پوئين دور ۾ آڳاٽي ڇپيل ڳالهه
هتي ڳالهه جون ٻه روايتون شامل ڪيون ويون آهن،
جيڪي آڳاٽي وقت کان سنڌ جي سگهڙن ۾ هلندڙ هيون، ۽
اهي اندازاً 80 - 90 سال اڳ پهريون ڀيرو ڇاپي هيٺ
آيون. انهن مان پهرين روايت منشي اُڌارام ڪنهن
سگهڙ کان ٻڌي ۽ سن 1881ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي،
تنهنڪري اها روايت ’منشي اُڌارام جي ڇپايل
ڳالهه‘ جي عنوان سان هن بعد ڏني وئي آهي. هيءَ
نثر جي روايت آهي، جنهن جي وچ ۾ ڳالهه جي ٽاڻن
وارا آڳاٽا بيت پڻ آيل آهن. ٻي روايت ’مستي‘
نالي هڪ شاعر جي بيتن ۾ چيل ڳالهه آهي، جيڪا پڻ
19- صدي جي آخر ڌاري ڇپي. اهي ٻئي روايتون ڇاپي
هيٺ اچڻ سبب پوئين دور جي راوين جي ڦيرڦار کان
محفوظ رهيون. سٽاءَ توڙي صحت جي لحاظ سان اهي ٻئي
روايتون اهم آهن.
----*---
(1) 19- صديءَ جي آخر ۾ منشي اُڌارام
جي ڇپايل ڳالهه
سنڌ جو حاڪم ”ڀونگر“ نالي سومرو ”روپاهه“ جي
ڪوٽ ۾ هو، سو هڪڙي ڏينهن شڪار تي چڙهيو ته شهر
لنگهندي هڪڙي لـُـهرِ ماڙيءَ تي ويٺل ڏٺائين، تنهن
جي سونهن ڏسي هن تي عاشق ٿيو. پوءِ وزير جو ساڻس
هو تنهن کي چيائين ته: منهنجي مائٽي هن جي گهر وڃي
چئو. وزير وڃي مائٽي چئي ته پاتشاهه جي نالي تي
خوش ٿي مائٽي باسيائون. ٿورين گهڻين ڏينهن کان
پوءِ لـُـهر پرڻيائين. اڳي به هن هڪڙي ڏاڏي پوٽي
پرڻي هئي. پر هيءَ عشق پئي پرڻيائين، تنهن جي
صورت ڪهڙي هئي.
بيت
نه ڳوري، نه سانوري، جهڙو ڪنگؤ ڳچ
ڏورون ڏسجي تهڙي جهڙي مڱر مچ
ٿوري گهڻين ڏينهن سنگها ٿيس، ۽ ڏهين مهيني کان
پوءِ تيوريءَ کي پٽ ڄائو، تنهن جو نالو رکيائون
”چنيسر“ ، پوءِ اڳين زال سومريءَ کي ڌيءَ ڄائي،
تنهن جو نالو رکيائون ”ٻاگهي“ . ٿورا گهڻا ڏينهن
گذريا ته وري سومريءَ کي ٻيو پيٽ ٿيو، تنهن مان پٽ
ڄائس، تنهن جو نالو رکيائون ”دودو“ .
پوءِ ٻئي جڏهن وڏا ٿيا ته شڪار سيل ڪندا وتن،
تڏهن ڀونگر پاتشاهه ٻنهي کي پرڻايو: چنيسر کي ٻئي
هنڌئون پرڻايائين ۽ دودي کي سومري. پوءِ ٿورا گهڻا
ڏينهن گذريا ته هنن ٻنهين جون زالون پيٽ سان ٿيون.
چنيسر کي پٽ ڄائو ۽ دودي کي ڌيءَ. چنيسر جي پٽ جو
نالو ”ننگر“ رکيائون، ۽ دودي جي ڌيءَ جو نالو
”ڪويل“ .
هو هونگڙيون ڏين، پيرڙا پڻ کڻن
ست جڳ جا ڳڀرو، پهريائين ائين ڪن.
پوءِ تيوريءَ ڀونگر پاتشاهه کي چيو ته: تنهنجي
جيئري مان عيش ٿي ڪريان، پوءِ الائجي منهنجا ڪهڙا
حال ٿيندا. ته مان لـُـهرَ ۽ هو سومرا، متان مون
کي ڏک ڏين. تڏهن پاتشاهه اها ڳالهه ٻڌي، پڪائي ڪري
چنيسر جي پٽ سان دودي جي ڌيءَ مڱائي. پوءِ پاتشاهن
جو قانون آهي ته جڏهن ٻيو پاتشاهه تخت تي ويهي،
تڏهن اڳئين پاتشاهه جو مڙهه کڻن.
بيت
اَلکُ آراڌي راڄيا ويهه مَ وساري
سـَـڌر سـَـگها سومرا ڀـَـڙَ ڀونگر جي واري
چؤڏس چـِـٽا پڌرا ۽ سرها سڃاڻو
ڀونگر پاسا کوڙيا، ٿيو راڄ لڏاڻو
وڏا ويهي راڄ ڪر، آءُ چنيسر آءُ.
پوءِ سومرا چون ته راڄ ڏيو دودي کي، ڇاکؤن جو اهو
سندس ڏاڏي پوٽيءَ مان ٿيو آهي، ۽ ڪي ماڻهو چون ته:
نه، راڄ ڏيو چنيسر کي، ڇو جو اهو وڏو آهي. تڏهن
”ٻارڻ“ نالي وزير هو، تنهن چيو ته: راڄُ نڪي دودي
جو آهي، نڪي چنيسر جو، پاتشاهه جي ڌيءَ ٻاگهي، اها
جنهن کي ڏئي، راڄ آهي انهيءَ جو، پاتشاهه اصل ائين
چيو آهي. پوءِ ٻارڻ وزيرَ، ٻاگهي کي رقعو لکي
موڪليو ته: راڄ تنهنجي اختيار آهي، جنهن کي وڻئي
تنهن کي ڏي. ٻاگهيءَ چيو ته: راڄ ڏيو وڃي چنيسر
کي. پوءِ رقعي جو جواب سڀني سومرن کي ٻڌايائين ته
هنن به چيو ته چڱو. تڏهن چنيسر کي سڏيائون:
ويهه پڄاڻان پيءُ جي، آءُ چنيسر آءُ
ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ
آهين سعيو ڪريو سپاهه جو ته گهمي اچان گهراءُ
وڏي جا ورهين کي، رَکُ پڇي اچان ماءُ
جيڪا ڏئي صلاح، سا ڪريان قبول اکين سان.
ته هو ويو گهر ماءُ کان پڇڻ ته پٺيانس سڀني راڄ
پٿرن چيو ته: زناني کي راڄ ڏيڻ جڳائتو نه آهي:
سمان، سوڍا، سومرا، راڄ سڀ مڙنِ
پاڳ ته دودي شير تي، دَمرَ دهل وڄن
خلقون اُت اچن، دودل جي درٻار ۾.
پوءِ چنيسر ماءُ کي پيرين پئي چيو ته: امان! راڄ
ٿو مليم ته ماڻس پٺي ٺپري چيو ته: وڏا ڀاڳ تنهنجا،
وڃي ڪماءِ.
انهيءَ وچ ۾ نوبت خانا وڄيا ۽ ڏاڍو غوغاءُ ٿيو.
تڏهن چنيسر جي ماءُ ٻانهي ڀڄائي موڪلي ته ڏس ته ڇا
آهي؟ پوءِ ٻانهي اچي چيو ته: راڄ دودي کي ڏنائون،
تنهن جو گوڙ آهي. تڏهن چنيسر کي ماڻس چوڻ لڳي:
مون ڄڻيو تو پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءَ
ويهي آتڻ وچ ۾ پانديون ڪتج ٽيهه
هاڻي صلاح اٿئي هيءَ، ته گهر ويهي ڳالهيون ڪرين.
تڏهن چنيسر جي جوءِ چيو ته:
چاچي! چڱيان نه چئين ڪانڌ منهنجي کي
اڳي هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٿيونسين ٽي
من ويهيو آتڻ وچ ۾ پانديون ڪتي ڏي
مرُ گهر جو ڪم ڪري، هي ڇا ڄاڻي راڄ مان.
تڏهن دائي، جنهن چنيسر کي نپايو هو، سا ويٺي هئي،
تنهن چيو:
دماما ڪر دانگيون، ڀالا ڀڃي ٻار
گهوڙا ٻيڙا وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار
ماءُ ماهيو ڪري، دوداڻيءَ درٻار
سائو لڪڻ چيچ ۾، گهڏندو گهٽا چار
ٻي ڪهڙي ڪندين ڪار، تون ڇا ڄاڻين راڄ مان.
تڏهن چنيسر اِها ڳالهه ٻڌي سڙي ويو:
آڻي آئي ويريين، آءٌ ته وجهان ڄار
جيئن سا سپ سمنڊ ۾ ميڙي ڪڍي ٽٻيار
اٿم ڏاڍو ساڙ، وٺندس وير هنن کان.
تڏهن وري ماڻس چيو:
ٺوڪِ ته لڳي اَنبرين، ڦوڪِ ته لڳي باهه
متان ٻن ڳالهين مان، هٿ نه اچئي ڪاء
پوءِ ٿيندءِ پچتاءُ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
تڏهن چنيسر اُتاهون دودي کي چوائي موڪليو:
پيءُ پڄاڻان پاڳڙي، ڏي ڙي دودا ڏي
دانهين آلادِي ڏانهه ويندس آگري
ڪٽڪ گڏ ڪري، اچي وٺندس راڄ پڻهم جو.
تڏهن دودي پنهنجن امير اُمراوَن کي چيو ته: چنيسر
رُسي ٿو وڃي، تنهن کي پرچائي راڄ ڏيو:
دودل چئي مون ڀايڙو، چنيسر ڀيڙيو
رُٺو وڃي موٽيو، تنهين کي راڄ ڏيو
اوهين سڀ راضي ٿيو، ڀل ڀاڻم ڪري راڄ کي.
تڏهن اميرن امراوَن دودي کي چيو ته: راڄ ائين ڪو
ڏجي:
پيءُ پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ مَ راند
راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند
پائي ڳچي پاند، دودل تن مڃائيو.
تڏهن چنيسر کي سندس ماڻهن اچي چيو ته: سائين!
اُمراء هيئن ٿا چون. تڏهن چنيسر اُتاهون اُٿي
هليو:
چنيسر چتُ کنيو، پسان ڪهڙي پار
اَلا، اَلادِي جي، پسان ڪيئن درٻار
دانهن ڏيئي ڌومئون کڻان هڪ ترڪي ٻي ترار
جي هـُـت اگهي آر، ته مڏي موکڻ سٿري.
پوءِ چنيسر ماءُ کان موڪلائي اُٿي هليو.
هلندي هلندي، جان هڪڙي هنڌ اچي ڏسي ته هڪڙو ريڍار
پير مرد شخص آهي، سو سمهيو پيو آهي، پر انهيءَ وٽ
ٻه شيون حڪمتي هيون، تنهن مؤن هڪڙي ترار هئي سا
مٿن هيٺ رکي هيس ۽ ٻيو اِنهيءَ جو لڪڻ رِڍن ٻڪرين
جي پٺيئون پيو گهمي. پوءِ چنيسر دل ۾ چيو ته: هي
لڪڻ ڏاڍو حڪمتي ٿو ڏسجي، هاڻي هن کي پاڻ سان کڻجي
ته چڱو آهي. اڃا ائين ئي دل ۾ چيائين ته اها ترار
مٿنِ کؤن اُگهاڙي ٿي نڪتي، سا ٽپ ڏيندي مٿس آئي ته
هن دانهن ڪئي ته: هٿيار وارا! پنهنجي هٿيار کي
جهل، هيءُ مون سان وڙهي ٿو. ته هن ائين ٻڌي اُتي
ترار کي جهلي ورتو. تڏهن چنيسر کي چيائين ته:
جوان! هيءَ منهنجو هٿيار اُهينئي ڪنهن سان نٿو
وڙهي، پر توکي دل ۾ چوري رڍ ٻڪري جي يا لڪڻ جي ٿي
هوندي، تڏهن توسان وڙهيو آهي. تڏهن چنيسر هٿ ٻڌي
چيو ته: سائين! مون کي لڪڻ چورائڻ جي دل هئي. هاڻي
مهرباني ڪري اِها ترار مون کي ڏي. چيائينس: تون
ڪير آهين جو مان توکي ترار ڏيان؟ چنيسر چيس: آءٌ
ڀونگر سومري جو پٽ آهيان. ٻڪرار چيس: دودو ڪين
چنيسر؟ چيائين: آءٌ چنيسر. ريڍار چيس: چنيسر اهو
جو ماءُ کان پڇڻ ويو هو، زنانو؟ چيائين: سائين،
اُهو آءٌ آهيان. تڏهن هن چيس ته: توکي آئي پائي
ڪين ڏيندس، باقي اُڌاري ڏيانءِ ٿو، پر جڏهن تون
موٽي هت ايندين تڏهن ترار وري مون وٽ پاڻهي ايندي.
پوءِ ترار وٺي اتاهون هليو، دليءَ جي ٻاهر آيو.
دِليءَ کي چار دروازا هئا، تن مؤن هڪڙي دروازي تي
راڪاس هو. سو به اِنهي دروازي ڏنهؤن آيو ته راڪاس
چنيسر کي کائڻ آيو. تڏهن چنيسر ترار چمي کڻي ڇڏي.
ترار راڪاس کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. راڪاس کي ماري
چنيسر ويو دِليءَ ۾:
اچي ڍُڪو ساٿڙو، دِليءَ جي درٻار
اُتائين شاه وليءَ کي اگهائج مون آر
پير لنگهائج پار، مدد ڪج مسڪين جي.
تڏهن وزير چيس ته: ٻارهين مهيني جمعي جي ڏينهن
پاتشاهه شينهن جي شڪار تي چڙهندو آهي، سو جمعو
هاڻي ايندو تنهن تي توکي گڏائيندس. تون خاطر جمع
ڪر. پوءِ جمعي جو ڏينهن ٿيو.
سعيو ٿيو شڪار جو، سنڀريا سڀ جوان
ڍالون، تراريون، ڪاتيون، بندوقون ۽ بان
ڦاهيون، ڦند، ڪتا، ٻيا ڪمانيون ۽ ڪان
سمر پاڻي پاڻ سان پاتائون پڪوان
چڙهي هليا خان، ڪارڻ مارڻ شينهن جي.
پوءِ پاتشاهه شڪار تي چڙهيو. اتي وزير چنيسر کي
وٺي وڃي سلام ڪرايو. تڏهن چنيسر ڏسي وزير کي چيو
ته: پاتشاهه هيترو جو ڪٽڪ وٺي چڙهيو آهي، سو گهڻا
شينهن آهن؟ تڏهن وزير چيس ته: شينهن هڪڙو آهي.
چنيسر چيو: اسان جي سنڌ ملڪ ۾ هڪڙو ماڻهو شينهن
سان وڙهندو آهي. تڏهن وزير پاتشاهه کي چيو: هيءُ
سنڌي هيئن ٿو چئي، ته پاتشاهه چنيسر کي چيو: تون
وڙهندين؟ چيائين ته: هائو. پوءِ سڀيئي ٻيلي جي
ٻاهرؤن آيا، ۽ چنيسر هٿيار ڇوڙي ٻيلي ۾ گهڙي ويو.
جان ڏسي ته شينهن ويٺو آهي. سو هن کي ڏسي گوڙ ڪري
اُٿيو ۽ چنبو کڻي مٿس آيو، ته هن اُنهي مهل چنبو
گسائي، چيلهه ۾ ٻک وجهي، زور ڏنائينس ته چيلهه ڀڄي
پيس ۽ شينهن ڪـِـري پيو. پوءِ ماري رانون پٽي
ڪڍيائينس، ۽ ران کڻي آڻي پاتشاهه کي سلام ڪيائين،
ته پاتشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته، گهر جيڪي
گهرين:
شينهن ماري، سوڀون ڪري، دانهن پڻ اگهڙياس
چوري ماريائين چغلي، جيَ ۾ جوش آياس
اندر آگ جلياس، ته دودو پڳ کڻي ويو.
پوءِ چنيسر بادشاهه کي سڄو قصو پنهنجي دانهن جو
ٻڌايو:
ٻاپ مرندي ڇڏيون، نوَ سانوَ ڄڻيون
مون ٿي آنديون تو ڳري، دودي سي جهليون
مون اچي تو مليون، هاڻي جيڪا رضا راءُ جي.
ته بادشاهه ڪاوڙيو ۽ چيائين ته اهو ڪهڙو مڙس آهي؟
جو بيٺيون جهلي رائريون، سو دودو ڪيڏو؟
هٿ ته هئيوَر جهڙا، پاڻ مني جيڏو
آهي ڪو ايڏو، هلو ته ڏسون ان کي.
پوءِ عالادين پاتشاهه چڙهيو:
نوَ ڇليون ڏهه لک چئي جيئن چڙهن
ڪي گهوٽيا گهوڙن اُتي، ڪي پنڌ پيادا ڪن
تنين مٿو ناهه ڪو جنين چوَنر ڍرَن
پهريان جـِـتـُـون هليا، پويان تت لهن
اڳيان اچن پيئندا، پويان چـِـڪ چٽن
ڪارنهن سوَ قرنائيون، نوَ سا نغارن
ايڏا هـُـل هـُـلن، ته به دودو دهليو ڪينڪي.
پوءِ اتاهون جي هليا، سي انهيءَ ريڍار وٽؤن اچي
لنگهيا، ۽ اُتاهون اِها ترار ريڍار وٽ ڏيئي، پوءِ
هلندي هلندي اهو لشڪر ’ويرم پاهڙو فقير‘ جنهن وٽ
پنج سؤ فقراءُ هئا ۽ روپاهه شهر جي ٻاهرؤن اُتارو
هوس، تنهن وٽؤن اچي لنگهيا. فقير ٻڌو ته هي لشڪر
آلادين پاتشاهه جو دودي تي ٿو وڃي. تڏهن فقير ٻين
فقيرن کي چيو ته: جنهن جي شهر مؤن اسين پني ٿا
کائون تنهن تي لشڪر ٿو وڃي - سو هاڻي چار ڪاسا
کاڌا نه کاڌي جهڙا - تنهن جي لاءِ وڙهڻ گهرجي.
تڏهن فقير سڀئي ڪـُـتڪا ۽ ڏنڊا ۽ گهوٻاٽا کڻي
منجهن ڪاهي پيا:
ڪين ڪا بحري لنگري، ڪين ڪو بحريو ڪانؤ
ويرم پاهڙو وڙهيو، جنهن ماريو لک سواءِ
جنهن سان لشڪر
نه پساهه، سو وڙهيو سورهه سڪ مان.
پوءِ جنگ ڪندي ڪندي ويرم پاهڙو به ماريو ۽ فقير
پنج سؤ به ماريا. پوءِ پاتشاهه اچي روپاهه شهر جي
ٻاهرؤن لٿو:
نو ڇليون، ڏهه لک، ڍَريا مٿي ڍَٽ
پاڻي پاٽاڪن ۾، مٿي هاٿين هٽ
صبح ڏينديون سٽ، رُڪايون روپاهه تڙ.
پوءِ سومرن ٻڌو ته عالادين پاتشاهه شهر جي ٻاهرئون
لٿو آهي. چنيسر وٺي آيو اٿس. تڏهن وڪيل چنيسر جو
پٽ ”ننگر“ نالي ڀيٽا سان موڪليائون:
سؤ گهوڙن هڪ رنگو ڀيٽا مـُـڪائون
امر عالاديءَ جو گهر ويٺي مڃيائون
ائين چيائون، ته اسين حاضر سڀ ڪنهن هاج ۾.
” چوارائي موڪليائون ته: جيڪي خرچ اچڻ وڃڻ ۾
پاتشاهه جو ٿيندو، سو ڏينداسون ۽ راڄ به چنيسر کي
ڏينداسون، سائين وري وڃي.
پوءِ ننگر وڪيل وڃي پاتشاهه جو سلام ڪيو، ۽ ڀيٽا
ڏيئي سڄو پيغام ڏنائين. تڏهن پاتشاهه پڇيو ته: ڪير
آهي؟ تڏهن اميرن وزيرن چيو ته: هي ننگر نالي چنيسر
جو پٽ آهي. تڏهن پاتشاهه ڏسي چيس: چڱو، تنهنجي آئي
مون خرچ اچڻ وڃڻ جو ڇڏيو، ۽ نوَ سا نوَ ڄڻيون جي
پڻهين چنيسر ٿي چيون سي به معاف ڪيم. پر اوهين
چنيسر کي راڄ ڀاڳ ڏيو. تڏهن چنيسر اِها ڳالهه ٻڌي
پاتشاهه کي عرض ڪيو ته: جيئندا پاتشاهه! وڏا بخت
هنن سومرن جا، جن کي پاتشاهه سڀ معاف ڪيو. پر
سائين ايترو ڪري جو ٻاگهي دودي جي ڀيڻ، تنهن جو سڱ
وٺي. تڏهن پاتشاهه ننگر کي چيو ته:
ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيو مون
سڀ پهرايان سومرا، آءٌ جهجهي ڏيان ڀون
هاڻي وهلو وڃي تون، سگهو سعيو ڪر سڱ جو.
تڏهن ننگر پاتشاهه کي چيو ته: سومرا سومرن کؤن
سواءِ سڱ ڪنهن کي ڪين ڏين، ۽ جيڪو ٻيو سومرن کؤن
سڱ گهري سو تراريون جهلي:
تون ترڪ، هو سومرا، توکي ائين نه جڳاءِ
هڻندءِ ترت تراريون مٿي اتي چتاءِ
ڪري ماٺ تياءِ، اها وائي آڻ نه وات تي.
پاتشاهه ائين ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ حڪم ڪيائين ته
ننگر کي مَ ڇڏيو. تڏهن ننگر لشڪر سوڌو ۽ پاتشاهه
جو لشڪر ٻئي پاڻ ۾ وڙهيا:
ننگر مغل پاڻ ۾، چڙهي چوٽ
ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري، گهڻا ماريائون گهوٽ
بنا پـَـر ۽ اوٽَ، ننگر ماريو ماڳ ۾.
نيٺ جنگ ڪندي ڪندي ننگر ڪريو. جڏهن جنگ وِساڻي
تڏهن چنيسر، ننگر جو مڙهه کٽ تي روپاهه ڏي موڪليو.
ماڙي چڙهي دودڙو، ڪي جو بيٺو چوءِ
پسو حال تنهن ڀيٽ جا، ڀڳي اچي پوءِ
ڪويل بيٺي روءِ، ڏسي مڙهه مرد جو.
پوءِ اها کٽ مڙهه سوڌي زنانخاني ۾ نيائون. اتي
ڏاڍو روڄ ٿيو ۽ دانهن پئجي وئي، اِها ڪويلَ، دودي
جي ڌيءَ، جا ننگر سان مڱيل هئي، تنهن مڙهه کي ڦيرا
ڏنا ۽ حق بخشيو:
آڻي ٽارو کوڙيو، ٽاري ٽؤنر لـُـڏن
مڙو ڏاڏي پوٽيون، ننگر ساٺ ڪجن
جنهن جي سڪ نه پني سيج جي، تنهن کان دايون جـَـر
هارين
سينگاريو ننگر کي، نيو ڌرتيءَ منجهه ڌرين.
پوءِ عالادين پاتشاهه صوبو پنهنجو ’مادر ملڪ‘
نالي ڏيواري موڪليو، تنهن دودي کي چيو ته: يا لک
ٽـَـڪن ڏهاڙي ڏي، يا جنگ ڪر!
لک روپين ڏهاڙي، ڏي ڙي دودا ڏي
مادر ملڪ مڱي ٿو، دودو تان نه ڏئي
ٿو ماڻهن کؤن پڇي، صلاح اِنهي ڳالهه جي.
پوءِ دودي اها ڳالهه ڪچهريءَ ۾ ٻڌائي ته هاڻي ڪهڙي
صلاح، جنگ ڪندؤ ڪين ڍل ڀريندؤ؟ تڏهن اتي حيدر
هالاڻي ڳالهايو:
حيدر هالاڻي چوي، اڳ نه پڇيئي پـَـهه
پيڙهي وڏي ڀاءُ جي، گهر ويٺوئي سـَـهه
--
ڇـَـليون ڇلي آئيون، جيئن رائي ۾ رؤ
اسان عالاديءَ پاڻ ۾ ٿيندو ترارين تؤ
هاڻي ڪر تون ڪونه ڀؤ، سورهه ڏي سٽ سر جي.
پوءِ هاسو سوڍو دودي جو يار عمرڪوٽ ۾ هو، تنهن ٻڌو
ته پاتشاهه دودي تي چڙهي آيو آهي. پوءِ اُتاهون
ستين ويهين سوڍين سان دودي جي پٺ ڀرڻ لاءِ هلي آيو
روپاهه ۾. اتي جان اچي ته دودو اڳي جنگ لاءِ تيار
آهي. تڏهن هاسي، دودي کي چيو ته: تون ويهه،
پهريائين مادر ملڪ سان منهنجي جنگ آهي. پوءِ هاسي
چڙهي اچي مادر ملڪ سان جنگ اٽڪائي، ۽ ڏاڍي جنگ
ڪيائين:
ست ويهيون سوڍن اوسي پاسي پيئيون
پـَـسُ پواڙو جو ڪيو، عمرڪوٽ ڌڻين
دل ۾ ڊپ نه ٿين، ڪاهي پيا پڙ ۾.
پوءِ جنگ ڪندي ڪندي مادر ملڪ ۽ هاسو سوڍو ٻئي
ڪريا، ۽ لشڪر ٻنهي جا ڀڳا ته هوڏانهن پاتشاهه کي
خبر پيئي، هيڏانهن دودي کي. تڏهن پٽَ راڻي دودي جي
زال اندر محلات ۾ ٻاگهيءَ کي چيو:
پـَـٽ راڻي ٻاگهيءَ کي، ڪي جو بيٺي چوءِ
تو ڀائي مون وَلهو، منهن ويرين جي پيوءِ
هي معاملو سڀوءِ، ٿيو آهي تو اُتان.
ٻاگهي! هي جو معاملو سڀوئي ٿيو آهي، سو توتؤن ٿيو
آهي. جيڪڏهن دودو تنهنجو سڱ پاتشاهه کي ڏئي ته
جهيڙو لهي پئي. ٻاگهيءَ اِها ڳالهه ٻڌي دودي کي
سڏايو ۽ چيائينس ته:
ٻاگهي چئي: مون ڀائيڙا، دودل ڳالهه سڻيج
جو ڏر ڀانئين ڏاکڙو، تتي مون کي ڏيج
ويرم هڏ مَ ڪيج، متان پوي ڏولاهو راڄ ۾.
پوءِ دودي اِها ڳالهه ٻڌي، ڪچهريءَ ۾ اچي سومرن
کان پڇيو ته: اڳي ڪڏهن سومرن کؤن سواءِ ٻيءَ ڪنهن
قوم ۾ سڱ ڏنو اٿوَ ڪِ نه؟ تڏهن سومرن دودي کي چيو
ته: ڀاڳ نالي مڱڻهار کي اسان جي سورهن پيڙهين جي
خبر آهي، تنهن کي گهرائي پڇن. اهو ڏاڍو پيرمرد هو.
هلڻ جي توفيق ڪانه هيس. تنهن کي ڏولي ڏياري
موڪليائون ته اهو چڙهي آيو. تڏهن دودي چيس ته:
ڀاڳ! تون سورهن پيڙهيون سومرن جون سنڀرين. هاڻي
آلادين پاتشاهه مون کؤن ٿو سڱ گهري، تنهن ۾ تون سچ
چئو ته اڳي به ڪنهن سومري، سومري کؤن سواءِ ٻئي کي
سڱ ڏنو آهي ڪِ نه؟ تڏهن ڀاڳ ڳالهايو:
ٽي دودا، ٽي ڀئين، طائي چار، همير پنج
ڀلا ڀونگر شينهن، جنهن راڄ نه ڪچو ڀيٽيو.
اڳي ڪڏهن ڪنهن سومري ٻئي ڪنهن کي سڱ نه ڏنو آهي.
هاڻي جي تون ڏيين ته توتي ميار ڪانهي، ڇاکوُن جو
توتي سوڙهه پئجي آئي آهي. تڏهن دودي چيو ته اڳي
ڪنهن ڪين ڏنو آهي ته هاڻي آءٌ به ڪين ڏيندس، پر
هاڻي ڪو اهڙو لـَـڄَ وارو ڏسينم، جتي قبيلا پنهنجا
سام ويهاري جنگ تي چڙهان. تڏهن ڀاڳ چيو ته:
ابڙاڻي ابڙو سـُـڄي ڪـَـنڊ ڪـُـلاه
ڏِئي منهن مهند ۾، سمهون سن منجهاة
هـُـني جي اڳيانہ، بهي سگهي ڪونه ڪو.
تڏهن دودي چيو اهو چڱو. پوءِ خط ڀاڳ کي ابڙي ڏي
لکي ڏنائين. پوءِ ڀاڳ ڏوليءَ ۾ چڙهي، خط کڻي ابڙي
ڏي ويو ۽ ڪچهري اندر خط ڏنائينس ۽ چيائينس:
ابڙاڻي جا ابڙا، توکي دودي ڏنا سلام
وڙهان ويرين سامهون، جو تون سرن جهلين سام
آهي تنهنجي سام، هيءَ امانت ابڙا.
تڏهن ابڙي چيو:
سـَـتيون جي سومريون، سي ڀلي آڻج ڀاڳ
راڻيون جي روپاهه جون، هي محل تني جا ماڳ
سرُ سلامت پاڳ، ته سام نه ڏيندو ابڙو.
پوءِ ڀاڳ وري اتاهون دودي وٽ آيو. دودي کي چيائين
ته ابڙو سڀ ڳالهه ٿو مڃي. چئي ٿو ته جيستائين ٻن
ڪلهن ۾ منهنجي سسي آهي، تيستائين آءٌ حاضر آهيان.
پوءِ دودي حڪم ڏنو ته سومريون سڀئي وٺي وڃو. تڏهن
سومريون گهرن مان نڪرندي مهل روئنديون هليون:
زري، بخمل، بافتا، گهر ڇڏيا سومرين
پيرين اُگهاڙيون پنڌ ۾، ٿيون سمون ڄام پڇن
تون پڻ مٿئون تن، ڍالون ڏيئي ڍڪين.
--
دَٻسُ جن جا سون جا، عاجاوان اَرٽَ
سام وڃي ابڙي ڏي، ڇڏي ڇانوَ ۽ کٽ
گهر، ماڙيون ۽ پٽَ، ساڙي هليون سومريون.
--
وڏي سفر هليون، سومريون روئي
آڳهون هونِ ابڙو، مڻيائون سوئي
منهن هنجهن سان ڌوئي، اچي پيون پيش ابڙي جي.
پوءِ سومريون هلي ابڙي جي شهر جي ٻاهرون جو باغ
هو، تنهن ۾ اچي لٿيون. ابڙي ڏي ماڻهو ڏياري
موڪليائون ته سومريون باغ ۾ اچي لٿيون آهن، سي
توکي ٿيون ڪوٺين. ابڙو هٿ ٻڌي اچي باغ ۾ حاضر ٿيو
۽ ڪنڌ هيٺ ڪري اچي بيٺو، تڏهن ٻاگهيءَ چيو ته:
ٻاگهي چوي: مون ڀايڙا، کڻ مٿاهون ڳچُ
اسان توسان ابڙا، ناهه پاڻ ۾ وچُ
کائي ڏُٿُ ۾ کچُ، پلڪ گذاريون تو مڻين.
--
وڏي سفر آئيون، ڍوليون ڍٽ ڍيلي
سمجهه سـَـمان سڀڪين، رَتُ آيون ريلي.
متان ڀليون ڪو ڀيلي، تن کي سوگهو رکج شير تون.
--
ٻاگهي چوي: مون ڀايڙا، ابڙا ڪج هي ڪنِ
جنگ جوڙِي پاڻ ۾ هتِ ٿورن ۽ گهڻن
ڀانئين ستُ سرير ۾، ته راڻيون هت رهن
جي وهارين ته وهن، جي مڙين ته موٽن پوئتي.
تڏهن ابڙي ٻاگهيءَ کي چيو:
تيئن مون ڀاڳ وڏا ٿيا، جيئن اوهين آيون
مٿي سـِـر صحي ڪري، هن سورهه سهايون
ولائتن وايون، پونديون پـَـواڙن جون.
تڏهن ٻاگهي چيو ته:
ڊڄي ڏيج مَ اَبڙا، سومريون سلطان
جي تو سام آئيون، وَرُ مارائين پاڻ
ڏسي مرُ جهان، ته ابڙي پاڻ ملهائيو.
تڏهن وري ابڙي چيو:
ساهه ته منهنجو سومرين، جي مون سامون آئيون
آءٌ پڻ ڪارڻ تن، جنگون ڪريان جـُـهد مؤن.
پوءِ ابڙي راڻين کي وٺي وڃي محلاتن ۾ وهاريو ۽
ٻانهيون کڻي خدمت ۾ ڇڏيائين. سڀڪي آڻي حاضر
ڪيائين، ۽ پوءِ دودي کي چوائي موڪليائين ته: خاطر
جمع ڪري تون وڃي جنگ ڪر.
دودي پڙُ گهڙائيو، پنج سؤ جريبن
ڪهاڙيا ڪوڏاريا، کاهيون خوب کڻن
وڃيو ايين چون، اڳيؤن عالادين کي.
پوءِ دودي جنگ جي تياري ڪئي. لک لشڪر جا ساڻس اچي
گڏ ٿيا. دل ۾ چيائين ته جنگ لاءِ بندوق ۽ ترار ڇا
کڻان، جا ڌڪ سان هڪڙي کي ماريندي. ائين ڳڻي هڪڙو
هٿيار ٺهرايائين: هڪڙي چاڪيءَ جي گهاڻي جي لوهه جي
لٺِ گهرايائين، تنهن جي منهن تي سوا مڻ شيهي جو
بـُـرج جوڙائي، انهيءَ لٺ جي پاسن کؤن ست تراريون
هڪڙي پاسي چار ۽ ٻئي پاسي ٽي وجهايائين. سو کڻي
پاڻ سان جنگ تي هليو، تنهن جو نالو رکيائين
’ٽـِـهانگِ هٿيار‘ پوءِ چڙهي هليو جنگ تي:
واچوڙي جيئن وچڙي، ڳيوَر گوڙ ڪياءِ
ڏهه لک ڏهن اڳرا، ماري خلق وڌاءِ
سورهه سوڀ ٿياءِ، ويري سڀ وڇڙي ويا.
--
ٻه ڇليون ماري ڪري، ٽيءَ وڌائين واتِ
پئي لـُـڙهيون رت ۾، لوٿون ڪل ڪلاتِ
گهوٽ ڪري اُت گهاتِ، دشمن سڀ دفع ڪيا.
--
دودو سيروُن ڏئي، سائر ٻنهي ڪنڌيين
رڳو نهاريو هڻي، هول ڪنگولن واريين.
پوءِ دودو ماريندي ماريندي وڃي پاتشاهه جي اَنباري
کي ويجهو پيو:
دودو چڙهيو ديمَ سان، دودو ديداري
چڙهي سر سلطان جي ڪـُـٽي اَنباري
ڪڍي ڪٽارِي، دودو هليو ڪينڪي.
تڏهن پاتشاهه چنيسر کان پڇيو ته: هيءُ جنهن
اَنباريءَ کي ڌڪ هنيو سو ڪير آهي؟ چنيسر چيو ته:
سائين، دودو اِهو آهي. تڏهن پاتشاهه ساراهي چيو
ته: جهڙو دودو چيو هوءِ تهڙوئي ڏٺوسين. تڏهن دودي
اِها ڳالهه ٻڌي دل ۾ چيو ته: بادشاهه قدر ورتو،
هاڻي موٽ کائجي. وري ڪنهن ٻيءَ مهل چوٽ ڏجيس. اها
ڳڻي موٽيو. وري پاتشاهه چنيسر کؤن پڇيو ته: جيت
ڪنهن جي؟ چنيسر چيو ته: قبلا! حالُ ته دودو ڪيو ٿو
وڃي. جڏهن پاتشاهه اِها ڳالهه ٻڌي ته دودي اُتي
ڪوپُ ٿيو. چيائين: مَ ڇڏيوس. پوءِ اچي توفن جو
وسڪارو ٿيو ۽ ڌَم ڌَمان ٿي. تنهن آرانڀي ۾ دودو
مئو ۽ لشڪر سندس به گهڻو ماريو. تڏهن جيت پاتشاهه
جي ٿي.
پوءِ پاتشاهه رِڻ سوڌَ ڪرائي، تنهن ۾ دودي جو مڙهه
چنيسر ڳولي ڪڍيو ۽ کڻي پنهنجي طنبوءَ ۾ آيو ته
اُتي روئي پار ڪڍڻ لڳو:
ست هٿيارا سومرا، مٿي تو ڪا ناة
سمن سوڍن وچ ۾، مرڪي ماءَ سندياءِ
ڏاڙهي ڏاڙهونءَ گل جيان، رَچي لالُ ٿياءِ
هيئن سپياهين راءِ، پيو آهين پڙ ۾.
تڏهن پاتشاهه پڇيو: هي ڪير ٿو روئي؟ ته ماڻهن چيو
ته: چنيسر ٿو روئي ڀاءُ لاءِ. تڏهن پاتشاهه چيس:
پهرائين پيئي نه چـِـتُ تي، پوءِ ٿي ٿيئي ڏُک
دودو مارائي ڪري، ڪونه پسندين سکُ
تو جهڙو پرکُ، گيدي ڏٺم نه ڪڏهين.
تڏهن پاتشاهه چنيسر کي چيو ته: هاڻي نوَ سا نوَ
ڄڻيون آڻي اسان کي ڏي ۽ تون وڃي تخت ڪماءِ. تڏهن
چنيسر چيو ته وٺي آڻي ٿو حاضر ڪريان:
ڏونگر سڀ ڏهڪايا، گيوَر ڏيئي گوڙِ
سومريون سلطان کي نيئي پڄايان توڙِ
جوڙون ڏاتر جوڙ، تون آهين مالڪ ملڪ جو.
چنيسر جان وڃي روپاهه جي ڪوٽ ۾ ته شهر سڄو پيو ڀان
ڀان ڪري. وانگي به ڪونهي. پوءِ ڪو ماڻهو گڏيس،
تنهن کؤن پڇيائين ته سومريون ڪاٿي؟ تڏهن اِنهيءَ
چيس ته: سومريون ابڙي وٽ آهن. ائين ٻڌي چنيسر
پاتشاهه کي چيو ته: ابڙي وٽ دودو سومريون سامون
ڇڏي ويو آهي. هاڻي پاتشاهه خط ڏياري موڪلي ته اچن.
تڏهن پاتشاهه خط ڏياري موڪليو:
پيٺيون ڏيئي، پاڻ رهه، توکي چوي سلطان
توکي سنڌ بخشيان، ماٿيلو ۽ ملتان
ٻيو پڻ ڏيانءِ ڏان، ماڻڪ موتي مـُـڪتا.
اهو خط ابڙي وٽ پهتو ۽ پوءِ پڙهيائون ۽ تنهن جو
ابڙي جواب لکيو:
ماٿيلو ملتان، نه نڀاؤ ڀانئيان
توکي ڏيندي سومريون آءٌ ٿو لـڄ مران
جي جيئري آءٌ ڏيان، ته ڪـُـل لڄايان پانهنجو.
ابڙي چوائي موڪليو ته: اي پاتشاهه! جي سومريون
ايئن ڏيان ته پاڻ کي ته لڄايان پر پنهنجي ڪـُـل کي
به لڄايان:
اهو ڪٽڪ ٿورڙو، گهڻو آءُ گهيري
سڏئين سنسار ۾، وِهين جي ويڙهي
هرگز هڏ نه ڦيري، سام پنهنجي مغلين.
---
راڻيون راوَ نه ڏئي، وڃي چؤ سلطان
سمون سر مٿي، جهلي بيٺو جهڳڙو.
پوءِ پاتشاهه اِها ڳالهه خط جي ٻڌي، ڪوپُ ڪري ابڙي
تي چڙهيو. هوڏانهن ’مـَـمـَـٽ‘ نالي ابڙي جو پٽ
به چڙهيو، تنهن رات جو آڻي جنگ اٽڪائي. پوءِ جنگ
اٽڪائي، پاڻ آيو پيءُ وٽ ۽ پاتشاهه جو لشڪر پاڻ ۾
ڳچ وڙهي مئو. نيٺ پاتشاهه جي لشڪر اچي پاتشاهه کي
چيو:
تون پڻ ترڪ ترارَ، هوڏهون مانجهي ممٽ پٽ ابڙي
جيئن ڳاهجي ڳاهه ۾ ڪاني ڪڻو ڌار
وڃي آروپار، خوني خنجر اُن جو.
پاتشاهه ڪاوڙجي چيو ته: آهي ڪو اهڙو جو هن ابڙي کي
ماري سومريون آڻي؟ ائين چئي پاتشاهه ترار ۾ هٿ
وڌو. پاتشاهن جو اهو قانون آهي ته انهيءَ مهل جيڪو
اچي ڪمر ۾ وٺي تنهن سان ڪٽڪ چاڙهي انهيءَ کي جنگ
تي موڪلين. پر پاتشاهه ترار ڪڍي کڻي گلم تي اُڇلي
ته به ڪنهن نه کنئي:
تيرنهن ڏينهن ترار، پئي رهي پـِـڙَ ۾
دانهه سڀ دهليا، اچي ڪونه دربار
تتي سيد سالار، چمي کنئي نراڙ تي.
تڏهن اِهو سالار ’غازي‘ نالي سيد، جو صوبو
پاتشاهه جو هو، تنهن کنئي ته پاتشاهه اِنهيءَ سان
لک ڪٽڪ ڏنو. اهو چڙهيو جنگ تي. هوڏهون ابڙي جو
ڀائٽيو ’سپڙ‘ نالي پاتشاهه جي لشڪر جي سامهون
ٿيو:
سنئين سانجهيءَ وار، چلي آيا چوگان ۾
سٻر ۽ سالار، پوريون پييون پاڻ ۾.
پوءِ پاڻ ۾ ٻئي طرف ڳهي مئا. هڪڙو به ڪونه بچيو جو
وڃي خبر ڏئي. پوءِ پاتشاهه پاڻ چڙهيو، ’ٺٽِ‘
نالي ڳوٺ کي اچي ڦريائين:
ٺيلهي ٺٽِ هنيائين، ڏمر چڙهيو پاتشاه کي
چارن ائين چيائين، ته وڃي چاڙهيو ابڙو.
پوءِ پاتشاهه ابڙي کي چوائي موڪليو ته اچي جنگ ڪر!
ابڙي جنگ جي اڃان تياري ٿي ڪئي ته جاڙيجا، جا ذات
آهي، اهي ابڙي جا سرحدي هئا، تن اچي ابڙي جي
پارئون پاتشاهه سان جنگ اٽڪائي. پوءِ جنگ ڪندي
ڪندي جاڙيجا مئا، ته اِها ڳالهه ٻڌي ابڙي چيو ته:
جاڙيجا تون ڪير، ڪي ويري ڪي واهرو
کـُـهه ڍِلن جي مائٽي، مـَـر ڀلن جو وير
هاڻي پري ڪريو نه پير، ڪاهي پئو ڪٽڪ ۾.
پوءِ ابڙي جنگ جي تياري ڪئي ۽ سومرين کان موڪلائڻ
ويو ته سومرين هن جي وار وار ۾ موتي ۽ ياقوت پوتا
۽ ابڙي اهو اقرار ڪيو ته: ’ساهه وري اچي اوهان وٽ
ڏيندس.‘ پوءِ اهو ”ٽهانگُ هٿيار“ کڻي الهه تهار
ڪري چڙهيو:
نيليءَ گهوڙيءَ ابڙو، ماڃوٺيءَ مـَـمـٽُ
جني جي جنسار سان، ماڻهو ڪندو نه مـَـٽُ
ڪري سڀني کي چٽُ، سورهن اُتي سر ڏنو.
پوءِ ابڙو لشڪر ۾ اچي پهتو ۽ جنگ ڪيائين:
سج نه ڪري سوجهرو، ڌان ڌان ڌُو ڌُوڪار
اُتي ابڙو ائين وڙهي، جيئن پاڻي ٻوڙي تار
تتي بيٺو ابڙو لهي سڀني جي سنڀار
ٻاگهي ڪوٽ برج تي نرتيؤن ڪري نهار
ٻانهي، ٻالڪ، ٻار، متان ڪي من لوڏيين.
ابڙي جو پٽ ممٽ نالي هو، سو به جنگ ۾ مئو. ٻاگهيءَ
کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن پار ڪڍي روئڻ لڳي:
ممٽ منهنجا ڀائڙا، مون ڀانيو هڏ نه ايئن
تون ويندين هليو، جيئن دودو ويو تيئن
هاڻي ڪنديس ڪيئن، دلبر بنان ديس ۾.
ابڙي کي پڪ ٿي، ته منهنجو پٽ مارجي ويو ۽ منهنجو
به موت اچي ويجهو پيو آهي، پوءِ نروار ٿي بيٺو.
اَڙَ جهلي اَبڙي، نوَ ويهون ڏهه لک
گهوڙيءَ ڪنڌ ورائيو، ماري گهڻي خلق
پوءِ ٿي اَبڙي پڪ، ته هاڻي جيئڻ ناهه ڪو.
ابڙو لشڪر مان نڪتو ته دل ۾ چيائين ته: هاڻي ساهه
وڃي ڏيان سومرين وٽ، ڇاڪاڻ جو مون ڪچيءَ ۾ ساڻن
اها ٻول ڪئي آهي. پوءِ اُتانهون جو هليو، سو
پنهنجي ڪوٽ ۾ آيو. ايندي شرط سومرين کي سڏ ڪيائين
۽ چيائين:
اچو هتي سومريون، ڪريون الهه تهار
پردو رکندو پاڪ ڌڻي، جو آهي رب ستار
روئي زارون زار، وداع ڪيائون پاڻ ۾.
اڃا اِها ڳالهه ٻڌائون ته انهيءَ مهل خدا کي سوال
ڪيائون ته: ’اسان جو سيل رک‘ ته اوڏي مهل ڌرتي
ڦاٽي:
سيلُ نه ڀڳو ستيان، پيهي وييون ڌَر
رهيو پردو تن جو، واحد ڪين وَر
ٿينِ ڪارجُ سر، ملين جاءِ جنت ۾.
ابڙي کي نه ڏسي پاتشاهه ماڻهو ڀڄايا. تن کي چيائين
ته جي ابڙو مئو هجي ته سر ڪپي اچوس. پوءِ پاتشاهه
جو لشڪر ابڙي جي ڪوٽ ۾ ويو. جڏهن ابڙي لشڪر کي ڏٺو
تڏهن ٽهانگ ۾ هٿ وڌائين ته ڪو ڪيڻ ويو ڪو ڪيڻِ
ويو. پوءِ ابڙي چيو:
اڃان جيي ابڙو، ڀڄو مَ مڙساه
گهوڙيءَ ڪنڌَ ورائيو، پيو کڻي پساه
سورهه ڏنو ساهه، ٿيو شهيد جهان ۾.
پوءِ پاتشاهه جو لشڪر ويو، اُتي هن به ساهه ڏنو.
اتاهون جو پاتشاهه جو لشڪر ڀڳو، تنهن اچي پاتشاهه
کي چيو ته:اڃا ابڙو جيي ٿو، اسين ڪيئن سرڪپي اچون؟
وري پاتشاهه لشڪر موڪليو ته: ابڙي جو سر ڪپي اچو ۽
پيٺيون به وٺي اچو. اڃا لشڪر ڪوٽ ۾ پيٺو ته ٻانهون
سومرن، جي ڪوٽ ۾ هيون، تن رنو. ڏونگر راءِ، ابڙي
جو پٽ ستين اٺن ورهين جو پينگهي ۾ پئي لڏيو، سو
اُٿيو. تنهن پڇين ته ڇو ٿيون رُئو؟ چيائون ته:
پڻهين مري ويو، هاڻي پاتشاهي لشڪر وري ٿو اچي. ته
هن ٽپ ڏيئي ترار هٿ ۾ کنئي ۽ چيائين ته اڃان آءٌ
جيئان ٿو! پوءِ لشڪر چيو ته هيءُ نينگر آهي، هن کي
ڪهڙو ماريون؟ وڃي پاتشاهه کي ٻڌايون:
ٻين مڙني ڏنيون، ڏنيون نه ڏونگر راءِ
آهي سو پٽ پهلوان، ناهي ساڻس جاءِ
تنهن کي هت گهراءِ، ڏس تون ڏونگر راءِ کي.
تڏهن پاتشاهه چـَـيـُـنِ ته ڏونگر راءِ کي پالڪي ۾
چاڙهي وٺي اچو. ته ماڻهن پاتشاهه جي، ڏونگر راءِ
کي وڃي چيو: هل پاتشاهه توکي ياد ڪيو آهي. پوءِ
ڏونگر راءِ کي پالڪيءَ ۾ چاڙهي وٺي آيا ته پاتشاهه
هن کي آبرو ڏيئي پاسي ۾ ويهاريو، ۽ چيائين ته:
سورهـَـنِ جا پٽ به سورهيه، ۽ چيائين ته: ابڙي جو
سر ڪپي اچو ته ڏسان ڪهڙو مڙس آهي، جنهن سامن تي سر
ڏنو آهي. پوءِ پاتشاهه جا ماڻهو ويا، تن سرُ ڪپي ڀالي ۾ وجهي، آڻي پاتشاهه جي
روبرو کوڙيو ته پاتشاهه سر ڏسي تعريف ڪئي ۽ چيائين
ته: جس تنهنجي ست کي آهي جو تو پراين سومرين تؤن
سرُ ڏنو، ۽ مئو آهين ته به اڃان ڪيئن ٿو نوين!
اوچو اُڀ سڀڪنهن، اُڀُ نه اُوچو ڪوءِ
مئي به مٿي ٿيو، ابڙا سرُ سندوءِ
شابس توکي هوءِ، جو سام نه ڏنئي هڏهين.
پوءِ پاتشاهه، ڏونگر راءِ کي چيو ته: راڄ سنڌ جو
وڃي تون ڪماءِ. اِها ڳالهه ٻڌي چنيسر دل ۾ چيو
اسان جي آڪهه به مئي ۽ راڄ به ڏونگر راءِ کي مليو.
پوءِ ڪاوڙيو ۽ ترار کڻي جنگ منڊيائين، ته پاتشاهه
هٿ مٿي کڙو ڪيو ته: مَ ڇڏيو چنيسر کي. پوءِ اچي
جنگ لڳي.
رِڻ ۾ رڳڙو منڊيو، چنيسر ڀيري
هول ڪنگولن واريين، رُونجهو هڻي ڦيري
گهوٽ وين گهيري، ڪاهي پيو پـِـڙَ ۾.
پوءِ جنگ ڪندي ڪندي پاتشاهه جو لشڪر ڳاهي، چنيسر
به مئو. باقي پاتشاهه وڃي ستين سوارين سان بچيو.
نيٺ پاتشاهه، ڏونگر راءِ کي تخت تي ويهاري پاڻ
هليو ويو. سو جڏهن ميرپورماٿيلي ۾ آيو، تڏهن دل ۾
آيس ته هاڻي دليءَ ۾ ڪهڙو منهن وٺي وڃان؟ پوءِ
اُتي قبو ٺهرائي گوري کائي مئو، تنهنڪري نالو پيس
’عالادين گوري‘ ، ۽ اهي سوار جي هئا سي مجاور ٿي
ويٺا قبي تي.
پڄائين ڏاتار، آسون عرشين راڄيا
جوڙا ڪرين ستار، صاحب سڄڻ ميليين.
____*____
|