ۽ ٻين نيچ ذاتين جا
ماڻهو هوندا. سڀڪنهن ڳوٺ ۾ هر طرح جي پورائي هئي،
جيئن ته اُن ۾ سڀڪنهن ذات جا ماڻهو ها ۽ سڀڪنهن پر
جو ڌنڌو ۽ پيشو هلندو هو. ماڻهو پنهنجن ڏيهي
راجائن جي حڪومت هيٺ سانت ۽ آرام ۾ رهندا ها.
9- ٻُڌ
(487-567 عيسوي سن کان اڳ)
1- اٽڪل 2500 ورهين کان اڳي آڳاٽي هندڪي يا
برهمڻڪي زماني جي پڇاڙيءَ ڌاري سِڌودن هڪڙو کشتري
راجا ”ڪوسل“ لرڪن جي زور واري راج جي ٿورو اوڀر
”ساڪيا“ نالي هڪڙيءَ ننڍڙيءَ قوم تي حڪومت ڪندو
هو. هن جو مکيه شهر ڪپل وِستو روهنيءَ نديءَ جي
ڪٺي تي بنارس جي اُتر سو کن مئلن تي هو. هو سورمو
۽ جڌ جو ڪوڏيو هو ۽ هن کي گوتم نالي جو هڪڙو پٽ
هو، تنهن کي به هن جي مرضي هئي ته پاڻ وانگيان
جوڌو ڪريان. تنهن ڪري هن کي ڀالو ۽ ترار هڻڻ ۽
ڪمان ڪشڻ سيکاريائين. جڏهين هو ارڙهن ورهين جو
ٿيو، تڏهين هن کي يسوڌرا نالي هڪڙيءَ سندر نينگر
سان پرڻايائين ۽ پرڻئي کان پوءِ ڏهن ورهين پڄاڻا
هن کي پٽ ڄائو.
2- گوتم اول کانئي سدائين ڏاڍو ويچاروان ڇوڪر هو.
هو ڳالهائڻ ۾ حليم ۽ دل جو مهربان ۽ سڀني تي
ٻاجهارو هو. شڪل ڪندي جڏهين هو غريب هرڻ ٻيلي ۾
چرندا ڏسندو هو، تڏهن اڪثر اڌ شڪل ڪمان هٿ ۾ جهلي
بيهي رهندو هو. چوندو هو ”غريب جانور کي ڇاڪاڻ
ايذاءُ ڏيان“ ۽ پوءِ تير موٽائي کڻي بٿيءَ ۾
وجهندو هو ۽ شڪار ڪرڻ بنا گهر موٽي هليو ويندو هو.
شرط ڊوڙندي ڏسندو هو ته گهوڙو ٿڪي پيو آهي ۽
سهڪيءَ ڀرجي ويو آهي، ته اڪثر بيهي رهندو هو، شرط
هارائڻ سهندو هو، پر پنهنجي گهوڙي کي ايذاءُ ڪين
ڏيندو هو.
3- هڪڙي ڏينهن بهار جي مند ۾ پڻس چيس ته گهوڙي تي
چڙهي مون سان گڏجي گهمڻ هل، ته سهڻيون ٻنيون هلي
ڏسون. باغن، کوهن، سائي گاهه ۽ اَن پوکن ۾ ميوي
سان ڇانيلن وڻن سان ڀرپور زمين مان جيئن هو آهسته
آهسته چڙهي لنگهي ويا تيئن گوتم خوش ۽ سرهو ٿيو.
پر هڪڙي هاريءَ کي ڏٺائين جنهن هڪڙي چٽر پٺيءَ
واري ويچاري ڍڳي کي پئي ڪاهيو ۽ لڪَڻ سان ايترو
ماريائينس جو سوُر کان هيٺ ڪري پوڻ جهڙو اچي ٿيو.
پوءِ وري ڏٺائين ته هڪڙو باز ويٺو ڪبوتر کي کائي.
اڃا اڳڀرو وڃي ته ڇا ڏسي ته هڪڙو ڪبوتر آهي سو
مکيون ماري ويٺو کائي. اِهو حال ڏسي هو ڏک ۾ ڀرجي
گهر موٽي ويو.
4- اُنهيءَ کان ڪجهه وقت پوءِ گوتم سُپنو لڌو.
هڪرو ٻڍو ۽ ضعيف ماڻهو ڏٺائين جو هلي نٿي سگهيو ۽
ٻڌاپڻ جي ڪري اهڙو نستو ٿي پيو هو، جو بيهي مس ٿي
سگهيو. سپني ۾ آواز ٻڌائين جنهن چيس ته ”اي گوتم،
تون به هن وانگيان ٻڍو ۽ ضعيف ٿيندين.“ وري هڪڙو
ماڻهو ڏٺائين جو ڏاڍو بيمار هو ۽ سوُر کان پئي
ڪنجهيو ۽ سپني ۾ آواز ٿيس ته ”گوتم؛ هڪڙي ڏينهن
تون به هن ماڻهوءَ وانگر ڏاڍو بيمار ٿيندين ۽ سوُر
۾ پيو ڦٿڪندين.“ پوءِ وري هڪڙو ماڻهو ڏٺائين جنهن
جو سڄو بت سڪي ۽ ٺري ويو هو ۽ ڌرتيءَ تي مئو پيو
هو ۽ آواز چيس ته ”گوتم، توکي به مرڻو پوندو.“
5- اُنهي کان ٿورو وقت پوءِ ڀرو گوتم جو اُنهي وقت
ٽيهن ورهين جو اچي ٿيو هو، سو پنهنجي راڄ، پيُ،
زال ۽ ٻار کي ڇڏي رمندو رهيو ۽ بن ۾ اندر وڃي
نڪتو. کشتري راڄ ڪنور کي مٿي تي جي ڊگها وار ٿيندا
آهن سي هن ڪترائي ڦٽا ڪيا، راجائي وڳا لاهي
ڇڏيائين ۽ غريب پينوءَ واريون تڳڙيون کڻي ڍڪيائين.
هن وان پرست وانگيان بن ۾ ست ورهيه اِنهي ويچار ۾
گذاريا ته ڪا واٽ لڀي، جنهن ڪري جڳت ۾ جو چوڌاري
دک پاپ ۽ شوڪ ڏسجي ٿو سو نڪري وڃي. نيٺ هن ڄاتو ته
مون سچي آنند حاصل ڪرڻ جي واٽ ڳولي ڪڍي آهي.
6- تهان پوءِ هو بن مان موٽيو ۽ 45 ورهين تائين،
نئون ڌرم سکياريندو وتيو؛ خاص ڪري اُنهن ڀاڱن ۾ جن
کي هينئر سڏبو آهي بهار ۽ آگره ۽ اوڌ وارا علائقا.
پنهنجو اصلوڪو نالو، گوتم، ڦٽو ڪيائين، ڇاڪاڻ ته
سندس مرضي نه هئي ته ڪو مان وڌيڪ راج ڪنور ليکجان
۽ پاڻ کي ٻڌ سڏايائين؛ ٻُڌ جي معنيٰ آهي سياڻو يا
جنهن کي ٻُڌي يعني سياڻپ ملي هجي. هن جي ٻڍي پيُ،
زال توڙي پٽ هن جي سکيا ٻڌي ۽ سڀ هن جا شش ٿي هن
سان وڃي گڏيا.
7- ٻڌ جهڙو دياوان پِرش ڪو ورلي ٿي گذريو آهي.
جيڪو ڌرم جاري ڪيائين تنهن کي ٻڌ ڌرم ڪري ڪوٺبو
آهي. ماڻهن کي اِهائي سکيا ڏيندو هو ته سڀني جيون
تي ديا ڪريو؛ ڪنهن سان به ظلم ڪرڻ يا ڪنهن کي
ايذاءُ رسائڻ پاپ آهي. هن جو چوڻ هو ته ڌڻيءَ جي
نظر ۾ سڀ ماڻهو آزاد ۽ هڪ جهڙا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو به
ماڻهو پنهنجي حياتي صفائيءَ ۽ پوترتائيءَ سان
گذاري، سچ ڳالهائي ۽ پاپ نه ڪري ته هو ڪنهن کان به
گهٽ نه آهي. ڪئين ماڻهو سندس شش ٿيا ۽ سندس
حياتيءَ جي وقت ۾ ئي لکن هندن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو.
برابر ڇهه سوُ ورهين تائين ٻڌ ڌرم هندستان ۾ مکيه
ڌرم ٿيو. |