سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 6

همايون

3- بابر کي پنهنجي حڪومت ڄمائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ وقت ڪونه مليو هو. اڃا همايون تخت تي ويٺو ئي ڪين ته کيس ڪيترن دشمنن کي منهن ڏيڻو پيو. هو بيشڪ پهلوان، جئن ڪ هن جي جرات جي ڪمن مان وري وري ظاهر ٿئي ٿو؛ پر پيُ جهڙو چالاڪ ڪين هو ۽ نڪي وري هن وانگي اِرادي جو پڪو هو. پوين ڏينهن ۾ وري آفيم کائڻ تي هريو، ۽ اِنهيءَ بُڇڙيءَ هير کيس آرسي ۽ دل جو سست بنائي ڇڏيو.

4- اُن وقت هڪڙو وڏو افغان امير هو جنهن جو نالو هو شير خان (چيتي جو سردار) ڇاڪاڻ ته هن هڪ دفعي ترار جي ڌڪ سان هڪڙي چيتي کي ماري وڌو هو. هو بينگال جو صوبو هو ۽ اڃا بابر وفات ڪئي ڪين ته خيال ڪيائين ته مان پاڻ کي ساري ملڪ جو والي بنايان. هن ڪيترا سال پنهنجي لشڪر کي قواعد سيکارڻ ۾ ۽ بينگال جي ٽاڪروُ قلعن فتح ڪرڻ ۾ صرف ڪيا.

5- هيترو سڀ وقت همايون ٻين افغان سردارن سان وڙهڻ ۾ مشغول هو. بابر جا جيڪي چڱا جهونا سپاهي ها، تن مان گهڻا ته مري ويا ها، يا جنگ ۾ مارجي ويا ها، ڇاڪاڻ ته اُنهن جو انداز ڪو گهڻو ڪونه هو؛ ۽ جڏهن همايون پنهنجي ڀاءُ ڏي، جو افغانستان ۾ حڪومت هلائيندو هو، وڌيڪ ماڻهن ڪاڻ لکيو، تڏهن هن صاف جواب ڏنس. اِنهيءَ ڪري همايون جي لشڪر ۾ هاڻي رڳا جوان مڙس ها، جن کي پوري جنگي سکيا ڪانه مليل هئي.

6- افغانن کي شڪست ڏيئي، همايون وڌيو اوڀر طرف شير خان کي منهن ڏيڻ لاءِ. مند هئي مينهوڳيءَ جي ۽ جهنگ جهر پاڻي ٿي ويو هو. شير خان ۽ سندس ماڻهو ته وڃي ٽاڪروُ قلعن ۾ سوگها ٿي ويهي رهيا. همايون جا ڪيترا ماڻهو بيمار ٿي پيا ۽ ڪي ته کيس ڇڏي ويا. همايون پٺتي موٽي ويو ۽ سندس لشڪر ۾ ٽاڪورو پئجي ويو. اِنهيءَ تي شير خان پنهنجو وڏو ڪٽڪ، پوريءَ طرح جنگي سکيا مليل ماڻهن جو، وٺي اچي مٿس ڪرڪيو ۽ سندس لشڪر کي ڀڄائي دهلي ۽ آگره وٺي سنه 1540ع ۾ هندستان جو شهنشاهه ٿي ويٺو.

7- همايون جنهن هندستان ۾ ڏهه سال حڪومت هلائي هئي سو پنهنجن بي ايمان ڀائرن کان مدد وٺڻ لاءِ ڀڳو پنجاب ڏي ۽ اُتان افغانستان ڏي، پر هنن ته پاڻ کيس پورو ڪرڻ ٿي چاهيو، جنهنڪري هو ڀريا ٽي سال تمام وڏي خطره ۾ وتيو ڀٽڪندو. اڃا هندستان ڇڏڻ تي هو ته کيس رڻ پت ۾ اڪبر ڄائو، جنهن کي چاچهنس هٿ ڪري ڪابل ۾ ڪيترا سال قيد ڪري ڇڏيو.

8- همايون پنهنجي زال ۽ ڪن ماڻهن سان گڏجي ايران ڏي ڀڄي ويو. اُتي ڪڇ وقت شاهه جو مزمان ٿي رهيو. شاهه ساڻس چڱي هلت ڪئي ۽ ڏهن هزارن ماڻهن جو لشڪر ڏنائينس جنهن سان هو افغانستان ڏي موٽيو ۽ ڏهه سال برابر پنهنجي ڀائرن سان جنگ جوٽيندو وتيو. نيٺ اُنهن مان هڪ ته مري ويو، (پر همايون جي هٿان نه) ۽ ٻيو مڪہ ڏي ڀڄي ويو. ٽئين ڀاڻس جي به هار ٿي ۽ پوءِ همايون ڪيترا سال ڪابل ۾ ويهي حڪومت ڪئي تان جو سندس هندستان ۾ وڃڻ جو وقت آيو. وري وري سندس ڀائر سندس وس پي ٿيا پر هن کين معافي ڏيئي ڇڏي پي ڏنو. پنهنجي پيُ سان جيڪو قول ڪيو هوائين سو هرگز ڪين وساريائين.

9- اِنهيءَ وچ ۾ شير خان مري ويو. هن کان پوءِ ٽي بادشاهه ٿيا، جن مان پويون ڪمزور هو ۽ حڪومت هلائي ڪين سگهيو. همايون لشڪر وٺي دهليءَ تي چڙهي ڪئي ۽ هن ڀيري جي سپاهي نيائين سي جهڙا ها پهلوان تهڙا ها سهُو. هن دهليءَ ۽ آگرهه، جي پنڌرهين ورهيه وڃائي ويٺو هو، وري ورتا.

10- پر هن وري موٽڻ کان پوءِ گهڻا ڏينهن بادشاهي ڪين ڪئي. هڪڙي ڏينهن پيشين مهل جينءَ هو پنهنجي محلات جي ڏاڪڻ تي ٿي چڙهيو، تينءَ هن ڀرواريءَ مسجد مان ٻانگ ٻڌي؛ همايون ٻانگ ٻڌڻ ڪاڻ بيهي رهيو، پر لٺ جنهن تي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هو، سا لسي سنگ مرمر تان ترڪي ويئي ۽ هو ڦهه اچي ڏاڪڻ کان هيٺ پيو. هن کي اهڙو ايذاءُ پهتو، جو هو پنجاهين کن ورهين جي ڄمار ۾ مري ويو.

شير شاه

25- شير شاهه

1- جڏهين هو دهليءَ جي تخت تي ويٺو تڏهين هن شير شاهه جو خطاب ورتو. چيتي وانگر هو مضبوط ۽ چالاڪ هو؛ پر ڏاڍو مڪريلي ۽ بي رحم هو. دشمن تي هن کي ڪهل ڪانه ايندي هئي ۽ جنگ جي وقت جي ڀائيندو هو ته سخن ڀڃڻ مان ڪي وٽبو ته هو اُن کي ڪڏهين ڪين پاڻي ڏيندو هو.

2- جڏهين شير شاهه بادشاهه ٿيو، تڏهين هن حڪومت سياڻپ سان ۽ چڱيءَ طرح هلائي. هن سمجهو ته مسلمان بادشاهه جيڪي مون کان اڳي ٿي لنگهيا آهن، سي ها تمام عاليشان، تنهنڪري ننڍن ڳالهين تي ڌيان ڪين ڏيندا ها ۽ پاڻ پنهنجي سر ننڍن ڪمن تي نظر ڪانه ڪندا ها.

هو پنهنجي سردارن ۽ اهلڪارن ۾ اکيون پوري کڻي ڀروسو رکندا ها ۽ اڪثر سڀڪو ڪم اُنهن جي حوالي کڻي ڪندا هئا. اُهي اهلڪار اگرچه پهرائين همت وارا ۽ ڏاڍا ها، پر هو سگهوئي هڏراکا ۽ آرام ۽ خوشيءَ جا ڪوڏيا ٿي پيا. هو کائيندا پيئندا ۽ سمهندا گهڻو ها ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪين ڪندا ها، اُهو نوڪرن تي لاهي کڻي وجهندا ها.

3- شير شاهه اِنهيءَ ريت ڪين ڪيو. هو سڀڪنهن ڪم جي پاڻ نظر ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو وڏو بادشاهه هو، ته به هو بيڪار ڪڏهين ڪين وهندو هو. غريب کان غريب ماڻهو جنهن کي پنهنجي پيٽ قوت ڪمائڻ لاءِ پنهنجي هٿين پورهيو ڪرڻو پوندو آهي، سو جينءَ ڪم ۾ رڌل هوندو آهي، تينءَ هو رڌل رهندو هو. جينءَ پاڻ گهڻي محنت ڪندو هو، تينءَ پنهنجي زيردستن کي ڪرائيندو هو. ملڪ جي حڪومت جهڙي هن ڪئي، تهڙي ٻئي ڪنهين افغان بادشاهه ڪانه ڪئي؛ ڇاڪاڻ جو هن کي چڱيءَ پر سڌ هئي ته رعيت سنڀالڻ بادشاهه تي فرض آهي. هن هندن تي ظلم ڪونه ڪيو ۽ ملڪ جي حڪومت جي ڪم ۾ ساڻس مددگار ٿيڻ ڪاڻ گهڻائي هندو مقرر ڪيائين. اُنهن مان هڪڙي توڏرمل کي مالياتي يا ڍلن جو ڪم سونپيل هو.

4- هن شهنشاهه ٿي فقط چار سال حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ پُٽُسِ تخت نشين ٿيو پر هو نڪي پيُ جهڙو برجستو هو نڪي وري اهڙو سياڻوئي هو. هن جي وفات کان پوءِ حڪومت ۾ اچي وڳور متو ۽ همايون، جئن اسين مٿي چئي آيا آهيون، حڪومت موٽي هٿ ڪئي، پر سگهوئي وفات ڪري ويو

اڪبر

 

26- اڪبر اَعظم

(1556عيسوي کان 1605 عيسوي تائين)

1- هندستان ۾ جيڪي مسلمان بادشاهه ٿي ويا آهن تن ۾ اڪبر سڀني کان چڱو بادشاهه هو. هن جو پورو نالو هو جلال الدين محمد. پڻس همايون سندس ڄمڻ وقت اڪبر نالو رکيس. اڪبر جي معنيٰ آهي تمام وڏو ۽ ٿيو به وڏو بادشاهه. هن پنجاهه ورهيه اِنهيءَ ساڳي وقت ڌاري بادشاهي ڪئي، جڏهين اِنگلنڊ ۾ انگريزن جي وڏيءَ راڻي ايليزبيٿ پئي راڄ ڪيو. اُنهن ٻنهي کي مئي ٽي سو کن ورهيه ٿيا.

2- اڪبر جو پيُ جڏهين مئو، تڏهين هو فقط تيرهن ورهين جو هو. هن جا گهڻا ويري ها، پر بهرام نالي هڪڙو بهادر ترڪي سردار، جو پڦيس پرڻيو هو ۽ جو سورهن ورهين جي ڄمار کان وٺي پڻس جي نوڪريءَ ۾ رهيو هو، سو سندس وفادار سپه سالار هو. بهرام سڀني دشمنن کي ماري مات ڪيو. پنهنجي ننڍي ڀائٽي کي سواري ڪرڻ، تَرَڻُ، تير ڪمان ڪشڻ، ترار ۽ ڀالو ڪم آڻڻ، ۽ ٻيا سڀ جنگي جوڌي جا گهربل هنر سيکاريائين. هن اڪبر جي پاران پنجين ورهين تائين گهڻيءَ پڪائيءَ ۽ مضبوطيءَ سان ملڪ تي حڪومت ڪئي.

3- اُنهي وقت جي پڇاڙيءَ ۾ مغل بادشاهت ۾ رڳو دهلي ۽ پنجاب ها. اڃا تائين بنگالي، بهار، جونپور، سنڌ، گجرات، مالوا ۽ خانديش ۾ زور واريون پٺاڻڪيون بادشاهتون هيون ۽ راجپوتانا ۾ راجپوت راجائن جي حڪومت هئي.

بهرام خان خانان

 

4- اڪبر هاڻي اچي 18 ورهين جو ٿيو. هو هن پوڙهي رُکي راڄ ڪاڄ هلائيندڙ جا حڪم مڃي مڃي ڪڪ ٿيو هو ۽ ماڻس ۽ درٻاري امير به ورچي پيا ها. تنهن ڪري هنن اچي تپائي کنيس ته تون اختياري پنهنجي هٿ وس رک. بهرام جي پنهنجي اختياري ڇڏڻ تي مرضي ڪانه هئي؛ پر ننڍو شاهنشاهه اِنهيءَ ڳالهه تي ٿي بيٺو. نيٺ بهرام حڪم مڃيو؛ پر هو ڪاوڙجي ويو هليو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ هن ڪجهه لشڪر گڏ ڪيو ۽ پنجاب تي ڪاهيائين. اڪبر توڙي عمر جو ننڍو هو، ته به جنگ جي ميدان ۾ هن جي سامهون ٿي بيٺو. بهرام هارايو، ٽڪرين ڏي ڀڳو ۽ پوءِ پڳڙي لاهي ڳچيءَ ۾ وجهي ڪچهريءَ ۾ آيو ۽ اچي معافي گهريائين. اڪبر هن جي گهڻي ڏينهن جي ۽ ايمانداريءَ جي خدمت وساري ڪين؛ هن کي پنهنجي هٿ سان وٺي اُٿاريائين ۽ ٻين سڀني درٻاري اميرن کان مٿي آبروءَ واريءَ جاءِ تي وهاريائينس. پوءِ پڇيائينس ته توهان کي سرڪار جي روبرو وڏو عهدو ٿو وڻي، يا ڪنهن علائقي جي حاڪمي ٿي وڻي، يا چڱي وجہ سان ۽ نوڪرن چاڪرن جي ٽولي وٺي حضرت محمد جي قبر جي زيارت لاءِ مڪہ وڃڻ ٿو وڻي؟ بهرام کي پوئين ڳالهه وڻي؛ پر واٽ تي هڪڙي افغان، جنهن جي پيُ کي هن ڪي ورهيه اڳي مارايو هو، هڻي ماري ڇڏيس.

5- اڪبر هاڻي جئين وڻيس تئين ڪرڻ لاءِ ڇڙواڳ ٿيو. ننڍي هوندي ڪابل جي ٿڌن جبلن ۾ جو گذاريو هائين، تنهن ڪري هو مضبوط ۽ ڏاڍو ٿيو هو. هو هوشيار ۽ ويچاروان بادشاه هو. هن سمجهيو ته منهنجي بادشاهت جٽاءُ تڏهن ڪندي، جڏهين هندو پنهنجا سچار دوست ۽ پوءِ لڳ ڪندس. هن ٺهراءُ ڪيو ته هندستان جا جيڪي ڏيهي ماڻهو آهن، تن سڀني جو آءٌ مکيه ٿيان ۽ اُنهن جو ڌرم يا ذآت ڪهڙي به هجي ته اُنهن سڀني کي ملائي هڪ وڏي قوم ٺاهيان. پر پهريائين هن کي پنهنجن سردارن کي تابع ڪرڻو هو ۽ پنهنجي دهليءَ جي بادشاهت ۾ پورو جوڙجڪ رکڻو هو. اِنهيءَ ڪم جي راس ڪرڻ ۾ کيس ڪڇ وقت لڳي ويو، پر جڏهين 21 ورهين جو ٿيو تڏهين هن ڏٺو ته دهليءَ جي بادشاهت مون پوريءَ طرح پنهنجي وس ڪئي آهي.

6- اُنهي وقت هندستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سو راجپوت راجائون ها. اڪبر پڪو ارادو ڪيو ته اُنهن کي پنهنجو دوست ۽ ساٿي ڪريان ۽ اُنهن جي واهر سان اُتر هندستان واريون پٺاڻڪيون بادشاهتون جيتيان. هڪڙو مضبوط لشڪر وٺي راجپوتانا تي چڙهي ويو ۽ پهرائين جيڪي تمام زور وارا راجپوت راجائون ها، تن سان ويڙهه شروع ڪيائين. اُنهن ڏٺو ته هو ڪهڙو زور وارو ۽ پهلوان آهي، اِنهيءَ ڪري هنن کي ڊپ به ٿيو ۽ هو کين وڻيو به؛ ڇاڪاڻ جو راجپوت هڪڙيءَ عمديءَ ذات جا جوڌا آهن، جن کي بهادر ماڻهو سڀ وڻندا آهن. هن اُنهن کي جيتيو؛ پر پوءِ ساڻن مهربانيءَ سان هليو. ملڪ هنن کي ورائي ڏنائين؛ هنن کي چيائين ته اوهين رڳو مون کي پنهنجو شهنشاهه ڪري مڃيو.

جوڌ ٻائي

 

7- پوءِ اڪبر راجپوت راجائن جون ڌيَرُ پرڻيو ۽ اُنهن جي پِيُرَن ۽ ڀائرن کي پنهنجي لشڪر جا عهديدار بڻايائين. اُهي سندس سڄڻ ۽ مائٽ ٿيا. جڏهن پٽس سليم وڏو ٿيو تڏهن اڪبر هن کي هڪڙي راجپوت بيبيءَ جوڌٻائي سان پرڻايو. ستن ورهين کان پوءِ اڪبر راجپوتانا جو مالڪ ۽ اُڌيپور جي راڻي کان سواءِ ٻين سڀني راجپوت راجائن جو شهنشاهه ٿيو.

8- هڪڙي ٿيس راجپوتن جي مدد ۽ ٻيو هندو ٿيا سندس سڄڻ ۽ ساٿي، تنهن ڪري اڪبر هندستان جون پراڻيون پٺاڻڪيون بادشاهتون ويو هڪ ٻئي پٺيان ليٽائيندو. هن بهار، بنگالو، اوڙيسا، سنڌ، مالوا، گجرات، ڪابل ۽ قنڌار سڀ فتح ڪيا. سندس گهڻن ڏينهن جي بادشاهيءَ جي پوئين وقت ۾ هن ونڌيا جبلن جي اُتر ساري هندستان تي حڪومت ٿي هلائي.

 

مغل شاهنشاهت اڪبر جي وقت

1600ع

15 صوبن ۾ ورهايل

 

9- اڪبر ڏسڻ ۾ ڪئن ٿي آيو ۽ ٻولي ڪهڙي ڳالهائيندو هو؟ هو قد جو جيڪيسو ڊگهو ۽ سهڻو هو، ڇاتي ويڪري ۽ ٻانهون ڊگهيون هيس. هن جا وار ۽ اکيون ڪاريون هيون. هن جو منهن گورو لعل هو، پر جئَن عمر ۾ وڏو ٿيندو ويو تئَن ويو سائنرو ٿيندو. هو اَڌ تُرڪ ۽ اڌ ايراني هو ۽ ترڪي ۽ پارسي ٻئي ٻوليون ڳالهائيندو هو. هن کي سگهه ڏاڍي گهڻي هئي. هن کي سواريءَ جو ڏاڍو شوق هو ۽ اڪثر ڏينهن ۾ ٽيہ چاليہ مئل پنڌ ڪندو هو. سڄي ملڪ ۾ هو سڀني کان چڱو گولي مار هو. هن کي بندوقون گهڻيون هيون، جن مان هر هڪ کي ڌار ڌار نالو هو. هن کي هڪ بندوق هئي جنهن جو نالوئي هو ”درست انداز“، تنهن سان هن 1900 مرون ماريا ها.

10- جئَن اڪبر ويو عمر ۾ وڌندو، تئَن ويو دل جو ڪوئنرو ۽ ٻاجهارو ٿيندو. هن کي گهڻيون جنگيون ڪرڻ لاچار ٿيو، پر هن نه ڪڏهين ڪو ملڪ اُجاڙ ڪيو ۽ نه ڪڏهين ماڻهن کي لُٽيائين.

هندڪيءَ پوشاڪ ۾ اڪبر

11- اڪبر مسلمان ٿي پليو هو، پر هندن سان هو نرم ۽ حليم ٿي هليو. هو چوندو هو ته چڱائيءَ کان ڪو به ڌرم خالي ڪونهي ۽ جن جي خدا سان سچي محبت آهي، سي هن کي جتي ڪٿي لهي سگهن ٿا؛ پوءِ اُهي توڙي مسلمانڪي مسيت ۾، توڙي هندڪي مندر ۾، توڙي عيسائي ديول ۾ وڃن. اڪبر جي زماني ۾ جنهن ڪي جو ڌرم وڻيو ٿي، سو تنهن تي ٿي هليو. سندس سڪن مان هڪڙي تي هن طرح جي ڇاپ هئي:-

ڌڻيءَ کي سدا سچ وڻي ٿو هڏهين؛

نه ڀلجي سنئين راه ويندڙ ڪڏهين.

12- اڪبر پاڻ پڙهيل ماڻهو ڪين هو ۽ گهڻن ورهين تائين لکي پڙهي ڪين سگهندو هو؛ ڇاڪاڻ ته سندس بي رحم چاچي، جنهن وٽ ننڍي هوندي هو قيد هو، تنهن ڪي ڪين سيکاريو هوس. پر هن کي ڪتابن ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن وٽ وڏو ڪتب خانو هو، جنهن ۾ پنجن هزارن کان به وڌيڪ ڪتاب ها. هن کي چِٽن ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ وٽس گهڻيون تصويرون هيون. هن کي چڱي راڳ ۽ شعر ٻڌڻ تي گهڻي دل هوندي هئي.

ابوالفضل

13- اڪبر جي ڪچهريءَ ۾ ڪيترائي نامور ۽ پڙهيل ماڻهو ها، هندو توڙي مسلمان، جي کيس حڪومت ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا ها. اُنهن مان مکيه هو ابوالفضل، جنهن کي اڪبر پنهنجو ڀاءُ ڪري ليکندو هو، ۽ جنهن جي صلاح هر ڪنهن ڳالهه ۾ وٺندو هو. هو نرم دل ۽ مهربان هو ۽ ڏاڍو پڙهيل هو. هن هڪڙو ڪتاب لکيو جنهن کي چوندا آهن آئين اڪبري يا اڪبر جا قانون. اُنهيءَ ۾ اڪبر جي ڪچهريءَ، سرڪار ۽ شهنشاهت جو پورو بيان ڏنل آهي. اڄ ڏينهن تائين اِهو ڪتاب پڙهي سگهجي ٿو. ابوالفضل کي اڪبر جو وڏو پٽ سليم. حسد وچان ڌڪاريندو هو. اِنهيءَ ڪري هڪ دفعي جئن ابوالفضل ملڪ جي هڪ اوجهر ڀاڱي مان مسافري پئي ڪئي تئن سليم کيس هڪ خبيث هٿان مارائي ڇڏيو. اڪبر کي پنهنجي دوست جي وڇوڙي جو اهڙو ڏک ٿيو جو برابر ٻه ڏينهن نه کاڌائين نه پيتائين.

توڏر مل

 

14- اڪبر جي ڪچهريءَ ۾ جيڪو مکيه هندو هو سو هو راجا توڏر مل، جنهن گهڻو اڳي شير شاهه وٽ به نوڪري ڪئي هئي. هو اڪبر کي تمام ڪمائتو ٿيو ۽ اڪبر ساري ملڪ جي اُپت ۽ ڍلن جي ڪاروبار سندس حوالي ڇڏي.

مان سنگهه

15- هندستان جي سوڀ کان پوءِ ڪيترن راجپوت سردارن کي لشڪر ۾ وڏا عهدا مليا هوا. راجا مانسنگهه، جنهن جي ڀيڻ شهزادي سليم سان شآدي ڪئي هئي، سو سندس وڏي ۾ وڏو سپه سالار هو ۽ اول ڪابل جو، پوءِ بينگال جو گورنر مقرر ڪيو ويو.

سليم شاه

 

16- اڪبر جي راڄ جو پويون ڀاڱو صلح سانت ۾

گذريو. هڪ ڀيرو سا دکن فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر جڏهن ڏٺائين ته گهڻيءَ رتوڇاڻ کان سواءِ اهڙو ڪم ٿي ڪين سگهندو، تڏهن ڪوشش ئي کڻي ڦٽي ڪيائين. پُٽَس سليم سو کيس ڪڇ تڪليف ڏني ۽ هڪ دفعي فساد مچايائين، پر ساڻس بلڪل ٿورا ماڻهو شامل ٿيا ۽ سندس رحم دل پيُ کيس اِها ڳالهه کڻي معاف ڪئي.

17- اڪبر جي تخت نشين ٿيڻ کان ڏهه سال پوءِ سنه 1565ع ۾ دکن جي مسلمان سلطانن مان چئن پاڻ ۾ گڏجي هندن جي وجيه نگر بادشاهت تي ڪاهه ڪئي. اُنهي سال ڪرشنا نديءَ جي ڪنڌيءَ تي ٽاليڪوٽ وٽ وڏي جنگ لڳي. مسلمان هندن تي غالب پيا. لکين قتل ٿي ويا ۽ وجيه نگر جو وڏو شهر ناس ٿي ويو. ڪرشنا نديءَ جي ڏکڻ ڏي ساري ملڪ ۾ جيڪي هندو نائڪ يا پاليگار ها،. سي جن ڀاڱن تي وجيه نگر جي راجائن جي هٿ هيٺ حڪومت ڪندا ها، تن جا راجا بڻجي ويٺا. اُنهن ۾ مکيه هو هڪڙو پاليگار جنهن کي پوءِ ميسور جو راجا ڪري ڪوٺيائون.

18- اڪبر جي راڄ ۽ عام ماڻهن جي حالت ڪهڙي هئي؟ اُهي اڳي اهڙا ڪڏهين به سُکي ڪين ها، جهڙا اُن جي راڄ ۾ ها. پٺاڻ بادشاهن جي ڏينهن ۾ اُنهن کي جيڪي ڍلون ڏيڻيون پونديون هيون، تن کان هن جي راڄ ۾ ڍلون گهڻو هلڪيون هيون. هندو توڙي مسلمان سڀڪو ساڳي ڍل ڀريندو هو، اڳين مسلمانن بادشاهن جي ڏينهن ۾ هندن کي جزيه نالي هڪڙي ڍل ڏيڻي پوندي هئي، جنهن کي هو بُرو ڀانئيندا ها. جيڪو مسلمان نه هو، تنهن سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اُها ڍل مسلمان نه هجڻ ڪري ڀرڻي پوندي هئي؛ اڪبر اُها ڍل نه ورتي. تيرٿ جي جاين تي وڃڻ وارن زيارتين تي جا ڍل هوندي هئي. اُها به هن بند ڪري ڇڏي.

19- سڀ ماڻهو پنهنجي ڌرم ۽ رسمن تي هلڻ لاءِ آزاد ها، ڪنهن کي مجال نه هئي ته اُنهن کي ڪو ڊيڄاري. ڪن هندن ۾ هڪڙي ڪٺور رسم هئي، سا اڪبر زور سان روڪي. جڏهين ڪو مرد مرندو هو ته هن جي وڌوا چِکيا تي پنهنجي مڙس سان گڏ چڙهي پاڻ کي جيئرو جلائيندي هئي. هن رسم کي ”ستي“ چوندا ها. اڪبر کان جيڪي پڄي سگهيو، سو اُن جي بند ڪرڻ لاءِ ڪيائين.

 20- توڏرمل جي صلاح سان سڄيءَ شهنشاهت جي زمين ماپ ٿي ۽ جيڪي اُن تي فصل ٿيندا ها، تن پرماڻي زمين جا اٺ درجا ٺهرايا ويا. هلڪي زمين تي ايتري ڍل نه هئي جيتري ڀليءَ زمين تي. اڳي ڍلن جي عوض جنس ڏيڻ ۾ ايندي هئي. توڏرمل ماڻهن کان اُن جي بدران نقدي ڍل ورتي. جيڪي ماڻهو ڍلون اُڳاڙيندا ها، تن کي به مقرر تنخواهون ملنديون هيون. ماڻهو رڳيون ڍلون ڀريندا ها ۽ ڍلن جي تحصليدارن کي ڪي ڪين ڏيندا ها. ڏهين ڏهين ورهيه ڍلون ٺهرائبيون هيون. ٻيون گهڻيون ڍلون جي ماڻهن لاءِ ڏاڍو آزار هيون، سي اصلي بند ٿي وييون. فصل جي ملهه جي ٽين پتي بادشاهه کي زمين جي ڍل طور ڏني ويندي هئي.

21- اڪبر ۽ ٻين سڀني مغل بادشاهن جي وقت ۾ ملڪ توڙي حڪومت جي حالت خاص بادشاهه جي چال ۽ رهت تي منحصر هئي. بادشاهه کي جئن وڻندو هو تئن ڪندو هو. جيڪڏهن بادشاهه چڱو هو، جئن اڪبر هو، ته حڪومت به چڱي هئي، ۽ جي بادشاهه خراب يا ڪمزور يا سست هوندو هو ته حڪومت به خراب هوندي هئي. اڪبر جي جا مرضي، سو قاعدو. جيڪي هن کي وڻندو هو، سو ڪندو هو؛ هن کان مٿي ٻئي ڪنهن جي طاقت يا اختياري ڪا نه هئي. پر انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ قاعدو مکيه آهي جنهن کي سڀڪو سڃاڻي ۽ مڃي ٿو. جهڙو سڀ کان غريب پينو قاعدو ڀڃي نٿو سگهي، تهڙو انگلنڊ جو بادشاهه قاعدو ڀڃي نٿو سگهي. ڇهن سَون ورهين کان اڳي انگريزن پنهنجن بادشاهن کان اِها ڳالهه باسائي هئي.

22- اڪبر مئو تڏهن 63 ورهين جي ڄمار جو هو ۽ ايڪونجاهه ورهيه بادشاهي ڪئي هوائين. هن کان پوءِ سندس وڏو پٽ سليم گاديءَ تي ويٺو.

 

27- جهانگير خوش جيئرو

(1605 عيسوي کان 1627 عيسوي تائين)

1- سليم جهانگير جو لقب وٺي تخت تي ويٺو. هن جي ماءُ راجپوت راڻي هئي، تنهن ڪري هو اَڌ راجپوت هو.

2- جهانگير پيُ وانگر ڪيتريون راجپوت زالون پرڻيو هو، جنمان هڪڙي ماءُ هئي شاهزادي خورم جي، جو پوءِ شهنشاهه ٿيو. پر پنهنجي بادشاهيءَ جي ڇهين ورهيه ۾ جهانگير نورجهان نالي هڪڙيءَ ايرانڻ بيبيءَ سان پرڻيو، جا هندستان جي راڻين ۾ تمام هاڪاري ٿي گذري آهي.

3- هن جو پيُ ترڪستان جو رهاڪو هو. هو ڏاڍو

غريب هو. تنهن ڪري هندستان ۾ آيو هو ڌن ڪمائڻ. لاهور ۾ هن کي هڪڙو جهونو دوست ملي ويو ۽ هن جي واهر سان کيس اڪبر جي ڪچهريءَ ۾ جاءِ ملي. هو اهڙو هوشيار هو، جو سگهوئي وڃي اختياريءَ کي پهتو، ۽ نيٺ اَمير المال مقرر ٿيو. هن کي رڳي هڪڙي ڌيءَ مهرالنسا (زالن جو سج) نالي هئي، جا ڏاڍي سهڻي هئي. هوءَ جهڙي سهڻي هئي، تهڙي وري هوشيار هئي. هن جي پيُ هن کي هڪڙي ايراني سردار سان، جنهنجو نالو هو شيرافگن، (شينهن ماريندڙ) مڱايو. هو بنگالي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ جاگير جو خاوند هو.

4- هن جي پرڻي کان اڳ شاهزادي سليم جي هن تي نظر پئجي ويئي؛ هو هن تي موهت ٿي پيو ۽ هن سان شادي ڪرڻ جي مرضي ٿيس. پر هن جي پيُ شيرافگن سان پنهنجو سخن نه ڀڳو. پوءِ سليم ويو اڪبر وٽ؛ پر اڪبر مدد ڪرڻ کان رکو جواب ڏنس. پوءِ نورجهان شيرافگن سان پرڻي ۽ مڙس سان گڏجي بنگالي ڏي ويئي.

5- اڃا سليم شهنشاهه ٿيو ۽ جئَن وڻيس تئَن هلڻ جي سڪتي ٿيس ته اهڙو نيچ ڪم ڪيائين جو شيرافگن کي مارائي وڌائين ۽ هن جي زال کي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين ۽ سندس نالو مٽائي نور محل رکيائين. پر هوءَ وڏي دماغ واري بيبي پنهنجي مڙس جي خون ٿيڻ ڪري ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويئي ۽ سڄا ڇهه ورهيه شهنشاهه کي رڳو ڏٺائين به ڪين. پوءِ سمجهيائين ته هاڻي ماتم ۾ گهڻا ڏينهن رهيس ۽ شهنشاهه سان پرڻجڻ باسيائين.

6- وري ٻيهر هنجو نالو مٽائي نورجهان رکيو ويو. انهي وقت کان وٺي سڀ اختياري سندس هٿ ۾ رهي ۽ شهنشاهت جي حڪومت پاڻ هلايائين. جهانگير سڄي واڳ کڻي کيس سونپي. هن جي سڀني حڪمن تي صحيح به سندس پوندي هئي. هن جو پيُ وزيراعظم ٿيو ۽ هنجو ڀاءُ درٻار جو امير الاول ٿيو. تهان پوءِ ويهن ورهين تائين جهانگير جو راڄ سچ پچ نورجهان جو راڄ هو. جهانگير چوندو هو ته مون کي رڳو کائڻ لاءِ چڱو طعام ۽ پيڻ لاءِ چڱو شراب کپي. هو راڻيءَ جي ڪم ۾ هٿ نه وجهندو هو، ڇاڪاڻ جو هن کي خبر هئي ته راڻي مون کان حڪومت چڱي هلائيندي.

7- جهانگير ۽ هندستان جا ڀاڳ چئبا جو راڻيءَ ڏاهپ سان ۽ چڱيءَ ريت راڄ ڪيو؛ ڇاڪاڻ جو هو پيُ وانگر نڪي هو ڀڙ، نڪي هو سياڻو يا چڱو. هن کي مزن ماڻڻ ڌاران ٻيو ڪي ڪين ٿي سجهيو. مغل شاهنشاهن ۾ هيءُ سڀني کان وڌيڪ شراب ۽ عيشن ۾ ڦاٿل هو.

سرٽامس رو.

 

8- سنه 1615ع ۾ جيمس پهرئين انگلنڊ جي بادشاهه سرٽامس رو نالي هڪڙو وڪيل جهانگير ڏي موڪليو جو يورپ ۾ وڏو مغل سڏبو هو. هن کي شهنشاهه ڏي موڪليو هائون ته انگريزن کي هندستان ۾ واپار ڪرڻ جي موڪل ڏئي. اُنهي وقت هنن کي اُلهندي ڪناري تي سورت ۾ ڪارخانو يا سندن سامان جي ڪوٺي هئي. سرٽامس رو ٽي ورهيه جهانگير جي ڪچهريءَ ۾ رهيو ۽ هندستان ۾ جيڪي ڏٺائين ٻڌائين تنهن سڀ جو بيان لکيائين. هن کي معلوم ٿيو ته حڪومت اهڙي چڱي نه هئي، جهڙي اڪبر جي وقت ۾ هئي. گهڻن هنڌن ۾ حاڪم ماڻهن سان ڏاڍي بڇڙي هلت ڪندا ها. ملڪ ڦورن سان ڀريو پيو هو ۽ مضبوط پهري کان سواءِ مسافري ڪرڻ ۾ جوکو هو.

9- جهانگير جي بادشاهيءَ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سندس پٽ خورم کيس گهڻو هلاک ڪيو. هو بادشاهيءَ جي اوسيڙي ۾ ويهي ڪڪ ٿيو، پاڻ کي شاهه جهان جو لقب ڏنائين ۽ بادشاهي اختياري پنهنجي هٿ آڻڻ ڪاڻ ڪوشش ڪيائين. نورجهان هڪڙي سورهه ۽ زور واري سردار محبت خان کي بادشاهه جي بچائڻ ڪاڻ چيو؛ هن سگهوئي شاهه جهان کي دکِن ڏي تڙي ڪڍيو. پوءِ نورجهان کي اچي هيءُ ڀَو جاڳيو ته متان محبت خان پاڻ نه بادشاهه ٿي وهي؛ تنهن ڪري هن جي جان وٺڻ جي ارادي سان هن کي ڪچهريءَ ۾ گهرايائين. محبت خان راجپوتن جو هڪڙو مضبوط دفعو ساڻ وٺي آيو ۽ جهانگير کي ڇانوڻيءَ ۾ ڏسي جُرات ڪري کڻي جهليائينس. هن کي ايذاءَ ڏيڻ جو مطلب ڪونه هوس، پر رڳو پنهجي جِندُ بچائڻ ڪاڻ اِئين ڪيائين؛ اِنهي ڪري هن کي ڇڏيائين ڪين، مگر ساڻس هليو گهڻي ادب سان.

10- ڪجهه وقت کان پوءِ جهانگير اُٿي ڀڳو ۽ نورجهان کي اچي مليو. محبت خان ڏٺو ته هاڻي منهنجو جيءُ جوکي ۾ آهي، سو اُتان جو ڀڳو سو وڃي دکن ۾ شاهه جهان سان گڏيو. هو هن جي گڏجڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.

11- اِنهي کان پوءِ ستتئي جهانگير مري ويو. شاهه جهان تخت تي ويٺو ۽ نورجهان کي گذران لاءِ چڱو مواجب ٺاهي ڏنائين. هن کان پوءِ به هوءَ ٽيہ ورهيه کن جيئَري هئي، پر حڪومت سان سندس ڪو واسطو نه هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ