سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 19

گهوٽڪي طرف جي روايت

 

 

 

محمد عظيم ڪلوڙ (تعلقو گهوٽڪي) جي ٻڌايل ڳالهه

 

[هيءَ ڳالهه محمد عظيم ولد شير محمد، ذات ڪـَـلوَڙ ويٺل ڳوٺ پنهنجو، لڳ عادلپور، تعلقو گهوٽڪي (ضلعو سکر) جي زباني، محمد عالم سومري خانپوري قلمبند ڪئي. اُن وقت (1965ع ڌاري) محمد عظيم جي عمر پنجاهه سال کن هئي. محمد عظيم ڳالهه جي شروعات هن طرح ڪئي:  ”وهواه دل دريا اي، زلفين دا ونجهه اي، ڪلي ڪوٽ، بر دي اوٽ، باهه لڳي بيگڙ دي ڳڙهي ڪـُـون، سڙي صادق آباد، دُسا سنڀال جو ڏائـِـي پيئي ڦـَـردي هي.“  ڳالهه جي وچ ۾ آيل بيتن مان هر هڪ بيت جي آخر ۾  ”ديهه ۾ دودو راءُ، سائين! ديهه ۾ دودو راءُ“  وراڻي طور ڏنائين. ن - ب[

 

ڀونگر سومرن جو بادشاهه هو، سو وڳهه ڪوٽ ۾ رهندو هو. وڏو پهلوان هو. اڳي بادشاهه پاڻ جنگيون ڪندا هئا. وڙهندي وڙهندي تلوار جي ٻـُـوري ڪڍائڻ لاءِ لوهار جي دُڪان ڏانهن هليو ۽ اٺ ڪوهه پنڌ ڪري لوهر وٽ پهتو. اتي پهچي سلام ڏنائين ۽ گهوڙو ٻڌي لوهر کي چيائين ته: ترار کي ٻورو ڪڍي ڏي. لوهر چيو ته: منهنجي ڌيءَ ڇڪيندي آهي سراڻ، اها اچي ۽ سراڻ ڇڪي ته پوءِ ٺاهي ٿو ڏيانءِ. ڀونگر بادشاهه چيس ته: مان به ڇڪي سگهندس. پوءِ ان تي لوهر زور ڏنو ۽ ٻوري جا ذرڙا لوهر جي اکين ۾ پيا، جنهن ڪري هن جي اکين تان ڦـُـلا لهي ويا. سڃاڻي چيائينس ته: تون ڀونگر پهلوان آهين نه؟ جنهن تي ڀونگر چيس ته هائو! پوءِ هن کي چيائين ته: منهنجي ڌيءُ به پهلوان ۽ تون به پهلوان، تنهنڪري توهان ٻنهي جي شادي ٿو ڪريان. پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي ۽ صبح جو زال مڙس ٻئي ڄڻا گهوڙي تي چڙهي روانا ٿيا ۽ اچي گهر پهتا. ڀونگر کي اڳ به ٻي زال ڏاڏي پوٽي هئي.

 

ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا ته لوهاري کي اميدواري ٿي. اڃان ان جا پورا مهينا ڪين ٿيا ته ڏاڏي پوٽي کي به اميدواري ٿي. اڳ ۾ لوهاري کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو  ’چنيسر‘  رکيائين. پوءِ ڏاڏي پوٽي مان پٽ ڄايس، جنهن جو نالو  ’دودو‘  رکيائين. اڄ ننڍا سڀان وڏا، پڙهڻ ويٺا ۽ پڙهي قابل ٿيا. وري ڏاڏي پوٽيءَ مان ڌيءَ ڄايس، جنهن جو نالو  ’ٻاگهل‘  ٻائي رکيائين.

هڪڙو دشمن هن جي ملڪ تي ڪاهه ڪري آيو. جنگ جو نغارو وڄايائين. ڀونگر وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو. هاٿي به هئا. جنگ جو وڏو نظارو هو. ڇهه راتيون ڇهه ڏينهن جنگ هلي. اتي ڀونگر جي ڀيڻ چيو ته: ادي دير ڪئي آهي. مان سماءُ ڪريان ڇو ته دير ڪئي اٿس! هيءُ اڃان اتي پهتي ته ڀونگر فتح ڪئي. هاٿين توڙي ماڻهن جون سـِـريون قلم ٿي ويون. اُتي ڀيڻ چيس ته: جنگ کٽڻ جي مبارڪ هجئي پر ماڻهو چوندا ته هاٿي ۽ ماڻهو اڃان سلامت آهن، شايد ڀونگر سان اڃان لڙائي آهي، تنهنڪري اهڙو ڪم ڪر جو انهن کي لوڏو لائـِـي ڏي ته انهن جون سـِـريون ڪرن، ته پوءِ شهر هلون. ڀونگر بادشاهه انهن کي لوڏا ڏيندو ويو ته سڀ لاش ڪرندا ويا. هڪڙو هاٿي وڏو هو، ان کي لوڏو ڏنائين ته قضا سان هن ڀـَـر تي ڪريو ۽ ڀونگر جي مٿان هن جو سڄو بار اچي ڪريو. اتي ڀيڻ کي چيائين ته ادي! هاٿي بارو آهي، ڪجهه تون زور لاءِ ته مان زور لايان ته نڪري اچان. ڀيڻ چيس ته: مان ته بيشڪ زور ڏيان مگر ماڻهو مهڻا ڏيندا ته توکي ڀيڻ هيٺان ڪڍيو هو! انهي طعني تي زور مان وٺي جو لوڏو ڏنائين ته هاٿي جو لاش پري وڃي ڪريو پر ڀونگر جي به چيلهه ڀڄي پيئي. ان مهل ڀيڻ هن کي جنگ جي ميدان مان پٺي تي کڻي گهر آندو مگر اٺن پهرن کان اڳ هو پنهنجي الله ڏي ويو. اتي ڀائر اچي گڏيا ۽ هن جو ڪفن دفن ڪيائون. ايڪيتاليهه ڏينهن ماتم ڪيائون.

ان بعد سڀئي ڀائر اچي گڏ ٿيا ۽ سڀني اها راءِ ڏني ته: چنيسر وڏو آهي ان کي پڳ ٻڌايون. ڪـِـن چيو ته: دودو بهادر آهي، ان کي ٻڌايون ۽ ٻيو ته چنيسر ڌاريءَ جو اوالاد آهي. سڀني اميرن وزيرن گڏجي ويچار ڪيو ته حق جنهن جو آهي اهو نه مارجي، پڳ جو حقدار چنيسر آهي، تنهنڪري پڳ ان کي ٻڌايون. شهزادا ٻئي حاضر هئا. چنيسر کي چيائون ته: هلي اچ ۽ اچي پڳ ٻڌ! اتي چنيسر چيو ته:  ’هائو مان پڳ ٻڌان ٿو، مگر ڪجهه مهلت ڏيو ته امان کان پڇي اچان‘ . گهڻن جي صلاح دودي ڏانهن هئي ۽ ٿورن جي صلاح چنيسر ڏانهن هئي. چنيسر جڏهن ماءُ ڏانهن راهي ٿيو، تڏهن پٺيان سڀني اها صلاح ڪئي ته جيڪو پڳ به ماءُ جي پڇڻ کان سواءِ نٿو ٻڌي، سو صبحاڻي سڀڪا ڳالهه ماءُ جي صلاح سان ڪندو. اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي، سو هاڻي پڳ دودي کي ٿا ٻڌايون. اها ڳالهه چنيسر جي نوڪر ٻڌي ۽ مالڪ جي ٻڌائڻ لاءِ اُٿيو. ڀڄندو وڃي ته چنيسر باغ ۾ بيٺو آهي، گز سان شڪار ڪندو وتندو آهي. اتي نوڪر بيت ڏئيس ٿو:

ٻڌ ٿو چوانءِ ٻڌ، منهنجو حال هاڻي
ڀائن مڙي سڙي پاڻ ۾، پڳ ٻڌائي دودل کي
ديهه ۾ دودو راءُ! سائين، ديهه ۾ دودو راءُ!

 

چنيسر جواب ڏنو ته:

گولا! تون پٽ گولي جا، کر نه ڳالهاءِ خام
دودو نه مٽ منهنجو، ڪيئن ڪندو ڪلام!

 

نوڪر جواب ۾ وري چيو ته:

 

 

 

 

ٻڌ ٿو چوانءِ ٻڌ، منهنجو حال هاڻي
ڀائن مڙي سڙي پاڻ ۾، پڳ ٻڌائي دودل کي
هاڻي وڃ نه وڳهه ڪوٽ ڏي، چپ ڪـُـٽيندءِ ٻال
سائين ديهه ۾ دودو ئي راءِ!

 

 

اڃا اها ڳالهه پوري نه ٿي ته دودي کي پڳ ٻڌائي ڀير تي ڏونڪو هنيائون. هنن به اهو ٻڌو. اتي چنيسر کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين ته  ’دودي ۽ اسان جي صفائي ٿيندي. دودو ڪير آهي جو منهنجي پڳ ٻڌي! مان اچان ها پوءِ کڻي ٻڌي ها، ائين نه ٻڌي ها‘ . چنيسر آخر دل ۾ صلاح ڪئي ته امڙ ڏانهن وڃان، ڏسان ته اها ڪهڙي صلاح ٿي ڏئي. جڏهن محلات ۾ پهتو ۽ ماءُ جي نظر پيس ته ماءُ چيس:

مان ڄڻيو مانءِ ٻيٽو ڪري، ٿي ساماڻين ڌيءَ
چرخو گهڙائي ڏيانءِ چندن ڪاٺ جو، جنهن کي تاڙيون ٽيهه
ويهي آتڻ وچ ۾، تون ٻانديون لاهج ٻٽيهه.

 

اهو ٻڌي اتاهون واپس موٽيو جو ڏاڍو مهڻو لڳس. دل ۾ چيائين ته هاڻي عالادين بادشاهه ڏانهن وڃان ۽ ان کان مدد وٺان. خيال ڪيائين جي دهلي ڏانهن وڃان، ته مرڻ موت بندي تي آهي، زال هڪ ڪپڙي جي شريڪ آهي، ان کان موڪلايو وڃان. هڪلي زال وٽ پهتو. زال جي نظر پيس ته هي بيت ڏنائين:

جيءُ آئين، نچ  آئين، آئين تون ونيءَ جا وار
گهوڙا ٻهيڙا وڪڻي، تون ڌڻ رڍن جو ڌار
ماڻهين ته ڪري ماهيڙو، دودل جي درٻار.

 

اهو بيت ٻڌي اتان واپس موٽيو، جو هي مهڻو کائي ويس. دل ۾ صلاح ڪيائين ته ڀيڻ کان به موڪلايان. هڪلي ڀيڻ وٽ آيو. ڀيڻ چويس ٿي ته: ادا! جي دودي کي ڀائن پڳ ٻڌائي آهي ته هي ملڪ سڄو تنهنجو آهي، ان کي هٿ سان ٽـُـڪر ڏي ۽ هٿ سان اُٿار ويهار. ڀائر آهيو پاڻ ۾ تنازع نه وجهو ۽ وڙهو نه. اڃان اهي ڳالهيون ڀيڻ ۽ ڀاءُ ڪيون پئي ته دودو به اتي آيو. دودي هن کي چيو ته: ڀائر آهيون پاڻ ۾، مونکي ڀائرن پڳ ٻڌائي آهي، مون زور سان ڪانه ٻڌي آهي. ملڪ سڄو تنهنجي حوالي آهي. مان به تنهنجي حڪم هيٺ هلندس، مگر ڪاوڙجي نه وڃ. تنهن تي چنيسر چيس ته: ڏئين ته پڳ موٽائي ڏي. جي پڳ موٽائي نه ڏيندين ته هرگز وڙهنداسون.

 

 

 

آءٌ ويندس دهلي شهر ڏانهن، ايندس ڇـَـليون ڇـُـلائي
دودي ۽ دودياڻي کي، مان ايندس رُڪ چٻائي
ننڍيون وڏيون سومريون، مان به ايندس رُلائي.

 

 

اتي ڀاءُ ورندي ڏنيس ته: مون توکي منٿون زاريون ڪيون، پر جي نٿو مڙين ته هاڻي رک الله تي، جيڪي منهنجو قادر ڪري.

چنيسر هڪلي اچي ڀير تي ڏؤنڪو هنيو. راڄ ڀاڳ ڀائر سڀ اچي ڪٺا ٿيا. سڀني کان پڇيائين ته: توهان دودي جا يا منهنجا؟ اتي سڀني صلاح ڪئي ته هن کي چـَـٽ لايون، سو چئونس ته: اسين سڀ تنهنجا آهيون. تڏهن چنيسر چين: ته پوءِ هلو مون سان. هنن به ويچار ڪيو ته چنيسر ايترو خرچ ڏئي ڪونه سگهندو، ۽ ريجهائي واپس وٺي اينداسينس، سو سمورا ماڻهو اڳتي روانا ٿيا. اڳ چنيسر پويان راڄ ڀاڳ. آخرڪار پهلي پهر چنيسر ماڻهن جا هٿ ڌوئي پيتا. ٻئي پهر ٿورو ڪنڌ موڙيائين. ٽيئين پهر ڀائن کي موڪل ڏنائين ته توهان موٽي وڃو، مان اڪيلو وڃان ٿو. آخرڪار هنن سمجهايس، مگر نه سمجهيو تڏهن هو موٽي آيا.

 

چنيسر اڳتي هليو. منزلون ڪندو هڪ جهنگل ۾ آيو. هڪڙي ريڍار رڍون پئي چاريون. چنيسر پري کان ڏسندو آيو ته ريڍار جي هٿ ۾ هڪڙو لڪڻ آهي، جيڪو رڍ تي رکي پيو ته رڍ اڌو اڌ ٿي پئي پوي. دل ۾ خيال ڪيائين ته اها شيءَ به وڏي ڪم واري آهي، جيڪر کانئس وٺان! هڪلي ريڍار وٽ آيو. کيس چيائين ته: مـُـٺ مهرن جي ٿو ڏيانءِ جي اها لوهي لٺڙي ڏئين. اُن چيس ته:  ’وٺ مـُـئي هيءَ، جنهن ماريا لک هزار‘ . اُتان لوهي لڪڙي هٿ ۾ ڪري پڇيائين ته: تو هيءَ ڪٿان آندي؟ ريڍار چيس ته: اهو لڪڻ جهنگ مان وڍيو هئم. مان ۽ نوڪر ڌڻ چاريندا هئاسون. ڌڻ تمام گهڻو هو. هڪ تلاءُ تان رڍون اُٿيون ۽ هڪڙيءَ رڍ جي ورائڻ لاءِ لڪڻ هنيم ته تلاءُ ۾ وڃي پيو. اتان ڪڍي رڍن کي هنيم ته اها تعدي ٿو ڪري، هزارن رڍن مان هاڻي اهي وڃي ٿوريون بچيون آهن. چنيسر هڪلي انهيءَ تلاءُ تي آيو. سمجهيائين ته اها قدرت ان تلاءُ ۾ آهي. سو تلاءُ مان ويهي هٿ منهن ڌوتائين. تـَـسري کيسي ۾ هيس اُها به ڌوتائين ۽ لڪڻ به دوباره ڌوتائين. پوءِ راهي ٿيو ۽ منزلون ڪندي سج لٿي مهل وڃي دهلي پهتو.

 

دهلي شهر کي نو سؤ دريون ۽ نو سؤ دروازا هئا، جن مان ڪي بند هوندا هئا ته ڪي کليل هوندا هئا. دربان ويٺو هو. اڃان چنيسر به نزديڪ آيو ته دربان در ڏنو. دربان کي چيائين ته مان مسافر آهيان، در کول ته اندر اچان. هن چيس ته: توڙي ساهه نڪري وڃئي ته به آءٌ در دهلي جو نه لاهيان. تڏهن چنيسر چيس ته:

ٻڌ ٿو چوان دربان، ٻڌ منهنجو حال
مـُـٺ مـُـهرن جي ٿو ڏيانء، در دهلي لاهه.

 

اتي مٺ مهرن جي وٺي دربان در لاٿو ۽ چيائينس ته: هاڻي توڙي لک هزار لنگهائين، توکي موڪل آهي. چنيسر چيو ته: بس، مان اڪيلو آهيان .ائين چئي چنيسر اندر ٿيو. دربان کان پڇيائين ته: هن شهر ۾ ڪو سومرو آهي؟ دربان چيس ته: سـَـمڪائي سومرو آهي، وڏي چؤنڪ ۾ گهر اٿس. چنيسر پڇائي اُن کي اچي لڌو ۽ گهر جي ٻاهران ان کي سڏڻ لڳو. مائي ڪـُـراڙي ويٺي هئي، تنهن پڇيس ته: ڪهڙو غيباڻو ماڻهو آهين! چنيسر چيو ته: مونکي نٿي سڃاڻين؟ هيڏانهن اچ ۽ اچي سڃاڻ! مائيءَ دل ۾ چيو ته شايد ڪو عزيز آهي. مائي نزديڪ آئي ته مٺ مهرن جي ڀري اُن کي ڏنائين. طمع جو مـُـلڪ آهي  ”ڏيان ته پار پوان“ . مـُـٺ مهرن جي وٺي چيائين ته: اَبا! مونکي وڏتڻ آهي، سو توکي ڪانه ٿي سڃاڻان. هن چيو ته: مان سومرو آهيان. تنهن تي پوڙهيءَ چيو: جيءُ آئين ڀلي آئين. پوءِ گهر ۾ وٺي ويس. ڀلن هنڌن تي وهاريائين. پر هوءَ ڪڏهن روئي ته ڪڏهن کلي. چنيسر چيس ته: مائي! تون روئين ۽ کلين ٿي، ان جو مطلب ته ٻڌاءِ؟ تنهن تي مائي چيس ته: ڪهڙي ڪـُـوڙي ڪهڙي سچي! اڄ منهنجي پٽ جي شادي آهي، پر بادشاهي حڪم آهي ته هن شهر کي راڪاس لڳندو آهي جو کارو مانين جو، ديڳ دال جي ۽ هڪ ماڻهو روزانو کائيندو آهي. شهر سڄي ۾ وارو آهي. گهر گهر جو ماڻهو هرڪو ڏيندو آهي. اڄ رات منهنجو وارو آهي. پٽ هڪڙو آهي ۽ پرڻو به اڄ رات اٿس. جي شادي جو خيال پوي ٿو ته کـِـلان ٿي ۽ جي راڪاس جو خيال پوي ٿو ته روئان ٿي. تنهن تي چنيسر چيس ته: مائي! تون خوشي ڪر، روءُ نه. تنهنجي پٽ جي وارئون اڄ مان راڪاس سان وڙهندس.

 

 

 

 

گهڙي کن گذري ته حڪم دار آيا ۽ اچي سـَـمڪائي کي سڏ ڪيائون ته سـَـمڪائي سڏ ڏنو. هنن چيس ته: بادشاهي حڪم آهي، هلي حاضر ٿيءُ! ٽپ ڏيئي چنيسر اُٿيو ۽ چيائين ته: تون خوش ٿي ويهي رهه. چنيسر اٿي راهي ٿيو. حڪم دار اتي حاضر رهيا. ديڳ دال جي، کارو مانين جو ۽ چنيسر ساڻ ڪري وڃي کوهه تي پهتا. کارو مانين جو لاهي، ديڳ دال جي به رکيائون. چنيسر پڇين ته: اهو ڇا آهي؟ چيائونس ته: ديڳ دال جي ۽ کارو مانين جو راڪاس لاءِ آهي. اڳ ۾ ماڻهو، پوءِ دال ۽ ماني کائي هليو ويندو آهي. اتي چنيسر چين ته: دال ۽ ماني کوهه ۾ وجهو. چيائونس ته: جي ائين ڪنداسون ته راڪاس ڪاوڙجي شهر جي چوٿين ڪنڊ ناس ڪري ڇڏيندو ۽ بادشاهه به ڪاوڙبو، پوءِ به توهين سومرا نقصان ۾ ايندئو. تنهن تي چنيسر چيو ته: توهان ائين ڪريو، جي دير ڪندؤ ته مان توهان کي ماريندس. هنن چيو ته:  مرندو ته به پاڻ، جي نه ته به پاڻ، سو هن جي چئي سڀڪجهه کوهه ۾ سـَـٽي هليا ويا. پوءِ چنيسر پڇيو ته: راڪاس ڪهڙيءَ مهل ايندو آهي؟ هنن چيو ته: اڳ ۾ لڳندي واءُ، پوءِ ڦڙ ڦڙ مينهن، پوءِ واڪو ڪري لهندو. چنيسر هنن کي به موڪل ڏني. پوءِ چادر لاهي بنڊ مٿان وجهي ڇڏيائين ته جيئن راڪاس ڏسي ته ماڻهو پيو آهي ۽ پاڻ کوهه جي توڏي جي آڙ ۾ ٿي بيٺو. ڪا مهل گذري ته واءُ گهلڻ لڳي، پوءِ ڦڙڦڙ مينهن وٺو ۽ ان بعد واڪو ڪري راڪاس آيو. هيڏانهن هوڏانهن تڪڻ لڳو ته دال ۽ ماني ڪانهي. هي ماڻهو نظري ٿو ان کي کاوان ته پوءِ چوٿين ڪنڊ شهر جي ناس ڪريان. اهو خيال ڪري بنڊ کي ماڻهو سمجهي، واڪو ڪري ان ڏانهن لٿو ته چنيسر ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ بيت ڏنائين:

 

دُکـِـي ۾ آڏو ورين، وقت دودا ڀاءُ
لـُـڏڻ هنيس لاڏ مان، تنهن کي ترارا.

 

پوءِ ترار هنيائينس ته سسي ڌڙ کان ڌار ٿي پيس. ڪـَـن  ۽ نڪ جون چوٽيون ۽ ٻيون نشانيون ڪپي، ساڻ کڻي شهر ڏانهن روانو ٿيو. شهر جي ٻاهران پهتو ۽ پڌر تي اچي سمهي پيو. صبح جو در کلڻ بعد سمڪائي وٽ آيو ۽ خوش ٿي ويهي رهيو.

حسڻ گاهي نو سؤ گاهين جي مٿان جمعدار هو. اهو سپاهي وٺي گاهه تي نڪتو. اڃا کوهه تي وڃي ته راڪاس مئو پيو آهي. سنگتين کي چائين ته: گهڻا ڏينهن گاهه ڪيو اٿئون، هاڻي جي هڪ رنبو پاڻ کي ۽ ٻه رنبا راڪاس کي هڻي پاڻ هلي چئون ته راڪاس اسان ماريو آهي ته گاهه کان جند آزاد ٿي پوندي، انعام به ملندا ۽ مزا به ڪنداسون. اها صلاح ڪري حسڻ گاهي نشانيون پٽي گهر آيو ۽ ٻين کي به موڪل ڏنائين. هرڪو گهر وڃي آرامي ٿيو. اتي گهوڙن جا سئس بادشاهه وٽ دانهين آيا ته حسڻ گاهي الائجي ڪاڏي ويو آهي، جو گاهه اڃا نه آيو آهي ۽ گهوڙا بک تي بيٺا آهن. بادشاهه وزير کي چيو ته: حسڻ گاهي جي جانچ ڪر ته ڪيڏانهن ويو. وزير هن جي گهر ويو ته حسڻ دانهون ڪري چوڻ لڳو: اڄ به اسان گاهه ڪريون! راڪاس کي رنبن سان ماريو اٿئون، اڃا به گاهه ڪريون! وزير هن کي وٺي بادشاهه جي ڪچهري ۾ آندو. بادشاهه جي پڇڻ تي هن اهي نشانيون ڏنيون ۽ چيائين ته: راڪاس ماري آيا آهيون. بادشاهه تڪي وزير ڏانهن ۽ وزير تڪي بادشاهه ڏانهن. وزير چيو ته: سائين! اهي اڳي به اتي هئا، جي مارين ها ته اڳي مارين ها، اهو ڪم ڪنهن ٻئي سورهيه جو آهي. هاڻي حسڻ گاهي کي مسجد جو ٻانگو ڪريو ۽ ٻين کي چئو ته ساڳيو گاهه ڪري اچن.

 

 

 

 

بادشاهه ۽ وزير پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اهو پهلوان ڪيئن لڀي. وزير چيس ته: مڪنو هاٿي جيڪو مست آهي، ان کي ڇوڙيو ته پهلوان هوندو ته ان سان ڳهندو. چنيسر به صبح جو سوير ميٽ ملائي، سـَـمڪائي کي ساڻ ڪري، شهر جي ٻاهران کوهه تي تڙ ڪرڻ لاءِ ويو ته پٺيان پڙهو گهمي ويو ته هرڪو تيار رهي جو مڪنو هاٿي مست ٿي ڇنائي ويو آهي. چنيسر به تڙ ڪري واپس پئي آيو ته مڪني هاٿي منهن ڪڍيو. سـَـمڪائي ڀڄي ويو. چنيسر وار ڇنڊيندو آيو. پيلبان چيو ته: پري ٿيءُ. پر چنيسر اها تسري تلاءُ جي پاڻي جي ٻڏل هاٿيءَ کي هـَـئيـِـن ته وات مان گهڙي پٺيان نڪري آيس ۽ هاٿي ٻه اڌ ٿي وڃي ڪريو. جڏهن هاٿي مئو ته ساڻيس فرياد ڪندو بادشاهه وٽ پهتو ته: غضب ٿي ويو، هاٿي مري ويو. تسريءَ سان پهلوان هاٿي ماري وڌو آهي. اتي بادشاهه سست ٿيو ته اهو بهادر شايد بادشاهي کسيندو. پوءِ چيائون ته: اهو ڪيئن لڀي! اتي وزير چيو ته: جانچ ٿئي ته رات ڪنهن جو وارو هو. متان ڪو سومرن مان ته نه آيو آهي. ان مهل سومري سـَـمڪائي ڏانهن ماڻهو ويو. سـَـمڪائي جي ماءُ چيو ته: اڄ شايد منهنجي پٽ کي بادشاهه مارائيندو، سو پٽ کي نه ڇڏيائين ۽ نڪي چنيسر ئي بادشاهه جي سڏ تي ويو. اتي وزير بادشاهه کي چيو ته: هاڻي ڪيئن ڪريون؟ چيائين ته: منهنجا پٽ سٻڙ ۽ سالار به پهلوان آهن ۽ پٿرن سان رانديون ڪري ڪشتي کيڏندا آهن .اهو پڙهو گهمايو ته ڪو پهلوان انهن سان راند ڪري، ته پوءِ اهو پهلوان ظاهر ٿيندو.

 

پٿر کي هڪ سؤ ڄڻا مس اٿلائيندا هئا. پڙهو مليو ته چنيسر به بهادري ڏسڻ لاءِ اتي آيو. اتي سٻڙ ۽ سالار ٻئي ڄڻا پڙ ۾ آيا ۽ پٿر سيري هليا ويا. هو ويا ته چنيسر پڙ ۾ لٿو ۽ ڇا ڪيائين جو چادر پٿر جي وچ ۾ وجهي، هڪڙي هٿ سان لوڏو ڏنو ته پٿر پنج ڪانا پري وڃي ڪريو. اتي بادشاهه ۽ وزير چيو ته: واه پهلوان! مگر خبر نه آهي ته الائجي ڇاجي ڪري آيو آهين. چنيسر بادشاهه جي ڀرسان آيو، سلام ڪيائين. بادشاهه کيس وڏا انعام ڏنا. پوءِ حقيقت پڇيائونس ته: تنهنجو اچڻ ڪيئن ٿيو آهي؟ هن چيو ته: منهنجو نالو چنيسر آهي، سومرو آهيان، دودو منهنجو ڀاءُ آهي، وڳهه ڪوٽ ۾ رهان ٿو، سو کڙيون دودو کسي ويو، مان هاڻي دانهن کڻي آيو آهيان ته دودي کان وير وٺ ۽ پڳ به مونکي وٺي ڏي. دودي سان لڙائي ڪجي ۽ ٻئي شيون هٿ اچن. عالادين بادشاهه چيو ته: اها ڳالهه سولي آهي مگر تون ڳالهه سچي ڪر ته توکي اولاد آهي، پرڻيل آهين يا نه؟ اتي چنيسر اَلـِـي ويو ۽ چيائين ته: مان پرڻيل ڪونه آهيان، اڃا ڪنوارو آهيان. مگر حقيقت ۾ چنيسر پرڻيل هو ۽ سندس پٽ ننگر جوان هو. ان وقت پڙاؤ گهمي ويا، لشڪر گڏ ٿيڻ لڳو ۽ جنگ جي تياري ٿيڻ لڳي.

صبح جو بادشاهه عالادين ۽ چنيسر گڏ ويٺا هئا ته آرائين اچي چيو ته: شينهن ۽ شينهڻ اچي باغ ۾ پيا آهن ۽ سڄو باغ اُجڙ ڪري ڇڏيو اٿن. ان وقت سندس پٽن سٻڙ ۽ سالار کي حڪم ٿيو ته شينهن ۽ شينهڻ کي قيد ڪري وٺي اچو. اتي چنيسر بادشاهه کي عرض ڪيو ته: جيڪر پاڻ به اهو رونشو هلي ڏسون. بادشاهه چيس ته: مان ته ڪونه هلندس، پر توکي شوق هجي ته ڀلي وڃ. چنيسر چيو ته: مان ويندس. پوءِ هيءُ بادشاهه کان موڪلائي راهي ٿيو. هڪلي اتي ميدان ۾ آيو ته ڏسي ته سٻڙ ڏاڙهون لام ۽ سالار ليمي لام لڪا پيا آهن ۽ چنيسر کي چيائون ته: هوريان هوريان ڳالهاءِ متان شينهن هن طرف اچي. اتي چنيسر شينهن کي چيو ته: ٻلي جا ٻچا! گهڻا ڏينهن کاڌو اٿئي. پوءِ شينهن کي لوهي لڪڙي سان ماريائين. تڏهن ماڻهن چيو ته: شينهن تو نه مگر لوهي لڪڙي ماريو آهي. اتي چنيسر لوهي لڪڙي سـَـٽي، شينهڻ کي هٿن ۾ جهلي، چيلهه ڀڃي کڻي سـَـٽيو ۽ ماڻهن کي چيائين ته: هاڻي ٻڌايو ته شينهن کي لوهي لڪڙي ماريو آهي يا مون! اتي سٻــڙ، سالار ۽ خلقت بادشاهه وٽ پهتا. سڀني چيو ته: شهزادن سٻــڙ ۽ سالار شينهن ماريا آهن. بادشاهه ته ماڙيءَ تي چڙهي سمورو لقاءُ ويٺي ڏٺو. سٻــڙ ۽ سالار کي به انعام مليو ۽ چنيسر کي وڏو انعام مليو. ماڻهن چيو ته: ماريو شينهن سٻـڙ ۽ سالار ۽ انعام وڏو مليو چنيسر کي، سو ڪيئن؟ اتي چنيسر چيو ته: اوهان موڪل ڏيو ته چئن پهرن رات ۾ سڄو ملڪ فنا نه ڪريان ته پوءِ چنيسر سومرو نه آهيان. اتي بادشاهه هن کي ٿڌيون مٺيون ڳالهيون ڪري رهايو ۽ چيائين ته: صبح تنهنجي ملڪ ڏانهن هلنداسون. رات در تي وڃي ويهه، مان حڪم ڪندس، پوءِ جيترو لشڪر توکي وڻي، اوترو تون ساڻ کڻجانءِ.

 

 

 

 

چنيسر ويو ته عالادين بادشاهه ڀير تي ڏؤنڪو هنيو ۽ حڪم ڪيائين ته: ذات ذات جا نو سؤ ڄڻا اچي گڏ ٿين ته لشڪر تيار ٿئي. تڏهن ٽاپرو بادشاهه تي زور به ڏين پيا ۽ چون پيا ته غير جي چئي اجايو ٿو وڃين! دودي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ هروڀرو بادشاهي ڇڏي نه وڃجي. اتي بادشاهه چيو ته: ٺهيو، لشڪر گڏ نه ٿئي. چنيسر صبح جو آيو ته لشڪر ڪونه پهتو هو. چنيسر کي چيائون ته: تو مٺڙي موکيا هيا؟ چنيسر چيو ته: نه. تڏهن  چيائونس ته: اڳ ۾ اهي وڃي موک. اتي چنيسر اهي جاگيريون ۽ انعام انهن کي ورهائي ڏنا.

 

رات جو انهن بادشاهه کي صلاح ڏني ته يا ته لشڪر گڏ نه ڪرين ها، جي گڏ ڪيو اٿئي ته جنگ ڪرين ها! اتي بادشاهه چيو ته: برابر جنگ ڪجي ۽ لشڪر کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. چنيسر کي چوائي موڪليائين ته جيترو لشڪر گهرجيئي اوترو کڻ ۽ پوءِ بس ڪر. چنيسر در تي آيو، گز کوڙي بهاريائين. نـَـو سؤ در ۽ نـَـو سؤ دريون هيون. لشڪر لنگهيو، سڄي رات جو اجاڳو هيس تنهنڪري اتي ئي ننڊ وٺي ويس. صبح جو اٿي گز کي هٿ لائي ته گز جو پٿيرو لـِـڏ ۾ پـُـسي ويو آهي. تنهن تي دل ۾ خيال ڪيائين ته: شايد دودو هٿ سان مارايم. ان مهل دروازو بند ڪرايائين. اندريان اندر ٿيا ۽ ٻاهريان ٻاهر.

صبح جو چنيسر ۽ عالادين ٻاهر آيا. نـَـو سؤ لوهر، نـَـو سؤ ڊکڻ، نـَـو سؤ ڌوٻي. هرڪو پنهنجو ڪم ڪري. هڪلي لشڪر هليو. اڳيان کائن گاهه، پويان لڏ چٽين. اڳيان پاڻي پئين، پويان رٻ چٽين. جتان اچن اتان سڃ ڪيو اچن. پکي اڏري ته اهو به ٻوساٽجي مري وڃي. منزلون هڪلي وڳهه ڪوٽ جي نزديڪ پهتا ته شهر جي ٻاهران ٻه ڪوري ڀائر هئا تن بيٺي تاڃي ٺاهي. لشڪر وڏو هيو، جنهن ڪري ڌرتي ڌٻي ٿي ته گهوڙي پوري نه ٿي بيٺي. ننڍي ڀاءُ وڏي کي چيو ته: سؤداگر جي مال جا دٻا زور سان کڙڪن ٿا، انهن جو آواز آهي. وڏي ڀاءُ چيو ته: نه اهو عالادين جو لشڪر آهي. آخرڪار هنن چيو ته اسان به دودي جو نمڪ کاڌو آهي، سو وڙهڻ لڳا. عالادين جو نـَـو هزار لشڪر ماريائون.

هنن دودي لاءِ نڀائي، آئي وري ٻين تي. آخر اُتي جيڪي به ڪوري هئا، سي عالادين جي لشڪر سان وڙهندي وڙهندي مارجي ويا. وري اڳتي هليا ته ڀنگي ڀنگ گهوٽيندا ويٺا هيا. انهن کي لوڏو آيو ته ڀنگ هارجي وين. اهي به عالادين جي لشڪر سان وڙهيا. انهن به ڏنڊن سان ٽي هزار لشڪر ماريو.  ”انهن دودي نڀائي، آئي وري ٻين تي“ . ان کان پوءِ محمد سومرو دودي جو يار هو، تنهن هن جنگ جي خبر ٻڌي، ان کي هڪ سؤ اَنگهـِـي لوهه جي ڪـُـنڍي هئي، ان سان لڙائي ڪيائين. ٽي راتيون ٽي ڏينهن هن به پنهنجي وار نڀائي. آئي وري ٻين تي. هي به مئو ۽ دشمن جا به ارڙهن هزار لشڪر ماريائين. ان کان پوءِ دودي جو ميهار  ”آڍو“  نالي هو. کوهه جي لٺ جهڙي لٺ هيس. لشڪر ۾ وڃي ٽاڪوڙو وڌائين. چار پهر جنگ ڪيائين، ٽي سؤ ماريائين. ميهار به واري نڀائي، آئي وري ٻين جي. پوءِ هڪلي جنگ جي ميدان تي تنبو کوڙي ويهي رهيا. اتي دودي کي به خبر پيئي جو ميهار کير ڪونه موڪليو. شام تائين خبر نه پيئي ته ٻانهي چيو ته ميهار کي ٻيو ڏينهن آهي جو جنگ ڪري مري ويو آهي. عالادين اچي ويو آهي، تون اڃان کير ٿو پئين! اهو ٻڌي دودي کنو کڻي پڙ ۾ رکي ڇڏيو ته  ”آهي ڪو بهادر جو کنو کڻي ۽ جنگ ۾ وڃي؟“  پوءِ چنيسر جو پٽ ننگر اهو کنو کڻي دودي وٽ آيو ۽ چيائينس ته: مونکي موڪل ڏي ته وڃي لڙائي ڪريان! تنهن تي دودي چيس ته: اسان ري ڏاڙهيل ۽ ڪنوارو جنگ تي ڪونه موڪليندا آهيون. اهو ٻڌي ننگر، لوهار کان لوهه جي ڦڻي ٺهرائي، کاڏي ۾ هڻي، اچي چاچي دودي کي چيائين ته: هاڻي مونکي ڏاڙهي آئي آهي، سو موڪل ڏي ته جنگ تي وڃان! تنهن تي، دودي وري پنهنجي ڌيءَ ڪـُـونج سان ان کي پرڻايو ۽ صبح جو جنگ جي موڪل ڏنائين.

 

 

 

 

ننگر جنگ تي تيار ٿيو ته ڪونج ڪارو ويس ڪري روئڻ لڳي. ننگر چيس ته: روءُ نه، الله مونکي فتح ڏيندو، پر جي نه، ته به هتان تنهنجي اڱڻ کان رت ريلا ڪري وهي هلي ته پوءِ سمجهج ته ننگر مري ويو. صبح جو سوير ويو بادشاهه جي لشڪر ۾. اُتي ظاهر ٿيو. بادشاهه پڇيس ته:

 

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، تون آهين ڪير جوان؟
اچي پيو آهين عالادين جي اُڙد ۾، توکي سـُـجهيو ڪهڙو جـُـوان.

 

ننگر جواب ڏنو ته:

سـُـڌ پـُـڌ آهيان سومرو، ننگر منهنجو نانءُ
پٽ چنيسر ڄام جو، چاچو دودل راءُ.

 

اتي عالادين چنيسر کي چيو ته: تو چيو هو ته مان پرڻيل ئي ڪونه آهيان، مگر هي ته تنهنجو پٽ سڏائي ٿو. اتي چنيسر چيو ته: تنهنجي لشڪر جي ڊپ کان ڀـُـلي ٿو ۽ وڦلي ٿو. وري پڇيائونس ته:

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، تون آهين ڪير جوان؟
اچي پيو آهين عالادين جي اُڙد ۾، توکي سـُـجهي ڪونه جوان.

 

ننگر وري به جواب ڏنو ته:

سـُـڌ پـُـڌ آهيان سومرو، ننگر منهنجو نانءُ
پٽ چنيسر چغل جو، چاچو دودل راءُ.

 

اتي بادشاهه چنيسر کي چيو ته: تون ڪوڙو آهين، تنهنجو پٽ به دودي ڏانهن آهي. هاڻي اسان جي جنگ دودي سان نه آهي، تنهنڪري ان سان ملي واپس هلجي. اتي چنسر چيو ته: ائين نه موٽجي، پر ڪنهن ڳالهه سان موٽجي. دودي عالادين بادشاهه ڏي هڪ رنگي ۽ هڪ جيڏيون ستر گهوڙيون سوکڙيءَ طور موڪليون. اتي عالادين خوش ٿيو ته دودو ته ڪو عجيب ماڻهو آهي، جو بنا چوڻ جي ههڙي سهڻي سوکڙي موڪلي اٿس! تڏهن چنيسر چيو ته: تون منگتو ته ڪونه آهين جو گهوڙا وٺندين! اگر صلح ڪري ڏئي ته ٻاگهل ٻائي ڀيڻ جو سڱ ڏئي ته پوءِ مـُـهت سان هلون، نه ته اڳيان ماڻهو به مهڻا ڏيندا. اتي ننگر کي چيائين ته: جنگ توهان سان ڪانهي، باقي جي ٻاگهل جو سڱ ڏيو ته خير آهي. اتي ننگر چيو ته:

 

 

 

تون ترڪ اسان سومرا، اهڙو جوڙ نه جڳاء
آندي هجيئي دهلي کان، ته ننگر ڀونگر پرڻاءِ.

 

 

اتي عالادين کي ڪاوڙ لڳي ۽ پنهنجي ماڻهن کي چيائين ته: وٺوس. اتي وري چنيسر کي رحم پيو ۽ چيائين ته: هن کي ڇڏيو، مان هن کي نشو پياري صحيح وٺان ٿو. پوءِ هن کي نشو ڏيئي صحيح ورتائيون. اهو ڪاغذ لکي بادشاهه جي سواري جو اوٺي عاقل هو، ان کي ڏنائون ته وڃي دودي کي ڏي ۽ مٺاڻ جو اُٺ به ڀري ڏنائونس ته اُتي وڃي ورهاءِ، جو ننگر مونکي سڱ ڏنو آهي. پر هن چين ته: هڪڙي مهرباني مون سان ڪريو ته ٻاگهل جي ٻانهي مونکي پرڻائجو.

 

 

عاقل اوٺي، اٺ تي چڙهي دودي ڏانهن راهي ٿيو. هڪلي وڃي وڳهه ڪوٽ شهر ۾ پهتو. اُتي ندي جي ڪناري تي ٻار کيڏندا پئي ويا ۽ مايـُـن اُتي ڪپڙا پئي ڌوتا. اتي مـُـٺ شيءِ جي ڀري ٻارن کي ڏئي پيو ۽ چوين پيو ته: ٻاگهل جي ٻانهي ڏيکاريو ته ٻي شيءِ به ڏيانوَ! ٻار ائين اُٺ کپائي ويا. هڪ منڊڙي ڇوڪر کيس هڪ عورت ڏانهن اشارو ڪري چيو ته: ٻاگهل جي ٻانهي اها اٿئي. پوءِ ان منڊڙي ڇوڪر کي بادشاهه جو خط ڏنائين ته واپس جواب وٺي اچ ته اڃا به گهڻي شيءِ ڏيندس. ان منڊڙي ٻار خط وڃي دودي کي ڏنو. دودي خط پڙهي آرس جو ڀڳو ته کٽ جون چارئي چـُـوڙون ڀڄي پيون. پوءِ ڇوڪر کي چيائين ته: ڪنن کان جهلي هت وٺي اچينس. ڇوڪر جو ڪنن کان جهليس ته ڪـَـن ڇڏائي وٺي ڀڳو. اٺ سميت عالادين وٽ آيو. هنن پڇيس: هـِـي ڇا؟ تڏهن چيائينس ته:

 

مڙس منيءَ جيترو، مٿو جنهن جو مٽ
ڪونه سـُـجهي ڄٽ، جو هن لشڪر ۾ ان سان پڄي.

 

سو چپ ڪري موٽي وڃو، جو سومرن جا ٻار به دشمن جي لشڪر جا ڪن پٽي ويندا. اتي چنيسر پٽ ننگر کي بيت چوي ٿو:

ننگر ڀونگر نينگر، اَٿوَ موت بڻي.

اها ڪـُـڻڪ هن جي ڪن پيئي ته ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ گهوڙي تي چڙهيو. ٽي ڏينهن ٽي راتيون سخت جنگ لڳي. اتي عالادين ٻانهي کي چيو ته: دودو جنگ ڪندو پيو آهي ڇا؟ ٻانهي چيس ته: نه، هت اڃا کير پياڪ ٻار وڙهي ٿو: دودو پري آهي. هن به واري نڀائي، آئي وري ٻين جي. نـَـو سؤ ۽ هڪ لک هن به نڀايو. ترار هنيائونس ته گهوڙي تان ڪري پيو. چنيسر ڊوڙي وڃي پـُـٽ کي ڀاڪر پاتو. اتي پٽ ننگر چويس ٿو ته:

ڪوڙا پٽ لوهاري جا، ڪوڙا ڀاڪر نه پاءِ
مون مـُـئس ته گهوريو، چاچو دودل نه ماراءِ
پيڙهي ويندوَ ميان سومرا، گلا راڄ ڪندا.

 

ننگر پيءُ کي وصيت ڪئي ته: مونکي گهوڙي تي ٻڌي خرزين ۾ رکي گهر ڏانهن روانو ڪج. هـُـن جا پساهه پورا ٿيا، پـُـٽ گهوڙي تي ٻڌي گهر ڏانهن روانو ڪيائين. گهوڙي در تي آواز ڏنو. ٻانهيءَ کي چيائون ته: در لاهه ننگر آيو. در لاٿائون ته مڙس شهيد ٿيو پيو آهي. روڄ پيو. هن کي سينگاري الله ڏانهن داخل ڪيائونس. صبح جو دودي جنگ جي تياري ڪئي. پنهنجي آڪهه وٺي ابڙي وٽ سام ڇڏڻ لاءِ وڃي پيو. عورتون ڪوٽ کان ٻاهر نڪري راهي ٿين ٿيون ته ڇا ٿيون چون:

اچو سورن واريون، ڪريون سور پچار
ڪن گهڻا ڪن ٿورڙا، ڪانهي سورن ڌار
ڏنا جي ڏاتار، سي جهولي پائي جهليا.

 

آخرڪار دودو ابڙي وٽ عورتون سام ڇڏي جنگ ڏانهن راهي ٿيو. گهوڙيءَ تي چڙهيو. گهوڙي سامونڊي هئي، آسمان جي طرف اُڏرندي هئي. سڌو گهوڙي اُتي وڃي لٿي. جي چنيسر ۽ عالادين ڪنڌ هيٺ نه ڪن ته ٻئي مارجي وڃن. ٽي راتيون ٽي ڏينهن هن لڙائي ڪئي. اتي چنيسر چيو ته: هي ائين ڪونه مرندو. باقي سـُـوليون ٺهن، پاڻي جا ٿانءُ هجن، ان آواز تي گهوڙي لهندي ته ڀانءِ ٿانءُ آهي، نه ته هي ڪنهن جي وٺڻ جو نه آهي. ان مهل سـُـوليون ٺهي ويون، پاٽ ۾ پاڻي وجهي ان ۾ زنجير وجهي لوڏيائون ته گهوڙي ليکي ٿانءُ آهي، جو اُڃيل بکيل هئي. گهوڙي هيٺ لهي آئي. دودو انهن سـُـولين ۾ ٽنگجي پيو. لشڪر وارن چنيسر کي چيو ته: ڀاءُ سـُـورين ۾ ٽنگجي پيو اٿيئي! اتي چنيسر دودي کي چيو ته: هاڻي ڪيئن؟ تڏهن دودي چيس ته: ادا، اڃا به مون کان هيٺ بيٺو آهين. ان مهل جنگ وارن کي بادشاهه حڪم ڪيو ته سسي اتي لاهيوس. جي هيٺ لٿو ته سڀني کي ماريندو ۽ ڪنهن جي وٺڻ جو نه آهي. تنهن مهل دودي جي سسي لاهي هيٺ سٽيائون.

 

 

 

 

عالادين ۽ چنيسر اُٿي ڪوٽ ڏانهن هليا، اتي ڏسن ته ڪا شيءِ ئي ڪانهي. نه ماڻهو نه ڇيڻو، زر نه زيور موٽي اچي ڏٺائون ته دودي جي سري کي ماڻهو ڌڪا ٿا ڏين. تڏهن چنيسر چين ته: دودي جي ســري کي ڌڪا نه ڏيو. هنن چيو ته: اسان ڏينداسون، ڇو اسان سان جنگ ڪئي هئائين؟ اتي چنيسر کي به ڪاوڙ آئي، سو ترار کڻي اچي جنگ ڪيائين. ٽي راتيون ٽي ڏينهن سخت لڙائي لڳي. هـِـن به واري نڀائي، گهڻو لشڪر ماريائين. آخر ستن ڄڻن سان عالادين وڃي بچيو. عالادين اڻ هوند جهڙي فتح ڪئي.

 

دودي جي گهر اميدواري هئي. تنهن رات تي دودي کي پٽ ڄائو، ان جو ڀونگر نانءُ رکيائون. صبح جو ابڙي ڀير تي اچي ڏؤنڪو هنيو ته: عالادين بادشاهه! موٽي نه وڃجانءِ. ڀونگر دودي جو پٽ ٻاهر ويو هو، سو اڄ رات واپس آيو آهي جو اتي ڪونه هو. سو چوندو اٿئي ته مون سان جنگ ڪيو پوءِ وڃ! عالادين ڏاڍو افسوس ڪيو ته مان ڪروڙيون ماڻهو ۽ ڇليون لشڪر آندو هو، هاڻي سڀ مارجي ويا. باقي مان ۽ ست ڄڻا وڃي بچيا آهيون. سومرا ڏاڍا سورهيه آهن. ان جي اڳيان مان ڇا سـَـٽ جهلي سگهندس. سو ابڙي کي ورندي ڏئي ٿو ته: مان جنگ هارائـِـي، ڀونگر جنگ کٽـِـي. هاڻي چوينس ته مون سان ملي وڃي. هاڻي ابڙو چويس ٿو ته: بادشاهي لکي ڏيو. عالادين عهد لکي ڏنو. پوءِ اهو ڇوڪرو رتن جي ٿالهه ۾، پٽ جي ستن رومالن جي ٻڌڻن ۾ ٻڌي، عالادين وٽ کڻي آيو. عالادين ان مهل گوڏن تي هٿ هڻي چيو ته: مون ڇا ڪيو جو ٻار جي ڪري پنهنجي فتح وڃائي. وٺي جو ٻار ڇرڪ ڀريو ته ستئي رومال پـَـٽ جا ٽـُـٽي پيا. اتي عالادين چيو ته: شينهن جا پٽ به شينهن آهن.

پوءِ عالادين گهوڙي تي چڙهي دهلي روانو ٿيو .ان مهل ماٿيلي شهر ۾ هڪ جاءِ تان لنگهيو ته ٻه مايون ڪورياڻيون، انهن طعنو هنيس ته: بادشاهه سلامت! ڪيترو لشڪر وٺي ويو هئين ۽ هاڻي جنگ هارائيو، ڪهڙو منهن وٺي وطن تي موٽيو پيو وڃين! پوءِ ان مهل عالادين نو گوريون کائي اتي دم ڏنو. اتي ئي پوريائونس جو  ”نول گوري بادشاهه“  پيو سڏجي.

 

____*____


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org