سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 10

ڪنڊياري طرف جي روايت

[هــن روايــت هـيــٺ ٻه ڳالـهـيـون شامل ڪيون ويون آهن: (1) واحد بخش ڄامڙي (تعلقو گـنبٽ) جي کنيل ڳالهه، ۽ (2) غلام حـسـيـن ڪـلـهــوڙي (تـعـلـقو ڪنڊيارو) جي کـنـيــل ڳـالــهـه. اصـل ۾ اهــا سـاڳــي ڳـالـهـه اندازاً هڪ سؤ سالن کان اڳ خانواهڻ ۽ ڪنڊياري طـرف هـلـنـدڙ هـئـي، جتان گـنبٽ جا ڄامڙا ۽ ڪنڊياري جا ڪلهوڙا سکيا، ۽ اڄ تائين وٽن هــلـنــدڙ آهـي. واحد بـخــش ڄامڙي واري ڳــالهه مـخـتـصــر ليڪن بيتن جي لحاظ کان آڳاٽي آهي. جڏهن ته غلام حسين ڪلهوڙي جي کنيل ڳالهه سموري نظم ۾، ۽ تفصيلي آهي. ڳالهه جا ٽاڻا نثر جي بدارن، بيتن جي سٽاء ۾ بيان ٿيل آهن. غلام حسين ڪلهوڙي جي چوڻ مطابق انهيءَ ڳالهه ۾ سندس اُستاد مـَـٽـُـل لوچي جا اضافا ڪيل آهن، جنهن اصل ڳالهه ۾ چـِـٽ گل وجهي، ڳالهه جي کڻڻي کي وڌيڪ سهڻو بنايو. انهي ڪري ٻنهي ڳالهين جي اسلوب ۽ مضمون ۾ ڪافي فرق آهي، جيڪو هن بعد شامل ٻنهي ڳالهين مان واضع آهي. [

 

 

 


1- واحد بخش ڄامڙي (تعلقو گنبٽ) جي کنيل ڳالهه

 

[راوي حاجي واحد بخش پٽ خان محمد پٽ ميهر ڄامڙو ابڙو، ويٺل ڳوٺ شاهه علي ڄامڙو لڳ صوڀو ديرو، تعلقو گنبٽ، ضـلـعـو خـيــرپــور، عـمــر 75 سال. ساڻس حيدرآباد ۾ تاريخ
27- آڪٽوبر 1971ع کان وٺي ڪچهري ٿي ۽ هيءَ ڳالهه لکايائين. حاجي واحد بخش هيءَ ڳالهه سندس ڏاڏي ميهر کان سکي، جنهن هي ڳالهه دادو ڄامڙي کان سکي، جو سندس همعصر هو پر وڏو سيلاني ۽ سيبتو هو. دادو هي ڳالهه خانواهڻ (تعلقو ڪنڊيارو) جي سگهڙن کان سکي. حاجي واحد بخش جي زباني مان معلوم ٿيو ته پاڻ هيءُ ڳالهه 1910ع ڌاري سکيائين، ۽ سندس ڏاڏي هيءُ ڳالهه 1890ع ڌاري سکي، ۽ دادوءَ هيءَ ڳالهه انهيءَ دور ۾ خانواهڻ مان سکي. يعني ته هيءَ ڳالهه 1890ع کان اڳ ڪنڊياري طرف هلندڙ هئي. منڍ کان وٺي، هيءَ ڳالهه  ’ڪوهياري‘  جي سـُـر مان کڻندا هئا. ميهر فقير، ڪنجهي جي ٿالهيءَ جي وڄت تي ڳالهه کڻندو هو. حاجي واحد بخش ٿالهي توڙي گهڙي تي ڳالهه کنئي. سندس پٽ خان محمد ۽ ميانداد اڃا تائين ساڻس گڏ ڳالهه کڻائيندا آهن. ن - ب
[

اول نالو الله جو ٻانها ٻيءَ مَ لڳ
جنهن عالم آسرو لـَـڙهه تنهين جي لڳ
ريءَ ٿنڀين، ري ٿوڻيين، آگي عرش بنايو اڀ
آگي عرش اڏائيو پيدا ڪيائين جڳ
اڳ ۾ مير محمد مصطفيٰ پٺيءَ سارو جڳ
لـُـڏڻ هل ته رانوَل ڀيٽيون جنهن جي ڏٺي ڇٽندو جڳ.
                                             ---

وٺج نالو الله جو مڙني موچارو
پڙهين ۽ پيرن کي مور نه مونجهارو.
                                      ---

پنجئي وقت نماز جا ٽيهئي سيپارا پڙهن
جن جو نينهن نماز سان سي مـُـوران ڪونه مرن.
                                      ---

وڏو ننڍو نه مري، مري نه جوڌ جوان
لڏڻ، ور ڀاٽياڻيءَ نه مري، ڪندي نه ٻيو ڪانڌ.
                                      ---

سي سڀ سلامت سومرا، هـُـن جو ستو ڀونگر راء
پيڙهي جو پڳ وَرَڙو، ڏيندا ڪهڙي ڀاء
چون: ڏيو پڳ ٿهيم کي، جيڪو آ ڀلو ڀونگر ڀاء.
                                          ---

چنيسر ويو هو شڪار تي جان اوڏاهون آيو.

ته ڀائن سڏ ڪيس ته: ننڍو دودو، وڏو تون، پڳ توتي آهي. تڏهن چيائين:

دير ڪيو ائين ڀائرو، جيتر مان گهمي اچان گهر.

تڏهن ڀانَ وزير ڀـُـڻڪندي چيو ته: چنيسر پڇڻ ويو آ ماءُ کان، هاڻي پڳ ٿهيم ٻڌي ته واهه، نه ته ڪو ٻيو ٻڌي!

 

 

 

 

تڏهن ويهي ڪچهريءَ وچ ۾، دودي ڳوڙهو ڪيو ڳالهاء
پڳ ابي ڏاڏي منهنجي، ٻئي جـِـي لڳ نه ڪاء
دودي ور ورائيو، لڳو ڀير ڌڪاء
ٻانهي ڀڄائي آهي اندرئون، چنيسر جي ماء
ته لهي آءُ سڌ سمائڙو، پيڙهيءَ ڪهڙو پاء
ته دائي ڊوڙي نڪتي هن جو لهڻ سڌ سماء
چئي: سائڻ! چنيسر چائنٺ تي مـَـري، پيڙهيءَ دودل راء.
(1)

 

 

تڏهن ماءُ چنيسر کي سامهون چيو ته:

ڄڻيو هو مانءِ پٽ ڪري، ٿئين سامائجي ڌيء
پيرن پـُـٺيرو ڪيوءِ، تو ٻـَـڌي نه سائي.
                                      ---

ته ڀـِـت منجهارؤن نڪري توکي سپ چنيسر کاء
شل مرين ته موچارو ٿئين، اهڙي جيئڻ پڄاڻاء.

 

اتي سس کي چنيسر جي زال چيو:

چاچي! منهنجي ڪانڌ کي مـُـٺي ڳوري نه ڳالهاء
منج واڍا وڻراهه ڏي، چڱو چندن آڻاءِ
چرکو چندن عاج جو تنهن تي چتونئڙا به چاڙهاءِ
جوٽو جيسر مير جو، ٽـَـڪُ گهڙي لوهار
اوچي ڪپهه لاڙ جي سا اوڏاهون آڻاءِ
پهر ۾ پاء ڪـَـتي، سانجهي سير سواء.
                                      ---

اڳي هيونسون ٻه ڄڻيون هاڻي ٽلي ٿيونسين ٽي
اَيٽ گهڙائي ڏي عاج جو، ڄام چنيسر کي
ويهي آتڻ وچ ۾، پانديون ڪتندو ٽي
پوءِ اهڙي پـُـٽ جو کٽيو تون گهر ويٺي ئي کاء.
                                      ---

نيرو گهوڙو وڪڻي، ڇورا وڏي ڌَوَڻ ڌار
اڳي آڌيلي ٽـَـڪُ هڻي، هاڻي پئسي چار سنوار.

 

چنيسر کي مهڻن تائي کنيو، سو گهوڙي تي چڙهي ٻاهر نڪتو، ۽ دودي کي سامهون ٿي چيائين ته:

مـِـهڻن مـُـٺو آهيان، دودا مهڻا ڏنم ماء
ويڻن مـُـٺو آهيان، دودا ٻي جا اٿس رن
پوءِ آڻي عالادين کي تنهنجا دودا پٽايان ڪن.

 

چيائين ته: آءٌ دهليءَ ٿو دانهين وڃان ۽ توتي ڪٽڪ ٿو چاڙهي اچان. تڏهن کيس دودي چيو ته:

ڀائر پرچؤن پاڻ ۾، ادا! کلي پيون کير
جيڪا مدائي من جي سا اسان جي ميٽي محي الدين.
                                             ---

ٻـَـڌم لاهي نه ڏيان، جيڪا ڏيهه ٻـُـڌي آهي
ٻـَـڌيءَ جي لـڄ تون رکين، ٻيا راڄ چنيسر ڏي.

 

چنيسر ڏمريو، جنهن تي دودي کيس پرچائڻ لاءِ ميڙون سنباهيون. پهريائين پنهنجي گهر واري  ’بيبل‘  کي چنيسر ڏي مـُـڪائين:

دودي ميڙ سـَـنباهي، بـِـيبـُـل ڳوري ميڙ.

مائي چنيسر کي چيو ته:

 

 

 

 

ميڙ مڃين ڀائرن جي، توسان پرچي پاڻ الله
هاڻي ويهه، کلي چڙهه کٽ تي، توکي اهڙو جوڙ جڳاءِ.

 

 

جهڙيون ڀينـَـر تهڙيون ڀاڄايون. مان تو ڏي ميڙ ٿي آئي آهيان. تڏهن چنيسر جواب ڏنو ته:

مان به وجهنديس ويريين ڄولي ڄولي ڄار
سـُـتيـُـون ڪڍي سمونڊ مؤن، جيئن مڇيءَ پوي ڄار
مان دعويٰ دودي جي ڀڃان، ميڙي پار اورار.

 

تڏهن بيبل به چيس ته:

ڀلا ڦوڪ ته لڳي انبرين، جيئن ٻارين تيئن ٻارِ
تون به اڳ جو آسانگو کڻي پوئتي ڪين واجهاءِ.

 

تڏهن چنيسر گهوڙو ڪاهيو ٿي ته ننگر اچي واڳ مان جهليس. تڏهن چنيسر چيس ته:

نر ننگر تون ننڍڙا، وٺ نه گهوڙي واڳ
آڻي عالادين کي، مان دودي ڏياريان داڳ.

 

تڏهن ننگر جواب ڏنس ته:

دودو داڳي سڀ کي، دودي داڳي ڪير
تون به آڻج عالادين کي، اسان وَهندو وٺون وير.
(1)

 

چنيسر کي چيائين ته: ابا! جي نٿو مڙين ته ڀلا ٿيءُ روانو ته اسان به سگهو وير وٺون. پوءِ چنيسر سورهن سوارن سان وڳهه ڪوٽ مان چڙهيو:

پـَـهـِـلو ويلو واٽ ۾ هن کي پئو  ’نيرڻ ڪوٽ‘
چنيسر ڀائن کي ڪندو ماري پيرن هيٺ
ٻئو ويلو رڻ ۾ پئن  ’ٻـُـٽي ڪوٽ‘
چنيسر ڀائن سان چئنچل ڏيندو چوٽ
ٽيون ويلو رڻ ۾ پئن  ’جيسر مير‘
چنيسر ڀائن کان وڃي ٿو ڪنهن وير
چوٿون ويلو واٽ ۾ هن کي پئو جو بـَـڙ هيٺ
وڻ کٿوريءَ واسيا لڳن اُتر واءُ.

 

رات پئجي وئي ته هي اتي رهي پيا. ٻن پکين وانهيري تي ڳالهايو. هڪ چيو ته: چنيسر وڃي ٿو ڀائن تي دانهين. اڃان واٽ تي مقابلا ڪرڻا اٿس. تڏهن ٻئي چيو ته: جنهن لام تي آءٌ ويٺو آهيان، ان مان لڪڻ ڀڃي هٿ ڪندو ته جنهن شيءَ کي به هڻندو ته ان کي اوس ماريندو. پوءِ صبح جو اها ڀڃي چنيسر پنهنجي هٿ ڪئي. آڏو دلوراءِ جي بادشاهي ۾ آيو. دلوراءِ وٽ مهمان ٿيو. شڪار جي سنبت ڪيائون. دلوراءِ چيس ته: هت زوراور روجهه آهي جا نٿي مارائي: سا گهوڙو لائي شڪار ڪري ڏي ته تنهنجو انصاف مڃيان. چنيسر شڪار تي چڙهيو ۽ روجهه پويان گهوڙو لاتائين. گهوڙو نه پيو پڄي ته چيائين ته:

هئين ٻولاههُ ٻولاههَ جو، تون نـَـوَ سا ذات ٻيو(1)
ڀڳي وڃي روجهڙي توکي ڪوهه ٿيو؟

 

گهوڙي وراڻيو ته:

هوس ٻولاههُ ٻولاهه جو، نـَـوَ سا ذات ٻيو
نه مون داڻو جازتي، نه مون گاهه پيو
(2)
ڇٻر جي ڳـَـنڍنَ تي مون وڏو وس ڪيو.

 

تڏهن چنيسر چيس ته:

 

 

 

 

گاهه داڻو توکي جال ڏيان، مان مـُـنـِـيءَ ڀر ويهي.

 

تڏهن گهوڙي چيس ته:

قابو ٿجان قافلا، تون ڀي سوگهو ٿج سوار
مان چائي وٺانس چنبن ۾ جئن باز کڻي بحري
ته ويڙ منجهارا نـِـڪـَـري پساراء پـَـهي
هٿ چنيسر جا هئي لـَـڪـڙَ لوهـِـيڙي
چئي: ڇيڙِ ڇڏيانس ڇوههَ مؤن، وڌي جنهور جهاڳوڙي
حڪم ساڻ الله جي، ڪيانس تـَـڪ ٻئي توري.

 

جڏهن روجهه ماري انصاف ڪيائين ته دلوراءِ چيس ته: آءٌ تنهنجي جيڪا چئين سا مدد ڪريان. چنيسر چيس ته: دودي کان پڳ وٺي ڏي. تڏهن دلوراءِ چيس ته: ٻي مدد جيڪا چئين سان ڪريان، باقي آءٌ پاڻ دودي جو سـُـنگ ڀرڻ وارو آهيان. تڏهن چنيسر چيو ته: ٻيليءَ جو ٻيليءَ آءٌ به ڪونه ٿيندس. هاڻي آءٌ وڃان ٿو دهليءَ جي بادشاهه عالادين ڏي.

آخر دهلي وڃي پهتو. اتي وڳهه ڪوٽ جي سوناري پرڻجي آيل هئي، جنهن تي چنيسر اڳ عاشق هو. جڏهن مائي جي مٿس نظر پئي ته چيائين ته:

ناميا نماڻو گهمين، تو سان لاکا لک چڙهن
قيمت ڪمي ناهه ڪا توسان کاڻيون خزانن
هي سـِـرُ صدقو تو ڪيان، جيءُ آئين اباڻن.
(1)

 

تڏهن چنيسر چيس ته: مان تنهنجي ڪري ڪونه آيو آهيان پر ٻڌاءِ ته:

دَس لڳا، در پوريا، هي ڪهڙو ڀير ڌڪاء
دليءَ جي دَرن کي ڪهڙو وراڻيو واءُ(1)
ڪَ اڳ به پوريا، ڪَ مان آئي ٿا پورجن.

 

تڏهن سوناري چيو ته:

دَس لڳا، در پوريا، ٿيو  ڀير ڌڪاء
جو عالادين جي گجڻي کي اٿئي راڪـَـسُ جو ڏهڪاء
صبح تو در کلندءِ ساجهر ساويلاء.

 

جي اچڻو اٿئي ته آءُ نه ته راڪـَـسُ کائي ماريندئي. تڏهن چنيسر جواب ڏنو ته: مـَـرُ ته مان کي کائي، مان اندر ڪونه ايندس. اتي هڪ ڪـُـراڙي مائي کي روئندو ڏٺائين، جنهن جي پـُـٽ جو وارو هو، جو ان کي راڪس کائي، ۽ ساڳيءَ رات ان جو وهان به هو. پوءِ چنيسر کيس دلاسو ڏنو ته: تون پٽ جي شادي ڪراءِ، مان وڃي ٿو تنهنجي پٽ جي پاران واري تي ويهان. تڏهن مائي چيس ته:

نه چاچو، نه مامو، تون ڪهڙي ننگؤن وڃين.

چنيسر چيس ته مان خدا ڪارڻ ٿو وڃان. پوءِ ڪوٽوال اچي سڏيو، مائي جي پٽ پاران چنيسر ويو:

 

 

 

 

اَڌيءَ رات اچ ڪري راڪس رڙ ڪئي
آيو سـَـڌَر سومرو، جنهن به گجي ڏنس گار
گهوٽ لاهي ٿو ڪپڙا، چوتيا ٿو چاڙهي
هٿ چنيسر جا هئي لـَـڪـَـڙَ لوهـِـيڙي
ڇير ڇڏيس ڇوهه مؤن وڌائينس جـَـنوَر جهاڳوڙي(2)
حڪم ساڻ الله جي ڪـِـيانس تـَـڪ ٻئي توري
نر نشانيون وڍيون پائي پاهوري
پوءِ سورهيه وڃي سمهيو، ڊاء دِليءَ لاهي.

 

 

حسڻ بيگ، عالادين بادشاهه جو گاهي، سوا لک جو جمعدار هو. صبوح ساڻ گاهه تي ٿي چڙهيو ته راڪس ماريل ڏٺائين. پوءِ وڃي بادشاهه کي ٻڌايائون ته حسڻ بيگ راڪس سان وڙهي، راڪس کي ماريو آهي. تڏهن بادشاهه ڏاڍا انعام اڪرام ڏنس ۽ چيائين ته:

هي ماڙيون، هي مارڪا، ويٺو حسڻ بيگ هـَـلاءِ
ليکا ديوانن سان، سي به لاهيـُـون ويٺو لاهه.

 

حسڻ بيگ پنهنجن گاهين ساٿين کي چيو ته: جنهن هي بلا ماري آهي، سو ضرور ڏينهن ٻن ۾ ظاهر ٿيندو. ان وچ ۾ جيڪي ڦرڻو مارڻو اٿو سو ڦريو ماريو. رعيت تنگ ٿي، اچي بادشاهه کي چيو ته: حسڻ بيگ راڪس نه ماريو آهي. ڀلا جي اهڙو بهادر آهي ته مڪنو هاٿي راڪس جو مٽ آهي، ان سان وڙهي. بادشاهه جي چوڻ تي لاچار حسڻ بيگ وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿيو. پنهنجن ساٿين کي ڀيڙو ڪيائين پر ساهه پيو وڃين! هاٿي ڇڙيو ته وڃي گاهه ۾ لڪا. حسڻ بيگ وڏي ڍڳ ۾ لڪو ۽ مائي کي چيائين ته: اڃان به وراءِ مٿان، وڌيڪ گاهه وراءِ.

هاٿي ڇڙيو راوَ جو ڪـَـڪو قهر منجهاء
گاهي لـِـڪا گاهه ۾، مٿان لـِـنڊُ ٺڪاء
ڏاڙهيون ڌانڌولين ڌوڙ ۾، جن کي ساڙو ٿـِـيـَـڙا ساهه
چون: پهرؤ پـِـيرائو ڏيون، جيڪر اسان جو اڄ بچي ساهه
حسڻ چوي ماءُ کي: مائي! ميڙي مٿئون گهڻو وجهج گاهه
وري وينداسي گاهه کي، سـُـڀان ساجهر سويلا.

 

پيلبان چيو ته: ورهين کان پوءِ مڪني تي پالڪي پئي آهي، سو شهر ڦيرائي اچانس:

هاٿي ڇڙيو راوَ جو، ڪڪو قهر منجهاءِ
واڻين هٽ ڦٽا ڪيا، ڀڳا مرون جهنگاء.

 

چنيسر وهـِـتو سـِـهتو تـَـسـَـر هٿ ۾ ڪيو پئي آيو، تنهن کي پيلبان هڪل ڪري چيو ته:

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، نر ڇا تنهنجو نانء؟
ڪنهن جا پهرين ڪپڙا، تون ڪنهن جو پهرين پـَـٽ
هاٿي ڇڙيو ٿـَـئـِـي راوَ جو، ڀڄ مرين ٿو ڄٽ.

 

تڏهن چنيسر جواب ڏنس ته:

ڄٽ پڻهين، ڏاڏهين، تون آن ڄٽن سندو ڄٽ
پنهنجا پهريان ڪپڙا، مان پنهنجو پهريان پٽ
تنهنجو هاٿي اچي مون مـَـڻين ته مان ريل وهايانس رت.

 

تڏهن پيلبان هاٿي هڪليو. چنيسر سنگتين کان پڇيو ته: هٿيار ڪهڙو ڀلو؟ چيائونس ته: جيڪو هٿ ۾ هجي. تڏهن ڪشي جو تسر هاٿي کي هنيائين ته وات مان ٿي وڃي پويان ٻسٽ ٻاهر نڪتي ۽ جيڏو پربت هئو تيڏو اچي پٽ تي ڪريو.

هاٿي ڪريو پـَـٽ تي ڀڳو پيلبان
ته دانهيي دانهن ٻـُـرائي پـَـهريـِـن پيلبان.

 

ته هڪ اوپرو ماڻهو آهي جنهن هاٿي ماري وڌو آهي. بادشاهه قهري بڇيا ته وڃي ڦاسي ڏيوس، جو منهنجو لکن جو هاٿي ماريو اٿس. قهري آيا ته چنيسر چين ته: هڪ ڀيرو مون کي بادشاهه جي سامهون ڪريو.  ’هڪڙا هاڃي هنيا، ٻيا رؤنشي ڪوڏيا: چون ته توکي ڦاسي چاڙهينداسون.‘  آخر مڙيا ۽ وڃي چنيسر کي بادشاهه آڏو پيش ڪيائون. بادشاهه چنيسر کان خبر پڇي، تڏهن چيائين ته:

 

 

 

 

مونکي شهر دليءَ ۾ ٿيو ورهيه سوا
راڪس ماريومانءِ در تي، مان گهوٽ! وهايو گهاء
جڏهن هاٿي ماريو ٿـَـم راوَرو تڏ دليءَ ٿيو آ داد.
(1)

 

 

بادشاهه کي هاڻي سڄي خبر پئي. چنيسر کان وڌي خبر پڇيائين، تڏهن چنيسر گذارش ڪئي ته مون کان دودي پڳ ڦري آ، سا مونکي وٺي ڏي. تڏهن عالادين چيو ته:

چاڙهي چنيسر کي ڏيو، گهوڙن لک سوا.

ته چنيسر ناڪاريو ته اهو لک سواء گهوڙن جو ڇا ڪندو! ته وري بادشاهه چيو ته:

چاڙهي چنيسر کي ڏيو، ٻيو ڀي لک سوا.

وري به چنيسر ناڪاريو، ۽ بادشاهه حڪم ڪيو ته:

چاڙهي چنيسر کي ڏيو، ٽيون ڀي لک سوا.

وري به چنيسر ناڪاريو، ته بادشاهه چيو ته:

چاڙهي چنيسر کي ڏيو، چوٿون لک سوا.

جڏهن پنج لک فوج ٿي ته چنيسر ڪجهه مڃيو. عالادين چيو ته: اها پنج لک فوج ۽ منهنجو  ”ماندن مـَـلڪ وزير“  به وٺي وڃ. تڏهن چنيسر چيو ته:

 ”ماندن چاڙهج ڪيم ڪي، هـُـن جو ماندن نه ٿـِـي مـَـٽ.“

پنهنجا پنج لک ڪڍي ڪر ٻاهر ته مان ئي ٿو ڪـُـٽي ڏيانءِ. دودي کي پنج لک ڇا ڪندا. تڏهن عالادين چيس ته: ائين آهي ته مان فوج ڪونه چاڙهيندس. پر ڀلا دودي جا پار پتا ڏي!

چئي: دودو صورت سهڻو، جنهن جا واڌو اَٿـِـي وار
لکين گهمن لاڏُ ڪيون، هـُـن وٽ ڳچيءَ پايون هار
گهمي ٿو وڳهه ڪوٽ ۾ چؤڦيرو چوڌار
اَٿي اڙٻنگ سومرو ڪندوئي ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار.
                                             ---

ٻانهون اول ورائيون، پٺي جنهن جي کٽ(1)
مڙس مـُـني جيترو مٿو جنهن جو مٽ
دودي دوداڻي جي ڪونه جهلئي ٿو سٽ.

 

تڏهن عالادين چڙهڻ لاءِ وڏي تياري ڪئي:

سوا لک ڊکاڻ جو، ٿا قلعا ڪوڏ گهڙن
سوا لک موچين جو، جيڪي ڳنڍ ٽوپي جي ڪن
سوا لک حجام جو، جيڪي نـَـنهن بغل جي ڪن
ننڍي وڏي وات ۾ بيٺا دودو دودو ڪن.

 

سڀني کي دودي جي وائي وات. ٻاهر طنبو لڳا ۽ فوج اچي گڏ ٿي. راهب ۽ صاحب بادشاهه جا ٽاپرو، تن چيو ته: چنيسر ٻين سڀني صوبن جو سلام ٿو ڪري پر اسان جو سلام ئي ڪونه ٿو ڪري، هلو ته ڪنهن پر بادشاهه کي پوئتي موٽايون. سي ويا بادشاهه وٽ ۽ چيائون ته: شهر جون زالون به پيون چون ته بادشاهه اهڙو ڳهلو آهي جو شهر خالي ڪري دودي تي ٿو چڙهي. اڳيان دودو ۽ پويان ڪو ٻيو آيو ته بادشاهه وچ ۾ ئي پورو ٿي ويندو. تڏهن بادشاهه چيو ته: چڱو طنبن جا رسا ورايو ته صبح جو ڪـُـوچ ڪري پوئتي هلون. چنيسر صبح جو اهو لقاءُ ڏسي ماندن وزير وٽ آيو ۽ اچي پڇيائين ته:

پيءُ ٻنهي جو هيڪڙو، توکي ماندن ڀانيان ڀاءُ
طنبن جي واڳن کي ڪهڙو واڻيو واءُ
الله جو نالو اٿئي منهنجا آيا دهل نه موٽاءِ.

 

تڏهن ماندن چيس ته:

 

 

 

 

پيءُ ٻنهي جو هيڪڙو توکي چنيسر ڀانيان ڀاءُ
طنبن جي واڳن کي لڳـِـي ٿـِـي ٽاپـُـرن منجهاءِ.

 

 

وڃي ٽاپرن کي سرچاءِ. پوءِ:

چلي چنيسر آئيو، ٽـُـري ٽاپرن وٽ
لک رپئي جي لڪڙي رکان واڻيي هٽ.

 

مان لک رپئي جو ڏيندوسانوَ، مونکي بادشاهه چاڙهي ڏيو. تڏهن راهب ۽ صاحب چيو ته: پئسن جي اسان کي گهرج ڪانهي، باقي تون سلام تي نه آئين تڏهن اسان بادشاهه کي جهليو، هاڻي آيو آهين ته سڀاڻي بادشاهه چڙهندو. پوءِ رات جو راهب ۽ صاحب وري بادشاهه وٽ آيا ۽ اچي چيائون ته: سائين! شهر جون زالون توڙي مرد ٿا چون ته ڀانءِ بادشاهه، دودي کان ڊنو آهي جو چڙهڻ جي نٿو ڪري. سڀ ائين پيا چون، وڌيڪ تنهنجي رضا. تڏهن بادشاهه چيو ته: اسان ڊنا وري ڪيئن آهيون؟ اسين سڀاڻي ضرور چڙهنداسي. اتي طنبن جون واڳون وريون ۽ صبوح جو تياري شروع ٿي.

عالادين آئيو، جنهن جا آلا ڪاٺ ٻـَـرن
مڇي ڪنبي جـَـر ۾، ڀڳا مرون جهنگاء.

 

عالادين جي فوج اچي سنڌ جي سرحد ۾ پهتي. سنڌ وارا سڀ دودي پاران وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا.

گـَـنگـَـل مهاڻو مياڻي تي ويٺو هو، تنهن ڀائرن ۾ سـَـڏو وڌو ته ورهين ڪرهين غنيم دودي تي چڙهيو ٿو وڃي، اچي مان سان ڀيڙا ٿيو ته پاڻ به ڪا ڪـُـرڙي کارائي ڇڏيونس:

گـَـنگـَـل ماڻهو موڪليو منهنجا  ’لال ڳهيلا‘  آءُ
گنگل ماڻهو موڪليو منهنجا  ’ڍڪڻ‘  مون وٽ آءُ
ته ڳوٺ گـَـنگل جو ڀيليو، ڀيليو عالادين بادشاهه.

 

اتي گنگل لڙائي ڏني. بادشاهه پڇيو ته: ڪاغذ ڏسو ته ڪنهن جا ڪيترا هئا!

پاڻ چوي ٿو بادشاهه، لهو ڪاڳر جي سنڀار
چون: گنگل هٿؤن ماريا پورا پنج هزار.

 

اڳتي هليا ته آڏو فوج کي موالي ڦري آيا، جن چيو ته: اچو ته پاڻ به جمني پياري ڇڏيونس:

ڀنگي ڀائر ٻه ڄڻا، هوڏانهن سپاهين ست هزار
ڍال ڪيائون ڪـُـونڊي جي، ڏنڊي ڪيو ڏهڪار
موالين پڙ ملهائيو پئي آهي پچار
اتي پاڻ چوي ٿو بادشاه، لهو ڪاڳر جي سنڀار
چيائون: موالين آهن ماريا سپاهين ست هزار.

 

اتي ڪـُـوڙين ڪنين دودي کي ڳجهي خبر پئي ته چنيسر غنيم کي چاڙهيون ٿو اچي، سو ننگر کي ميڙ ڪري موڪلڻ جو پهه ڪيائين ته من وڃي چنيسر کي ڪنهن طرح سان موٽائي. سو ننگر جي ماءُ ڏي ماڻهو موڪليائين:

دودي ماڻهو موڪليو، مائي مريم ڏي
ڏجانء ٻانهن ننگر جي، جيڪو پيءُ پـَـهائي اچي
چئي: ننگر منهنجو ننڍڙو وٽيءَ کير پئي
سـَـوَ صوبا اٿئي سومرا، تون اُهي ڇو نه مـُـنجين
تو به ڇوهه ڪيو ڇوڪر تي، جنهن کي وهي کير منهاء.
                                                ---

دودي ماڻهو موڪليو ٻيهر مائي مريم ڏي
ڏجانءِ ٻانهن ننگر جي جيڪو پيءُ پهائي اچي.

 

 

 

 

 

تڏهن مائي مريم چيو ته:

 

تـَـسر ميٽ مـَـلي ڪري، ننگر وئون اٿوَ وڳهه وانءِ
وهنجـُـون ويس وڏا ڪيو بيٺو چـُـوڻا سـُـڪائي
چئي: ڀلي آئين منگتا، تون ڀلي آئين ڀان
آءٌ پري کان سمجهان، پنهنجي چاچي جا ته سلام.
سما يار ننگر جا بيٺا ڏائيء راند ڪرن
مـِـڙي مغل آئيا سي وري ڪين وڃن
رکن پاڳ مٿي تي، تنهنجا سر ڀي وار سـُـڪن
اهو عالادين هڪڙو، توڙي پنج هجن.
                                          ---

ننگر يارن کي سڏيـُـون ٿو بيٺو پهرائي
سونـَـهريون روپهريون ٿو يارن کي ٻـَـڌائي
چـِـيسا ويس وِڄـُـن جان بيٺو جهـُـلان جهـُـلائي.
                                      ---

پوءِ ڪؤنتل نڪري ڪوٽ مؤن، هن جا پيارا پٽَ چڙهيا
پائي پير رڪيب ۾ گهوٽ چرهيا گهوڙي
تـِـکي وڃن تيز مؤن جيئن وڃي واچوڙو
پهر ۾ پيدا ٿيا وڃي عالادين اڳياء.
                                             ---

سـُـونهون ڏنائونس اڳ ۾ جو ٿو سورهيه سڃاڻي
ته سائو نيزو اٿس هٿ ۾ اٿئي سائي مولهياٽي
باز اٿس ڀـِـيرڻي تي، اٿئي چنيسر اهڙين اهڃاڻين.

 

ننگر سان گڏ سندس سؤٽ مـُـنگر (دودي جو پٽ) به گڏجي چنيسر ڏي هليو. ٻئي ڄڻا عالادين جي لشڪر ۾ آيا، پڇائي چنيسر سان اچي گڏيا.

پيء گڏيو پٽ کي ڀڙ ڀاڪر پائي
چئي: توکي دودي موڪليو، ڪهڙي ڳالهه ڳڻي
چئي: مونکي چاچي موڪليو ڳـَـورِي ميڙ ڪري
ته  ”هڪ پيڙهيء دعويٰ نه ڏيانءِ، ٻيا راڄ چنيسر کي“

 

تڏهن چينسر چيو ته:

دليؤن آندم دادلو، ننگر! وٺي گهوڙي واڳ
جنهن تي جهليم ميهڻا، مان ڀي ٻڌندس سائي پاڳ
ريء وهانوَ نه وري موٽي ڪيئن ڪري.

 

تڏهن ننگر آڏو خوديءَ مان چيس:

لـَـک چنيسر لعنتي، تو کان ويئي لـڄ مـُـنهان
ويهي شهر دليءَ ۾، تو باسيو ڪيئن وهانء
ڪر مارين ها عالادين کي، سڏائين ها دليء جو بادشاهه.

 

چنيسر ننگر کي بادشاهه وٽ وٺي آيو، انهيءَ بهاني سان ته تون هلي بادشاهه کي چئو، پوءِ جي موٽي ته ڀل موٽي وڃي. مخفي طرح بادشاهه کي چيائين ته: ننگر دودي جو پيغام کڻي آيو آهي، تون سڱ جي گهر ڪر، ۽ پوءِ ڀل صلح ڪر. جڏهن ننگر بادشاهه جي آڏو آيو ته عالادين کيس چيو:

 

 

 

 

ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهـُـل ڏيو مون
هوڏهون گـَـجڻي ٿو ڏيانوَ، هوڏهون ماٿيلو ملتان
(1)
سڀ پـَـرهائيندس سومرا، ڪوٺي دليء جي در تي.

 

 

تڏهن ننگر چيو:

عالادين بادشاهه! تون مـُـٺا واتؤن ڪيم وڃاء
تو آئي اسان کي پانهنجي ڀوُنءِ به ساڙو آه
مکڻ سونهي مـَـٽيين، ڌونئرو لاٽين پاءِ(1)
تون سالو، دودو ڀيڻويو، توکي اهڙو جوڙ جڳاءِ
وڏوَر ڌيء وڏاندري، منهنجي محمد کي پرڻاء
دليؤن آندئي دادلي سان مـُـنگر کي پرڻاء(2)
توکي سـَـڀَ پـِـڙَ سومري نه ڏيان، توڙي ڏئين سڳي ماء.(3)

 

تڏهن عالادين بڇ ڪئي ته:

ڪاڻا، ڪوجها، ڪـُـٻڙا وٺو شيدي سڏائي
مون سان ننگر ٿو ويڻ ڪري، تنهن کي وجهو اڦٽ مارائي.

 

تڏهن ننگر ورندي ڏني ته:

هڪ جيڏو، هڪ سرتو، مونکي ماري ڪير
سـَـٽي سرواهين سان تنهنجا ڍونڍ رَلايان ڍير
دليء وڃايانءِ دَنبوق سان، تنهنجي ڳچيءَ وجهان ڳانَ
مارائيندو سان ميڇ سان، منهنجي ڳالهه سڻج سلطان.

 

اتي چنيسر ننگر کي ڌتاري وٺي ويو ۽ وڃي پاڻ وٽ اوطاقي ڪيائينس.

آندائون دُنگ شراب جا سي ننگر ڏنائون
ڪـَـلَ نه پيئي هن کي ريب جي، وٺي پيتائون.

 

 

ننگر نشي ۾ آيو ته هن جي منڊي لاهي، دودي ڏي لکيو لکي، مـُـهر هڻي چنيسر، عالادين ڏي ڏياري موڪلي ته ننگر راضي ٿي سڱ ڏنو آهي، پر هاڻي هي خط دودي ڏي موڪلجي. لشڪر ۾ چونڊ ٿي ته ڪهڙو خط کڻي وڃي! تڏهن عاقل اوٺي چيو ته: سرڪار ٻه عرض منهنجا قبول ڪري ته آءٌ ٿو خط کڻي وڃان. اهي هي ته هڪ سورهن سوار منهنجي اردلي ۾ رهن، ۽ ٻيو ته ٻانهي ٻاگهل جي سا مان چونڊ پرڻيندس، تڏهن چنيسر چيو ته: اهي شرط قبول ڪريونس: ڀل ٽڪا ڏيو اُتائون نڪاح به پڙهايو اچي. اتي عاقل جو اَنگـُـوڙو(1) به لکيائين ته ڀل ست ٽڪا ڏيو ٻاگهل جي چونڊ ٻانهيء سان نڪاح وجهايو اچي.

 

عاقل چڙهيو اُٺ تي جـُـودئون به جائي
چئن پهرن پنڌڙو، هڪ پهر ۾ ڪيائين
خط به دودل جو هٿ ۾ ڏينهڪ ڏنائين.
                                      ---

ڏسڻ سان خط ڦاڙيو دودي ڌنڌاگير
چئي: ريب ٿيو آ منهنجي راوَ سان، جيڪو وَڳيو مٿي وِير.
                                                   ---

عاقل ڏنا دربان کي ڇوڙي رَتا ٽـَـڪا چار(2)
ته ٻانهي جا ٻاگهل جي، مونکي ڏاتر لئي ڏيکار.

 

 

 

 

دربان چيس ته: اوري اچ ته ڏيکاريان. آيو ته ڪن پاڙؤن پٽي ڪڍيائينس. عاقل رت ڳاڙي بيٺو منٿون ڪري ته  ’مان کي ڪن ڏي.‘  چيائين ته:  ’ڪن ويئي کٿي اُڻائڻي ۾‘ . گهڻين منٿن کان پوءِ ويچاري پٽيل ڪن ورائي ورتو. عاقل جي سورهن ساٿين کي دودي بڇون ڪري بڇڙو ڪيو:

 

ٻارهن پـَـٽيءَ مارائي، باقي بچايائين پنج
ڏاڙهي مٿا ڪوڙايائين تن جا، مـُـڏا آڻائي سنج.(1)

 

پوءِ هنن کي حڪم ٿيو ته: پورهيتن جيڪو پورهيو ڪيو آهي، تن کي اجورو ڏيو:

پورهيو پورهياتن کي ڏيو گاشا به لاهي
اُٺ به پورو نه پوي، ڏيونِ ٽوپ به لاهي.

 

اتي عاقل عرض ڪيو:

سائو هوندين سومرو، تنهنجو هـُـوندُءِ ٻول اڳي
پورهيو پورهياتن ڏي، وٺ ٽوپ به لهرائي
ٻيڻيون ٻڌائيندس سلطان کي، مان کي سـِـر جيئدان ڏي.

 

تڏهن عاقل ۽ سندس ساٿين کي جيئدان مليو، ۽ يڪي ساهي وڃي سلطان جي طنبو جي ٻاهران نڪتو. بادشاهه گهرائي پڇيس ته: عاقل! ٻاگهي ڪٿي؟ تڏهن عاقل چيو ته:

ٻن ٻاگهي، ٻن ٻانهي، ٻن ٻاگهيءَ جا ٻار
سڻ تون صاحب تو ڏيان، دودي سندا پار
دودو صورت سهڻو، جنهن جا واڌو اٿئي وار
اٿئي اڙٻنگ سومرو، ڪندوئي ڌڙ سسيء کؤن ڌار.

 

اهو ٻڌي بادشاهه حڪم ڏنو ته: جيڪي دودي ڪيو تنهن جو عيوض ننگر کان ٿئي:

ڪاڻا، ڪوجها، ڪٻڙا، وٺو شيدي سڏائي
مون سان ننگر ٿوويڻ ڪري، تنهن کي وجهو اُڦـَـٽَ مارائي.

 

شيدين جو لشڪر ننگر تي چڙهيو ۽ جنگ شروع ٿي:

سڀاڻي ته صبوح جو ننگر چڙهيو پـَـهرِينءَ چوٽ
هڪڙو مٿي اُڇليـُـون بيٺا بڻڇين بـُـل چٽن
مڙس مٿئون مينهن جان ٿيون تاوَ تراريون ڪن.
                                      ---

سورهيه اچي ديرو ڏنو واگهه به وِرهـِـن هيٺ(1)
وٽي ننگر هٿ ۾ بيٺو پيئڻ پياري
پيڻ پياريـُـون ڪيـُـون، پنهنجا سورهيه سنڀاري
ته پنج ڇڏي آيو پوئتي پنهنجا مانجهي مارائي.
                                      ---

سڀاڻي ته صبوح جو چڙهيو ننگر ڏوجهيء چوٽ
هڻي چهبڪ چيلهه جو وڌائين ڪميت ڪڏائي
اچي پيو اُڙدن ۾ جئن کـِـڙي ٿو تاري
مڙي مغل آئيا عالادين اڳيانء
سڏ چنيسر سومرو جو دانهين دليء آيو
اسان کي ڦـَـند فـِـڪلُ ڏَسي گهوٽ جو، جنهن سان مانجهيء کي ماريون.
                                                   ---

اِتي عالادين سڏائيو ته تون چلي چنيسر آءُ
چلي چنيسر آئيو عالادين اڳياء
اسان فند فڪل ڏس گهوٽ جو، جنهن سان مانجهيء کي ماريون.

 

 

 

 

 

چنيسر جواب ڏنو ته: جي مان پنهنجي پٽ کي پليان ها، تو در دانهين دليء ڇو آيس. مونکي ته خوف آهي ته توکي نه ماري وجهي!

 

ننگر ڀانء مَ ننڍڙو، مونکي تـَـسالو تڪرار(1)
توکي هڻدو هنبارين ۾، مونکي تسالو تڪرار
جي ٻيا مئا ته گهوريا، مونکي تنهنجي سـِـر جو خوف آهه.
                                                ---

سورهيه اچي ديرو ڏنو وري واگهه به وِرهـِـن هيٺ
وٽي ننگر هٿ ۾ بيٺو پيئڻ پياري
پيئڻ پياريون ٿو پنهنجا سنگتي سنڀاري
پرٻيا ڀي ڏهه ڄڻا ڇڏي آيو پوئتي، پنهنجا مانجهي مارائي.

 

ننگر باقي ساٿين کي چيو ته: هلو ته وادي تي وهنجي ساهه پٽي وري جنگ ڏيون. ننگر ۽ ساٿي وِهتا ته مغلن نعرو هنيو:

نغارو به ننگر جو اڄ نه تواري
جان ڀي ويو مارڪي، جان ڪنهن وڌو مارائي.

 

تڏهن ننگر اهو ٻڌي چيو ته: ادا! هاڻي وهنجڻ ڪهڙا؟ سو ميٽ مٿي ۾ وجهي وري وڃي ميدان ۾ بيٺا.

نغارو ڀي ننگر جو تڪڙو تواري
نڪي ويو اٿوَ مارڪي، نه ڪنهن وڌو مارائي
اوهين مڙس ٿجؤ ڙي مغلو، جو ننگر آيو اٿوَ واري.
                                          ---

وٽي ننگر هٿ ۾ بيٺو پيڻ پياري
پيڻ پياريـُـون ڪيـُـون، پنهنجا سنگتي سنڀاري
ٻيا ڀي پنڌرهن ڇڏي آيو پوئتي پنهنجا مانجهي مارائي.

 

تڏهن ننگر چيو ته: ٻيلي! مرڻا اڳي پوءِ آهيو. هاڻي جيڪي پنج بچيا آهيون، سي پـَـٽ جا ڏانوڻ پائي، ڪـُـلها ڪلهي ۾ ڏيئي وڙهنداسون.

سي وجهيون ڏانوڻ پـَـٽ جا، بيٺا ڳوڌا ڳاهه وَهن
هـِـڪڙو مٿي اڇليوُن بيٺا پڻڇين بـُـل چـُـٽن
پوءِ گهڻن ٿورن ڇا لڳي، امر مڃيو جن
پوءِ شير شهادت رسيا، هڻندي هنبارين.

 

جڏهن ننگر مارجي ويو ته منگر جنگ تي چڙهيو. آخر اُهو به ڪيترا اُڙد ماري پوءِ مئو. اها خبر چنيسر کي ملي، تڏهن:

هنيؤن هٿ گوڏن تي بيٺو پـُـرس ڪڍي پار
ڪارو منهن ڪيائين پانهنجو، ڪارِي اُٺ مهار.

 

پوءِ عالادين چنيسر کي چيو ته:

مـَـڙههَ پهچاءِ اوڏهين جا ٿي تنهنجو دودل ڀاءِ.

چنيسر مڙهه کڻائي آيو. رات جو وڳهه ڪوٽ پهتا. آڌيء جو اچي در کي تاڙو هنيائين، ڀانيائون ته غنيم آيو آهي. دودي چيو ته: غنيم اهڙي تڪڙ ڪري ڪونه ايندو، باقي چنيسر هوندو سو در لاهيو ته اچي. در لاٿائون ته چنيسر مڙهه آڻي اندر لهرايا. تڏهين ٻاگهي چيس:

چنيسر! پٽ ڀائٽيو مارائي، تو کؤن ڪهڙو ڪاڄ سـِـڌو؟

تڏهين دودي ٻاگهيء کي ڇينڀي چيو ته:

 

 

 

 

ٻاگهي! تنهنجا مامرا، مـُـٺي لوڙيا ڪين لهن
ڀائر پرچون پاڻ ۾، اسان اڄ به کلي پيون کير
ننگر منگر جهڙا پٽڙا اسان کي ڏئي ها ٻيا به الله.

 

 

ننگر ۽ منگر جون ونيون ونواهه ۾ ويٺيون هيون، چيائون ته: انهن کي وٺي آڻي لائون ڏياريو ۽ پوءِ انهن کي به مڙهن سان گڏ دفن ڪري ڇڏيو.

آڻي ٽارو کوڙيو، ٿا ٽاري ٽؤنر لـُـڏن
مـَـنـَـهن ننگر گهوٽ جي ٿا ڄاڃيئڙا به نچن
دهل دمامان نقرا ٿا واڄٽ ڪـَـيـُـون وڄن
پوءِ چؤرنگ کي چـُـڻي ويا، چائي منجهه چنبن.

 

سڀني کي رات جو دفن ڪري پڙ وجهي ويٺا. محمد، ننگر جو ڀاء شڪار تي ويل هو سو آيو. انهيء وقت کيس سندس يار هاسي جي شاديء جو خط پهتو. قاصد خط محمد کي ڏنو:

خط محمد هٿ ۾ بيٺو پـُـرزا پڙهائي
مونکي ماڻهو هاسي يار جو اوڏاهون آيو آهي.

 

پوءِ محمد، دودي کي چيو ته: فاتح پڙهو ته آءٌ جنگ تي چڙهان. تڏهن دودي چيس ته: جهيڙو ۽ فاتح پراڻي نه ٿئي: اول تون وڃي يار جي شادي جو سڏ ڀر، جنهن ايڏي خوشيء مان قاصد اماڻيو آهي. پوءِ محمد اوڏاهين وڃڻ جي تياري ڪئي ته گهر واري ساران چيس ته:

محمد مونکي ڏسيندو وڃ ته روئانءِ ڪيئن ڪري!

تڏهن محمد چيس ته:

ويهي سومرين وچ ۾ تون ڪج مٿاهون ڪـَـر:
محمد ماراڪن ۾ نريون پڃي نر
سانـَـهنِ سڱ سنوان ڪـَـيـُـون ٿو ڏنگن لاهي ور
پوءِ چئج: هي ڀي مڙس مري پيو سگهڙ ساران ور.

 

پوءِ محمد اُسريو:

پائي پير رڪيب ۾ گهوٽ چڙهيا گهوڙي
تکو وڃن تيز مؤن جئن وڻ تي واچوڙو
پهر ۾ پيدا ٿيا. وڃي مـَـنهـِـن هاسي جي.
                                      ---

ٻڌي محمد يار جو هاسي کوڙايا ها مٽ
وٺي گهوڙي پاسڙو، هاسي رکيا هني هٿ.
                                      ---

چئي: سچ سلجانءِ ڳالهڙي، جيڪا پائي آئين من
چئي: وڏا ڌڪ ڀائرن جا، وڏا يارانين حق
ٻڌي خان ننگر جو، هاسي مـُـنگهٽ هنيو پٽ.
                                          ---

چئي: اول جـُـنبڻ جنگ ۾، پرڻا ٿيندا پوءِ
جيڪي موٽيا جنگ ڏهـُـون، سيجان ماڻيندا سي.

 

چيائين ته: جي لهي گهوڙي تان يار ڀاء ٿي منهنجون لائون ڏيارين ته واهه، نه ته مان ڀي چڙهان ٿو گهوڙي، هل ته هلون! اتي محمد لهي پيو. آڏو محفل متل هئي.

مـَـنهـِـن هاسي گهوٽ جي ٿا ڄاڃيئڙا ته نچن
دهل دمامان نـَـقـُـرا ٿا واڄٽ ڪيون به وڄن
چؤرنگ کي چـُـڻي ويا، چائي منجهه چنبن.

 

هاسي تڏهن پنهنجي ونيء کان موڪلايو. چئي:

 

 

 

 

وَالان - ڌيءُ! موڪل ڏي، منهنجي کني نه پائج کنج(1)
پيٺا آهن پڙ ۾ پوٽا ڀونگر پنج
پوءِ وڏا طالع تن جا، جن جا صبحِ وَهندا سنج.

 

 

آڏو وَنـِـيءَ ورندي ڏنس:

سمهي سڄيون راتڙيون، هاسا نيڻين ننڊ ڪياءِ
جي ننگر، وير اوريان موٽيون ته آءٌ تنهنجي ماء.

 

تڏهن محمد ۽ هاسو پنهنجن ساٿين سان چڙهيا.

پائي پير رڪيب ۾ گهوٽ چڙهيا گهوڙي
پهر ۾ پيدا ٿيا وڃي عالادين اڳياء.

 

اتي وڏي جنگ ڏنائون پر آخر مڙس مارجي ويا. اها خبر دودي کي پهتي. محمد جي گهر ان وقت اميدواري هئي.

دودي راڄ سڏائيا هلي اچو مان وٽ.

سڀني چيو ته: بادشاهه چڙهي آيو آهي ته جنگ ڏينداسون. دودو پاڻ جنگ تي چڙهيو. سندس گهوڙي اهڙي هئي جو اُڏامي حملو ڪندي هئي. دودي کي زِرهه اهڙي هئي جنهن کي ٻاهران اُبتي ٻـِـيڙي هئي. ڪوبه هٿيار اثر ڪونه ڪندو هوس. اچي جنگ ۾ بيٺو ته لک ڳاري ڇڏيائين. جڏهن باقي وڃي ٿورو لشڪر بچيو ته عالادين اچي پريشان ٿيو ۽ چنيسر کي چيائين ته: اهڙو فند فڪل ڏس جو دودي کي ماريون. تڏهن چنيسر چيو ته: رَتڙن ٽـَـڪن جا ٿالهه ڀرائي کڙڪايو ته آواز تي دودي جي گهوڙي اُمالڪ اچي اتي لهندي. هيٺان ڪات اڀا ڪري ڇڏيو، جيئن لهڻ سان انگهجي وڃي. پوءِ دودي جي زرهه ڍري ٿيندي. پوءِ زرهه اٿلائي ڌڪ هڻندؤ ته گهاوَ ڪندو. پوءِ جيئن چنيسر سمجهايو هو تيئن ڪيائون. دودي جي گهوڙي لٿي ۽ انگهجي وئي، دودي کي وڪوڙي ويا، ۽ اُبتي ٻيڙي لاهي، وار ڪري مڙس ماريائون. دودي جنگ تي چڙهڻ کان اڳ صلاح ڪئي ته اولـُـون ڪنهن ڏانهن اماڻيون؟ تڏهن ڪنهن چيو ته: سهتي ڏي موڪليو، ته ٻئي چيو ته: اهو ڪين جهلي سگهندو.

اول مـُـنجو ته اوڏهين جيڪو آ سهتو سـَـوائي
پر سـَـهتو پٽ مـَـهتي جو، اهو ڀيٽان نه جهليندو ڀڙ.

 

تڏهن ڀاڳ فقير چيو ته:

اول مـُـنجو ته اوڏهين جيڪو آهي اَبـُـل اَبڙاڻي
اول منجو اوڏهين جو آهي مديني مصطفيٰ.

 

تڏهن دودي چيو ته:

ادا! نالو ورتئي نر جو لـَـٿـِـي ڪـَـسَ هـِـيانو
اول به منجو اوڏهين، اهو ڀيٽـُـون جهليندو ڀڙ.

 

پوءِ ابڙي سامون جهليون. عالادين چڙهي آيو ته ابڙي وڏي جنگ ڏني. سڀ مغل ماريائين ۽ عالادين باقي وڃي نـَـونَ ڄڻن سان بچيو. پوءِ عالادين سومرين هٿ ڪرڻ جو خيال ڪيو ته اندران ڀير ڌڪاء ٿيو. پڇيائين ته: هيء ڪير آهي؟ چيائونس ته: محمد جو پٽ ڏونگر راء بـُـونهري ۾ پليو، سو وڏو ٿيو ۽ لڙائي لاءِ تيار آهي. تڏهن عالادين جي همت هارجي وئي. چيائين ته: آهي ڪو جو اهو مڙس مان کي ڏيکاري ۽ اسان جي وچ ۾ خير ڪري! تڏهن ٻانهيء چيو ته:  ”تون بادشاهي عذر لکي ڏي ته مون جنگ ڇڏي ۽ خير ڪيو ته توکي مڙس مان ٿي ڏيکاريان.“  پوءِ عالادين اهڙو اقرار نامون لکيو ته  ’سنڌ سومرن جي آهي: مون جنگ ڇڏي.‘  تڏهن ٻانهي ڏونگر راء کي پٽ جي ٻنڌڻن ۾ کڻي آئي. اهو ڏسي عالادين گوڏن تي هٿ هنيا ته مون هن ٻارڙي کان ڊڄي غذر لکي ڏنو: اتي ڏونگر راء جاڳيو ۽ ڪـَـر ساهيائين ته پـَـٽ جا ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيائين. تڏهن عالادين چيو ته: هي بيشڪ جنگ ڏئي ها. مون مڙس کي عذر لکي ڏنو آهي.

 

 

 

 

پوءِ عالادين نـَـونَ ساٿين سان دهلي ڏانهن روانو ٿيو. جڏهين ميرپور اُڀي - واري وٽ پهتو ته اتي ڪن ماين چيو ته: هي بادشاهه، جو چڙهائي وقت سـَـٺيا کوهه سـُـڪائيندو، آلا ڪاٺ ٻاريندو پئي ويو، سو هينئر نـَـوَن سوارن سان ڪهڙو منهن کنيو ٿو وڃي. ان کان ته گوري کائي مري! عالادين اهو طعنو ٻڌي، گوري کائي اتي مئو ۽ اتي ئي کيس پوريائون، جو اڃان تائين اتي  ”نول گوري پير“  جي نالي سان پيو سڏجي.

 

ڏينهن به ٿيندو هڪڙو، ٻي ٿيندي سڀ رات
هرڪو ڇٽندو ايمان سان، ڪلمون جن جي وات.

 

لاالہ الا الله محمد رسول الله

 

____*____


 

 


 


(1) يعني ته گهر اندر چلهه چائنٺ تي مري.

(1) وهندو = جلدي، سگهو.

(1) نـَـو سا = نو سؤ.

(2) جازتي = زياده، وڌيڪ.

(1) يعني اباڻن کان.

(1) ڪهڙي واءُ وڪوڙيو.

(2) ڇير (اُتر جو محاورو) = شير، يعني چنيسر شينهن مڙس تنهن لڪڻ وهائي جنهن راڪس جا جيرا جهاڳوڙي ڇڏيا.

(1) راورو يا راوڙو = راوَ جو.

(1) اول ورائيون: معنيٰ مضبوط وٽيل ۽ ٻيڻيون. اول يعني اَور جوئر جي، جا ٻيهر ڦٽي ۽ ٻيڻي ٿئي.

(1) گجڻي = غزني.

(1) لاٽُ = منگهه. ٻي معنيٰ ته ڌونرو سٺو اهو جو پائجي ته لاٽ ڪري.

(2) تنهنجي دادلي ڌيءُ جا تو دليءَ کان آندي آهي.

(3) سڀ پڙ = ڪنهن به طرح.

(1) انگوڙو = انگ، لفظ.

(2) رتا ٽڪا = سونيون مهرون.

(1) سنج = هٿيار

(1) وِرهه = وڻ.

(1) واحد بخش چيو ته: مونکي خوف آهي ته توکي نه ماري وجهي.

(1) والان - ڌيءُ = والي جي ڌيءُ هئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org