(2)
مـُـستي نالي شاعر جي بيتن ۾ جوڙيل ڳالهه
[هيءَ ڳالهه شاعر ’مـُـستي رند‘ جي چيل بيتن تي
مشتمل آهي. مـُـستو رند آڳاٽو شاعر ناهي ۽ پڻ سندس
چيل ڳالهه ايتري آڳاٽي نه آهي. بيتن مطابق ڳالهه
جي سٽاءَ هن ريت آهي: دودو ۽ چنيسر ماٽيجا ڀائر
هئا. پيءُ جي مرڻ تي چنيسر پڳ ٻڌڻ لاءِ ماءُ کان
پڇڻ ويو، پويان دودي دغا ڪري پڳ ٻڌي. چنيسر ڪاوڙجي
عالادين ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي هڪڙي باغ ۾
ترسيو، جتي راڪاس ماريائين. پوءِ دهليءَ ۾ اچي
عالادين جو مڪنو هاٿي ماري، ساڻس مليو ۽ پڳ وٺي
ڏيڻ لاءِ چيائين. عالادين صلاح ڏنيس ته اوهين ڏاڍا
مڙس آهيو، پاڻ ۾ وڃي پڳ جو نبيرو ڪريو، پر چنيسر
کيس ’ٻاگهيءَ‘ جو سڱ آڇي، دودي تي چاڙهي آيو.
هيءَ ڳالهه آڳاٽي ڇپيل ڪتابڙي تان اُتاريل آهي،
جنهن جا پويان ورق زبون ٿي ويا هئا، تنهنڪري هتي
اڻپوري روايت شامل ڪئي ويئي آهي. ن - ب[
1- سمائي سوَ هئا، جن ۾ هو دودي جو دهڪار
مردن ۾ مرد هو، جنهن جو ڏينهن ۾
ڏهڪار
صبح سان سوا مڻ جو سمون ڪندو هو
سينگار
بئينِ بندوقون بڙڇون، ۽ ٻيا ڪل
هٿيار
ڪري سنج سامونڊي تي ڪندو هو شينهن
جا شڪار
جنهن جا ايڏا هئا اختيار، سي
چنيسر چور ڪيا.
2- چنيسر چور ڪيا، جنهن سان دودي ڪئي به
دغا
پيءُ ٻنهين جو هڪڙو، هئي ماٽيجي
ماءُ
مير آيو هو محلات ۾ وٺڻ سڌ صلاح
اتي ماءُ آيس، مستي چوي، جنهن
سڻايس ڳالهه صفا
پٽ! پڳ پيڙهي تنهنجي، وڃي دودي
دانہ جو ڇا؟
وٺي راءُ رضا، چڙهيو چنيسر چائنٺ
تي.
3- چڙهيو چنيسر چائنٺ تي، گڏيس دايو در
مهندان
ڏنئين مبارڪون مير کي، کلي خوشيءَ
منجهان
ته ڀيريون وڄن ٿيون ڀتار جون،
ڪامل جي ڪوٽ مٿان
مون کي موڪليو اٿن، مستي چوي، رکي
هاج هٿان
آءٌ ٿو توکي چوان، هلي لهراءِ
سـُـوءَ سمن جي.
4- ڪيئن لهرايان سوءَ سمن جي، بيٺو کلي
چنيسر کار
سڏيو تن سمن کي ٿو سهجان ڪري
سينگار
اتي ماءُ آيس، مستي چوي، جنهن
سڻايس ڳالهيون چار
پـُـٽ! پيڙهي لڄائي پنهنجي، ٻيا
لڄايئي ناناڻا لهار
ٽيون وڏي هوندي ننڍي کي، ڪونه
چوندا پرس پڳدار
ماريس انهي ميار، چنيسر! چريو
چوندئي.
5- سڻي ڳالهه سڙي ويو، ڪڙهي ٿيو ڪارو
من اندر، مستي چوي، ٿيس وِسوِس جو
وارو
ڀاڪر وجهي ڀاءُ کي ڏئي اُٿيو
اوٻارو
ادا! پڳ ڏين ته پرچاء ٿئي، نه ته ڪيان ٿو ڪوٽ سڄو ڪارو
هاڻي نر هڻي نعرو، آڻيندس عالادين
کي.
6- چئي: آڻي عالادين کي، پنهنجي پت نه
وڃاءِ
ڀائر ٻيلي ڀائرن جا، ڪاوڙ ناهي
ڪاءِ
آڳ واڳ تنهنجي هٿ ۾، تون حاڪم ٿي
هلاءِ
ملڪ مڙيئي پنهنجو، وڃي مهر هڻي
مڃاءِ
ٻڌائي اٿن پڳ، ٻروچ چوي، سا لائق
ڪري نه لهراءِ
مستي چوي، مهراءِ، هلي ڪامل ويهه
قلعي تي.
7- چئي: ادا! ڪيئن ڪامل ويهن قلعي تي، جي سک مڙئي سارين
اؤڻيون پؤڻيون ڳالهڙيون ٿا وير به
وينجهارين
’اِهدنا الصراط المستقيم‘ چڱا
به ايئن چون
پڳ ڏين ته پرچاءُ ٿئي، نه ته
ويندي خصومت ڪين
جيئن بابو وڄائي بين، تيئن
وڄائيندس صاحبي سمن جي.
8- ڪيئن وڄائيندين صاحبي سمن جي، جن کي ڏني رب رحمان
دڙڪا ڏي نه دهلي جا، دانہ ڪر
ڌيان!
هي به ڪن ٿا رؤ راڪسن سان، ڪن ٿا
هاٿين کي حيران
وڄائيندا پري پٺاڻ جي، جو سڻندو
جڳ جهان
پر ڪر اسان تي احسان، خبر نه ڏي
خراسان کي.
9- خبر ڏئي خراسان کي، جوان آڻيندس جائي
اتي ماءُ آئي هيس، مستي چوي، جنهن سڻايس ڳالهه سڀائي
پٽ! پڳ تون ٻڌندين، سڙندي دودي جي
دائي
آڻيندين عالادين کي، وراهينديس
محي الدين جي مٺائي
پوءِ سمن سڀڪائي، عزت عالادين
ڪندو.
10- عزت عالادين ڪندو، آءٌ به ڪندس عهد اقرار
ٻڌائيندس، ٻروچ چوي، ننڍا وڏا ٻار
سڀئي ڏيندس سمن جا پورا اُتي پار
ڏيئي قول قرار، چڙهي چنيسر هليو.
11- چڙهي چنيسر هليو، جنهن سان هليا چڱا مڙس
چار
هڪ وسوسو وجود ۾، ٻيو وِرهن جو
ويچار
ٽيون دليل دودي جو، جنهن ڏيکاريس
دهلي جي درٻار
چوٿون شامل شيطان هو، جنهن کولي
ڪيس خوار
تنهن تي مورئون ناهه ميار، طبابت
نٿي پڄي تن جي.
12- طبابت ڪجي تن جي، ڪهڙي پرِ ڪجي
واري هن وجود ۾ هڪ وزير وهارجي
قضا تي جو قاضي آ، تنهن کان اٽڪل
سان اُٿجي
چرئي تنهن چنيسر کي چڱي مت چئجي
سما! سا ئي پر ڪجي، جا وڻي ريت
راڄن کي.
13- چئي: راڄن جي ريت جو مون کان سارو پڇ
ماءُ
پيءُ ٻنهين جو هڪڙو، هئي ماٽيجي
ماءُ
’تو بو الله توبہَ نصوحاً‘ ٿا
پڙهن پکي آيت اِها
سمن مون سان سهڻي ڪانه ڪئي، دودي
ڪئي دغا
ڪري هڪ الله، راءِ چڙهيو رڻ تي.
14- راءِ چڙهيو رڻ تي، وڏي دل ڪري
آرائين گڏيو هئس آڏو، ٻٽي پير ڀري
ڪير آهين ڪاڏي وڃين، ڪهڙا ڪشالا
ڪري؟
بلڪل نه لهجان باغ ۾، توڙي هجئي
پنڌ پري
راڪس اچي ٿو رات جو، اهو مرون شل
مري
توڙي هجئي پنڌ پري، ته به بانڪا
نه لهجان باغ ۾.
15- بانڪا لهڻ باغ ۾، اٿئي سمن صلابت
اچي ٿي اوچتو آڌيءَ جو آفت
هينئون منهنجو همت نه ڪري، روح
سڪايا رت
اي موڳا وٺ مصلحت، راڪس راڄ
کپائيا.
16- راڪس راڄ کپائيا، جنهن کي سمان نه هئا
سـُـجهندا
بيٺو پڇي آرائين کان، سهڻي ڳالهه
به سا
مرون اچي ٿو ڪهڙي مهل ۽ ساعت وٺي
سا؟
آءٌ به ماريندوسانس، مستي چوي،
آيت پڙهي اِها
’نصر مـِـنَ الله فتح قريب‘
توڪل بر خدا
سنڀاري سائين کي سمي ڪيو سماء
واڪو ٿيو وڻن ۾، پنن ۾ پڙلاءُ
ديوَ اچي ڌڌڪو ڪيو، مرونء به مٿان
ورايئين هٿ هٿيار کي، ڪٽاري قصد
منجها
وڍيئين مٿو مرونءَ جو، ڪنڌ به
ڪياڙي کان
رت وهي ريلا ٿيو، ديوَ ڪيا ڌڌڪا
پليت تنهن جا پهرين ٿيا قيمتي
ڪپڙا
ڌوتائين ٿي ڌوپ سان، هلي پاڻ هٿان
اڃا هئي رات پهر سوا، اچي سمون
ستو سيج تي.
17- سمون ستو هو سيج تي، آرائين آيو
چئي: ڏسان منهن مهمان جو، ڇا راڪس
رهايو
پير جهلي پاڻ لنگهي آيو، هن جوان
نه جاڳايو
وڍي چوٽي ڪـَـن جي، ڪيئين پڇ
منجهان پورائو
کڻي هليو خوش ٿي، هن جي روح ڏنو
رايو
راجا وٽ، رند چوي، هو ڀٽيءَ پاڻ
پڏايو:
ته وڙهڻ جو انهي ويرِي سان، مون
کي هو سڄو ورهه سعيو
اڄ جڏهن موليٰ ملايو، ته ڪپيو اٿم
ڪوڏرن سان.
18- چئي: نڪين ڪپجن ڪوڏرن سان، نڪين راڪس
وهن رت
اهي به شناختون اٿئي سمن جون، جن
تي هاديءَ جا هٿ
روبرا رت، هلي راجا ڏسندو، رند
چوي.
19- راجا رت ڏسڻ جي ڪئي آس اتان
ويٺو آهه مرد ميدان ۾، پئي نر
نگاهه
چئي: ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪنهن
جي ڪم پٺيان؟
چئي: مون کي کپي ٿو، مستي چوي،
لشڪر لک سوا
آڻي مرد بيهاريا جنگي جنگ سندا
اُٿي مرد ميدان ۾، سمي ڪئي به
سماء
چئي: جيڪا مڙسي مڙسن ۾، ساهت مڙدن
ناهه مڻيا
ڪري هڪ الله، دانہ ڪاهيو دهلي ڏي.
20- دانہ ڪاهيو دهلي ڏي، ڪري الله توآهر
آخر اتي رسيو، ڏٺئين ڪوٽ ڪڪر
هئي اونداهي اَپڇر، اچي عاقل ٽڪيو
اوطاق ۾.
21- عاقل ٽڪيو اوطاق ۾، چنيسر راءُ امير
هاٿي ڇٽو هو راوُ جو، مڪنو اُت
مهمير
پيلوانَ پري کان هڪل ڪئي، تون
سائو ڇڏي وڃ سير
چيائين: مهمير مڙندو ڪونه ڪو، اصل
آهي امير
اڇليئين هٿ همٿ سين، قهري لنگهي
پيس ڪير
امر ساڻ الله جي وڃي هاٿي ڪيريو
همير
پوءِ اهو ’نذربيگ‘ نظير، وڃي
ڪيو اڳيان عالادين جي.
22- اڳيان عالادين جي، ڪئي گويا هيءَ گفتار
ته مڙد آيو ٿي ميدان ۾، سڄي
دهليءَ جو دهڪار
هاٿي ماريو اٿس هڪڙي هٿ سان ڪري
شوق شڪار
تنهن جي پرس پچار، اڳي عالادين
ڪر.
23- اتي عالادين اُٿاريو، چوڌاري چاري
گهمي اچو سڀ گهٽيون سڌ وٺي ساري
آهي شونقي شڪار جو، ڪي آهي ملڪ
سندو ماري
عاقل ڳالهه اُٿاري، اچي دانہ بيٺو
در تي.
24- دانہ بيٺو در تي، پيون پٺاڻن منجهه
پچارون
لکي موڪليائون لشڪر ڏي، تهتا
سگهيون تارون
مڙد آيو ٿوَ ميدان ۾، سڄي دهليءَ
جو دارون
پوءِ مڙد به ميارون، ٿي وير
لاٿيون ويهڻ سان.
25- وير لاهي ويهڻ سان، پڇيئون سڌ خبر
ڪير آهين، ڪاڏهون وڃين، ڪهڙو
تنهنجو نالو نر؟
چئي: سمون آهيان سومرو منهنجو
نالو چنيسر
آيو آهيان اولَ ٿي، پلئه وٺي پرور
سمن مون سان سهڻي ڪانه ڪئي، ڏنئون
دودي دلاور
پوءِ ڏئي وڳهه کي وَر، مون کي پڳ
وٺي ڏي پنهنجي.
26- پڳ ٺهراءُ پاڻ ۾ وَڃي سمان ڪريو صلح
ڀائر ٻيلي ڀائرن جا، ڪاوڙ نه آهي
ڪار
نه ته باشو وٺي وڃ بادشاهه جو،
جنهن سان چڙهندا لک چار
ڪاهي پوندا ڪٽڪ ۾ نر نه ڇڏيندا
نار
تنهن جي مدد ميار، وري نه ڪجاءِ،
وڳهه تي.
27- وري تنهن وڳهه جي ڪاڻ به اٿم ڪانه
بات نه هلندي باشن جي ڀڄائيندن
ڀان
هو به ڪن ٿا رَوَ راڪسن سان، ڪن
ٿا هاٿين کي حيران
متان وڃائين مستي چوي، پنهنجي
مغلن سندو مان
پنهنجي سر سلطان، هلي ڏي ور وڳهه
کي.
28- ڏيندس ور وڳهه کي، مون کي هٿ به ايندو
ڇا
مون کي وٺي ڏين مستي چوي، ڪو سڱ
به سمن مان
ته ڪاهي هلان ڪٽڪ کي، رکي حال
هتان
پوءِ وٺي راءُ رضا، چڙهي چنيسر
سان هليو.
29- چڙهي چنيسر هليو، جنهن سان هليا ڪٽڪ
ڪارونڀار
هرڻ مرون حيران ٿيا، شينهن ڇڏيا
شڪار
پنڌرهن ڪوهن ۾ پلٽڻ هئي ٻي اڃان
پري هئي پچار
بنهه بورچي بس هئا، ته به ٽي لک
ٽيليدار
اهڙي ساڻ آچار،اچي ديميون لٿيون
درياهه تي.
عالادين جو سوال ننگر جو جواب:
عالادين اٿي چيو، ننگر نوڙي ڪري سلام
ڏي ٻانهن ٻاگهيءَ جي ڪيئين سارو ملڪ انعام
دنگ ڏيندو سئين دوداڻي ٻيو دهلي خراسان
نه ته ميڙ مڃيندس ڪانه، آءٌ ڪاهي ايندس قلعي
تي.
----
ميڙ مڃين مستي چوي، جيڪي هجن بيشڪ بادشاهه
ترڪ ڪميڻيءَ ذات جا اوڇو ڪين ڳالهاءِ
گوڊُو پٽ گڏهه جا ويري ولد زناء
ڌيڻين ڏي دودي کي، ڀيڻين مون پرڻاءِ
ٻي هجئي موچاري مغلياڻي، ته اٿي ڀونگر منهنجا
ڀاءُ
تون به مرڪندو وڃ مغلن ڏي، وڃي دهليءَ ۾ دُهل
وڄاءِ
پکا وجهي پٺاڻن جا کٽيو ويهي کاءُ
ڪري هڪ الله، ڪاهي پئو ڪٽڪ ۾.
------*-----
|