- عرس جمالي (تعلقو ٽنڊو باگو) جي ٻڌايل ڳالهه
]ڳالهه
جي هيءَ روايت عرس جمالي جي زباني ڳوٺ رئيس
عبدالله خان ڪپري (تعلقو سامارو) جي اوطاق ۾ ٿيل
ڪچهري ۾ 9- جنوري 1965ع تي قلمبند ڪئي وئي.
عرس پٽ الهداد جمالي، ويٺل ڳوٺ الهه اوڀايو دل، لڳ
ڏيئي، تعلقي ٽنڊي باگي جو ويٺل، اندازاً سنه 1920ع
ڌاري ڄائو. عبدالله جمالي کان ڳالهه ٻڌي بيت ياد
ڪيائين (پر کيس عبدالله جمالي کان گهٽ بيت ياد
آهن). يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳالهه کڻي ٿو ۽ لوڙائو
سـُـر مان چوي ٿو. ڳالهه جي وچ ۾ شاه عبداللطيف جا
بيت ڏئي ٿو ۽ ڳالهه هلندي ڪافيون چوي ٿو. ن - ب[
ڀونگر بادشاهه کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. عورتون ٻه
هئس. هڪ ڏهاڙي انهن کي چيائين: پاڻ کي اولاد نٿو
ٿئي. آءٌ اوهان جو گهر ڌڻي، اوهان کي اجازت ڏيان
ٿو ته صبح جو سوا پهر مهل دلدل تي جيڪو همراهه
مـَـٽي ٿو، تنهن کان ڀلي دعا پنو. اتان مٽيندو هو
حضرت علي ڪرم الله وجہ. هڪڙي ڏهاڙي ٻنهي ڄڻين ڏٺو
ته حضرت علي ڪرم الله وجہ اچي پيو ته هو پنهنجي
گهران نڪتيون. کانئس دعا گهريائون. قدرت خدا جي
ٻنهي کي حمل ٿيو. هڪڙيءَ کي ڌيءَ ڄائي، ۽ ٻيءَ کي
پـُـٽ ڄائو. ڀونگر بادشاهه پٽ تي نالو دودو ڪارو
رکيو ۽ ڌيءَ تي نالو ٻاگهل رکيائين. ڪارو دودو
ماءُ کڻي پنهنجي ٿڃ تي وڌو. هو ڄمندي اهڙو ڏاڍو
هو، جو ٿڃ پيئندي ماءُ جو ببو پٽي ورتائين. تڏهن
کيس کڻي مينهن جي ٿڻن تي وڌائون.
دودو جڏهن ٿورو وڏو ٿيو ته خيال ڪيائين ته جنهن
مينهن جو کير آءٌ پيان ٿو سو ٿورو آهي، ڇو نه
مينهن کي چاري ڍؤ ڪرايان ته جيئن کير وڌي ۽ منهنجو
جسم پلجي. سو ملڪ گهمي ڏٺائين. آخر هن کي سندن
بادشاهي جي دنگ تي گـُـجرن جو باغ نظر آيو. پوءِ
روزانو رات جو پنهنجي مينهن کي ڇوڙي، ڪلهي تي کڻي
وڃي گجرن جي باغ ۾ ڇڏيندو هو ۽ صبح جو موٽائي کڻي
ايندو هو. گجرن ۾ دانهن لڳي ويئي ته باغ ۾ الاجي
ڪير ٿو ڀيل ڪري؟ ٻاهر تي پير هلي ئي ڪونه ٿو.
ڀونگر بادشاهه کي دانهن ڏنائون، جنهن چين ته: باغ
۾ چندن جي ڪاٺين جو مچ ٻاريو ته چور لڀي پوي.
گـُـجرن دونهون ڪري
ڇڏيو. دودي
مينهن کي کڻي وڃي چرڻ لاءِ ڇڏيو، ۽ پاڻ وڃي مچ تي
ويٺو. مينهن به چري اچي مچ جي ڀر ۾ بيٺي. دودو کيس
ڪلهي تي کڻي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. باهه هن
جي ايتري طاقت گهٽ ڪري ڇڏي هئي، جو سڄي مينهن ته
ڪلهي تي کڻي ويو، باقي هڪڙو پير پئي زمين تي
لٽڪيو. گجر صبح جو اهو ليڪو وٺي سڌو ان جي محلات
تي آيا. ڀونگر کي چيائون ته: اسين ثابتي وٺي
تنهنجي در تي آيا آهيون، جو تنهنجو پٽ ٿو مينهن
چاري. تنهن تي پيءُ هن کي ڳالهايو ۽ چيائين ته:
پراين ٻنين ۾ ڇو ٿو مينهن چارين جو راڄ دانهون ڪرڻ
لڳا آهن. ڪارو دودو پيءُ سان ڪاوڙجي، منهن ڪري
روانو ٿيو.
شهر کان هـُـن پاسي هڪڙو درياء هو. هو درياء اُڪري
هن پاسي ٿيو. درياء جي هن پاسي سندن مينهون اڳيئي
چرنديون هيون. هو پنهنجي ڌراڙ وٽ ويو، ان کان
پڇيائين ته: ڪو ڏک مينهـُـنِ تي هجي ته آءٌ لاهيو
وڃان؟ هـُـو چوڻ لڳو ته: هڪڙو شينهن ٻيلي ۾ رهي
ٿو، اُهو گاجون ڪندو آهي، ان جي ڇؤنڪار تي مينهون
اَڀريون ٿي ويون آهن. هڪڙو هٿيار ڌراڙ جي هٿ ۾
ڏٺائين جنهن سان هو مينهن جون مـُـنيون وڍيندو ۽
کوڙيندو هو. هن کي چيائين ته: اهو اوزار ڪهڙو توکي
هٿ آيو آهي؟ هن چيو ته: سائين! مونکي ٻيلي مان هٿ
آيو آهي، آءٌ ته سڃاڻان ڪونه ٿو. تڏهن ڪاري دودي
چيو ته: اهو مونکي ڏي. ڪاري دودي سڃاتو ته اهو کنو
حضرت علي ڪرم الله وجہ جو آهي. اهو کنو کڻي،
انهيءَ شير کي ٻيلي مان ڊوڙائي ڪڍي آيو. اتي ميهار
کي چيائين ته: آءٌ وڃان ٿو، پر بابي کي نه ٻڌائج
ته ڪيڏانهن ويو. پوءِ سڄو ڏينهن پنڌ ڪري اچي هڪڙي
نار مٿي پهتو. انهيءَ نار تي هاري رهندل هو، جو
ٻني آباد ڪندو هو. ڏسي ته هاري تغاري ٽانڊن جي مٿي
تي کنيو هلي. هاري کان پڇيائين ته: توکي ڪهڙو
لاچار آهي جو ٽانڊا کنيو ڍڳي جي پويان پيو ڦرين؟
تڏهن چوڻ لڳو ته: سج لٿي کان پوءِ هڪڙو جانور ٿو
اچي، جيڪو منهنجو ڍڳو کايو وڃي. جڏهن اهو ٽانڊو
سهاءُ ڪندو آهي، تڏهن جانور هٽي ويندو آهي ۽ ويجهو
نه ايندو آهي. چيائين ته: هاڻي آءٌ به تو وٽ مهمان
آهيان. هاري چوڻ لڳو ته: سائين، جي اهي ٽانڊا کڻي
ڍڳي پٺيان هلندين ته آءٌ توکي ماني به کارائيندس ۽
هنڌ اوڇڻ به ڏيندس. ائين چئي هاري هليو ويو گهر ۽
دودو ٽانڊا سر تي کڻي ڍڳي پٺيان ڦرڻ لڳو.
دودي خيال ڪيو ته آءٌ ڇو ٿو ڍڳي جي پٺيان ڦران؟
ڀلي اهو جانور اچي ته هاري تان به اهو ڏک لاهي
ڇڏيان. سو ٽانڊن جو ٺڪر اڇلي ماٺ ڪري ويهي رهيو.
جانور ته هريل هو، تنهن ڍڳي تي رومڙ ڪئي. ويجهو
آيو ته دودي ڌڪ هنيس ته جانور وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو،
۽ ان جو رت ۽ پاڻي گڏجي نهر اڏ ۾ وهڻ لڳو. هاري جو
گهر به اَڏ جي ڪپ تي هو. هاري پنهنجي زال کي چيو
ته: مهمان لاءِ يڪدم ماني ٺاهي ڏي. سو مائي مانيءَ
جو سعيو ڪري، گهڙو کڻي، انهيءَ اڏ مان پاڻي ڀرڻ
آئي. مائي پاڻي ڀري آئي. ٽانڊو ٻريل هو، ان جي
سوجهاڪي ۾ پاڻي ٿانءُ ۾ لاٿائين ته رت ڏسجڻ ۾ آيس.
مڙس کي چيائين ته:
تون هيڏانهن
آيو آهين، پٺيان پنهنجو ڍڳو مارجي ويو، جنهن جو رت
اڏ ۾ وهي آيو آهي. ويچارو مٺيون ڀيڙي ڀڄندو آيو.
دودي ڇا ڪيو جو جانور کي اڏ مان ڪڍي ڍڳي کي
هڪليائين ته وري نار وهڻ لڳو. اتي هاري به اچي
پهتو، تنهن چيس ته: ڍڳو ته جيئرو آهي، پوءِ هي رت
ڇا جو؟ تڏهن چيائين ته: اڳي به تنهنجو انهيءَ
جانور زيان ڪيو هو ڇا؟ تڏهن هاري چوڻ لڳو ته: اڳي
منهنجا ڇهه ڍڳا کائي ڇڏيا اٿس. تڏهن دودي چيو ته:
اهو جانور مئو پيو اٿئي، مون توتان جنب جو ڏک لاهي
ڇڏيو. اتي هاري وري اُٿلي گهر ويو ۽ خوش ٿي ماني
کڻي آيو.
دودو ماني کائي سمهي پيو. صبح ٿيو ته هاري کان
موڪلايائين ۽ چيائين ته: ادا! آءٌ هاڻي هلان ٿو،
پر ڏس ڏي ته هي جي پريان وڏا وڏا دونهان پيا ڏسجن،
سي ڇا جا آهن؟ هاري چوڻ لڳو ته: مونکي ٻي ته خبر
ڪانهي، باقي ٻڌو اٿم ته ڪنهن بادشاهي ۾ هڪڙو
آدمخور ساماڻو آهي. اهي دونهان ان جي ساهه کڻڻ جا
آهن. هاري کان پڇيائين ته: نقصان ڪهڙو ڪندو آهي؟
هاري چيو ته: منهنجي اکئين ڏٺي ڳالهه ناهي، باقي
سڻڻ ۾ آئي آهي ته بادشاهه جو وارو ٻڌل آهي ته روز
سوا خرار جي ديڳ آدمخور کي ڏيندا آهن ۽ هڪڙو ماڻهو
گوشت واسطي ڏيندا آهن. اهو ٻڌي دودو هن کان
موڪلائي روانو ٿيو. خيال ڪيائين ته انهيءَ آدمخور
سان به مقابلو ڪندس. وچ ۾ هن کي ٻه ڏينهن گذر ٿيا
ته اچي انهي شهر کي پهتو. شهر ۾ گهڙڻ کان اڳ ۾ سج
لهي ويو. بادشاهه جو قانون هو ته سج لٿي مهل ڪوٽ
جو در بند ٿئي. اندريون اندر ٻاهريون ٻاهر رهي.
شهر ۾ ڍرڻ کان اڳ ۾ دروازا اچي ويا ۽ ڪارو دودو
ٻاهر رهجي ويو. سو هڪڙي هنڌ اچي سمهي رهيو. آڌي
رات گذرڻ کان پوءِ شهر مان دانهن جو آواز ٻڌائين.
آدمخور اڌ رات جو ماني کائي، واري جو ماڻهو کڻي
پنهنجي آستاني ڏانهن پئي ويو. انهيءَ ڏينهن اُن
شهر جي بادشاهه جو وارو هو، تنهن پنهنجي ڌيءَ کي
آدمخور جي حوالي ڪيو هو، اها شهزادي دانهون ڪندي
پئي آئي. ڪارو دودو اهي دانهون سڻي، آدمخور جو اڳ
ڦري آيو، ۽ هڪل ڪيائينس ته: مون سان لڙائي ڪري
پوءِ اڳتي وڃجئين! اهو آدمخور شهزادي کي پٽ تي ڦٽو
ڪري دودي تي وريو. دودي جي هٿ ۾ حضرت علي ڪرم الله
وجہ جو کنو هو، جيڪو آدمخور کي وهايائين ته ٻه اڌ
ٿي وڃي پٽ تي ڪريو. انهيءَ جون نشانيون ڪن ۽ پڇ
وڍي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي انهيءَ شهزادي وٽ
آيو ۽ انهي کان پڇيائين ته: تون ڪير آهين؟ تڏهن
شهزادي چوڻ لڳي ته: آءٌ هن شهر جي بادشاه جي ڌيءَ
آهيان، منهنجي بابي جو وارو ماڻهو
ڏيڻ جو هو، سو
مونکي کڻي ڏنائين تڏهن مونکي آدمخور کنيو پئي آيو.
توکي الله کڻي آندو جو مونکي جيئداڻ مليو. هاڻي
منهنجو ڌڻي به تون آهين. دودو چوڻ لڳو ته: مالڪ جي
اجازت کان سواءِ تون منهنجي نياڻي آهين. هل ته
توکي پنهنجي گهر ڇڏيان. پوءِ هن کي وٺي انهي ڀيڻي
تي آيو جتان آدمخور کنئي هئي. تڏهن دودي کي چيائين
ته: آءٌ به پنهنجي ابي کي چونديس ته منهنجو حق
اهوئي آهي، تون به منهنجي بابي کان منهنجي سڱ جي
گهر ڪجئين.
دودو اٿلي پنهنجي آستاني تي اچي ويهي رهيو. آدمخور
جو هڏ اهڙو ڏاڍو هو، جو کني کي ور پئجي ويو. دودي
دل ۾ خيال ڪيو ته کني جو ور ڪڍايان، سو صبح جو کنو
کڻي شهر ۾ ڍريو. اتي هڪ لوهار وٽ آيو ته کني مان
ور ڪڍي ڏي! لوهار پنهنجي قابليت گهڻي هلائي، ۽
گهڻيئي زور لاٿا، پر ور نه نڪتو. نيٺ لوهار کنو
کڻي پنهنجي گهر آيو. سندس ڌيءَ ڇٽيهه لکڻي هئي، ان
کي آڻي ڏنائين ته هن کني جو مون کان ور نڪتو نٿو
ٿئي. ڌيءَ چوڻ لڳي ته: بابا! تو هن کي سڃاتو آهي
ته هي ڇا آهي؟ پيءُ چيو ته: امان! مونکي خبر ناهي
ته هي ڇا آهي. تڏهن پيءُ کي چيئين ته: هي کنو حضرت
علي ڪرم الله وجہ جو آهي. انهي جو ور آءٌ ڪڍنديس،
تو کان ور نه نڪرندو. تڏهن چيئن ته: امان، تون ور
ڪيئن ڪڍندئين؟ تڏهن چوڻ لڳي ته: ڪنهن ڇٽيهه لکڻي
ماڻهو جو رت هن کني کي لڳندو ته ور نڪرندو. پوءِ
مائي پنهنجي هٿ جي آڱر کي ٽـُـڪو ڏئي رت ڪڍي، کني
کي مـَـليو. کنو اڇو ٿيو. باقي ور کي ڏندن ۾ جهلي
زور ڏنئين ته ور سڌو ٿي پيو. پوءِ پنهنجي پيءُ کي
چيئين ته: انهيءَ کني جو مالڪ منهنجو حق آهي. پيءُ
چوڻ لڳو ته: آءٌ وٽس وڃان ٿو، توکي قبول ڪيئين ته
توکي پرڻائيندس. لوهر اُٿلي پنهنجي دڪان تي آيو ۽
دودي کي چيئين ته: هن کني جو ور مون کان ته نه
نڪتو، باقي جنهن ڪڍيو آهي تنهن توکي پنهنجو ور
قبول ڪيو آهي. اها منهنجي ڌيءَ آهي، هاڻي تون قبول
ڪر. دودي چيو ته: الحمدالله، مونکي به قبول آهي.
هوڏانهن وري شهزادي به اچي پيءُ وٽ نڪتي. بادشاه
چيو ته: اها ڪا ٻي هئي ڇا جيڪا جانور کڻي ويو؟
تڏهن شهزادي چيو ته: آءٌ ڀڳي نه آهيان. باقي
آدمخور مونکي کنيو پئي ويو ته آڏو هڪ انسان آيو،
جنهن مونکي ڇڏايو ۽ آدمخور کي به کپائي ڇڏيو. هاڻي
اوهين وڃي ڏسو ته اهو آدمخور شهر جي اُڀرندي مئو
پيو آهي. هاڻي منهنجو حق به اهوئي آهي، جنهن مونکي
جيئڏاڻ ڏنو آهي. تڏهن بادشاهه چوڻ لڳو ته: مونکي
ڪيئن خبر پوي ته اهو ڪير هو ۽ ڪيڏانهن ويو؟ تڏهن
شهزادي چوڻ لڳي ته: شهر مان پڇا ڪراءِ، ان شخص وٽ
آدمخور جون نشانيون هونديون. بادشاه به انهيءَ
ماڻهو کي ڳوليندو آيو ته اچي لـُـهر جي دڪان تي
ڏٺائين. هن کان پڇيائين ته: ڪير آهين، ڪيڏانهن ٿو
وڃين؟ دودي جواب ڏنو ته: آءٌ بادشاه آهيان تو
جهڙو. سومرو ذات جو آهيان، پٽ ڀونگر جو آهيان، شهر
منهنجو وڳهه ڪوٽ آهي. تڏهن بادشاه چيو ته: اها
نياڻي جيڪا تو آدمخور کان ڇڏائي آهي، اها منهنجي
نياڻي آهي. مون توکي ڏني، قبول ڪر. جنهن توکي پاڻ
به قبوليو آهي. دودي چيس ته: اي بادشاه! آءٌ ته
هتي گهمڻ جي شوق سان نڪتو آهيان، شادي ڪيئن ٿيندي؟
تڏهن بادشاه چيس ته: تون ڪوبه خيال نه ڪر، آءٌ
تنهنجون ٻئي شاديون ٿو ڪريان. پوءِ بادشاه پنهنجي
نياڻي جي شادي دودي سان ڪرائي. لـُـهر جي ڌيءَ سان
به شادي ڪيائين.
قدرت خدا جي سان شهزادي مان دودي کي هڪ نياڻي پيدا
ٿي، ان تي ٻاگهي نالو رکيائين. وري شهزاديءَ ۽
لوهاري ٻنهي کي حمل ٿيو. تڏهن انهن کي چيائين ته:
مـِـٽن مائٽن کي ڇڏئي گهڻا ڏينهن ٿيا اٿم. هاڻي
آءٌ پهرين پنهنجي مائٽن وڃان ٿو ۽ پوءِ اوهان کي
وٺي پنهنجي ملڪ هلندس. شهزادي کي چيائين ته:
تنهنجي پيٽان پٽ ٿئي ته نالو منهنجو ”دودو“
رکجان. لهاري کي چيائين ته: توکي به جي پٽ ٿئي ته
نالو چنيسر رکجانس، جي نياڻي ٿئي ته نالو تنهنجي
وس آهي. ائين چئي دودو پنهنجي ملڪ روانو ٿيو.
دودو ملڪ ۾ پهتو ته گـُـجرن جي جنگ لڳي، جنهن ۾
دودو ۽ ڀونگر به ختم ٿي ويا. باقي وڃي ڀونگر جي ڌي
ٻاگهل جيئري بچي. لڙائي هلندي ئي دودو پنهنجي ڀيڻ
ٻاگهي سان خبرون ڪندو هو ته مون ولايت ۾ ٻه شاديون
ڪيون آهن. اسان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ قاصد کان ڄاڻ
ڪرائجئين. قاصد کي چئجانءِ ته جيڪي شينهن تي چڙهيل
هجن انهن کي اسان جا خط ملن. دودو مارجي ويو، تڏهن
ٻاگهي دل ۾ خيال ڪيو ته منهنجو ڪير آهي جو اوڏانهن
وڃي. چون ٿا ته هڪڙي پکي جي کنڀن تي ٻاگهي خط
لکيو، پکي چيو ته: آءٌ جڏهن ڪڏهن خط وڃي رسائيندس.
اهو پکي اڏاڻو جيڪو ٿوري گهڻي ڏينهن درياء جي
ڪناري تي هڪڙي باغ ۾ وڃي لٿو. هڪڙي ڏينهن نظر ڪري
ته ٻه ڄڻا شينهن تي چڙهي رانديون ڪندا، درياء جو
ڪنارو ڏيو اچن. هي اُڏامي انهن جي گوڏي تي وڃي
ويٺو. دودي ڀاءُ کي چيو ته: ادا! هي ڏس ڇا لکيو
پيو آهي؟ چنيسر پڙهي چيو ته: ادا! هن ۾ لکيو پيو
آهي ته پنهنجو بابو ختم ٿي ويو آهي. هي اُٿلي
پنهنجي گهر آيا ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته: پاڻ کي
بابي جو وير وٺڻو آهي، هاڻي هلون وڳهه ڪوٽ. هنن
لڙائي جي تياري اِها ڪرائي جو پنهنجا ڪانجها گهاڻا
ٺهرائي، کڻي پنهنجي ملڪ وڳهه ڪوٽ ۾ آيا. هنن گجرن
کي چيو ته: اسين پورهيت آهيون، تيل پيڙينداسين.
اسان کي اهڙي ڪا جڳهه ملي جتي اسين پنهنجو ڌنڌو
ڪريون. سارو ڏينهن هنن پنهجن گهاڻن جو ڪم ڪيو. سج
لٿي مهل ٻنهي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي. چنيسر، دودي
کي چيو ته: هاڻي وڻئي ته راڄ ۾ ڍري پئو، ۽ گجرن کي
گهاڻي ۾ وجهندو وڃ، يا وري گهاڻو هلاءِ:
ننڍي گهاڻو کوڙيو، وڏو ڀاڪر ڀري ڏي
ننڍا وڏا گـُـجرا پـِـيڙيو تيل ڪڍي
رت تني گجرن جو وڳهه در وهي.
صبح ٿيو ته هنن اهڙو ڪو نروٽيو ڪونه ڇڏيو، جيڪو
پينگهي ۾ دانهن ڪري. اِتي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته
جنگ ته فتح ڪئيسين، هاڻي وڳهه ڪوٽ جو در لاهي اندر
هلي ڏسون ته ڇا آهي؟ جڏهن رت سمي دروازي کان هيٺ
ڍريو تڏهن مائي ٻاگهي خيال ڪيو ته: هي ڪي ديو آيا
آهن جو اڄ رت پيو وهي.
دَس لـَـڳـِـي در کليا آيا دوداڻي
لڳيون ڪوٽ وڳهه ۾ وريون رهاڻيون.
پوءِ پڦي سان ڪوٽ ۾ گڏيا. ٻه ٽي روز گذريا ته
چيائون ته: هاڻي پنهنجو ڪڙم وٺي اچون، هتي ته
تباهي ٿي وئي. پوءِ پنهنجا ڪڙم سڀئي آڻي اُتي گڏ
ڪيائون. جيڪي راڄ لڏي ويا هئا. سي به موٽي آيا
وڳهه ڪوٽ ۾. پوءِ متو پڳ تان مامرو.
----*---
5- عارب ڪپري (تعلقو سامارو) جي کنيل ڳالهه
ُهيءُ ڳالهه عارب پٽ ٻيلائي خان ڪپري، ويٺل ڳوٺ
مير ڪمال خان، ديهه چر، عمر (1959ع ۾) چاليهه
ورهيه جي زباني، ڳوٺ عبدالله خان ڪپري (تعلقو
سامارو) ۾ رئيس عبدالله خان جي اوطاق تي ٿيل ڪچهري
۾ تاريخ 9- فبروري 1959ع تي، ۽ وري تاريخ 13-
ڊسمبر 1964ع تي قلمبد ڪئي وئي. عارب ڪپري هيءَ
ڳالهه عرس جمالي ويٺل لڳ نندو شهر (تعلقو ٽنڊو
باگو) کان سکي، جنهن وري عبدالله جمالي، ويٺل ڏيئي
کان سکي. يڪتاري تي تار ’يڪو‘ يا ’گت‘ تي
سـُـر لوڙائو مان ڳالهه کنيائين، جنهن ۾ مٿي بعضي
ملار جون ڇڪون به پئي ڏنائين. يڪي سر ڳالهه
کنيائين ڳالهه جي شروع ۾ ساراهه جا بيت چيائين.
چلتي لاءِ وچ وچ ۾ راڻي جي سـُـر مان ڪافيون
چيائين. بيت جي آخر ۾ ”الله آڻيئي“ چئي، وراڻي
ٿي ڏنائين ته ”هادي الله تون، مٺو الله تون“ .
ساڳي ڪچهري ۾ جمعي ماڇي (عمر 55 سال کن) ڳالهه
کنئي. جمعو ماڇي ويٺل ڳوٺ ولي داد پلي تعلقو عمر
ڪوٽ. چيائين ته مون پنهنجي پيءُ نهال کان ڳالهه
سکي، جنهن لڌي لاشاري ويٺل چوراسي جمڙائو موري کان
سکي. جمعي بنا يڪتاري ملارن مان کنئي. ساڻس هڪ ٻيو
جهلي شامل
ن - ب[
ساراهه
اول نام الله جو آهي مڙين موچارو
ٻيو نام رسول جو آهي محمد موچارو
ٽيو نام سخيءَ جو جيڪو اَڏي اوتارو
چوٿون شينهن گجي ٿو، جيڪو پيرل پاڳارو.
---
اول نام الله جو آهي مڙين موچارو
ٻيو نام رسول جو آهي سيد سوڀارو
لـَـڪ ڌڻي ٿو لعل سجهي، ٻيو ڀٽائي ڀلارو
ڪاڇي جي ڪنڌيءَ تي، آهي قلندر قرارو
اُتر مان پير آئيو، جو نر هڻي نعرو
لاڙ ۾ شينهن گجي ٿو، پير بديڻن وارو
آءٌ ساراه ڪريان ٿو دودي جي، سڻي جڳ سارو.
---
اول نام الله جو، ٻانها ٻيءَ نه وار
ڪلر ويري ڪوٽ جو، دودل ويري ڀار
ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار
مرد ويرياڻي ننڊڙي، عورت ويرِي سينگار
ڪراڙي رن گهر ۾ آهي مرد لاءِ آزار.
---
اول نام الله جو، ٻانها ٻيءَ نه لڳ
ري ٿنڀين ري ٿوڻيين، جنهن عرش اڏيو ٿي اُڀ
سانوڻ سئواڙي نه مري، مري نه هاري ڏند
آسن ڪندي ڪونه وڃي، وڃي نه ڪنواري ڪانڌ
ڳوٺ وڏيرو نه مري جنهن مٿي آهي مدار
مري نه ماءٌ ڪـَـلهن جي، جنهن جا ڇورا ٿيندا ٻار
- هادي الله تون! مٺو الله
---
واءُ اُڏايو واڇرو، مڪي شهر مٿان
حڪم ٿيو ديوَن کي اڏيو وڳهه ڪوٽ اوهان
ڪٿي رتي چـُـهنبڙي، ڪٿان رتا پير
چهنب رتي چڳندي، پير رتم هلندي
آءٌ ڪوڙ ڪريان ٿو ڪو نه ڪو، مون ڪلهاڏٺاڪسندي.
ڀونگر مـُـئي کان پوءِ، راڄ وارن چيو ته: چنيسر يا
دودو، ڪو به هڪ پاڳارو ٿئي. دودي چيو ته: چنيسر کي
پڳ ٻڌو. پوءِ دودي، چنيسر ڏي خط هلايا:
دودي خاطي موڪليو، پائڪ چنيسر راء
سوا لک جي پاڳ آئي، سوني ٿالهه مٿاء
ويهه منجي، ٻڌ پاڳڙي، بابل راڄ وساء
چئي: ڀرم ڪجو ڀائرا، آءٌ گهران ٿي اچان
وڏي جا ورهن جي آءٌ پڇي ماءُ اچان.
اتي راڄ ڪاوڙيو، چئي: ماءُ کان ٿو پڇي ته راڄ ڪهڙو
هلائيندو؟
پوءِ ويهي ڪوٽ وڳهه ۾، سومرن ڪئي صلاح
پڳ ٻڌايو دودي کي، ٿي پيڙهي سندو پاتشاهه.
---
سڏ ڪريو، سٽڪا ڪري، آئي دائي در منجهان
پـِـنبڻيون پـُـسي آئيون، ڳل ڳاڙي بيٺو ڳوڙها
’ڪـَـر سڄڻ حال جي مون سين سڌ سماء‘
چئي: پڳ ٻڌايائون دودي کي، ٿيو پيڙهي سندو پاتشاه.
چنيسر جي ماءُ جو نالو ”مـَـنگههَ“ ، سا آئي ۽
چنيسر کان پڇيائين:
سمي تڙيين ڪـِـين سومري، متان تڙيين دودي ڀاءُ
چئي: نڪي سمي تڙيس، نه ڪين تڙيو دودي ڀاءُ
چڙهيو هوس تخت تي، مونکي چاڙهيو نه پاڻ خدا
پڳ ٻڌايائون دودي کي، ٿيو پيڙهي سندو پاتشاه.
ماءُ چيس ته:
عقل جا اڪابر، توکان ويئي جا ويرا
ٻار وڃن ٿا راند تي، پڇن نٿا ماء
اوکو ويل قبر ۾ توکي ايندا ڪونه آداب
هاڻي نيرو گهوڙو وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار
ٻيلي پاس ڪنڌيين، ڪـَـڪـَـڙ ڪتو ڪـُـوڪار
ماءُ ڪندي تنهنجو ماهيڙو، ويندي دودي جي درٻار
لوهو لـَـڪڻ ڪر هٿ ۾، گهٽڪيو گهيٽا چار
ايسو ويسو سڀڪو چوندءِ، آهي دودي جو ڌرار.
ايتري ۾ چنيسر جي زال راڻي مـَـريم آئي، تنهن سس
کي چيو ته:
چاچي! منهنجي ڪانڌ کي، تون اوڇو ڪين اَلاءِ
نٿ بولا نـَـسبيون، جهالر تون گهراءِ
انهيءَ وڏيءَ کي ور گهڻا گهر ويٺي گهرندا.
ماءُ ۽ زال جا اهي ويڻ ٻڌي چنيسر ڪاوڙجي وڃي ٿو
علادين کي وٺڻ. مريم چيو ته: مڙسم ڪاوڙيو پيو وڃي،
سندس لاءِ آخري ڀيرو ماني ته آڻايان. سو ڍاڪون ڍڪي
کڻي آئي:
مريم ماني آندي، آندئين ٻوڙ پلاء
ور منهنجا وَلها، تون چنيسر کاء
چئي: ماني کائيندس ڪانڪا، منهنجا جلن پيا جيرا
داڳايان دودي کي ڀالين ٽنگايان ڀاءُ.
تڏهن زال چيس ته:
کڻ رسو هٿ ۾، وڃي مغل ڦاهو کاءُ
ٿيندو ڏينهن محشر جو، ڀانيان چنيسر ڀاءُ.
دودي کي چنيسر جي ڪاوڙ جي خبر پئي، تڏهن چنيسر ڏي
ٻانهي موڪليائين ته وڃي پرچائينس:
دودي ٻانهي موڪلي تون وَرنهه آ وري
پايو پاند ڳچيءَ ۾ چنيسر کي چوي
ادا! نالو اٿئي الله جو، تون وري هل وڳهه
ڀڄي ڀاءُ ڀيڙا ٿيو، متان ويل وري
چئي: قول ڪري آيو آهيان، ورندس ڪونه وڳهه.
ٻانهي وڃي دودي کي ٻڌايو ته:
دودا! ادل تنهنجو رُٺو وڃي، وک نٿو واري.
تڏهن دودي پنهنجي ڌيءَ ”ساران“ ، جا ”محمد“ جي
گهر ۾ هئي، سا موڪلي:
ساران آئي سومرِي، محمد جي راڻي
اٿئي نام الله جو، ڪو سونل ننگ سڃاڻي
آءٌ ته تنهنجي گولي آهيان در سندي ٻانهي
مان نماڻي هل چنيسر، محل هلي ماڻي.
ااُن کي به چنيسر موٽايو، تڏهن دودي پنهنجي
”پٽول“ راڻي، چنيسر کي پرچائڻ لاءِ موڪلي:
پائي پاند ”پٽول“ آئي، راڻي دودي راء
نالو اٿئي الله جو تون ميڙ به نه موٽاء
ٻين مـُـوڙهو سـُـٽڙو، اوهان موڙهي ماڳ ڪپاء
ننگر ناٺي منهنجو، سـُـهرو دودل راء.
چئي: مريم جي مهڻا ڏنا، ساڙيس منهنجي ماء
ٿيندو ڏينهن محشر جو، ڀانيان مريم ماء.
پوءِ دودو پاڻ چنيسر کي پرچائڻ لاءِ ويو:
ڪؤنر اُٿيو ڪچهريءَ مان، دودو راء داناء
ويهه منجي، ٻـَـڌ پاڳڙي، بابل راڄ وساء.
چئي: هڪڙو دڙڪو آيئي، ڇڏيئي پاڳ پچار
ٻيو ڏنو ٿم دڙڪو، ڇڏيئي سڱ پچار
ٽيون ڏيندوسئين دڙڪو ڇڏيندين راڄ پچار.
چنيسر دڙڪي جي ڳالهه ڪئي ته دودو ڪاوڙجي پيو، ۽
چيائينس:
ڀـڄ پٽ لوهاري جا، سوسي ڪڍئين نه ساه
اسان عالادين جون ڳالهيون راڄ ڪندا.
چنيسر چيس ته:
پاڳ منهنجي ابل جي، واري دودا ڏي
چئي: پڳ ڏيندوسئين ڪانڪا، واڳ چنيسر ني.
اِتي چنيسر ڪاوڙجي گهوڙو سنڀرائي اُٿي هليو.
دودو چڙهيو ڪوٽ نهاري، منهنجو ادل ٿو اچي
ڏسيو سائـِـي ڇـَـنڙي، بيٺو نـِـيري نـِـيـَـر ڏي.
دودي وري به چنيسر ڏي ست سومرا موڪليا ته نه اچي
ته به ٻڌي وٺي اچوس، چنيسر ااُنهن ستن ئي سومرن کي
ماري ٻيلي ۾ آيو. اُتي ميهار کان کير گهريائين،
جنهن چيس ته: مينهن وڃي ڏُههُ.
ڪاري مينهن ڪـُـنڍڙي، بيٺو چنيسر تنواري
مينهن کي وڌائين چـُـوڙ ۾، مينهن چـُـوڙون نه چوري
مينهن جا چارئي بازو بند ٿيا، ٿڻ پئي سڱوئي
ڏهيو ڄاڻان ڪونه ڪو، متان مينهن وجهان ماري.
ميهار، چنيسر جي اهڙي طاقت ڏسي، کانئس پڇيو ته:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: ويٺل ڳوٺ وڳهه جو، آهيان دودي جو حجام
وڃان ديس دليءَ جي، جتي عالادين ڄام.
ميهار چيس ته: ٻيلي ۾ شينهن آهن، جن جي ڪري ميهون
کير نٿيون ڪن. پوءِ چنيسر شينهن کي ماريو.
بـَـهڻ پـَـٽ ڪينڪي، ساوا ڪين سـُـڪاءِ
تنهنجو ٻـُـوٿ ٻليءَ جهڙو شـِـمر اوري آءُ
هنيئين مڪ مـَـٿي جي، شينهن ماريو چنيسر راء.
چنيسر پوءِ اُتان اڳتي هليو ته ٻه گهاڙُو (رستا)
ڏٺائين. منجهي پيو ته ڪهڙو گس دلي ويندو! اِتي
ٻارنهن مڙس ايندي ڏٺائين، اُنهن کان پڇيائين ته:
ڪهڙو گس دلي ٿو وڃي؟ چيائون ته: ٻئي گس دلي ڏي ٿا
وڃن، پر هڪڙو ڇهن ڏينهن جو آهي ۽ ٻيو ٻارنهن ڏينهن
جو. پر ڇهين ڏينهن واري گس تي آدمخور ۽ عالادين جو
اُٺ ماڻهن سان وڙهن ٿا. چنيسر ڇهن ڏينهن وارو
گهاڙو ورتو. واٽ تي آدمخور مليس، چئي: مون سان
ملهه وڙهه!
مرد گڏيا ميدان ۾، جيئن کـَـسن ماهـِـيا سان
ٻانهون چنيسر ڪـُـڙيل جون، قهري لڳا ڪان
مڙد اُٿليو ميدان ۾، ڪـِـي آدمخور مٿي دانهن
جان آهين دودو سومرو، جان دودي جو ڀاءُ
ڊوها ماريئي ڊوهه سان، مونکي ڪل نه رهي ڪا.
آدمخور ماري اڳتي وڌيو ته واٽ تي ريٻاري گڏيس:
حيدر اتي هڪل ڪئي، وري وڃ وريام
اُٺ عالادين راء جو موڳو آهي مستان
مڙد مـُـڙيو ڪونه ڪو، هنيئين ڪـَـرَههَ ڪام.
چنيسر اُٺ ماري، دلي ۾ آيو. اُتي هڪڙو راڪاس هو،
جيڪو روز ماڻهو کائيندو هو، بادشاه جو قول هو ته
جيڪو راڪاس ماريندو اُن کي اڌ راڄ ۽ ڌيءَ جو سڱ
ڏيندس. سج اندر ٻاهر هو ته چنيسر دلي جي در تي
پهتو. دربان در نه کوليو. چنيسر ڪجهه پيسا ڏنس
تڏهن اندر ڇڏيائينس. شهر ۾ ويو ته هڪڙي پوڙهي
روئندي ڏٺائين. پڇيائين ته: ڇو ٿي روئين؟ پوڙهي
چيو ته: رات منهنجي پٽ ’جـُـمڙي‘ جو وارو آهي.
چنيسر چيس ته: مونکي ماني کاراء ته آءٌ تنهنجي پٽ
جي پاران وڃان. پوڙهي ماني کارايس، هي ماني کائي
سمهي رهيو. راڪاس جي اچڻ جو وقت ٿيو ته پوڙهي اچي
چنيسر جي ڀر ورتي. چئي:
پنج کاڌئي پـِـڙيءَ تي، ڪـَـيئي ڏهن جو سعيو
ڪـُـوڙا هڻين پيو گهوگهرا، آهين تون آيو.
چنيسر سجاڳ ٿيو. اُٿي آيو ميدان ۾، ڦنڊر کولي
ڇڏيائين. ديڳ بادشاهه جي ماڻهن کي کارائي پاڻ کي
زنجيرن سان ٻڌرائي ڇڏيائين. تڏهن دودو ياد آيس:
جيءُ جنجيرن جهليو، مـُـنهنجو سوگهو ٿيو ساهه
ساري دودي ڀاءُ کي ڀڳئين قـُـرف ڪـَـڙا.
راڪاس آيو ته ان سان چنيسر جنگ ڏني:
بڙڇـِـي سان ٻيڻو ڪري، وڌو خوني کوڙَ ڪـَـري
ڪن پڇ راڪاس جا آهن مرد وڌا موڙي
ساريو دودي ڀاءُ کي، ٿو نعرا نر هڻي.
راڪاس ماري، اُن جو ڪن پڇ وڍي، پاڻ وري وڃي
سـُـتو. سؤ شڪاري گاهيا صبح جو آيا ۽ راڪاس کي مئل
ڏسي، بادشاهه کي وڃي چيائون ته: راڪاس ماري آيا
آهيون. بادشاهه چيو ته: سڱ ڪونه ڏيندس باقي ”کوپي
کـُـريشانِ“ جو ملڪ اَٿوَ، وڃي کائو! انور بيگ
وزير، مانڌن وزير ۽ حيدر هالاڻي بادشاهه کان پڇيو
ته: راڪاس ڪنهن ماريو؟ بادشاهه چيو ته: حسڻ گاهيي
ماريو. اتي مانڌن وزير، جيڪو سومرو هو ۽ دودي کان
رُسي آيو هو، ۽ سترهن ارڙهن سالن کان دلي ۾ هو،
تنهن چيو:
سورهيه سجهن ٿا سومرا، وڳهه راڄ رهن
ڪو اُني مان آهي آيو، ماريو راڪاس اُنهن.
پوءِ چيائون ته حسن جو آزمودو وٺجي. خط موڪليو
ويو، همراه اچي ڌوڙيو ڪيو. بادشاه چيس ته: راڪاس
جون نشانيون ڏي. تڏهن چيائين ته:
کـَـسندي اِن خان سان اسان کي جهجها جـُـڳ ٿيا
ڪن پڇ راڪاس جا، کـُـسندي سڀ ويا.
جمعي ڏينهن هاٿي کي مست ڪري ڇڏيائون. چنيسر به تڙ
لاءِ آيو. هاٿي حسن ۽ ٻين شڪارين کي ڌوڻ سان پري
اُڇلائي ڇڏيو. چنيسر هاٿي جي سامهون ٿيو ته پيلبان
ڪاوڙ مان کيس چيو:
ڀڄي ڄـَـٽ پري ٿي، مري ٿئين نه پـَـٽِ
چئي: پڻهين ڄٽ، ڄٽ ڏاڏهين، راء تنهنجو ڄـَـٽِ
اوڇا اوڇي ذات جا، آءٌ پنهنجو پهريان پـَـٽ.
چنيسر جواب ڏنو:
هاٿي عالادين جو نانگو ڪيو نشن
نـَـوَ مڻ نـِـير پير ۾، جنهن جا قرف ڪڙڪا ڪن
هاٿي هٿان آءٌ مـَـران، اسان لهن وير ورهن.
---
اوڇا اوڇي ذات جا، اوڇو ڪيئي ڳالهاءُ
پيا اٿئي ڪـُـڙهه ۾ جن جي ڏاڙهي لڏ ٺڪاء
صوبا عالادين جا، جن جا رَنبا رُڪ رهيا.
پوءِ چنيسر هاٿي ماريو. پيلبان ٿو چوي:
تاسـِـري سان ٽيڻو ڪري وڌو خوني کوڙ ڪري
هاٿي عالادين جو هن مرد وڌو ماري
ساريو دودي ڀاءُ کي، پاکر ٿو پهري.
اتان چنيسر آيو ۽ اچي گهنڊ اڪيلي سر وڄايائين،
جنهن جي وڄائڻ لاءِ سؤ ماڻهو گڏبا هئا. گهنڊ کي
اهڙيون ته سٽون ڏنائين جو گهنڊ کي اَرن مان ڪڍي
ڇڏيائين. عالادين پڇيو ته: هي ڪهڙو دانهين آهي؟
ڪر چؤنڪي خبرون، گهنڊ ڪنهن سان ٿو گـُـڙي
چئي: اُتر مان آيو آدمي، گهنڊ تنهن سان پيو گـُـڙي
بيٺو اٿئي ڀر ۾ جنهن جو ميناڪاري ڀير.
بادشاهه سڏايس. چئي: ڪيئن آيو آهين؟ ٻڌايائينس ته:
ننڍي ڀاءُ دودي مون کان پڳ کسي آهي، هلي وٺي ڏي.
عالادين دل ۾ خيال ڪيو ته، هي پاڻ اهڙو پهلوان آهي
پر جنهن کان ننڍو پڳ کسي ويو آهي، تنهن کي آءٌ ڇا
ڪندس! پوءِ دلاسا ڏئي چوڏهن سالن تائين دليءَ ۾
رهايائينس. تڏهن چنيسر دودي ڏي خط لکيو:
ويهي شهر دليءَ ۾، خط لکيا چنيسر راء
صلح ڪريون سومرا، آءُ دودا ڀاءُ
چڙهيس ڪوٽ وڳهه مان، مون ڏاڙهي قول ڪيا
ست ئي ماريم سومرا، جن جا ’هـُـولاڻي‘ پاڙا
شينهن ماريم ٻيلي ۾، جتي گـُـجرن چراگاهه
آدمخور ماريم واٽ تي، جنهن رستن روڪ ڪيا
اُٺ ماريم عالادين جو، جتي عالم کير پيتا
راڪاس ماريم دليءَ ۾، لٿو دليءَ تان دهڪا
هاٿي ماريم عالادين جو، منهنجا مـُـزرا جڳ ڏٺا
ڪـُـلهو ڏنو هئم گهـَـنڊ کي، ڪيم قرف ڪڙا جدا
هاڻي صلح ڪريان ٿو سومرا، آءُ دودا ڀاءُ!
دودي خط جو جواب موڪليو ته:
سومريون ڏيندءِ مـِـهڻا، توسان آيو نه عالادين راء
هڪڙو ٽارو توکي، ٻيو عالادين بادشاهه
شينهن وجهينس باغ ۾، ڪرينس باغ ڀيلا
ڀڃينس ٻانهيون ڪوٽ جون، تخت ڪرينس تالا
اسان ۽ عالادين جون ڳالهيون راڄ ڪندا.
پوءِ چنيسر شينهن کي شراب پياري بادشاهه جي باغ ۾
ڇڏيو. باغائي وڃي بادشاهه کي دانهن ڏني. بادشاهه
پوءِ چنيسر کي قول ڏنو ته: دودي تي چڙهي توکي
بادشاهي وٺي ڏيندس، پر شينهن مان جند ڇڏاءِ! چنيسر
چيو ته: جي تون دودي تي چڙهين ٿو ته آءٌ شينهن
ڀڄايان ٿو. پڳ وٺي ڏنئي ته وڳهه ۾ دودي جي ڀيڻ
ٻاگهي جو سڱ به ڏيندوسئين. پوءِ چنيسر شينهن
ڀڄايو. انهيءَ کان پوءِ عالادين لشڪر گڏ ڪرڻ شروع
ڪيو.
ٻارهن راڄ ٻالاچن جا، جيڪي ماڻهو ماهه گهرن
سورهن راڄ شيدين جا، ماڻهو رت پين
ارڙهن سؤ اُٺن جا، پاڻي پخال ڀرن
سورهن سؤ هاٿين جا، پلٽڻ کي پڄن
ڏهه سؤ ڏڦيرن جا، ڏڦا ڏور ڏنگن
هيڏا هـُـل هـُـلن، ته به دودو دهيلو ڪونڪو.
چنيسر چيو ته اِنهن لاءِ آءٌ ئي هڪڙو بس آهيان.
تڏهن عالادين ارڙهن بادشاهن کي لکيو، جيڪي آنـِـڪي
ڀريندا هئا. گهڻو لشڪر گڏ ٿيو، تڏهن چڙهيا دودي
تي. رڻ ۾ دودي جي ڌراڙ ’رَڇيو‘ رهندو هو، تنهن
جي هٿان عالادين دودي ڏي سلام موڪليا ته:
دودي دوداڻي کي منهنجا ڏج ساري سلام ڄٽ
پاڻي سنهنجو پخاليين، هاٿين مٿي هٽ
دودا ديميون آئيون ڍريون مٿي ڍَٽ
روڪيان تڙ روپاه جا، ڏيان تنهنجي سنڌ کي سٽ
دودي دوداڻي کي منهنجا ساري ڏج سلام
آيئي مغل مـَـٿاسـِـرو، سومرا سلطان.
رَڇيي وري دودي جا پار عالادين کي ٻڌايا ته:
دودي دوداڻي جا ٻـُـڇ ته توکي ڏيان پار
واشـُـو شير وڳهه ۾ اٿئي لکين لک هزار
ڪوري رکندءِ وچ ۾ ڪـَـرهل ڪنڌ ڪپار
وري ويندين ڪونه ڪو، تنهنجي دلي ٻاريندا ٻار.
لشڪر اڳتي هليو. درياء تي دودي جا ٻه پاتڻي
’نيڻ‘ ۽ ’ڍڪڻ‘ ويٺا هئا، تن عالادين جو لشڪر
ٽپايو، پر هڪڙي ٻيڙي رسائين ته ٻي جا ماڻهو ٻوڙين:
’نيڻ‘ چوي ’ڍڪڻ‘ کي، هڻ هٿن جا شير
وهـِـان ويندا واپري، پوءِ ڳڻبا پير.
لشڪر جو اهو حال ڏسي چنيسر ٻئي ڀائر ماريا. اُنهن
جي ڀيڻ هئي ”سيڙهـِـي“ ، تنهن دودي ڏي خط لکيو:
سـَـنجهي سيڙهي ڪڍيو، ماڻهو دودي راء
اسان مان رهيو ڪونڪو، تون چڙهه وڳهه جا وريام.
قاصد خط کڻي آيو:
رات وهائي ڏينهن ٿيو، اُڀريو ئي تارو
خوني خط خلل جو کڻي در وڳهه آيو
سومرن ويهي پاڻ ۾، محمد ڪوٺايو
محمد ويو هو شڪار تي، هو اڃان ڪونه آيو.
دودي تڏهن مريم ڏي چوائي موڪليو:
دودي پائڪ موڪليو، ماڻهو مريم ڏي
ننگر ڏي مائي ننڍڙو، وڃي ميڙ مغل ڏي.
مريم جواب ڏنو:
مريم ماءُ ننگر جي، بيٺي دودل راء چوي
ننگر منهنجو ننڍڙو، جيڪو وٽي کير پـِـئي
راوَ کڻي راضي ٿئي، چڙهي دودو پاڻ وڃي.
---
خوني خط خلل جا ڪوٽ وڳهه آيا
دودو پڙهڻ سان پئجي رهيو، جنهن جوٽن هٿ هنيا
وِلهو ويو وڳهه مان، وڃي وِلهي وڌو وِيڻاهه
روهين رُليو سومرو، جنهن جانب ڪيا جدا
اسان عالادين جون ڳالهيون راڄ ڪندا.
دودي پوءِ ننگر ڏي ڀان موڪليو:
دودي ڀان موڪليو، ماڻهو ننگر ڏي
ماري آيو منگتو تڪڙو تنواري
ننگر ساڻ پنجاه ٿو ڏائـِـي راند رَمي
هل نينگر ننڍڙا! توکي دودل ڪوٺائي.
ننگر ٿو چوي:
تڪڙ تهتا نه ڪريو، مونکي وار سڪاوَڻ ڏي
چاچي مونکي ڪوٺيو، ڪهڙي ڳالهه ڳڻي
چئي: دودي مون کي موڪليو ڳؤري ميڙ ڪري
چوري چنيسر چاڙهيون، جتي ڇـَـلـِـين ڪونهي ڇيهه
وڃ تون ميڙ ابل ڏي، فوجون آ ڦيري.
---
وير وهنجڻ ڇڏي، بيٺو ڏائـِـي راند ڇـِـني
آيو ننگر سومرو، کليو ڪپڙا ٿو پائي
چئي: يار! پرتئو رب کي، منهنجي الله واهي آهي.
---
جيڪي يار ننگر جا، بيٺا ننگر راوَ چون
متان مرد ماندو مرين، لرز ڪونه لکن
اهو عالادين هڪڙو، توڙي چاليهه ٻيا به چڙهن
اسين ڪنداسين سر صدقو، جيئن گهورون گهوٽ پون.
---
وار سڪائين واٽ تي ڪيئين دودل جو سلام
اُٿيو دانـَـهه سومرو، ورتئين ننگر جا سلام
ابا! پڙهه پروانا پيءَ جا، توڏي لکيا چنيسر ڄام.
---
پڙهيو پروانا پيءُ جا، ڦاڙيو خط ڇـَـڏي
چاچا! نڪي آءٌ ويندس، نڪي چؤ مونکي
سـُـونهون هلي سلطان ڏي، مونکي ابل سڃاڻي ڏي.
دودي، چنيسر جا پار ڏنس:
ڪارو طـَـنبو پڻهين جو، ڪارو چنيسر ويس
سونو ڀالو هٿ ۾، نيرو گهوڙو هيٺ
اکيون جنهن جون پاري ول جيئن، پڳ سـُـبتو ڀير
ور سڃاڻج پڳ جو، جنهن جو ميناڪاري پيچ
مومل پـُـڇي مينڌري آهي کـَـٿيرو ڪير؟
چاچا! ميناڪاري مارُوئڙا، اُتي لک ٻڌين لاکين
نڪين آءٌ ويندس، نڪين چئو مونکي
سـُـونهون هلي سلطان ڏي، جو ابل سـُـڃاڻي ڏي.
ننگر، دودي کي جواب ڏنو ته: چاچا! جيڪا پڳ بابي کي
نه ڏنئي، سا مون کي ڪيئن ڏيندين؟ هاڻي جڏهن
عالادين چڙهي آيو آهي، تڏهن ٿو هٿ هڻين:
وڏي جا ورهين جي، ننگر مٿي آهي
چاچا! نه ڏنئي ڀاء کي، سا مونکي ڏيندين ڪيئن؟
ڀاءُ ويئي ٿي ڀرسان، واري نه ورتئي
مثل ماراکن کان ڪچي وئي هئي ڪيئن؟
هاڻي هڻين ٿو هٿڙا، جڏهن عالادين آيو.
---
راء ويٺو رهاڻي، دودو گهوڙيون گهرائي
ڪن پڇ تن گهوڙين جا، ٿو ميندي رڱائي
عاج چندن جون چاوَٺيون، ٿو چندن چاڙهائي
دودو مير ننگر لاءِ ٿو بنگلا بنائي
کٽون سيج، بندن تي ٿو عطر اوتائي
مان ماڻي اچـِـي سومرا، تون مـَـنهه اچي
مـَـرڪائي.
---
ننگر! نام مٺا اَبن جا، چاچا ڪم نه اچن
مـِـٺو اٿئي رت اَبل جو، متان ڦري تون نه وڃين
چئي: چاچا! ڦـِـران ته ڦـُـرجي وڃان، اُتي ويندس
ماڳ مري
جيڪو صلح ننگر ڪندو، تون ڏسندي پاڻ اکين.
اتي دودي جو پٽ ڀونگر به سؤٽ سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار
ٿيو:
ڀونگر پٽ دودل جو، دودي کي چئي
سؤٽ وڃي جنگاه تي، مڇڻ اي نه مري
هڏ ڏوکي آهيس ڪونڪو، اُتي ويندي ويل لـُـڙهي
اسين ٻئي مرون جنگاه ۾ لڳي سؤٽ سوٽن تي.
دودي دل ۾ خيال ڪيو ته هڪ کان ٻه ڄڻا چڱا، پوءِ
خيال ڪيائين ته جيڪڏهن چنيسر هنن سان نه پرچي ته
ڏاڏي وارو لـَـکــِـي هاٿي موڪليان، من پرچي پوي.
سو هاٿي سنڀرايائين:
هاٿي ڀونگر راوَ جو بيٺو دودو سنڀاهي
سون ڪـَـڙولا سنگهرون، ٿو لعلون لوڏائي
سنئـِـين پـَـئي سلطان کي، منهنجي ميڙ نه موٽائي.
انهي کان پوءِ ننگر کي سمجهايائين ته:
ننگر! ماراکن وچ ۾، هيڻو نه ٻوليج
توکي ٻول ٻولي جو هڪڙو، تون چئي چار ڇڏيج،
---
ننگر ڀونگر سنڀريا، دُرس مٿي ديوال
ٻاگهي ڏنو ڏوهيڙو، ٻـَـر دودا! تنهنجو حال
ڇوه رکيو اٿئي ڇوڪرن تي، تومان ڪانئرٻرندي ڪانه.
پڦيءَ جو اهو ويڻ ٻڌي ننگر جواب ڪيو ته:
ڪيهر ڪنڌ مٿي کڻي، ٿي ننگر ڳالهايو
ڄمڻ سان مري وڃين، رن راڄ رُلايا تو
وڃان ويرين سامهڻو، جيئرو آيس جو
ته مڙس ڏيندوسئين سومرو، ماري مڃائي ڀـُـون
ڪـُـٽي ڪيڙَ مارين سين، تنهنجا ڍونڍ لائيان ڍير.
اتي ٻاگهيءَ کي به ڪاوڙ لڳي، سو ننگر کي پاراتو
ڏنـَـئينَ ته:
ڪاري کائيندي توکي، ڪيئن ننگر ڏنئي ورندي
وڃين ويرين سامهڻو، جيئرو ايندين ڪـِـين
ڏسنديس ٻن اکين سان، ايندين کهنبن منجهه کڄي.
ٻاگهيءَ جي پاراتي کان ٻئي ڊنا، سو مائرن کان ٿڃ
بخشائڻ لاءِ ويا:
ننگر پايو پاند ڳچيءَ ۾، ماءُ کان موڪلائي
امڙ نام الله جي، مونکي ٻٽيهه ٿڃ بخشين
وڃان ويرين سامهڻو، منهنجو جيئڻ هوء يا نه هوءِ.
مائرن پنهنجن پٽن کي، ٿڃون بخش ڪيون
جوين پنهنجن مردن کي، حق بخش ڪيا.
مريم ننگر جي ماءُ دودل وٽ آئي ۽ چيائينس ته:
مريم ماءُ ننگر جي، دودي راء چوي
ناٺي مارائين ٿو ننڍڙو، ڏَنائـِـين ٿو نياڻي
ويٺي آهي وناه ۾، جا پـِـيي نٿي پاڻي.
پر دودي ڳالهه نه مڃي، چئي: ننگر ضرور ويندو. تڏهن
مريم، ننگر کي چيو ته:
مريم ماءُ ننگر جي، بيٺي ننگر کي چوي
مريد آهيون محي الدين جا توسان حامي حضرت شاهه
وڃين ويرين سامهون، توکي لڳي نه ڪوسو واءُ
جا اٿئي ٿڃ ٿڻن جي، سا مون نه لڄائج ماء
هڻج ترارون تڪڙيون، اڳيان عالادين بادشاهه
وڍج واجهه طـَـنبن جا، ويـِـر واڌ ڪجا.
ننگر چيو ته:
وڃان ويرين سامهڻون، ايندس ويرِين کان وڍجي
ايندا لاشا ننگر ڄام جا، کهنبن منجهه کڄي
اُتي ساٺَ ڪنديون سومريون، جيجل ڪيئن ڪندي
لاهه ننگر تان آسرو، ڄاڻ ننگر ڄايو ڪين.
ننگر جي وڃڻ جو ٻڌي، چنيسر جي ماءُ منگهه آئي، ۽
چنيسر ڏي ننگر هٿان سلام موڪليائين:
ننگر وٽ نار هلي آئي ’منگهه‘ چنيسر ماءُ
پـِـيرَن جون اٿئي پاکرون، توسان حامي حضرت شاه
چئجين مير چنيسر کي، تون لوهـَـر ڪين لڄاء
تيرهون ورهيه گذريو، مون ڏٺو نه چنيسر راء
چئي: اٿس ڳـَـهڻو نـِـير نـِـراڙ تي، اُڌما ڏي
آڙاهه
پارين اٿئي پڌرو، پـُـٽَ، چنيسر راء.
ساران سومرِي، ننگر وٽ آئي:
ساران آئي سومري، جهليئين ننگر گهوڙي واڳ
ننگر! وڃين تون ننڍڙو، تنهنجو محمد ڀاءُ شڪار
اُت ماراکن جي وچ ۾ تون ڪيئن ڳالهائيندين ٻار!
ننگر جواب ڏنو ته:
ننگر ڀائين نه ننڍڙو، آهيان محمد جو آءٌ مـَـٽ
پئي آهي پـِـڙ ۾، چوڏهن مڻي ڇـِـپَ
دودي ڌاران کڻي ڪونڪو، ڏئي سورهيه سٽ.
ننگر، ڀونگر کي چيو ته: وڳهه گهمون، متان وري نه
اچون.
ننگر چوي ڀونگر کي هلون ڪوٽ وڳهه
ڏٺي ڪوٽ وڳهه کي مونکي ٻارنهن ٿيا سال
ڏئي هٿ هٿن ۾ هليا ڪوٽ وڳهه
دودي ڌيءَ دادلي آئي در مٿي داناهه
سڏ ڪيائين ٻانهي کي تون ’ورنهه‘ اوري آء
منهنجي هندوري هيبت گهڻي، کٽ ڪري ڀڙڪا
وڄي ڪوٽ وڳهه جو، لڳي ڌرتي کي دَهڪاء
متان دودي ننگر ويٺي آيو عالادين راء!
دائي ڏسي موٽي آئي ۽ ’سونل‘ کي چيائين:
دائي بيٺي در مٿي، خوش ٿيو پئي کلي
زرهه اٿس سونَ جي، تنهنجو سؤٽ پيو اچي
ننگر نالي اٿئي سومرو، ٿو وڳهه ڪوٽ گهمي.
ڳوري ڳاٽ ورائيو، ڀـَـنڀـِـي ڀت مٿان
وِلهٽـِـجي نڪتي وڳهه مان، جئن کنوڻ ڪري ڀڙڪا
سؤٽ! وڃين ٿو جنگاه تي، سيج نه ماڻيئي ساء
ٿيندو ڏينهن محشر جو، پنهنجو نبي پڙهندو نڪاح.
ننگر چيس ته:
ڌيءُ دودي راء جي، تون ’ڳوري‘ نه ڳالهاء
منهنجي من ۾ مانڌاڻيون پيون، آنڊن ولـِـوڙا
لـُـڏي لنگهندا وڳهه مان، ٻيرا ننگر جا
ڳولي ڏسجئين رت ۾، هوندا نياپا ننگر جا
لاهه ننگر تان آسرو، ٿيندا محشر منجهه ميلا.
سومرن دودي کي صلاح ڏني ته عالادين کي ٻانهي
پرڻائي ڏي. چيائين: ائين ڪريون پر هڪ پير سن آهي،
تنهن کان پڇون. پوءِ حيدر هالاڻي کان پڇيئين ته:
گهڻا جـُـڳ سنڀرين تون حيدر هالاڻي؟
چئي: چار چنيسر سنڀران، چار ڀونگر ڀينء
تن به ڏني ڪانڪا، تون دودا ڏيندين ڪيئن؟
اِهو ٻڌي دودي سومرن کي جواب ڏنو ته:
گولي ويندي گجرين، سڏبي دودي ڀيڻ
سومريون ڏيندم مهڻا، جن جا وڍن مونکي ويڻ
هو ترڪ، اسين سومرا، ڪيئن سما ٿين سيڻ.
ننگر وڃڻ کان اڳ پنجاه سنگتين کي چيو:
ننگر بيٺو ميدان ۾، پڙ ۾ کوڙي پير
جيڪي هلن مون سان، سي شينهن هجن شير
مغل ڪندا مقابلو آهن مرد مٿير
ڪارا ويس ڪپڙا ڀڙ ٻڌندا ڀير
ٿيندي راند ترار جي، اُتي ٿيندا ڍونڍن ڍير
هلي پرچايون پيءُ کي، اُتي سـُـجهي حيدر شير.
تڏهن دودي چيس ته:
ابا! وٺي ميڙ ’مانڌن‘ کي، ڪجئين بابل سين پرچاء
پائج پاند ڳچيءَ ۾، ڪجئين وس وڏا
چـَـوَئـِـي چنيسر سومرو، ته به تپي ڪجئين نه تاء
وڃي سڃاڻج ابل کي، منهنجو چريو چنيسر ڀاءُ.
---
چوي چنيسر سومرو، متان سڱ گهري سالار
اڳيؤن عالادين کي ننگر چئجئين نروار
سورهيه ننگر سومرا، ڪيهر شير ڪنڌار
اُتي وڃي اڙدن ۾، گهمجئين منجهه گينوار.
هاڻي ننگر سنڀري ٿو:
ننگر چوي يارن کي بيهو آءٌ چـَـڙهان
ڍال بندوقون ترارون، ساري ساڻ کڻان
ماريان مانڌن مير کي، نظر بيگ هڻان
سـِـسي عالادين جي وڃي چنبن منجهه کڻان.
---
رات وهامي ڏينهن ٿيو اُڀريو ئي تارو
ننگر چئي يارن کي گهوڙن سنج ڪـَـريو
چون يار ننگر جا، مڙسن جيئن مـَـنڊجو
مغل اسين ائين ماريون جيئن مينهن ڪري مارو
پنجاه ڄڻن سان پرس هليو، ننگر هڻي نعرو.
---
پهريون ويلو نڪري، اچي راڻو ’روپاهه‘ لٿو
ٻيو ويلو نڪري، مڙد ’مؤراسي‘ لٿو
ٽيون ويلو وڄ ۾، ’گـُـونگـِـڙي تارِ‘ لٿو
چون يار ننگر جا، اوٺي ٿئي آيو.
عالادين جو سؤٽ نادر بيگ دودي ڏانهن خط کنيو اُٺ
تي پئي آيو. هنن اڳ وٺي پڇيس:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: اوٺي عالادين جو نادر منهنجو نام
وڃان ڪوٽ وڳهه تي، ڏيان سنڌ کي سلام.
ننگر پڇيس ته:
سـَـل سچي ڪر ڳالهڙي، تو ڪنهن جا خط کنيا
چئي: خط چنيسر راءِ جا، دودي در ويندا.
---
سل سچي ڪر ڳالهڙي، خط بابل جا ڏي
چئي: خط ڏيان توکي، اجورو مون مـِـلي
ڪڍي ڪـَـٽاري ڏني سونَ جي، جيڪا سوا لک لهي
خاطي گهڻو خوش ٿيو، کيسا پيو کولي
چٺيون چـَـماٺـِـيـُـون چـَـم جون، کوليو ننگر کي
ڏي
پڙهيو پروانا پيءُ جا ننگر لال لڱن لائي
پڙهيو پروانا بابل جا، ٿو ڳوڙها ڳل واهي
ڀڄ اوٺي اٿئي ڏينهڙا، تنهنجي داڳيان دليءَ کي.
---
ڀلي ڀلي اوٺي آئيين، تون خاطي بابل راء
ڏٺي چنيسر مير کي مونکي ڏاڍا ڏينهن ٿيا
سڄڻ ساري نه مـَـران، مونکي سڪندي سال ٿيا.
پوءِ ننگر نائـِـي کي سڏايو:
ننگر ناهيو ڪوٺيو، اوري پيو اچي
پارت اٿئي پٺاڻ جي، ڇڏجئينس ڪـَـن ڪپي
اوٺي اٿئي ابل جو، ڇڏجئينس نڪ ڪپي
ڀرُون ڀورل يار جا، ڇڏ چـِـمٽن ساڻ پـَـٽي
وار نه لـُـڏي واءُ تي، اُت اَبل پاڻ ڏسي.
---
ننگر ناهيون ڪوٺيو، پاڪي پڇاڙي آءُ
پاڪي پڇاڙي آئيو، ڏس پاڪيءَ جا پورهيا
رُڪ سان راءُ منڊيو، ڪڍيئين ڀانيءَ مان ڀالا
وَهڻ سان ويرون ڪن، تکا منجهؤن تاء
وڍيائين تنهن پائـِـڪ جا نڪ چپ ڀيڙا.
چنيسر اوٺي، کان موٽڻ تي خبر پڇي:
آ ابل جا اوٺي، ڀڙ تون ڀاڪر پاء
ننگر ڇڏيم ننڍڙو مري جان جيئي؟
اوٺي عالادين کي ٻڌايو ته:
ترس تڪڙ ڪر ڪينڪي، پـُـرس ڏيان توکي پار
جتي پاڪين ٿي پوريون ڪيون، وڍيئون نڪ نراڙ
ڏنم زور ڏندن تي، اُٿيا اندر مان آزار
هڪ تکو هو تيل گهڻو، ٻي هئي مرچن جي مار
ننگر اچئي ٿو سومرو، ڪيهر مير ڪنڌار.
تڏهن عالادين پڇيس ته: اُٺ سان هيءَ حالت ڪنهن
ڪئي؟ چيائين ته:
وير گڏيا هئا واٽ ۾، هئا دودي جا ڌراڙ
ڪن وڍي ڪولهو ڪيئون، پڇ وڍيئون پاڙ
سورهيه سجهنئي سومرا، هئا دودي جا ڌراڙ.
چنيسر چيو ته: اهي دايا آهن، سومرا ڪونهن. تڏهن
عالادين ڪاوڙجي حڪم ڪيو ته:
چاڙهي تمر راء کي گهوڙن لک ڏيو
اِهي دايا ماري واٽ ۾، مونکي خبر هت ڏيو.
اِهو ٻڌي چنيسر چيس ته:
دايا چئون اُنهن کي، جيڪي گڏ ٿـَـڃون ڌاوَن
تنهنجو تـَـمر ماريندن ڪونڪو، آهن وياء دوداڻين.
بڪار جي ڦر لاءِ مور وزير چڙهيو:
مور وزير چڙهيو، جيڪو پلٿي کيڏ چون
نـُـرا تنـِـي ترڪن جا گهوڙن پڇ گسن
مغل عالادين جا، ٿا بڪار شهر ڦرن
هي گڏيا هنن کي، هـُـو گڏيا هنن
هڻ هڻ وائي وات ۾، ماريو ماريو ڪن
راء اِنهيءَ رستي تي، ڀڳا ترڪ وڃن
سورهيه سجهن ٿا سومرا، جيڪي وڳهه راڄ رهن.
مور وزير کي اڪيلو ايندو ڏسي عالادين چيو:
آ دليءَ جا دادلا، توکي جهجهي ڏيان ڀـُـون
ڪر ڦـُـر بـَـڪار جي، سونُ ڏيو اوهين مون
چئي: سائين! ٻـَـن پئي ڦر بڪار جي، ٻن پئين راجا
تون
اسان کڙو هنيو ککر کي، جنهن جا ڏنگين ڏور ڏينڀو.
ننگر، عالادين جي فوجن ۾ آيو:
صوبي ’تمر راء‘ جو اچي ننگر ڪيو سلام
طاقت آندائين ڪانڪا جو وٺي ننگر جو سلام
چئي: ماٺ ڪريو مـُـڙي وڃي، آهي دودو ديمين ساڻ.
پوءِ عظيم صوبي وٽ آيو:
اَرهاٽي ’عظيم‘ جو اچي ننگر ڪيو سلام
آڳهه جهلي آئيو ڪيئين ننگر جو سلام
ننگر! تو جيڏا ڇوڪرا، مون ڪـُـٺا جوڌ جوان.
ننگر جواب ڏنس:
بانور ڪرين ٿو بڇڙا، تنهنجا ويندا واءَ لهي
وڃان ميڙ ابل ڏي، منهنجو بابل پرچي ئي
پوءِ ڳولي ڪڍندوسئين اڙدن مان، جيئن ڪنگ ڪڍي
ڪُـرڙي.
وري حيدر صوبي جو اچي سلام ڪيئين:
صوبي ’حيدر راوَ‘ جو اچي ننگر ڪيو سلام
آڳهه جهـَـلي آئيو، ڪيئين ننگر جو سلام
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: سنڌي آهيان سومرو، آءٌ وڳهه جو وريام
پٽ چنيسر راوَ جو، ننگر سڏايان نام.
ننگر پڇيس ته تون ڪير آهين؟
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: حيدر هالاڻي آءُ آهيان، پلٿي کيڏ پٺاڻ
دلي ديس اسان جو، ملڪ آهي مستان
آهيان مير دِليءَ جو، صوبا ڪن سلام
آيو آهيان اُڙدن سين، ڄاڃي دودي ڄام.
---
تڏهن صوبي حيدر راو جي ڪيئين ڏائي هٿ سلام
سائي سلام ڪريان آءٌ دودي، ٻئي کي ڪريان قتلام
آيس ميڙ ابل ڏي، مون سان سونهون هلي سلطان.
حيدر راوَ ڪاوڙجي چيس:
اوڇون ڪرين ٿو ڳالهڙيون، آڏا ڏين ٿو جواب
وڳهه ويندءِ وسري، لهي ويندءِ دماغ
جان سـُـتو آهين ننڊ ۾، يا پيتو اٿئي شراف.
ننگر وراڻي ڏنيس ته:
چڙهيس ڪوٽ وڳهه مان، مون پـَـڙ وِڌا پـِـيرن
لاشا ننگر ڄام جا، وڳهه ڪوٽ وڃن
مثل ’ماراکن‘ جي اٿئي وياء دوداڻين
دلي تنهنجي دادلي ۾، ٿيندا راڄ رَنن
سانجهي سـِـر عالادين جي، منهنجا کنا لانئون لهن.
---
ڪاهي ’قنبر راء‘ جو ننگر ڪيو سلام
آڳهه جهلي آئيو، ڪيئين ننگر جو سلام
ننگر! توجيڏا ڇوڪرا، مون ڪـُـٺا جوڌا جوان.
---
ننگر آهين ننڍڙو، توکي وهي کير چپن
تو جيڏا ڇوڪرا، اُتي مائرن جي ڪڇن
قنبر نام سڏايان، پـِـيان رَت ڍُڪن.
ننگر چيس ته:
ڇوڪر ڇڏيئي دليءَ ۾، ٻيا پٽ پٺاڻن
لڳئي واءُ ننگر جو ته ڏيندين ڏس گهڻن
ڳولي ڪڍئين اُڙدن مؤن، ڪڍيئن ساهه عرشن.
---
طنبو ’مانڌن مير‘ جي، اچي ننگر ڪيو سلام
آڳهه جهلي آئيو، ڪيئين ننگر جو سلام
چئي: خدا نه ڀلائي، آهين پٽ چنيسر ڄام.
---
ننگر! نالو اٿئي الله جو، آهين پرڻيل ڪي
ڪـُـنوارو؟
چئي: چاچا! منهنجا شهر وڳهه ۾ ڳاڙها دُهل گـُـڙن
نو سؤ مـَـنـَـهن ٿوڻيون، چوهٺ ڏيئا ٻـَـرن
ڄاڃي دريا خان جا اڃان هنڌ گـُـهرن.
---
ننگر! نالو اٿئي الله جو، تون پرڻيل ڪي ڪنوارو؟
چئي: پرڻيل آهيان ڪونڪو، آهيان ڪنوارو
چنڊ ٻـُـڪي چوڏهين، آهي شاديءَ جو سعيو
وٺي ميڙ محي الدين کي، آهيان بابي ڏي آيو.
مانڌن وزير چيس ته:
ابا! پـِـٽيو پرچي ٿو ڪينڪي، آهي قول ڪري آيو
تون ماڻي ويهه مومل کي، وڃي ڪر شادي جو سعيو
ننگر! قسم اٿئي الله جو، وڍ سر مانڌن جو.
---
مور مانڌن سومرو ٿو ننگر کي چوي
وڍي سر منهنجو وڃي دودي کي ڏئي
مري مانڌن سومرو. ڪچي ڪين ڪري.
چوڏهين چوڏهين وات ۾، چوڏهين پيا چون
فوجون عالادين جون ديميون ڌڌڪا ڪن
چوڏهن لک چوڏهن ويهون، امير حيدر ساڻ هلن
جيڪي سرحدون سنڌ جون، اُت لشڪر پيا لهن
چوڏهين ڏينهن صبح جو، وڳهه گهنڊ گـُـڙن.
ننگر ۽ ڀونگر پڇائيندي پڇائيندي آخر اچي چنيسر جي
طنبو وٽ پهتا.
ڏورئون پيا ڏسجن، پکا يار پنهونءَ جا
طنبو چنيسر راءِ جي، جت ڀالا ڀڙڪا ڪن
سج لهي سانجهي ٿئي، جت بگل بين وڄن
شيشا شونق شراف جا بيٺا پـُـرس پين
نر نشي نادان ڪيا، بيٺا ’دودو دودو‘ ڪن
ارڙهن راجا اٿئي آئيا، متان دَهلين ڪنهن دَهڪن.
---
آيا اُنهيءَ ميدان ۾، جتي راجا گهنڊ گـُـڙن
ٻـُـرن پيا ٻاروچل لاءِ جا، سـُـرندا ساز وڄن
زرهون اٿس سونَ جون، پايون پاڳارن
نيڻ ننگر مير جا ڏورئون پيا ڏنگن.
تڏهن عالادين کي سندس صوبا ٿا سمجهائين:
صوبا عالادين جا اچيو عالادين چون
مانُ ڏي ننگر مور کي، جنهن جا وڳهه دهل وڄن
متان ڪرين مقابلو، اهڙي شير شينهن.
---
طنبو چنيسر راء جي اچي مانڌن ڪيو سلام
آڳهه جهلي آيو ڪيئين مانڌن جو سلام
چئي: سنڌئون آيئي سومرا، هلي چنيسر مير سـُـڃاڻ.
چنيسر، مانڌن کان پڇيو ته:
نالو اٿئي الله جو، خيري خبر ڏي
ننگر ڇڏيم ننڍڙو مري يا بچي
تابش ڇڏيم تاوَ جي، نڪي ايڏي اُڙدن اچي
متان وڳهؤن دودو آئيو، منهنجو ڏيل ڏڪي
متان اچي رات ۾ ماري مون نه وڃي!
مانڌن چيو ته:
دودل اٿئي ڪونڪو، ٿو ننگر نام چوي
پنجاهن سان پـُـرس چـَـڙهيو، آيو اُڙدن تي
ٻڌي ڳانو ٻانهن ۾، آيئي ننگر ميڙ ڪري
وني جنهن جي وناه ۾، ٿي ڪونجل ڪوٽ وڳهه
هاڻي نالو اٿئي الله جو، تون وري هل وڳهه.
چنيسر جواب ڏنس ته:
چڙهيس ڪوٽ وڳهه مان، آءٌ نر هڻي نعرو
مٽجي منهنجو من ويو، قلب ٿيم ڪارو
ڪڏهن دودي ڀاءُ جو، مون ڏي اوٺي ڪونه آيو
ڪڏهن دودي ڀاءُ جومون ڏي خاطي ڪونه آيو
ڪڏهن دودي ڀاءُ جو مون ڏي ڪاغذ ڪونه آيو
تيرهون ورهيه گذريو، اڄ چوڏهون سال ٿيو.
مانڌن چيس ته:
چڙهه چنيسر سومرا، تنهنجا وڳهه راڄ وسن
پٽ سونهن اٿئي گهر جي، ڀائر داڳ دشمن
سون ورنيون سومريون، اُت راڻيون رت روئن
راڻيون هندوري هريون، جـُـتي پير نه ڪن
ٻارهن دهل ننگر جا وڳهه راڄ وڄن
ڇـَـني ڄاڃي آئيا، لنگها لاڳ گهرن.
چنيسر ڀاءُ کي ساري چيو ته:
مون کي پون پور ادل جا، جيرا پيا جلن
من ۾ مانڌاڻيون پيون، اُڌما پيا اُٿن
طعنا تنڪا تن جا ماريس تن مهڻن
طعنا تنڪا تن جا وڍيس تن ويڻن
اسان دودي ڀاءُ جا پيا وير ورهين
مرڻ ويل مقام ۾ مونکي هنئين داڳ دکن
قول ڪري آهيان آئيو، منهنجا ڏاڙهي قول پـَـرن.
مانڌن کان چنيسر ڪين سمجهيو، تڏهن ننگر پاڻ پرچائڻ
لاءِ وٽس آيو:
ننگر پايو پاند ڳچيءَ ۾، پيو کي پرچائي
ابل! نام الله جي منهنجي ميڙ نه موٽائي
منهنجا شهر وڳهه ۾ دهل نه جهلائي
هلي پاڻ هٿن سين، منهنجا مـَـنـَـهه مرڪائي.
تڏهن چنيسر پڇيس ته:
دودي توکي موڪليو، ڪهڙي ڳالهه ڳڻي
چئي: چاچي مونکي موڪليو، اِها ڳالهه ڳڻي
ته پاڳ ڏيندو سانس ڪانه ڪا، واڳ چنيسر ني.
چنيسر چيو ته:
کريل کاري موڪليو، آهين کريل جو وياء
چئي: هڪ کريل چنيسر تون آهين، ٻي تنهنجي ماء
ڪندوسئين پيڙهي پڌري عالادين اڳياء.
---
اوڇا اوڇي ذات جا اوڇو ڪيئي ڳالهاءُ
دودو آهي سونَ جو، اِها هرڪنهن سڌ سماءُ
تون آهين پٽ لوهاري جو ’منگهه‘ تنهنجي ماءُ
ڪندوسئين پيڙهي پڌري عالادين اڳيان.
تڏهن چنيسر چيس ته:
آندم عالادين کي، تنهنجو دودو داڳايان
سون ورنيون سومريون، راڻيون رُلايان
سـُـڃيون ڪريان سومريون، تن جا وارث مارايان
اِهو ڪوٽ وڳهه جو، وڃي ڀالين ڀڃايان
ننگر! ننڍا وڏا سومرا، سڀ هٿين مارايا.
ننگر به ڪاوڙجي جواب ڏنس ته:
متان سڏائين سومرو، ڪو وياءُ دوداڻين
اوڇيون ڪرين ٿو ڳالهڙيون، توکي عقل اڱارن
ناهن سـُـڃيون سومريون، مايڙيون مـَـلـَـهـَـن
سجهي ڏينهن قيام جو، نه ته واهيئين رت ندين.
چنيسر چيو ته:
چڙهيس ڪوٽ وڳهه مان، مون ڏاڙهي قول ڪيا
اوري اچان ته ٻڏي مران، پٺيئون ٻري پئي باه
مريم جي مهڻا ڏنا، ساڙيس منهنجي ماءُ
داڳايان دودي کي، ڀالين ٽنگايان ڀاءُ
تڏهن آندم عالادين کي، مون ڏاڙهي قول ڪيا.
اِتان ٻئي ننگر ۽ ڀونگر هليا ته اڳيان صوبو سلطان
ملين، جيڪو هاٿي تي چڙهيو پئي آيو.
صوبي سلطان جو اچي ننگر ڪيو سلام
طاقت آندئين ڪانڪا جو وٺي ننگر جو سلام
چئي: ماٺ ڪريو مـُـڙي وڃي، دودو ديمين ساڻ
ڦيرائين ٿو فوجن ۾، ڪڏائين ٿو ڪيڪان.
ننگر جواب ڏنس ته:
گهوٽ ڪـُـڏائين گهوڙيون، اسين اُڏايون ڪانَ
هاٿي چڙهيو هـُـل ڪرين، تون هيٺ هجين سلطان
ته پاڻي پياريئين مشن جو، جيئن ڀـُـڪا ٿين
پـَـڪوان.
پوءِ ننگر اچي عالادين جو سلام ڪيو.
اچي عالادين جو ننگر ڪيو سلام
آڳهه جهلي آئيو، ڪيئين ننگر جو سلام
ڪير آهين، ڪاڏي وڃـِـين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: سورهيه آهيان سومرو، آءٌ وڳهه جو وريام
پٽ چنيسر راءِ جو ننگر سڏايان نام.
عالادين خيال ڪيو ته چنيسر پرڻيوئي ڪونهي، هي
پـُـٽ ڪٿان آيو، سو يڪدم چنيسر کي گهرايائين.
عالادين پائڪ موڪليو، تون چڙهي چنيسر آءُ
وڳهئون آيو سومرو، ڀڙ تنهنجو ڀاءُ
چئي: نڪو چنيسر پرڻيو، نڪو چنيسر وياء
هي اُڃ مري ٿئي آئيا، سـُـڪو داين ساهه.
تڏهن عالادين جواب ڏنس ته:
دايا آهن ڪينڪي، آهن واسينگن وياء
تپ ٻرو سور گهڻو، منهنجا اُبتا وار وريا
متان دودو ديمين آيو، چڙهيو تهين جو تاءُ.
پوءِ فوج مان وڏا صوبا ننگر کي ڏسڻ لاءِ آيا:
آيا سلامي فوج مان تيرهن سؤ ترڪن
پايو پاند ڳچيءَ ۾ پيا عالادين چون
اهڙا سـُـوڌا سومرا مر پيا جـُـڳ جيئن
بادشاهه تون مهربان ٿئين، تنهنجون فوجون پوءِ ورن.
چنيسر صلاح ڏنس ته اِنهي کان ٻاگهيءَ جو سڱ
گـُـهر، هن ها ڪئي ته دودو ڪونه ڦرندو، تڏهن
عالادين سڱ جي گـُـهر ڪئي:
ننگر! ٻاگهي مون سڱيڻي، ٻاگهي مون مـَـٽ
سڀ پهرايان سومرا، ڏيان گلاب پٽ.
ننگر جواب ڏنس ته:
مکڻ سـُـونهين منگهه ۾، ڌؤنرو سونهين لاٽ
تون ترڪ! اسين سومرا، پنهنجي ڪانهي وِهين واٽ.
تڏهن عالادين وري چيس ته:
ننگر! ٻاگهي مون سڱيڻي، ٻاگهي آءُ نيندوس
وڃي ڪوٽ وڳهه تي لانئون آءٌ لهندوس.
ننگر وري به جواب ڏنس ته:
مکڻ سونهين منگهه ۾، ڌؤنرو سونهين لاٽ
تون ترڪ اسين سومرا، پنهنجي ڪانهي وهان واٽ
ننڍي وڏي آندئي نينگري، منهنجي ڀونگر کي پرڻاءِ
دِليؤن آندءِ دادلي، منهنجي محمد موڙ ٻڌاءِ
ڀاءُ سڳي هجئي ڀائـِـٽي، منهنجن يارن کي پرڻاءِ
ننگر ناٺي تنهنجو، تون سـُـهرو عالادين راءِ
مڙهي سڙهي ماءُ هجئي، منهنجي دودل کي پرڻاءِ.
اِتي چڙي چنيسر آئيو، تپي ڪري تاءُ
ڇوڪر! بادشاهن سان تون اڍنگو نه ڳالهاء
چئي: ڇوڪر آندا ٿئي پاڻ سان، منهنجو نر ننگر ٿئي
نانءُ
ڏسندين پاڻ اکين سان، منهنجا ڳوڌا وهندا ڳاهه.
---
چونڊي عالادين اُٿاريا، ڄام پنهنجا ڄـَـٽ
پر پنج سؤ ماريو وڃي پڙ تي، سورهيه ڏئي سٽ.
صوبن، عالادين کي چيو ته: موڪل ڏيو ته وڃون، جو
هنن سومرن سان اسان جي ڀيڻي ڪانهي:
اڳيان عالادين جي، هي راڻا رت روئن
ته شينهن وڙهيا هئا باغ ۾، اسان ڏٺا هئا ٻن اکين
هي فرزند سومرن جا، پـَـلها اٽڪيا تن
موڪل ڏي وري وڃون، تنهنجا ڏکيا ڏينهن کٽن.
هاڻي عالادين حڪم ڪيو ته تمر راء ٻارنهن لکن سان
چڙهي:
چاڙهي تمر راء سان، ٻارهن لک وڃن
اچي لٿا رڻ ڪنڌين، بيٺا ننگر ننگر ڪن
’هڻ هڻ‘ وائي وات ۾، بيٺا ’عـَـيلي عيلـِـي‘
ڪن
پنج ماريائين پنهنجا، هوڏانهن اُجهايو اُڙدن.
چاڙهي نظر بيگ کي، منهنجا ڏيو تيرهن لکن
اچي لٿا رڻ ڪنڌيين، بيٺا ’ننگر ننگر‘ ڪن
ننگر اچي پيو اُڙدن ۾، مرد وڌو مارو
ساري حضرت پير کي، ننگر ٻـِـيجي چوٽ چڙهيو
اُتي پنج مارايائين پنهنجا، هوڏانهن اُڙدن
اُجهايو.
نظر کان پوءِ مور وزير پنهنجن چوڏهن لکن لشڪر سان
جنگ تي چڙهيو:
چاڙهي مور وزير کي، منهنجا چوڏهن لک ڏيو
اچي لٿا رڻ ڪنڌيين، بيٺا ننگر ننگر ڪن
ننگر اچي پيو اُڙدن ۾، جيئن مـِـينهن ڪري مارو
ساري حضرت پير کي، اهو ٽيجي چوٽ چڙهيو
ڏهه ماراِياسين پنهنجا، هوڏانهن اُڙدن اُجهايو
مڙس مڙيو هو ڪونڪو، هو گهوڙي گهوٽ چڙهيو.
وري حيدر هالاڻي مقابلي لاءِ آيو:
حيدر هالاڻي هليو، جتي آلا ڪاٺ ٻرن
نوَ سؤ نغارا نوبتون، پيا واڄا سڀ وڄن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، ڪلر منجهه ڪرن
سـِـريون تن صوبن جون پيون ڪـُـرڙي جيئن ڦٿڪن
هليا ريلا رت جا، جي دلي ديس وڃن.
---
رات جـَـٽـِـيندي ڪيترو، پهرن تي پيئي
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو جو تارو
چوويهه ڇليون ننگر ڇاڻيون، اِنهيءَ نر هڻي نعرو.
ننگر ۽ حيدر پٺاڻ پهرين جنگ ڪئي:
چوڏهن لک چوڏهن ويهون چڙهيو حيدر راء
مرد گڏيا هئا ميدان ۾، عرش چڙهيا آڙاهه
لڳن پيا ڌڪ ننگر کي، جيئن وسن وسڪارا
اچي پيو اُڙدن ۾ جيئن لغڙ ڏي لامارا
ساريو دودي راء کي ننگر هڻي نعرا.
ننگر اڃ کان چنيسر کي چيو:
اَبل نام الله جي، مونکي پاڻي ڍُڪ پيار
چئي: پاڻي ڏيندوسئين ڪونڪو، مون ڪيا قول قرار.
---
اَبا! نالو اٿئي الله جو، پاڻي ڍُڪ پيار
چئي: پاڻي ڏيندوسئين ڪونڪو، تنهنجو دودل داڳايان
بابا! اسين مرون صدقو ٿيون، مري نه دودو راء
نڪين ڏاڏي ڏاڏو ايندا، نڪين ڄـَـڻي ڏيندءِ ڀاءُنگر
جهڙا پٽڙا توکي جهجها پيدا ٿيندا
دودي مـُـئي کان پوئتي، تنهنجا ويري وڻ ٿيندا.
مانڌن وزير پاڻي کڻي ننگر وٽ آيو، تنهن کي چنيسر
چيو:
متان مانڌن پاڻي ڏئين، ننگر جا ٺري پوندا ڦٽ
ننگر سندي جان ۾، نوَ سـَـؤ نو ويهون ڌڪ
مڙس مڙيو آهي ڪونڪو، آهي سورهيه سلامت.
پوءِ ننگر کي چيائين:
پائي پاند ڳچيءَ ۾ آيو چنيسر راء
وڏو حق ٿئي پيءُ جو، منهنجي ميڙ نه موٽاءِ
وڏو حق ٿئي پيءُ جو، سـُـرت رکج ساڃاهه
پاران ٿي پيءُ جي، اِهو سؤٽ سڳو ماراءِ
پاءِ نـِـيرَ پير ۾، اِها زرهه ننگر لاهه
کنو ڏي مونکي تون خالي هٿ وهاءِ
ٿيندو ڏينهن محشر جو، توتي دانهين ٿيندس داناهه.
ننگر جواب ڏنس ته:
ابا! نالو اٿئي الله جو، ڪجهه هـَـنيل ڪر حياء
ڀـڄ پـُـٽ لوهاري جا، متان ماري ڪريئين پرزا
ڏيندس داڳ دليءَ کي، آءٌ ڪندس وس وڏا
ٿو جيئي ننگر سومرو، تنهنجا راجا رت روئندا.
---
ڇهين رات ڇوهه گهڻو، چاڙهيون لک چڙهن
آيا اُنهيءَ پار کي، جت حيدر مير چون
کنو ننگر هٿ ۾ چوڏهن فوٽ چون
سـِـپـَـر سيلها واهيا، کنا کنوڻيون ڪن
هڻ هڻ وائي وات ۾ ماريو ماريو ڪن
مڙهه تي مـَـڙدن جا، پيا عرش مٿي اُڏرن
تڙ مڙئي تار ٿيا، جتي گونگا واه گجن
ڪربلا ميدان ۾، جت محبت مينهن وسن
ڏسي جنگ ننگر جي ميڙا ڪيا مـَـلڪنَ
سورهيه سجهن سومرا، توبهه توبهه ڪن
سورهيه سجهن سومرا، جت وڳهه راڄ رهن.
---
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀرو ئي تارو
ننگر اچي پيو اُڙدن ۾، جيئن مينهن ڪري مارو
ننگر چوڏهن ئي لک ماريا، نر هڻي نعرو.
عالادين بادشاهه جنگ جي خبر پڇي:
ته ڪيئن وڙهيا سومرا، ڪيئن ٿا جنگ ڪن؟
چئي: لغڙن ٿي لامارا هنيا، ٻانهون ونجهه ورن
ننگر چوڏهن ئي لک ماريا، سرسي ڪئي سومرن.
---
اچيو عالادين کي، مور چوي مانڌن
هوڏانهن حيدر مير سان چوڏهن لک چڙهن
هوڏانهن ننگر راوَ سان پنجاهه پـُـرس وڃن
منهنجا آهن هٺيلا سومرا، جي ڇڏي ڪونه ڀڄن
ڏجئين سوڀ سچا ڌڻي، سومرا سـَـرسـِـي ڪن
سائو سـُـجهن سومرا، جي وڳهه راڄ رهن.
---
عالابندي چڙهيو آلا ڪاٺ ٻرن
مڙسن جا ميدان ۾ پيا ڪـِـلي ڪـَـؤنر لڏن
هوڏنهن هـُـنـِـي هوڪاريو، هيڏانهن هي هڻن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، اچيو ڪلر منجهه ڪرن
شرنائيون سـُـرندا پيا ٻنهي پاس ٻـُـرن
وهيون نديون رت جون، وڳهه ڪوٽ وڃن
عالادين جي ڪٽڪ ۾ اڃان پيا مور ٽـِـلن.
---
عالادين آهي چڙهيو، جنهن سان لکين لک چڙهن
اچيو بيهن درياء تي، اُتي وهندل دريا سڪن
اڳيان پيئن ٿا پاڻي، پويان گپ چـَـٽـِـن
شرنائيون ۽ سـُـرندا پيا ٻنهي پار ٻـُـرن
ڪلنگيون جني ڪپار مان، اچو واڪا ڪريو وسن.
---
ڌڪ ننگر سومري کي قهر ڪان لڳو
ڀونگر اکيون اُٿيڙيون، جنهن اچي وير وِراڌو
متان ڀونگر ماندو ٿئين، مونکي ڏينڀو ڏنگ هنيو
مڙس مـُـڙيو ڪونڪو، اچيو گهوڙي گهوٽ چڙهيو.
---
خط ننگر راء ڏي لکيو مانڌن مير
آءٌ سمهان ٿو ننڊ ۾، ماري مونکي وڃ.
---
ننگر پائڪ موڪليو، لکي مانڌن ڏانهن خط
اسين آهيون ٻه ڄڻا، اسان جا ايمان ڪيم پرک
قسم اٿئي موليٰ جو، تون مانڌن ڀلي چڙهي اچ.
هنبس ۽ ڀونگر جي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڀونگر کي ڌڪ لڳو:
متان ٿين ڀونگر ڪانهـِـلو، تون هيڻو نه ڳالهاءِ
پـَـلٿا ڪيا ٿس ڇوڪرن سين، تنهن جا لهي ويندا واءُ
آءُ پٽ پـَـٺاڻـِـي جا! تنهنجو سوسي ڪڍان نه ساهه
اچي هنيائين پـِـڙ تي، جنهن جا ڀـُـڪا هڏ ٿيا.
ڀونگر چئي ننگر کي، تون ادا اوري آءُ
ڪندي مـُـنهن ڪعبي ڏي، جنهن جا پـُـڄي ويا پساهه.
ڪـُـونج کي ننگر نياپو ڏنو:
تون جا وڃين ڪونجڙي، منهنجو دودي ڏج سلام
ننگر ڀونگر جهنڊا کوڙيا، چڙهه وڳهه جا ڄام.
---
تون جا وڃين ڪونجڙي، تون آيل اوري آءُ
جيجل جي جاڙون ڪيون، تنهن کي دلاسو ڏجان
آيل اوسيڙا ڪندي، تنهن کي جهـِـڻـِـڪ ڪن ڏجا
چئجئين دودي سومري، تنهنجا ڍٽ پٽ پيا.
حيدر هالاڻي، ننگر سان مـَـلهه وڙهڻ لاءِ اُٿيو.
چڙي چنيسر اُٿيو، تپي ڪري تاءُ
مرد اٿيو ميدان ۾، جيئن ديو ڪري ڌڌڪا
پـِـيو سڏي پٽ کي، تون ادا اوري آءُ
اِهو مغل اٿئي مٿاسـِـرو، جنهن جو آهي دلي دهڪا
هڻجئينس ونگ هٿن سان، سوگهو ڪجئينس ساهه
متان لڄائين مونکي، متان لڄائين دودل ڀاءُ
اڳيان عالادين جي، تنهنجا مغل مڃن مـُـزرا.
---
حيدر هالاڻي آئيو پلٿي کيڏ پٺاڻ
نـَـو مڻ نـِـيرَ چيلهه ۾، آيو جـُـنگ جواڻ
ننگر لهي آ ميدان ۾، پنهنجي راجا ڏسن راند.
چنيسر چيو ته: مونکي پيرن ۾ نـِـيرَ وجهو، متان پٽ
کي مرندو ڏسي اُٿي پوان.
مونکي نـِـيرَ وجهو پيرن ۾، نشي ڪيو نادان
ساز وڄن ٿا سـُـرندا، منهنجو بدن ٿيو بيران
مونکي پون پور اَدل جا، منهنجو قلب ٿيو قتلام
راڻيون عالادين راوَ جون اچي ڪن نه سلام.
ملهه جو ساز وڳو:
وڄو وڄو منگتا، آئين واڄارا وينجهار
ساز وڳا سـُـورندا، لڳي تند تنوار
پينگهه سڀئي پرزا ٿيا، ٿيا قرف ڪڙا سڀ ڌار
مست بيٺو ميدان ۾ ڪيهر مير ڪنڌار
هڪل ڪيئين حيدر کي، وک اوري وار
تنهنجو اُڇليان ڌڙ آسمان تي، سر وڍيئين سالار
ڦـِـران ته ڦـُـرجي وڃان، ڪيا اٿم ڏاڙهي قول قرار.
ننگر ۽ حيدر هالاڻي جي جنگ:
مرد گڏيا ميدان ۾، جيئن کـَـسن ماهيا سانَ
ٻانهون ننگر ڪـُـڙيل جون، قهري کنا ڪان
ڏڪي ڏيل ننگر جو پرس چڙهيا پهلوان
پلٿي کيڏ پٺاڻ کي، ونگ وڌا وريام
هڪل ڪري کنيئين حيدر کي، عرش کنيائين آسمان
دلي تنهنجي دادلي کي ساري ڏج سلام
ننگر نالو منهنجو، آهيان پٽ چنيسر ڄام.
---
حيدر ٿو هڪل ڪري، ننگر! سوکو ڪڍج ساهه
اچي هنيائين پـِـڙ تي، جنهن جا ڀـُـڪا هڏ ٿيا
اٿي چنيسر آئيو، چوي ننگر راوَ:
اِهي ونگ هٿن جا، توکي ڏسيا دودي ڀاءُ
چوي مانڌن سومرو تون، مرين چنيسر راء.
---
ڪاري گهوڙي ڪجلي، نـُـنهن ڀر پـِـڙ ۾ نچي
سا مارائين ڪينڪي، ته عالادين ڏس گهڻن کي ڏي.
---
بندوق ڀڙڪا ڇڏيا، هاڻي ڀالين ڪريو بـَـس
ننگر منهنجو ننڍڙو وڏا ڪري ٿو وَس.
چنيسر صلاح ڏني ته: هاڻي ننگر پيرڙيو آهي، تنهنڪري
ٻارنهن سؤ شيدي ڇڏينس. ننگر ٻڌي ورتو، تنهن چنيسر
کي هڪل ڪئي ته:
گدڙ بڇ نه شينهن کي، تون اَبل اوري آءُ
بڙڇي کيڏون پاڻ ۾ ته ڏسي عالادين راء.
اِتي ننگر جو ساهه ٽـُـٽڻ ۾ هو، سو پيءُ کي سڏ
ڪيائين:
کڻيو ننگر نيڻ نهاري، تون بابل اوري آءُ
هڪ سلام سورن جا، ڏجئين دودي راء
ٻيا سلام سورن جا، ڏجئين محمد ڀاءُ
ٽيان سلام سورن جا، ڏجئين ڪوٽ وڳها
چوٿان سلام سورن جا، ڏجئين مريم ماء
ڪندي منهن ڪعبي ڏانهن، جنهن جا پڄي ويا پساهه.
عالادين، چنيسر کان دودي جا پار پڇيا:
دودي دوداڻي جا مونکي پانـَـهه سڻاءِ پار
چئي: دودو ايدو ديمن تي جيئن ديهه ڪري ڌڌڪار
مڇي ۾ مارو پيو، بيهي رهندو درياهه
مـِـرن جهنگل ڇڏيو، روجهه نه چـَـرندا گاه
ويندءِ زور زمين مان، ٿيندءِ ساه جدا
پارين اٿئي پڌرو، ننڍو دودو ڀاءُ.
دودي جا پار ٻڌي، عالادين تخت تان دهلجي ڪري پيو:
ٻڌڻ سان ٻوڙو ٿيو، چڙهيس تاڙ ڪنن
ڪري پيو تخت تان، چڙهيس رئي چپن
صوبا سڀئي آئيا، پيا راجا لاءِ روئن
شيشا گل گلاب جا پيا مٿان وير وجهن
هاڻي واريو واڳ دليءَ ڏي، فوجون پوءِ ورن.
چنيسر کي عالادين چيو ته:
چوري چنيسر چاڙهيوئي، ٺڳي ڪري ٺڳ
ڇنيسر ڀاءُ دودي جو وڃي پاڻهي وٺندو پڳ
چئي: قول ڪري آيو آهين، ٻئي مرنداسين گڏ.
عالادين چيس ته:
ٿـُـڪ چنيسر سومرا، ٿڪ چنيسر راء
اوڇا اوڇي ذات جا، اوڇي تنهنجي ماء
توکي عقل اڱارن جو، سانداڻين جو ساء.
چنيسر جواب ڏنس ته:
اوڇا اوڇي ذات جا ٿو اوڇو اولاڻي
ڌيءَ عالادين راءِ جي نازڪ نماڻي
لڏي لال هندورن ۾، پئي پلنگن تي پاڻي
دايون ٻايون در جون، تنهنجي جيجل جوڳياڻي
ڀاڻيجو ڀائيٽيو تنهنجي ناني نماڻي
سوٽون ساليون تنهنجون ڏاڏي ڏوٿياڻي
ماسي ماساتون تنهنجون، ڦڦي فقيرياڻي
وڃي رسان قوم قنڌار کي جتي حيدر هالاڻي
ڪاهيانس ڪڙم قبيلا اُتي ساگهر سڃاڻي
سڀ ايندءِ ڪوٽ وڳهه تي، جتي دودو دوداڻي.
---
اُٿي عالادين ٿو چنيسر کي چئي
تنهنجي خونڻ ڀيڻ گهرجي ڪانڪا، جنهن ڇڏيا
سڀ لشڪر مارائي.
تڏهن چنيسر به ڪاوڙ مان چيس ته:
اوڇا اوڇي ذات جا، اوڇا ترڪ وطن
مڪراني تنهنجا ساماڻا، ڪارا گڏهه اٿن
سائو ملڪ سنڌ جو جتي پنيو پيٽ ڀرن
جاما پايو جان تي ڄڻ چريا چٽ گهمن
نڪو اٿن رس رهاڻ، جيئن ٻڪريون ٻوليون ڪن
پيڙهي تنهنجي پيءُ جي، اُت ڏٺي هئي مون اکين.
---
ريهون ڪري راء اُٿيو، چنيسر چينگهاري
لاشي ننگر مير جي بيٺو مـُـونگهٽ موڙ ٻڌي
شيشا گل گلاب جا عطر بيٺو هاري
اُٿي اوٺي آئيو وريو چنيسر کي چوي
سامـُـون دودي راءِ جون وڃن ڪوٽ وڳهه
ننگر اچي ٿو سومرو، ٻڌيو موڙ اچي.
---
ڪانئر ڪاغذ موڪليا خط به دودل تو ڏي
تو جي مهڻا موڪليا وڏا وڍ وجهي
آنڊن ۾ اُڌما پيا، لڳو جوش جيرن کي
دودا! سڃيون ڪندوسئين سومريون، ولهو ڪوٽ وڳهه.
---
ڌيءَ دودي راء جي ويندي سونل سيج مٿي
مريم ماءُ ننگر جي ايندي وٽو کير ڀري
ساٺ ڪنديون جت سومريون، چاڙهي چؤنري تي
ساٺ ڪنديون اُت سومريون، توري تورڻ تي
ميندي چونڊيندي ڦـُـلڙا، اينديون ساليون ساٺ ڪري
ڌيءَ دودي راء جي ٻٽيهه ڏاڄ گهري
سونل ويٺي سيج تي، ڏج لانئون ننگر کي.
دودي چيو ته:
نڪو اوٺي آئيو، نڪو خاطي خبر چار
ننگر لائي ها ڏينهڙا ڪيهر مير ڪنڌار
هاڻي ننديون وهن ٿيون ڪينڪي، ٿيو ترت تيار.
اوٺي، ننگر ۽ ڀونگر جا لاش کڻي وڳهه ڪوٽ ۾ آيو.
ويل وهاڻي راتڙي، اچي دودي سڏ ٿيو
وڃ ’ساهڙ سومرا‘ اوٺي ڪو آئيو
ڏج خبرون خير جون، مونکي سڏ ڪري سـَـرهو.
---
آڌي آئي ڪونجڙي، جنهن ساري ڏنا سلام
راڻين ۾ ريهه لڳي، محلن ۾ ماتام
ننگر نياپا موڪليا، دودل توڏي سلام.
---
مريم ماءُ ننگر جي، اچو دودي کي چوءِ
ٻڌيو سندرا سور جا پئي پٽيو پار ڪڍي
مريم! ويهه ماٺ ڪري، مون کي رات وهامڻ ڏي
اسان عالادين جون ڳالهيون ڪندا ڪي.
---
ونگ پيا دودي وير کي، پيرن ۾ پاٽا
وير گهڻو ولهو ٿيو، وس ويس واڪا
ڪري پيو ڪوٽ تان دودو ڪري دهڪا
ساهڙ بيٺو چئي سو مرو، اچي لاهيو لاشا.
---
سامون دودي راء جون آيون ڪوٽ وڳهه
سڀئي آيا سومرا جن جا ’هـُـولاڻي‘ پاڙا
کڻي کٽون آئيا، اچي لاٿائون لاشا
لاشي ننگر مير کي، دودي موڙَ ٻـَـڌا.
---
اتي ٻڌئين موڙ ننگر کي، جيئن شمع ٻري شـُـعاع
ڪربلا لڳي ڪوٽ ۾، وڳهه ڍَڍَ وڳا
ڳيچ ڳايو اوهين سومريون، ڪي سهرا ننگر جا
سڏ ڪيائين سونل کي، امان! اوري آءُ
ننگر ويرين وڍيو، لانئون اچي لـَـههُ.
---
ريـِـهه لڳي وئي راڻين ۾، پٽيو ڪڍن پيون پار
چـُـوڙا ٻيڙا ٻانڌڻا، لاهيا سومرين سينگار
ڪريو نيکيٽي ننگر جي، ڪري ڪارا ويس ڪنوار.
---
مريم ميندي آندي، هلي ننگر کي لايو
مون پينگهي سور پرايا، جڏهن ڄام ننگر ڄايو
سانڍيو هئم سورن سين، مون ننگر نپايو
پڙهي فرض نماز جو مون هو بـُـبو پياريو
ننگر! پرتئين رب کي، مون ننگر ڪونه ڄايو.
---
کنيو کـَـٽون وڳهه مان وڄندا ڍڍ وڄن
ڳـُـتيون ڳـُـتيرين اُکيڙيون، چوٽا چوڙيلين
چوٽا چوڙيلين جا، واريءَ وار لـُـڙهن
ڪانڌي نگر ڄام سين چوڏهن سؤ چوَن
ماڻهو مـَــلڪ پاڻ ۾ پٽيندا وڃن
ڇڏيو سـَـسئـِـي سڃ ۾، وٺيو هوت وڃن.
---
ماروئڙي مقام تي اچي لاٿائون لاشا
هلي پاڻ هٿن سان دودي لوڙهه لـَـٽيا
هـَـٿؤن لوڙهه ننگر جي هلي موڙ ٻڌا
ننگر پرتين رب کي، پنهنجا محشر ٿيندا ميلا.
---
ويهي ڪوٽ وڳهه ۾ ڪئي سومرن صلاح
وڃ تون ساهڙ سومرا، تون محمد ڪوٺي آ
اٿم سور اندر ۾، جيءَ اندر ۾ جاء.
---
ننگر جي شادي جا ٻڌا اٿن ڏينهڙا
ننگر جي شادي جا اَڏيا اٿن ڇـَـنـِـڙا
اتي ڪاوڙ جا ڪي پـُـور اچي ڪيهر کي پيا
ڀڃان ڪوٽ دليءَ جا، وڃي تخت ڪريان تالا
چئج محمد سومري کي، تنهنجي وڳهه مينهن وٺا.
---
آڌي اڌ رات ٿي بيٺو محمد سڏ ڪري
رات ڏٺم خواب ۾ دودل مير روئيندي
رات ڏٺم خواب ۾ سومريون پٽيندي
اسان ڪوٽ وڳهه ڏي شل خدا خير ڪري.
---
آ مجاور مولوي مونکي پاڻي يار پيار
اسان ڪوٽ وڳهه جي ڏي خيري خبر چار.
---
ڪهڙيون پڇين خبرون، ڪهڙيون ڏئين سورن
ڏٺم سونهن ننگر جي منهنجا جيرا پيا جلن
اِهو لوڙهه اٿئي ننگر ڀاءُ جو، جنهن تي موڙ لڏن.
---
ڀلي آئين ننگر سومرا، تون پٽ چنيسر ڄام
وڃي ڪوٽ وڳهه کي ڏج دودي کي سلام
ڪهڙو حال دودي جو جـِـيي ڪنهن جهان.
-----
|