سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 17

2- ڪريم بخش مهر (تعلقو ميرپور ماٿيلو)

جي ٻڌايل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه ڪريم بخش مهر پٽ ٻانهو مهر، پاڙو سخيجو، ويٺل ڳوٺ الهه بخش خان مهر سخيجو، ديهه لوڻي، تعلقو ميرپور ماٿيلو جي زباني ڪچهري ڳوٺ جيوڻ خان پتافي تعلقو اُٻاوڙو ۾ (سنه 1964ع) ۾ قلمبند ڪئي وئي، ان وقت ڪريم بخش مهر جي عمر 45 کن سال هئي. دودي جي ڳالهه واٽـُـو پٽ بازاري ذات مـَـلڪ ويٺل ديهه جهـُـم تعلقو ميرپور ماٿيلو کان سکيائين، جو اُن سان گڏ هلندو هو ۽ وٽانئس ڳالهه سکيو. واٽو مهر 60 ورهين جي عمر ۾ اندازاً سنه 1958ع ڌاري گذاري ويو.

انهيءَ ساڳي ڳالهه جا ڪجهه ٽاڻا ۽ اهڃاڻ حاجي نـُـهنجو مهر (ويٺل تعلقو ميرپور ماٿيلو) ٻڌايا، جيڪي پڻ هن ڳالهه ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ن - ب[

 

 

 

 

دودو ۽ چنيسر ٻئي ڀائر پٽ ڀونگر راءِ جا، ذات سومرا، ويٺل وڳهه ڪوٽ جا. جڏهن ڀونگر راءِ مئو، تڏهن ڀائرن چيو ته: پڳ ٻڌايون چنيسر کي، جيڪو وڏو آهي. چنيسر کي پڳ ٿي ٻڌايئون ته چيائين: بيهو ته امان کان پڇي اچان. چنيسر ويو ماءُ کان پڇڻ ته: امان، پڳ ٿي مليم بادشاهيءَ جي، ٻڌان؟ ماءُ چيو ته: مئا! وارو ڪر، پڳ ٿي ملي ته وري مون کان پڇڻ آيو آهين. ڀائرن چيو ته: جيڪو ماءُ کان پڇڻ ويو آهي، تنهن بادشاهي به نه هلائي ۽ نه پڳ ٻڌي. هاڻي پڳ ٻڌايو دودي کي. هنن پڳ ٻڌائي ڀير تي ڏؤنڪو هنيو. چنيسر موٽي آيو ته دودو پڳ ٻڌيو ويٺو آهي. موٽي وڃي ماءُ کي چيائين ته: امان! پڳ دودو ٻڌي ويو. تڏهن ملوڪ ڪيو بيان ته:

 

ڀـِـت منجهؤن نڪري، نانگ چنيسر کاءِ
جو سڀ لڄايئين سومرا، جو پڇڻ هليو ماء.

 

تڏهن چنيسر جي زال چيو سـَـسُ کي ته:

چاچي! اڳي هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽـِـيڪـِـي ٿيونسون ٽي
ريجهي راوَ چنيسر کي اَرٽ گهڙائي ڏي
جو ويهي آتڻ وچ ۾ پـُـوڻيون ڪتي ٽيهه.

 

تڏهن چنيسر کي انهي ڳالهه تان خار لڳي. چيائين ته: آءٌ دودي سان وڙهندس ضرور. ٿورا ڏيهن گذريا ته دودي، ڀاڳو ڀان کي چيو ته: چنيسر کي وڃي چئو ته چوٿين پتي راڄ جي ڏيندس، ڪاوڙج نه. تڏهن چنيسر چيو ته:

چوٿين پتي مون نه پلڻي، مون سان ايل گهڻي
ويندس در دليءَ جي ايندس فوج کڻي
دودي جي درٻار ۾ ڪندس رُڪ پڻي.

 

ڀاڳو ڀان اچي چيو دودي کي ته چوٿين پتي تي نٿو ٺهي. ٻه مهينا گذريا ته دودي وري ڀاڳوڀان کي چيو ته: راڄ مان اڌ ورهائي ٿو ڏيان، وڙهڻ ڇڏ. تڏهن ملوڪ بيان ڪيو ته:

ٻئي مهيني پيدا ٿي ٿو مڱڻهار چوي
ته دوداڻي پنهنجو اڌ ورهايو ٿو ڏي.

 

چنيسر اڳيؤن چيو ته:

ڀان ڀلي ڪري آئين، ڀلي آئين ڀانَ
مون اِهي ئي مڃيا، دودي جا سلام
جو دودو پنهنجي پڳ کي اڌ نه ڪندو مان.

 

ڀاڳو جواب ڏنو ته:

ڄام چنيسر ڄام ٿي، دودو آهي اَڪاڄ
جو پيڙهي کڻندو پانهنجي، ڪـَـچو ڪندو راڄ.

 

تڏهن چنيسر چيو ته:

اَٺ ويلا وچ ۾، ڪندس نائين دليءَ دنگ
چنيسر دودي سان وڙهندو وڏي ٻنگ.

 

وٺي جو چنيسر ڀيڙيو ته آخر وڃي دليءَ ۾ پهتو. انڌاري جي مهل ٿي ته هي به وڃي پهتو. هڪڙي جاءِ کي دروازو آيو پيو هو. چنيسر در کي تري هنئي چائنٺ سوڌو دروازي وڃي ڦهه ڪيو. اندران آواز پئي آيو. سو هڪڙي يار کي چيائين ته:

چنيسر چيو يار کي، جهل گهوڙي جو پاڳوڙو
آءٌ اندر ڏسان ته ڪهڙو آهي جهاڳوڙو.
                                      ---

هنيئين هٿ ڪوٺي کي، چاوٺ ڪيئين چـُـور
ڳلي مان ٿي پيدا ٿيو، مڙس به آ مشهور.

 

هنن جاءِ مان اندران پڇيو ته:

ديو آهين ڪي آدمي، تنهنجو ڪهڙو آهي ضرور؟
چئي: ديو آهيان ڪينڪي، آهيان آدمي
پٽ ڀونگر راءِ جو چنيسر مون نالو
جي پيڙهي مون نا پر کين ته آهي ڏونگر منهنجو ڏاڏو.

 

تڏهن جاءِ  ويٺل چيس ته:

 

 

 

 

وڃ پانڌيڙو انهي پنڌ، تون آئين جنهن ڏيها
تاڙا لهندئي طاق جا، ڪندئي ڀير ڌڪاء
عالادين جي شهر ۾، اَٿي راڪاس سندو ڊاءُ.

 

 

چنيسر اڳيؤن هليو ته هڪڙي ڪراڙي روئي ويٺي. مائي کان پڇيائين ته: ڇو ٿي روئين؟ مائي چيو ته: ديو اچي ساماڻو آهي. ديڳ دال جي، کارو مانين جو ۽ واري واري سان هڪڙو ماڻهو کائي ويندو آهي. اڄ منهنجي پٽ جو وارو آهي. چئي: مائي! اڄ تون نه روءُ، جو تنهنجي پٽ جي پاران آءٌ ٿو سـِـر ڏيان. چنيسر دال ۽ ماني ميدان ۾ رکي هڪڙي وڻ تي چڙهي لڪي ويهي رهيو. ديو اچي کارو مانين جو ۽ ديڳ دال جي کائي ماڻهو کي هٿ هنيو. چنيسر ڇا ڪيو هو جو هڪڙو بنڊ رکي اُن تي ڪپڙو وجهي ڇڏيو هئائين. راڪاس جڏهن هٿ هنيو ته بنڊ تي وڃي هٿ لڳس. ڪاوڙ مان اُٿي کڙو ٿيو چنيسر ان مهل ٽپ ڏيئي وڻ تان لٿو ۽ چوٽ ڪيائين ديو تي:

لٿو ڏونگر پوٽو، دهلي در اوٽي
اُٿر کان ٿي اُونگ ٿي، راڪس راڙ ڪري
وڌائين هٿ بڙڇي ۾، دودل ڀاءُ سنڀاري
اُت وڌائين ويريءَ کي تهتا تڪ ڪري
نيشانيون نر جون ٿو پاهوري پائي
نر ڪـَـرائين پائي، سـُـتو دانهن دليءَ تؤن لاهي.

 

چنيسر پاهوري ۾ ديوَ جون ڪن پڇ جون نشانيون وجهي وڃي سمهي رهيو. فجر جو اُٿن ته راڪس مئو پيو آهي. بادشاهه جو اقرار هو ته جيڪو راڪس ماريندو، اڌ بادشاهي، وڏوَر ڌيءَ ۽ سوني کٽ انعام ۾ ڏيندوسانس. انعام جي لالـچ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا، هرڪو چوي ته مون ماريو آهي. بادشاهه جو وزير  ’مادَن‘  نالي هو. تنهن کي چيائين ته: خبر ڏي ته انعام ڪنهن کي ڏجي؟ هتي ته گهڻا اچي گڏ ٿيا آهن، ڪيترن کي انعام ڏئي پورو پوندس! مادن چيو ته: جنهن راڪاس کي ماريو آهي، اهو مڙس آءٌ توکي ڳولي ٿو ڏيان. پوءِ مادن، گهمندو آيو ته چنيسر تي نظر پيس. خيال ڪيائين ته اهو مڙس آهي، جنهن راڪاس کي ماريو آهي. سو خبرون پڇيائين. چنيسر چيس ته: چنيسر منهنجو نانءُ آهي، سومرو آهيان پڳ تان ڪاوڙجي، پڳ وٺڻ جي دانهن کڻي آيو آهيان. راڪاس برابر مون ماريو آهي، نشانيون به مون سان آهن. مادن هن سان ملي بادشاهه وٽ آيو ته عالادين پڇيس ته:

تو جا آڇي ڳالهڙي، مادن مير مـُـهاء
پـُـرس اهو پڌرو ڪر، جنهن گهوٽ وهايا گهاءَ.

 

مادن چيو ته:

سما ۽ سومرا ٿا ننگر راڄ ٻـُـجهن
تنهين منجهان هڪڙو آيو آهي دانهين تي ڀائن.

 

بادشاهه! وڳهه جي ويٺل سومرن مان هڪڙي سومري اِهو راڪاس ماريو آهي. پر اڃا به پڪ ائين ٿيندي ته راولو هاٿي ڇوڙاءِ، پوءِ جنهن راڪاس ماريو هوندو سو هاٿي کي به ماريندو. بادشاهه سان اها صلاح بيهاري چنيسر کي چيائين ته:

ڏائي پاسي نڪري، هاٿي ڪندئي هاڪ
ڏي تنهين کي چاڪ ته مـُـهت ملئي ڙي سومرا!

 

چنيسر چيو ته:

هاٿي آهي هڪڙو، ڪـِـي هاٿي لک هزار
هٿ لڳي هڪڙي ته ٿيندئي ڌاروڌار.
                                      ---

 

 

 

 

ڇـُـٽو هاٿي راوَرو، ڪڪو ڪوڏ منجهاء
ٿيا دونهان دورهري ۾، لڳيون اُڀ کـِـيهان
لـَـٽ پـَـٽ لاٽون بنجي، سڀ ڪڙيون ڪڙولا
بازاريون بند ٿي ويون، اُڀي ڪونه اڳياء
گاهـِـي لـِـڪيا گاهه ۾، مٿئون لـِـڏ ٺڪاء
ڀڄي ڀريائون ڪـُـنبڙيون، ساڙو ٿيڙن ساهه
جهـُـولي ٿو جهوپڙين ۾، اُڀو ڏسي بادشاهه
ته تسري ۾ تيل مهٽيـُـون وڃي چنيسر راء.

 

 

هاٿي جي پيلوان چنيسر کي چيو:

تسريان تيل مکين، اُڀو پهرئين پـَـٽُ
ڇـُـٽو آهي هاٿي راورِو، ڀڄ مرين ٿو ڄـَـٽ!

 

چنيسر چيو ته:

تسريان تيل مهٽيان ٿو، پنهنجو پهريان پـَـٽ
ڏس ته هاٿي راورو، ماري ڪيان ٿو مٽ.

 

پيلوان هاٿيءَ کي ڪـُـنڍو هنيو:

تڏهن هنيائين هٿ حيوان کي ڪـُـنڍو منجهه ڪپار
ته ڄٽ وِراڌو پـِـڙ ۾، ڪري ڌارو وار
ڀـَـڃي اڌ تسريءَ جو هنيائين منجهه ڪپار
اوري ٺري ڪينڪي، وڃي ٺري پاتار
اِتي مغل مڙي آئيا، چنيسر چوڌار
تو هاٿي ماريو راورو، توکي سڏايو سردار.

 

هڪڙي ڪوري اچي چنيسر کي چيو ته: توکي بادشاهه سڏايو آهي. چنيسر پڇيس ته: ڪير آهين؟ چيائين: آءٌ پائلي آهيان (ڪوري کي پائلي چوندا آهن). چنيسر چيس ته:

ڀڄ پائلي پري ٿي، تنهنجو ناهيان کاڄ
همٿ هليو هان پانهنجي رتو ڇڏي راڄ.

 

عالادين چوائي موڪليس ته: برابر پهلوان آهين پر هاڻي شينهن ۽ شينهڻ سامايا آهن، جن سوا لک ماڻهو ماريا آهن، اهي ماري اچ ته پوءِ انعامن جون ڳالهيون ڪريون.

اِتي چڙهيو چنيسر، ڪري ڪارا ڪپڙا
ته جيئري جوکو مون نه لهي سڄي سنڌ مٿاء
مران شينهڻ شينهن هٿاء، وچئون پاپ ڪـَـٽجي
جو نه مرن سومريون ۽ نه مري دودو ڀاء.
                                      ---

چنيسر چيو شينهن کي: ادا! اوري آءُ
مڙس ماريا ٿي ڪيترا، اڳ ساڍو لک سوا
جي اَٿـِـي مڙسي مـَـن ۾ ته جهل لـَـڪڙ جا گهاء
تڏهن شينهڻي چيو شينهن کي: مَ وڃ اوري آءُ
اِهو مڙس وڙهندئي ڪنهن مامري، تنهن جو وڏو اٿئي ڊاء.

 

ڪيهر شينهن جواب ڏنو ته:

آءٌ ويهان تان هؤرو پوان، ڪيهر منهنجو نانءُ
جو صبح سرتن وچ ۾ ڪچو ٿيندس آنءُ
تڏهن ڪيهر ڪـُـڻڪي اُٿيو، ٺاٺا ڪري ٺڪاء
سونا سـِـپر گهنگهرو، جـِـهرمـِـر جهانءِ ڪري
شينهن به ڪرندي پڙ ۾، شينهڻ پاتي سـَـٽ.

 

تڏهن چنيسر شينهڻ کي چيو ته:

 

 

 

 

ڌڪ نه هڻجي نار کي، ريل نه ڪجي رت
نـِـڱي کـَـل نـَـهنَ توئـِـين، آئي ماري ساڻ مـَـهٽ.

 

 

چنيسر شينهڻ کي ڪنن ۾ هٿ وجهي، هيٺين پيرن تي پير ڏيئي،

وٺي جو سـَـٽ ڏني ته شينهڻ جي کل لهي آئي.
جو عالادين واچاڻو، جنهن سوني رکي کٽ.

عالادين جو انجام هو ته اڌ ملڪ، وڏوَر ڌيءَ ۽ سوني کٽ ڏيندس. سو سوني کٽ ڪڍائي رکيئين ته چنيسر اچي ته اُن تي ويهاريانس. چنيسر پڇيو ته: سوني کٽ ڇو؟ وزير شرط ٻڌايس. تڏهن چيائين ته: ههڙيون سونيون کٽون لک وڳهه جي ڪوٽ ۾ ڇڏي، پڳ تي دانهين ٿي آيو آهيان. دانهن ورنائين ته ويهان، نه ته موٽي وڃان. جي مونکي پڳ ملي ته پنهنجي ڀيڻ ٻاگهي جو سڱ ڏيندس. مادن، بادشاهه کي خبر ڪئي. عالادين چيس ته: لشڪر ڪيترو وٺي هلون؟ چنيسر چيو ته: جنهن دروازي کان لشڪر نڪرندو، انهي تي ست هٿ گز ڀالو کوڙيندس. اهو جڏهن گهوڙن جي لڏ سان ڍڪجي ويندو، تڏهن در بند ڪندس. ٻيا در پوري هڪڙو در کوليائون. لشڪر جي بهير ٿي. آخرڪار ست هٿ گز ڀالو لـِـڏ ۾ پورجي ويو. چنيسر، دودي جا پار ڏنا:

دودي ۽ دوداڻين جا، پڇ ته ڏيانءِ پار
ڪلنگيون ڪاپارن ۾ گهوڙا ڪارو نڀار
آڏو ايندئي اڌ ۾، زيريون پائي يار
ڦيريندئي پيا فوجن ۾، دودي جا هسوار
ٻانهان جنهن جون ٻـَـر ڀريون، مٿو جنهن جو مـَـٽ
دودي تنهن ديو جي، ڪير جهليندو سٽ؟
وٺي ڏيندئي سٽ، ڪين ڇڏيندئي قناط ۾.

 

عالادين جو لشڪر وڳهه جي ڀرسان پهتو. اها خبر ٻڌي، ننگر ۽ منگر سونهري تراريون ٻڌي، دودي کان موڪل وٺي، هڪلي آيا لشڪر ۾. هڪڙي سپهه سالار هنن کان پڇيو:

سچ چئو سچا ڇوڪرا، تنهنجو ڪڄاڙو نالو
تون ڦيرين ٿو فوجن ۾ سونهري ڀالو
چئي: پٽ آهيان ڄام چنيسر جو، ننگر مون نالو
مر ڦيريان فوجن ۾، مان سونهرو ڀالو.

 

ننگر بادشاهه جو سلام اچي ڪيو. عالادين چيس ته: ٻاگهي جو سڱ ڏيو ته موٽي وڃان. تڏهن ننگر جواب ڏنس ته:

تون سالون مون ڀيڻويو، موهر مونکي پرڻاء.

هڪڙي ماڻهو اُٿي چيو ته:

ڳـَـلٽيون وجهوس ڳاچ ۽ زر جوڙائي
جو اُٿيو عالادين سان ڳهه ڳهه ڳالهائي.

 

ننگر ورندي ڏني ته:

ڳٽيون تنهنجون ڳاڃ ڪريان، زر تنهنجي ذرا
ماريندوسئين ميڇ سان، سـُـڻي ٿو بادشاهه.

 

بادشاهه هنن کي حڪم ڪيو ته بيشڪ جنگ ڪريو!

ننگر نينگر ننڍڙو، جيئن سانوڻ مهيني سج
اچي پيو مغلن ۾، جيئن ڪڪرن ۾ وڄ.

 

جنگ شروع ٿي وئي. دودي کي چيو هئائون ته اسين مرون ته پوءِ اچجانءِ.

جڏهن ننگر منگر ماري، ٻٽ ٻڌائون ٻيل
ماري مغلن تن جي رت وهائي ريل.

 

 

 

 

 

دودي، ننگر ۽ منگر جي مارجڻ جو ٻڌو، تڏهن هڪلي آيو ۽ عالادين جو سلام اچي ڪيائين. دودي چيو ته: بادشاهه! اسان جو منگتو ڀاڳو ڀان آهي. اُنهي کان پڇون ٿا، جي اڳ سومرن، مغلن کي سڱ ڏنو هوندو ته پوءِ توکي به ڏيندس!

 

پڇئون ڀاڳو ڀان کؤن، پنبڻ کڻي پوءِ
ته ڪا سومري سلطان کي اڳ ڏني هوءِ!

 

تڏهن ڀاڳو ڀان جواب ڏنو:

نـَـو خفيف، ٻارهن ڀينء، پوءِ آئي ڀونگر ڀينء
ڀونگر ڀوڳي ڇڏي، هاڻي آئي دودل شينهن
اڄ کؤن پوءِ، ڏُومن ڳاوا وڻيون ڏي.

 

ڀاڳو ڀان چيو ته: اڳي ته سومرن ڪنهن کي سڱ نه ڏنو آهي، پر هاڻي جي دودو بادشاهه ڏئي ته وس وارو آهي. وڻيس ته کڻي ڏُومن (لنگهن) کي سڱ ڏئي. دودو ٽپ ڏئي اُٿيو، چيائين ته: جنگ ڪنداسين. جنگ جي تياري ڪيائين:

دودو کٽيڙن ۾ ريسا رڱائي
مـُـنهن ٻولايون ٻاهـُـڙيون ٿو گهوڙيون اَنائي
(1)
سونَ ڪڙوليون سنگهران، تني کي پائي
پوءِ ڀيٽ سنڀاهي، دودو عالادين ڏي.
                                      ---

دودي ڀيٽ سنباهي، گهوڙن لاءِ هنبس
نـَـو سـَـوَ نـَـون اڳرا، پاڳر جني پرس
پـِـرجا آهيون راوري، کائون ڏيهه انعام
چئي چنيسر چغل جي مار نه دودو ڄام.
                                      ---

اچي وڃي اڌ ۾ ماڌن وير وزير
جو گهڻي ناڻي لبيو، جنهن جو گـُـر ناهي پير
مـُـنـجي نا هاٿي گهوڙو، پاڻ نه ڏي جـُـهار
اهڙا لک ڏوُمن کي، واگهه وهاڻيون ڏي.

 

ماڌن چيو ته: دودي کي نه مار. بادشاهه چيو ته: دودي سان جنگ ڪرڻي آهي. دودو مارجي ته ٻاگهي جو سڱ ملندو. دودو جنگ ۾ گهڙيو ته ان مهل ڀاڳو ڀان کي چيائين: منهنجي مرڻ تي سومريون لاوارث ٿينديون. هاڻي تون ابڙي وٽ وڃ، سام جهلي ته سومريون وڃن ابڙي وٽ. ڀاڳو ڀان ابڙي وٽ ويو. ماڻهو کي چيائين ته: ابڙي سان ملندس ۽ دودي جو نياپو ڏيندس. هن ماڻهو جواب ڏنو ته:

ابڙو اڃان اڳي ٿي، جو ڪـُـوپن سندو ڪوٽ
هي ڀـَـر اسان سنباهي، تون منگتا پاهون موٽ.

 

ڀاڳو ڀان چيو ته:

پرديسان پنڌ ڪري، هلي آيس هـُـون
جو ڪچهري ڪيهر جي هلي ڏيکاريو مون
اَلفاڻـِـي ابڙي کي هڪڙو عرض ڪنداسون
(1)
اچي ڏٺو سون ابڙو، پاڳ سـُـبتو ڀيرُ
مـُـنيون ٻڌي سـَـڪـُـران، بـُـتس وڏي گيل
اُچو سڀن ۾ ابڙو، ٻيا نر برابر چيلهه
سامان تن سومرن جون ٻيو جهليندو ڪير؟

 

 

 

 

 

ڀاڳو ڀان، ابڙي جو قد ڏسي چيو ته: اهوئي مڙس آهي جو سام جهليندو. ڀاڳو ڀان ابڙي سان ملي کيس دودي جو نياپو ڏنو. ابڙي جواب ڏنو:

 

آءٌ چوانءِ ڙي منگتا، دودي تيئن چئيج
پيٺي مٿي پيچرا، واگهان جام وڙهيج
تراريون تـُـرڪ کي، واريون وات هڻيج
سـُـوڙهه نه ڏين ها سومريون. ڍِليون نه ڍاريج.

 

يعني هيڻي نه ٻولـج، سامون آءٌ جهليندس.

ابڙي ڀانُ سڏائيو، لنگهي اچي ويهه
سک وسي سـِـنڌڙي ۽ سـُـکنِ سندو ڏيهه
سـِـنڌ ولهٽي سومريون، مـَـرِي ڀونگر راءِ
ڏيئي چنيسر چائيون ديميون دليء کاء
شريڪن شور ڪري، ڀائر ويڙهايا ڀاء
لڳي جاءِ گهراء، هاڻي اُجهائڻ اَوَکي آهي.

 

ابڙي جي ڌيءُ ابڙي کي چيو ته: تو وٽان متان عالادين زوري سامون کڻي وڃي، اها ڳالهه ته ڪسي ٿيندي.

ابا! جهل نه ابڙا، پيٺيون نيندا پاڻ سان لـِـنڀو لائيندا
تڏهن ڀڙڪي اٿيو ابڙو، مـَـل مـُـڇان موڙي
ته خان گڏيندس خاڪ سان، آءٌ کنن سان کوڙي
جيڪي آيون مون اوري، سي مور نه ڏيندس سومريون.

 

تڏهن ڀاڳو ڀان موٽي دودي وٽ آيو ۽ چيائين:

الفاڻي ابڙي جي آءٌ ڳالهه ڪريان ڪيهي
سوٺا تنهن سامن جا هن کنيا سڀيئي.

 

دودو مئو ۽ ڪريو ته چنيسر اچي ڀاڪر پاتس، تڏهن دودي چيس ته:

 

 

 

ڪوڙا پٽ لوهاري جا، ڪوڙا ڀاڪر نه پاء
وڃي وڳهه ڪوٽ ۾ رهي راڄ رهاءِ.

 

 

چنيسر دودي جي مارجڻ کان پوءِ ترار کڻي عالادين جي لشڪر ۾ شروع ٿيو. ٻاگهي اها خبر ٻڌي:

هـُـيڙيون هندورن ۾ ٻاگهل سان ٻايون
موچاريون مـَـهرياڻ چوي، در مٿي دايون
ڪنڍيون لوڏين ڪوڏ مؤن، کنڌيون کاڻايون
هليون ڪنڊ ڪـَـهو رکي، ڏئي دوداڻي ٻانهون
پير نه جني جو پلنگ تي هو سمهڻ ڳاڙهي کٽ
هيون سڀ سومريون، جن کي ڏينهن ڏني ڏِٺ
لـُـڙين لاکيڻن تي پـُـوڻيون پون پٽ
پوءِ هـُـيڙيون مانَ مـَـرٽ، هليون ڏيئي ڪنڊ ڪهور کي.

 

اڳيان هڪڙو ريڍار  ”راٻڏو“  نالي ويٺو هو، تنهن خيال ڪيو ته لاشڪ سومريون منهنجي گهر ٿيون هلن، تڏهن هڪل ڪيائين ته:

تون ٻاگهي هڪڙي، مون وٽ ٻاگهيون چار
لڙي پاسو ڪر، منهنجا ٻچا نه ماراءِ.

 

مون وٽ اڳئي چار زالون آهن. متان تنهنجي ڪڍ عالادين اچي منهنجا ٻچا ماري. تڏهن ٻاگهي چيو ته:

ڇا ڪـِـيڙِي، ڇا ڪـَـٽڪـِـي، ڇا ماڪوڙي گهائي
ڪا سـِـنڌ ڀڳي ڙي راٻڏا، ڪا تو مٿي آئي
اسان ته آڳهه ابڙو، تو وائي وڃائي.

 

 

جڏهن راٻڏي کان سام لنگهي ته ٻاگهي هڪ ماڻهو کي چيو ته: تون ابڙي کي وڃي ڏاهه ڏي ته سام اچي ٿي، تون جهليندين يا اسين پٺتي موٽي وڃون؟

 

ٻاگهي ڏاهي مڪوته اول جهلين ابڙا، ڪي موٽي وڃون پوءِ؟               

---

تڌهن ابڙي اوٺي چاڙهيو پاڻان ڀلو ڀاءُ
ته سـُـرَنجـُـڻ سومرين جو اَدا وَٺـِـي آءُ.

 

ابڙي خيال ڪيو ته مان ڀـُـلو آهيان، ڀاءُ ته موڪليو اٿم پر پاڻ ڀي وڃان.

تڏهن اَڌ ۾ آيو ابڙو، هينور هلائي
نـَـوَ سـَـوَ سـُـومرِي گـَـڏي، ٿو ڳـَـرَ ڳچيون لائي.

 

تڏهن ٻاگهي چيو ته:

اَبو اسان جو اَبڙو، سـَـٻـَـڙُ ڀانيون ڀاءُ
ڳورِي لاٿو ڳـَـهڻو، ٻاگهل هارُ ڳوارُ
ته هيترو وٺ اسان جو، توکي سوڀان ڏيندو الله.

 

ٻاگهي نولکو هار لاهي ابڙي کي ڏنو ته: اسان وٽ هيءُ ڪجهه آهي، وٺ، توکي الله سوڀون ڏيندو. تڏهن ابڙي جواب ڏنو ته:

ڳورِي لاهة نه ڳـَـهڻو، تڪڙ هـَـلُ نه تون
هي سـِـر ڪـَـٽيو قربان ٿيو، مـَـٿي سـَـامـُـن مـُـون.

 

ابڙي اِها ڳالهه ڪئي ته سندس ڌيءُ، جا مٿي ماڙي تي ويٺي هئي، تنهن ڏٺو ته جکرو نانءُ هوس جاڙيجاڻي ذات جو، اُنهيءَ جو ابڙي ڏي ڪو پاند رهيل هو، انهيءَ ڳڙدي ڪئي (جـُـلهه ڪئي) ته ابڙي کان وير وٺي اچان، اهو ڏسي مائـِـي خيال ڪيو ته هـِـت اسان وٽ سام آيل آهي ۽ هي پاند وٺڻ ٿو اچي، سو اُتان هڪل ڪيائين ته:

جاڙيجاڻي ذات جو ته ڀير سڃاتو مـُـون
ٻول نه پڙيئه ابڙا! ڀيري ڪندءِ ڀـُـون.

 

اهو اکر ٻڌي، جکري خيال ڪيو ته جيڪر سومريون ابڙي وٽ سام آيل آهن، تڏهن جکري هڪل ڪئي ته:

مـَـتان ماندو ابڙا، اِجهي آياسون
سومريون سلطان کي مـَـرِي ڏينداسون.

 

ابڙي هڪل ڪئي ته:

کوءِ ڍِلان جي دوستي، ڀـَـلو ڀـَـلان جو وير
جو جاڙيجاڻي جکري، اچي ڏنو پاڳوڙي ۾ پير.

 

جڏهن جکرو آيو ته چيائين ته: هاڻي عالادين سان مـُـنهن آهي. ابڙي چيو ته: سـَـٻڙ منهنجو پـُـٽ ٻارهن مهينن کان رُسي ويو آهي، انهيءَ ڏانهن ماڻهو موڪليون:

ابڙي اوٺـِـي چاڙهيو، سوڌو سـَـبڙ ڏاءُ
ته مون گهر ناٺـِـي آئيا، تون واگهه، وهلو آءٌ.

 

تڏهن سبڙ چيو ته:

اُڪنڊ ابڙي ناهه، ۽ حب اسان ئي ناهه.
پـَـر هلبو انهيءَ وهانء، تون ڪوٺو آئين.
(1)

 

جڏهن سبڙ ۽ سالار آيا، تڏهن ابڙي چيو ته: اوهان ويهو ته پهريائين مون مـُـنهن ڏيان، جو سامون مون جهليون آهن. ابڙي پهريائين جنگ کي مـُـنهن ڏنو. جنگ ڪندي ڪندي جڏهن ابڙو ماريو، تڏهن سبڙ ۽ سالار اُٿيا. جڏهن سبڙ ۽ سالار ماريا تڏهن جکرو اُٿيو. هلندي هلندي عالادين جي فوج جا سامان کٽي ويا، تڏهن انهن چيو ته: اسان کي وِٿـِـي ڏي جو سامان کٽل آهي. جکري چيو ته: وِٿي نه ڏيندس پر سامان اوهان کي مان ڏيندس. تڏهن ملوڪ بيان ڪيو ته:

 

 

 

 

دارُون دُڪو هڪڙو وڃي لڳو لـَـکُ
سمن ڄامن جي پـَـک، جـَـال ڏئي ٿو جکرو.
                                      ---

 

دارون دُڪو هڪڙو وڃي لڳو پدم
ڀري پاڻ قدم، اڃان جال ڏئي ٿو جکرو.
                                      ---

داورن دُڪو هڪڙو، وڃي لڳو نـِـيل
سمو ڄام سـَـبيل، جال ڏئي ٿو جکرو.
                                      ---

دارون دُڪو هڪڙو وڃي لڳو ڀيد
سمن ڄامن جي کيڏ، اڃان جال ڏئي ٿو جکرو.

 

جنگ ڪندي ڪندي جکريو به ماريو، تڏهن هن پاسي نائون عالادين ۽ اٺ ڄڻا ٻيا بچيا. هاڻي هنن دل ۾ خيال ڪيو ته هاڻي ٻاگهي جو سڱ اسين هٿ ڪنداسين. اڌ رات ٿي ته ڀير تي ڏؤنڪو لڳو ته جنگ جي تياري ٿي وئي. عالادين حيران ٿي ويو ته هن مهل ڪير آيو جو جنگ جو نغارو لڳو! تڏهن هڪڙو ماڻهو آيو، جنهن کان پڇيائين ته: خبر ڏي ته ڪير آيو آهي، جنهن جنگ جي تياري ڪئي آهي! هن ماڻهو جواب ڏنو ته: اڃان ڏونگر راءِ آهي، جيڪو:

اَڻ ڏٺن آڏو وري،ڏسي ڇڏي ڪياء
جي اڻ وڙهيو ويو آن ته گڏهه تنهنجي ماءُ.

 

تڏهن عالادين چيو ته: ٻيلي! اسان وٽ نڪو آبارود، نڪا هاڻي جنگ ڪريون. تڏهن هن ماڻهو چيو ته: تون اسان کي هٿ اکر وجهي ڏي ته اسان جنگ هارائي. عالادين هٿ اکر وجهي ڏنا ته: ڏونگر راءِ کٽي، اسان هارائي. پوءِ چيائين ته: هاڻي اچي ڏونگر راءِ ته ملون. چيائون ته: هينئر نه، صبوح جو ملندو. دودي جي گهر واري اميد سان هئي. تنهن کي انهيءَ مهل پٽ ڄايو. تڏهن هن ماڻهو اچي خبر ڏني هئي ته دودي جو پٽ ڏونگر راءِ ٻه - ٽي سال ٿيا جو رسي ويو هو، اُهو آيو آهي تڏهن جنگ ٿيندي.

جڏهن صبح ٿيو، تڏهن ٻار کي رتـڙن جي ٿالهه ۾ وجهي، پـَـٽ جي ٻنڌڻن سان ٻنڌي، اچي بادشاهه جي پيش ڪيائون ته ڏونگر راءِ هيءُ آهي. تڏهن عالادين سٿر تي هٿ هنيو ته: ٻيلي! ننڍڙي ٻار تي جنگ هارائي ويهي رهياسين. تڏهن ڇوڪري ڪـَـرُ موڙيو ته ست ٻنڌڻا پـَـٽ جا هئا، ستئي ٽـُـٽي پيا. عالادين چيو: شينهن جا پـُـٽ شينهن آهن. اِهي اکر ڳالهائي عالادين موڪلائي اٿيو ته: ادا! اسان هاڻي هلون ٿا ڏيهه ڏي.

عالادين پنڌ ڪندي ڪندي جڏهن ماٿيلي جي شهر جي ڀرسان آيو، تڏهن هڪڙيون ضائفائون کوهه تي بيٺيون هيون ته هنن کي ايندو ڏٺائون. هڪڙي ٻين کي چيو ته: ڙي! خبر اٿو ته هي دهلي جو بادشاهه اٿو عالادين، جو ويو هو ٻاگهي جو سڱ پرڻجڻ. هاڻي ٻاگهي پرڻيو موٽيو ٿو وڃي. تڏهن عالادين دل ۾ خيال ڪيو ته: هي ته ڳالهيون اڃان هتي هليون آهن، دهلي ۾ الائي ڪهڙو نڪ وڍيندا. ضائفائن اهو ڄڻ طعنو هنيس ته ڪهڙو نڪ کنيو دهلي ٿو وڃين! تڏهن عالادين چيو ته هت هيتري گلا آهي، تڏهن هـُـت (دليءَ ۾) الائي ڪيتري ٿيندي. پوءِ هڪڙي سنگتي کي چيائين ته: هي پئسا کڻي نوَ گوريون وٺي آءٌ. جو اهو شخص نـَـوَ گوريون زهر جون وٺي آيو. عالادين چيو ته: سڀئي يار هڪڙي هڪڙي گوري ڍاريندا وڃو. سڀني ائين ڪيو ته نوَ ئي مري ويا. جڏهن هو فوتي ٿيا تڏهن ماٿيلي جي ماڻهن نون ئي ڄڻن کي گڏي هڪڙي ئي جاءِ تي کڻي دفن ڪيو، جيڪو نوَل گورِي پـِـير جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

____*____


 

(1) اَنائي (محاورو) = اَڻائي، گهرائي.

(1) الفاڻي، ابڙن جو هڪ پاڙو.

(1) ڪوٺو = ڪوٺيندڙ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org