سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 10

ڪـڇ جي روايت

سگهڙ مٺو نهڙيي ڪڇي جي ٻڌايل ڳالهه

ُ ’دودي - چنيسر‘  جي ڳالهه جي هيءَ روايت، محمد سومار شيخ (ويٺل شهر بدين) کان ملي، جنهن سگهڙ مٺو نهڙيي جي زباني قلمبند ڪئي. جيئن ته مـِـٺـُـو نـُـهڙيو اصل ڪڇ جو ويٺل آهي، ۽ ڪڇ ۾ هلندڙ  ’دودي جي ڳالهه‘  جي سٽاء ٻڌايائين، تنهنڪري هن ڳالهه کي  ”ڪڇ جي روايت“  واري عنوان هيٺ مستقل روايت طور شامل ڪيو ويو آهي. ن - ب[

ڀونگر اڃا ننڍڙو هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. وڏو ٿيو ته پيءُ جي گادي تي ويٺو،  ”سـَـکر“  ديوَ جي ڌيءَ  ”ليلَ“  سان پرڻيو، جنهن مان کيس  ”دودو“  ڄائو. دودو رنگ جو ڪجهه ڪارو هو، تنهنڪري کيس  ”ڪارو دودو“  ڪري سڏيندا هئا. هو ننڍي هوندي کان ئي نهايت پهلوان ۽ ڏيا وارو هو. کير پيڻ لاءِ کيس جيڪا مينهن مليل هئي، سا فقط ٻارهن ورهين جي عمر ۾ ڪلهي تي کڻي وڃي پنهنجي پيءُ ڀونگر جي باغ ۾ چاريندو هو. باغ جي ڀيلَ ٿي ته ڀونگر پڇا ڳاڇا ڪئي، پر پير کـُـر هئوئي ڪونه، تنهنڪري پتو ڪونه پيو ته ڪير ٿو باغ ڀيلي! نيٺ ڀونگر باغ تي پهري لاءِ  ”سکر“  ديو کي مقرر ڪيو.

آڌيءَ رات جو دستور موجب دودو مينهن ڪلهي تي کڻي باغ ۾ آيو ته سکر ديو منع ڪيس. دودي سکر ديو کي ماري پنهنجي مينهن کي باغ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏيو. صبح جو ديو کي مئل ڏسي، ڪنهن سياڻي صلاح ڏني ته باغ ۾ چندن جي ڪاٺين جو مچ ٻارائي ڇڏيو، پاڻهي چور ظاهر ٿي پوندو.

 

رات جو دودو مينهن کڻي باغ ۾ آيو ته چندن جو مچ ٻريل ڏٺائين. ميهن کي چرڻ لاءِ ڇڏي پاڻ وڃي مچ تي هٿ سيڪڻ لڳو. اسر جو مينهن کائي ڍؤ ڪيو ته مينهن کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين پر کڻي نه سگهيو. ڇڪي تاڻي ڪلهي تي آندائين، پر هڪڙو کـُـر زمين تي گـِـهـِـلبو آيو.

 

صبح جو مينهن جي گـِـيساٽي تي پيرو کڻي وڃي دودي جي در تي بيٺا ۽ ڀونگر کي ڄاڻ ڪيائون. ڀونگر کي اهڙي ڪاوڙ لڳي جو دودي کي  ’ڏيس - وٽو‘  (ملڪ نيڪالي) ڏيئي ڇڏيائين. دودو ملڪ ڇڏي وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ته ماڻس هڪ پوري لٺ موتين سان ڀري ڏنيس. انهي خيال سان ته متان سفر ۾ ڪا تڪليف اچيس. پوءِ دودو پنهنجي ٻن پاليل ڪتن کي ساڻ وٺي روانو ٿيو.

هلندي هلندي دودي کي ٻپهر ٿي ويا. آرام جي خيال کان هڪڙي وڻ هيٺان ويٺو. ڏسي ته مال پيو چري ۽ ميهار سيرانديءَ کان هڪ کـَـنو رکيو ستو پيو آهي. ڀرسان هڪڙو ٻـِـرڙ هو، جنهن مان نانگ ميهار کي کائڻ لاءِ رکي رکي مـُـنهن ٻاهر ٿي ڪڍيو ته کنو به کپ مان پاڻمرادو نڪري ٿي آيو. کني کي ڏسي نانگ وري ٻـِـر ۾ هليو ٿي ويو. اهو رنگ ڏسي دودي خيال ڪيو ته لاشڪ انهيءَ کني ۾ ڪا ڪرامت آهي، سو ڌراڙ کي سجاڳ ڪري چيائين ته: اهو کنو مون کي ڏي! ڌنار چيو ته: سائين! سنڌ ملڪ ۾ شينهن آهن گهڻا، اوهان جو مال کائي ويندا. پر دودي چيس ته: کنو تون مون کي ڏي، باقي شينهن کي پاراتو ڏيئي، آءٌ سنڌ مان ڪڍي ٿو ڇڏيان. تنهن تي ڌراڙ چيس ته: جي ائين آهي ته کنو ڀلي کڻي وڃ.

دودو، ڌراڙ کان کنو وٺي اڳتي روانو ٿيو ته هڪڙي هنڌ شينهن ڏٺائين، جنهن کيس سلام ڪيو. دودي چيس ته: ٻلي جا ٻچا! وڃين ڪيڏانهن ٿو؟ ائين چئي شينهن تي ڪتن جي بڇ ڪيائين، پر شينهن ڪنڌ نمائي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته: تون ماڻهن جو بادشاهه آهين ته اسين وري جانورن جا بادشاهه آهيون. اسان کي مار نه، باقي سنڌ ڇڏي وينداسين. پوءِ دودي انجام وٺي شينهن کي ڇڏي ڏنو. دودي جڏهن شينهن ڏانهن ڪتن کي بڇ ڪئي ته ڪتا شينهن ڏانهن ويائي نٿي. اهو ڏسي دودي ڪتن کي چيو ته:

ڪارا مَ ڪر ڪڻڇيون، راڱا نه ڪريو ريهه.

دودو اڳتي ويو ته واٽ تي هڪڙو ماڻهو ڏٺائين، جنهن مٿي تي ٽانڊن سان ڀريل ٿالهه رکيو پئي هـُـرلو ڪاهيو. ڍڳي جي مٿي تي به ٽانڊن سان ڀريل ٿالهه رکيو هو. اهو ڏسي دودي کان کـِـل نڪري وئي. وڌي وڃي هـُـرلي واري کان پڇيائين ته هي ڇا آهي؟ جواب مليس ته: گـُـرڙ پکي جو ڊپ آهي. پوءِ دودي چيو ته: مون کي ماني کاراءِ. هـُـرلائي هاڪار ڪري گهر ويو ۽ زال کي ماني ٺاهڻ لاءِ چئي پاڻ سمهي رهيو. هوڏانهن دودو هـُـرلو واهيندو رهيو. مٿان گـُـرڙ پکي به ٽانڊو نه ڏسي هن تي لامارو ڏنو، پر دودي وجهه وٺي ٺڪاء ڪرايس کنو ته گـُـرڙ پکي کي وڍي وڃي نار سان لڳو، جنهن ڪري کني ۾ ڪڪر پئجي ويو. ماني تيار ٿي ته زال مڙس کي اُٿاريو ته مهمان کي ماني ڏئي اچي. هـُـرلائي ماني کڻي اچي ڏسي ته گرڙ پکي مئو پيو آهي ۽ جوان ننڊ ۾ ستو پيو آهي. اهو ڏسي هرلائي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس جاڳائي ماني کارايائين.

دودو اُتان نڪري ٻئي شهر ۾ آيو ۽ ڪنهن ڪاريگر لوهار جي پڇا ڪندو اچي هڪڙي لوهار جي دڪان تي پهتو. دودي ڪڪر ڪڍڻ لاءِ کنو کيس ڏنو، لوهار اهو کڻي پنهنجي ڌيءَ وٽ اندر ويو ۽ چيائينس ته: کني وارو جوان تنهنجي لائق آهي، آءٌ کيس ڪنهن بهاني سان تو ڏانهن موڪليان ٿو. تون کانئس نالو ذات معلوم ڪر. جي توکي به پسند اچي ته پوءِ توهان جو وهانءُ ڪرائي ڇڏيان. دودي لوهار کان پاڻي گهريو ته هن چيس ته: منهنجي گهر مان وڃي پي اچ. دودو اندر ويو ته لوهار جي ڌي  ”نـِـيل“  پاڻي ڀري اچي اڳيان بيٺيس:

 

 ’نيل‘  ڪٽورو هٿ ۾، چانئٺون ٻاهر پير
آءٌ پڇان ٿي تون، آهين جوان ڪير؟

 

 

دودي جواب ڏنس ته:

 ’نيل‘  ڪٽورو هٿ ۾، چانئٺون پير ٻـَـهار
وِسهين ته وِسهج، آهيان وڳهه جو لـُـهار.

 

 ’نيل‘  اها خبر وڃي پنهنجي پيءُ سان ڪئي، جنهن خيال ڪيو ته ههڙو ڪونڌر جوان وري ٻيو ڪونه ملندو ،سو ڌيءَ جي شادي دودي سان ڪرائي ڇڏيائين. پوءِ نيل، دودي جو کنو وات ۾ وجهي، ڏندن سان زور ڏئي، ان مان ڪڪر ڪڍي ڇڏيو.

ان شهر ۾ هڪڙو راڪاس ايندو هو، جو واري تي هڪڙو ماڻهو کائيندو هو. دودو هڪ رنڙيءَ جي پـُـٽ پاران واري ۾ ويو، جنهن جي ان رات شادي هئي. دودي، راڪاس لاءِ رکيل اوڙو پاڻيءَ جو، ديڳ چانورن جي، هڪڙو پاڏو ۽ ٻيو به سڀ مال مليدو کائي ختم ڪري ڇڏيو. اڌ رات جو راڪاس آيو ته ان کي کنو هڻي ماري ڇڏيائين. پوءِ اُن جا ڪن پڇ وڍي، پاڻ سان کڻي وڃي سمهي رهيو.

حسڻ گاهيو، جنهن جي هٿ ۾ سؤ گاهيا هوندا هئا، سو به سوير نڪتو. ڏسي ته راڪاس مـُـئو پيو آهي. سو به راڪاس جا ٻيا عضوا وڍي بادشاهه وٽ کڻي ويو ته راڪاس مون ماريو آهي. بادشاهه پڇيو ته: وارو ڪنهن جو هو؟ آخر ڳالهه ڦـِـري گهري پوڙهيءَ جي پـُـٽ تي وڃي بيٺي، جنهن وري مسافر جو نالو ورتو ۽ آخرڪار دودو وڃي درٻار ۾ حاضر ٿيو. اتي حسڻ جي بهادري ڏسڻ لاءِ دودي، بادشاهه کي چيو ته: حسڻ گاهيو مست هاٿي کي ماري ڏيکاري. بادشاهه حڪم ڪيو. حسڻ گاهيو ڏاٽو ۽ رنبـِـي کڻي وڃي بيٺو. جڏهن مست هاٿي اچي ويجهو پيو، تڏهن هـِـتان هـُـتان گاهه وارو لـِـڪي ويو. پوءِ دودو اچي سامهون ٿيو ۽ وٽو هڻي هاٿي ماري وڌائين ۽ راڪاس وارا ڪن پڇ به کڻي بادشاهه اڳيان رکيائين. تڏهن بادشاهه قول مطابق دودي کي اڌ راڄ ڀاڳ ۽ ڌيءَ جو سڱ ڏنو.

ڀونگر کي  ’لـَـيل‘  مان هڪ پٽ  ’دودو‘  ۽ هڪ ڌيءَ  ’ٻاگهي‘  يا  ’ٻاگهل‘  هئي (1) . ڀونگر جي وفات کان پوءِ ٻاگهل ٻائي گادي سنڀالڻ لڳي ۽ پنهنجي ڀاءُ دودي کي به موٽي اچڻ لاءِ لکيائين. جيسين دودو اچي، تيسين ٻاگهل ذات جا، جن جي اڳئي هن گادي ۾ نظر هئي، سي ڪاهي آيا ۽ وڳهه ڪوٽ کي گهيرو ڪري ويهي رهيا. اهو حال ڏسي ٻاگهل ٻائي دودي کي قاصد موڪليو. دودي کي قاصد پهتو ته هن يڪدم موٽڻ جي ڪئي ۽ پنهنجي زالن کي ٻڌايائين ته: آءٌ ڀونگر بادشاهه جو پٽ دودو آهيان. رُوپاهه، جيڪا پيٽ سان هئي، تنهن کي چيائين ته: جي پٽ ڄمئي ته نالو  ’دودو‘  رکجانءِ. ائين چئي وڳهه ڏانهن روانو ٿيو.

وڳهه ڪوٽ ۾ ٻاگهـُـلَ جنگ جوٽيو بيٺا هئا. دودي به اچڻ سان انهن جي لشڪر ۾ ٻاڪر ڪٽو وڌو، پر دودو مارجي ويو. ٻاگهيءَ مٿان ماڙيءَ تان ويٺي ڏٺو، سا ڳجهه ڳوهه ۾ دودي جو لاش کڻائي آئي، جنهن جي ڪـَـل ٻاگهـُـلن کي ڪانه پئي. نيٺ اُهي هارائي ڀڄي ويا.

 

 

ٻاگهي ڇا ڪيو جو دودي جي لاش کي مصالحو لڳائي ڪـُـرمي ڪري ويهاري ڇڏيائين ۽ ان جي هٿ ۾ حـُـقو به ڏيئي ڇڏيائين. ٻاگهـُـلَ به دودي کي جيئرو سمجهي ڊپ ۾ ويٺا هوندا هئا. ڏهن پنڌرهن سالن کان پوءِ ٻاگهـُـلن کي شڪ پيو ته دودو مري ويو آهي. سو هڪڙي ڌوتيءَ کي ماڙي ۾ موڪليائون، جيڪا ٻاگهيءَ وٽ اچي رهي. پوءِ هن اتي هڪڙو ڪڪڙ جو ٻچو پاليو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان ٻچي کي ڌڪ هڻي ماري، پوءِ ويهي پار ڪڍي روئڻ لڳي. ٻاگهيءَ کيس گهڻوئي سمجهايو پر هوءَ ماٺ ئي نه ڪري ۽ چئي ته: هاءِ ڙي منهنجو ڪڪڙ! اهو ٻڌي نيٺ ٻاگهي به چئي ڏنو ته: ناني! آءٌ پنڌرهن سورهن سالن کان ڪونڌر ڀاءُ ڪهايو، سور سهيو ويٺي آهيان، پر تون ڪڪڙ جي ٻچي لاءِ پئي پار ڪڍين! اتي پوڙهي چيس ته: امڙ! دودو ته جيئرو آهي. تڏهن ٻاگهيء چيس ته: هن کي شهيد ٿئي پنڌرهن سال ٿي ويا آهن. هي ته سندس مڙهه مصالحن جي زور تي رکيو آهي. اهو راز وٺي، ٻئي ڏينهن صبح سان اها پوڙهي گم ٿي وئي.

 

ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻاگهلن طرفان ٻاگهي کي خط اچي مليو ته: يا ته گادي اسان جي حوالي ڪر، يا ته جنگ لاءِ تيار ٿي. هوڏانهن ٻاگهي پنهنجن ڀائٽين ڏانهن نياپو موڪليو ته: ٻاگهل ٿا ڪاهين، توهين جلد اچو. اهو نياپو ٻڌي، اُهي به يڪدم وڳهه ڪوٽ پهچي ويا. ٻاگهيءَ کين چيو ته: توهين منهنجا ڀائر سڏايو. دودي جي شڪل هوبهو پنهنجي پيءُ جهڙي هئي، انهيءَ ڪري جڏهن ٻاگهل ڪاهي آيا ۽ دودي کي جيئرو ڏٺائون، تڏهن جنگ جي همٿ نه ساري، ماٺ ميٺ ۾ موٽي ويا.

دودو ۽ چنيسر جوان ٿيا ته سومرن انهن مان هڪڙي کي تخت تي وهارڻ جو خيال ڪيو. چنيسر وڏو هو، تنهنڪري ٻاگهي به هن جو نالو کنيو. پر چنيسر چيو ته: آءٌ امان کان پڇي اچان ته پوءِ گادي تي ويهندس. اهو ٻڌي ماڻهن کي ڪاوڙ لڳي ته جيڪو گادي تي ويهڻ لاءِ ماءُ کان صلاح ٿو وٺي، تنهن کان بادشاهي ڪهڙي هلندي! تنهنڪري دودي کي پڳ ٻڌائي ڇڏيائون، جنهن تان چنيسر دانهن کڻي دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو.

دهلي ۾ هن پاڻ کي دودي جو غلام سڏايو. عالادين بادشاهه سان سندس ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن مست هاٿي ماري پنهنجي بهادري ڏيکاريائين. چنيسر اتي عالادين کي ٻاگهيءَ جو سڱ باسي، دودي تي چاڙهي آيو. جنگ ۾ چنيسر جو پٽ ننگر ۽ دودي جو پٽ ڀونگر ٻئي شهيد ٿي ويا. دودو به سامـُـون ڪـَـڇ جي ابڙي ڏانهن روانيون ڪري، اچي عالادين سان وڙهيو ۽ جنگ ۾ مارجي ويو.

دودي پنهنجون سامون ابڙي ڏانهن انهي ڪري موڪليون جو وڏي دودي هڪ ڀيري ابڙي سمي سان چؤپڙ راند پئي ڪئي ته دودي جي ساري وڃي ابڙي جي هنج ۾ پيئي. دودي اُها ساري گهري ته ابڙي چيس: اها ساري منهنجي سام پئي آهي، سا نه ڏيندس. تڏهن دودي چيس: ساري ڏي نه ته جنگ ڪنداسين. پر ابڙي ساري ڏيڻ کان صفا انڪار ڪيو ۽ تلوار ڪڍي مقابلي لاءِ بيهي رهيو. تڏهن دودي چيس ته: آفرين آهي توکي، پر جي ڏکئي وقت ۾ اسان جون سامون تو وٽ اچن ته انهن لاءِ به ائين وڙهندين يا نه؟ ابڙي چيو ته: سامن لاءِ آءٌ سـِـر به ڏيندس. تڏهن دودي وصيت ڪئي هئي ته ڏکئي وقت ۾ سامون ابڙي ڏانهن موڪلجو.

سڀني سومرن جي مارجڻ کان پوءِ سومريون، ابڙي ڏانهن روانيون ٿيون. ڪڪرالي جو حاڪم ان وقت  ’ابڙو جوڻاجاڻي‘  هو. ڪي چون ٿا ته ست ڄڻيون هيون ته ڪي ست ويهون ٿا چون، سي ڀلجي وڃي ابڙي جوڻاجاڻي وٽ نڪتيون. ان وقت اهو ابڙو ڪنهن سفر سانگي ٻاهر ويل هو، پر ان جي ماءُ اتي هئي، تنهن سومرين کان پڇيو ته: اوهين ڪير آهيو؟ جواب مليو ته: اسين سومريون آهيون ۽ سام پوڻ آيون آهيون. تڏهن ابڙي جي ماءُ چين ته:

ابڙو اڙٻنگ، اُهو ڏونگر ڏيهه ٻيو
هي جوڻاجاڻي جنگ، سـَـرڻ جا سوٺا نه سهي.

 

اهو ٻڌي سومريون اتان هليون. جڏهن ابڙو آيو ۽ ماءُ سڄي حقيقت ٻڌايس، تڏهن جوش ۾ اچي عالادين جي  ’تيرهن تنبي‘  لشڪر کي سامهون ٿيو ۽ سـِـر ڏيئي پاڻ ملهايائين (1) .

 

سومريون راڻيون، ابڙو پڇائينديون پڇائينديون اچي  ’ورسل راجا‘  جي شهر ۾ پهتيون. ابڙي کي به هنن جو پتو پيو، سو ڇا ڪيائين جو ڪپهه جا مچ ٻاري کڻي اوس ڪيائين. سومريون به انهي اوس ڏانهن ڏسندي اچي پهتيون (جنهن تان سنڌي ۽ ڪڇيءَ ۾  ’ابڙي وارا اوس‘  جي چوڻي مشهور آهي). ورسل ۾ ٻه سومريون پنهنجي کـُـٽيءَ ميون هيون ۽ ٻيون سومريون رنيون هيون، تنهنڪري ان جبل جو نالو ئي  ”رُئا سومريون“  پئجي ويو. واٽ تي سومرين  ’ڪنجڻي نديءَ‘  تي ڏندڻ هڻي ڇڏيا هئا، جي اُڀري آيا ۽ انهن وڻن تي نالو ئي  ’ڪنجڻي‘  پئجي ويو (2) .

سامـُـن جي پٺيان عالادين جو لشڪر ڪاهي پئي آيو. ابڙي سمي وٽ  ’جڳسين‘  نالي هڪڙو مينگهواڙ رهندو هو، جيڪو ابڙي کي روز اُگهاڙي تلوار سان سلام ڪندو هو. سندس ڏائي مڇ هميشهه پئي ڦڙڪندي هئي. جڏهن عالادين جو لشڪر ابڙي سمي جي شهر وٽ پهتو، تڏهن محمد شاه سالار جيڪو پنجن سوَن گهوڙن جو مهندار هو، سو ابڙي وٽ آيو ۽ چيائينس ته: ابڙا! تيرهن تنبي لشڪر مان سومرن پتيون ڪڍي ڇڏيون آهن، پر تڏهن به اڃا ڪافي لشڪر آهي. تون جنگ ۾ هـُـنهين مري ويندين، تنهنڪري جي مسلمان ٿين ته قيامت تائين نالو رهجي اچنئي. ابڙو سمون مسلمان ٿيو ۽ ٻاهتر ڏينهن ڇـِـلي ۾ ويٺو. ابڙي وارو  ’ٻئون تيرو‘  ان ڏينهن کان مشهور آهي. تيسين محمود شاهه سالار، عالادين جي لشڪر کي روڪي ڇڏيو.

آخر جنگ جا نغارا وڳا. مينگهواڙ جڳسين، ابڙي کان موڪل وٺي، گهريا ڀالٽ ٿي (ويس مٽائي). ڪـُـتي جو ويس ڪري، رات وچ ۾ وڃي مغلن جا تنبو ڪٽڻ ۽ لشڪر مارڻ لڳو. اسر جو عالادين جي تنبو ۾ وڃي، سندس ڪنڌ وٽ نشاني طور رنبو ۽ ڏاٽو رکي آيو. صبح جو ابڙي، عالادين کي چوائي موڪليو ته: اسين توکي مارايون ها ته رنبي ۽ ڏاٽي سان به مارائي سگهياسين ٿي، پر اسين مڙسن وانگر ميندان ۾ جنگ ڪنداسين. پوءِ مينگهواڙ جڳسين جنگ ڪندي مارجي ويو. محمد شاهه سالار به ابڙي طرفان وڙهڻ ٿي گهريو پر ابڙي کيس منع ڪئي ۽ چيائينس ته: تون نمڪ حلالي ڪر، الله اسان سان مدد ڪندو. پوءِ ابڙي جي ڀائيٽي سپڙ، عالادين جي فوج جي اڳواڻ سالار سان جنگ جوٽي ۽ مغلن جي لشڪر ۾ مارو وڌو:

سپڙ ۽ سالار، پتيون وڌيون پاڻ ۾.

ابڙو سمون، سومرين کي کير جو وٽو ڏئي آيو هو ۽ چيائين ته: کير مٽجي رت ٿئي ته پوءِ الهندي مـُـنهن ڪجو، جو آءٌ جيئرو نه هوندس. ابڙي پورا ٻاهتر ڏينهن  ’رُڪ رَئي‘  ڪئي، پر آخر شهيد ٿيو ۽  ’کـُـونڌ ٿيو.‘  مغلن ڏٺو ته هاڻي مٿس ڪوبه هٿيار اثر نٿو ڪري، تڏهن هڪڙي مينگهواڙ کي آندائون، جنهن ابڙي کي شاباس ڏني. انهي تي ابڙو کيس پاراتو ڏيئي ڪري پيو. ان بعد ان نـِـوائي ۾ ڪوبه مينگهواڙ ڪونه رهي.

 

ابڙي جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ سومريون به الله تهار ڪري الهندي روانيون ٿيون. ٿورو پنڌ هلي خدا کي سوال ڪيائون. ڌڻي سوال اگهاين، جبل وٽ زمين ڦاٽي پئي ۽ ان ۾ غرق ٿي ويون. اها جنگ  ”وڙسر جبل“  تي ٿي هئي، جو هاڻي  ’سومرين وارو جبل‘  ٿو سڏجي. جتي سومريون غرق ٿيون هيون، اتي پلاند زمين کان ٻاهر رهجي ويو هو، عالادين جي لشڪر اتي گهڻئي کوٽيو پر ڪجهه به حاصل نه ٿين. پوءِ باقي بچيل مغلن ۾ سيد محمد شاهه ڪاهي پيو ۽ کيس ڪوبه پـُـوڻي نه سگهيو. آخر ۾ عالادين به اڪيلو وڃي بچيو، سو وٺي ڀڳو ته گهوڙي تان ڪري پيو، پر سندس هڪ ٽنگ رڪيب ۾ ڦاسي پيئي، جا آخر گهلجي جدا ٿي پيئي، ۽ اها گهوڙي کڻي وڃي دهلي ۾ پهتي.

 

ابڙي جي قبر نه آهي، پر چؤڪنڊي ۾ هڪڙو ٿلهو ٺهيل آهي.  ’وَنڊي‘  وري سومرن جي لوڙهه کي ڏنل آهي. ونڊيءَ ۽ چؤڪنڊي جا مـُـنهن ڏکڻ طرف آهن.

 

 

-----*----


 

 

(1) چون ٿا ته ٻاگهلون ٻه هيون: هڪ سوڍي ۽ ٻي سومري.

(1) جوڻاجاڻي ابڙي جو قبو اڏيل آهي، جو مغلڀين (تعلقي جاتي) کان 8-9 ميل ڏکڻ - اوڀر ڪنڊ تي آهي.

(2) ڏندن جي مٿان اڇي ميرُ کي ڪـُـنجڻي چوندا آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org