سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو :1 |
منهنجا محمد سومرا! تون خبرچار ڏجانءِ
منهنجو دودل سومرو سدا خوش هئو!
چئي: توکي دودل سومري ساري سلام ڏنا
ته مـُـنجُ سوڍل کي اورتي، جنهن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا
اَئون ٻاگهي طعنا سامهون ساران کي به هنيا
پوءِ مان ڀي ساران سؤٽ کي ڏاڙهيء قول ڏنا
ته هيڪر ديمين وچ ۾ مان ساران سؤٽ وڃان
پوءِ وهنديون واديون رت جون، تون وڳهه ۾ ڏسجان.
تڏهن ڇرڪ ڀري سوڍڙو اُتي هاسل اُٿيو آ
ڪاغذ عالادين ڏي سوڍل لکيو آهه:
ته بادشاهه وڳهه ڪوٽ جو، منهنجو محمد آيو آهه
جنگ سندي ميدان ۾ ڪو سعيو رات ڪجان
چڙهندو شير شڪار تي خبردار ٿجانءِ!
---
پوءِ سنڀالي علي شير کي اٿي هاسل مير هليو
اُٿيو محمد سومرو سو پويؤن مير لڳو
هڻي نعرو حيدري وڃي ديمين منجهه پيم
جنگ آ محمد مير جي، بيٺا لغڙ لوهـُـون ڏينِ
جتي حلقا هاٿين جا، اُتي هاسل مير ويم
سڏ ڪري محمد کي ٿي سوڍل ٻولايم
ته ههڙو شير شڪار تو ڪاٿي ڪونه ڏٺم
لاسيء منجهه لـُـڏڻ! تنهنجا لـَـٽا ليڙون ٿين
هڻ هنبارين وچ ۾، ڀلي ٽارين تؤنر لڏن.
پوءِ هڪل ڏني سومري، اَئون اُلا اُڏامن
هڻن هيڪ ٻين کي، سورهيه سانگ نه ڪن
اَئون تجلا ترارين جا، ٻيا تير تماشو ڪن
ڌڌڪا ديمين ۾ پيا، جيئن گوڙيون اُڀ گجن
سسيون سلطانن جون، ڪرڳل واڪا ڪن
سو سـِـريـُـون ڏُورئين ڏيهه تي سـُـڻـِـي
سـُـڻائن
ڳاراڻو ڳـِـجهن کي لٿو، جن کي مٿي ماهه ملن
سو جنگ سندي ميدان ۾ بحري باز گهمن
اٺئي پهر جنگ ۾ هو بانڪا بس نه ڪن
هاٿي هاٿيء تي هنيو، گهوڙا گهوٽ سٽين
سو وڏ- ڦڙيو واڪا ڪري جئن سانوڻ مينهن وسن.
سو مغل عالادين جا پوٿي دار پڇن
سو ٻانڀڻ ورق وساريا، بيٺا ’دودو دودو‘ ڪن
چيلهه جيڏي پاڻيء ۾ بيٺا ’پاڻي پاڻي‘ ڪن
پوءِ رت ۽ مينهن به پاڻ ۾ ٽيو سـَـمـُـنـِـي واءُ
ٿين
پوءِ وهي واهه رت جا، وڳهه ڏي به هـَـلـُـينِ.
اتي هاسل سوڍي چيو ته: اهو لشڪر ماريوسون. ادا
محمد! هاڻي هل ته هلي شڪار ڪريون، جڏهن ڪو ٻيو
لشڪر اچي. عالادين کي جا خبر پئي، تنهن مودِي کي
گهرائي پڇيو ته: ڏيو خبر ته ڪيترا هاٿي ۽ ڪيترو
لشڪر بچيو ۽ ڪيترو سيڌو ٿا وٺن؟ مودي چيس ته:
ڏهه لک لشڪر جا، سي سيڌو ڪونه وٺن
پنج حلقا هاٿين جا، سي به راتب ڪين وٺن
ڪانهي جاءِ مـَـڙهن کؤن، ڪاٿي اُڙد رهن.
ٻڌي عالادين ماندو ٿيو، جنهن جا ڇڄي ڇيهه پيـَـم.
عالادين، چنسر کي سڏائي اها خبر ٻڌائي. تڏهن چنيسر
چيو ته: محمد جو ديمين ۾ پيو آ، سو ڪين ڇڏيندو.
هاڻ لڙائي کي ڪجهه رکاءِ، جيستائين ڪو وڙهڻ جو پهه
ڪيون. هاسو ۽ محمد به ويا شڪار تي، پر هوڏانهن جو
رت وهي ويو وڳهه تي، سو دودي ڏٺو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، چيهن چانگاريم
ڏندڻ دودل هٿ ۾ وڃي وڳهه تي به چڙهيم
وهندو رت وڳهه ۾ دودي مير ڏٺم
ته چوٿون ڏيهاڙو جنگ ۾ محمد کي به ٿيم
سو وهندو رت وڳهه مؤن اڄ بيهي ڪيئن ويم
جيئرو اٿم سومرو ڪِ مري مير ويم!
سو ڏندڻ سٽي سومرو پوئتي مير وريم
سڏ ڪري ’ڀاڳو ڀان‘ کي دودي مير چيم:
ته چوٿون ڏيهاڙو جنگ ۾ محمد کي به ڀيو
اٺين پهر کؤن پوئتي رت وڳهه آيو
سو وهندو رت وڳهه مؤن اڄ بيهي ڪيئن ويو
جيئرو اٿم سومرو، ڪِ مري مير ويو!
ڪـَـل ڪا محمد مير جي، مونکي لهي ڀاء ڏيو.
سو دؤرو پٽ ڀاڳوء جو حاضر پاڻ ٿيو
چئي: حاضر قبلا! مان وڃان، ٻيو ماڻهو نه منججئو
مان ڀي ويندس اوڏهين جاڏي محمد مير ويو
محمد مئي کؤن پوئتي، دودا جڳ ۾ ڪيئن جيان!
سو منگتا محمد مير جا بيٺا رت روئن
چاڙهيل طنبور ترين تي، ٻيا بـِـغل ٿا به وڄن
سڏ ڪري دودل کي، ’دوُري ڀان‘ چيم:
الله واهي ٿـَـئـِـي سومرا، مون نٿو دير سهان.
دوُري چيو ته: اڳ ۾ تنهنجو ويري ماري پوءِ محمد وٽ
ويندس. اتي دودي چيو ته:
توکي نانء الله جو، دوُرل ڀانَ وجهان
ورندي محمد مير جي مونکي سـُـتت پهچائجانء
پوءِ سنڀالي عليء شير کي اُٿي دورو ڀان هليو
نائين ڏينهن بڪار ۾ وڃي دوُرل پهتو آهه
طنبو محمد مير جا اِتي دوُرل ڀان ڏٺا
پوءِ شڪر الحمد ني دوُرل ڀانَ ڪياءِ
ته بادشاهه وڳهه ڪوٽ جو منهنجو جئرو ويٺو آهه
سو گهمندي محمد مير کي اتي دورل ڏٺو آهه.
اتي سوچيائين ته اول وڃي دشمن کي ماريان.
سو گهوڙو ڪڏائي ڀانَ ني، ديمين منجهه ويا
مغل عالادين جا، تن کي دوُرل چيو آهه:
ته فقير آهيان عالادين جو، آهي دوُرل منهنجو نانء
اچان ٿو دليء ڪوٽ کؤن، سلام تي به وڃان.
سو سـُـونهان ٿيا دورل سان، وٺي ساڻ هليا
پوءِ اچي عالادين کي تنهن کٻي سلام ڪيا
سلام وَدَئين ڪونڪو، تنهن دوُرل کي به چيا:
ڙي! ڪل پوئي ٿي ڪانڪا، تو کٻا هٿ کنيا
فقير آن دليء ڪوٽ جو، ڪِ وڳهه جو به وريام!
طنبور دوُرل هٿ ۾ ڀڙڪو مير ڏنو
سو طنبور ٻانهينء تي لڳي ڀڄي ڀورا ٿيو
بـُـل ڏيئي عالادين نـِـي وڃي گلم تي ڪـِـريو
پوءِ اتي دورل ڀان کي ويڙهي اُڙد ويو
ويا وَلهوٽي فقير کي، پـَـرو ڪونه پيو
سو هڻندي هٿ هلاک ٿيو، ماندو منگتو ٿيو
پنجاهه ڄـَـڻي پڙ ۾ ڪيري ڀانَ وڌو
اتي پاڻيء خاطر ڀان نـِـي، اچي ماندو منگتو ٿيو
پاڻي دوُرل ڀان کي اتي ڪنهين ڪونه ڏنو
پوءِ نفل جوٽي ڀان ني، وڃي سجدي منجهه ٿيو
پوءِ سجدي ۾ سورهيه جو هليو ساهه ويو
نڪري روح رڳن مؤن اولهه پار هليو
ڪلمون محمد مير تي ڀريندو روح ويو.
---
پوءِ ڄام چنيسر مير کي وڃي عالادين چيو:
سومرو وڳهه ڪوٽ جو مون طنبوء منجهه ڇڏيو
پوءِ ڄام چنيسر سومرو طنبوء منجهه ويو
ڏسي دورل ڀان کي ڪري ڪيهه ڪـِـريو
عالاديء بادشاهه کي اتي چنيسر مير چيو:
تو عالادي بادشاهه! هي ڪيها ڪم ڪياءِ
فقير منهنجو ماريئي، منهنجا ڳري ڳچ پيا
وٺانءِ وير فقير جو هوند دم نه دير ڪيانءِ
پر سـَـڄر قول دليء ۾ مون عالادين ڪياءِ
سو ڪيم قول دليء ۾ پارڻ اڄ پيا
هاڻي قاصد ڏجان سيگهه ۾، مان دودي ڏانهن منجان.
---
سونيون صندوقون سومري چنيسر گهرايا
سينگاري مڙهه ملوڪ جو پيتيء منجهه وڌاءِ
پوءِ خط دودل مير ڏي، چنيسر لکيا:
ته فقير وڳهه ڪوٽ جا، منهنجا دودا ڪين ماراءِ
جي صوبا کـُـٽا اٿئي سومرا، ته تون پاڻ چڙهي
اچجانءِ
گلا تنهنجي سومرا، ڀاء راڄن ۾ ٿيندياءِ
سو وٺي مهار مـَـيـَـل جي، قاصد هليو آهه
هڪ رستو روڪيـُـون سومرو اڳيون محمد بيٺو آهه
هڪل قاصد کي ڏيئي، محمد چيو آهه:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪنهن جا مڙهه کنياءِ؟
چئي: ڏنا چنيسر سومري، مون دودي ڏانهن نيا
تڏهن هڪل قاصد کي ڏيئي، ڦـُـري مـَـهار وَداءِ
چئي: موٽ قاصد پوئتي، اکيين ڪين ڏسانءِ.
پوءِ وٺي مهار مـَـيـَـل جي محمد هليو آهه
سڏ ڪري سوڍل کي محمد چيو آهه:
ته هيءَ پيتي پٽي ڏس ته ڪهڙو سورهيه آهه!
سو پيتي پٽي سوڍڙي، سورهيه سڃاتو آهه
ته پـُـٽ آڀاڳو ڀان جو، آهي ’دورل‘ جنهن جو نانء
ڪيئن ويو ديمين ۾، ڪِ نه دودي مـُـڪو آهه
پوءِ سڏ ڪري سوڍل کي، محمد چيو آهه:
ته محڪم ٿجانءِ سوڍڙا، ته مان پڄائي مڙهه اچان
چيائين: توکي نانء الله جو، مون ٿو محمد مير وجهان
فقير دودل مير جو، اَئون ويرين ماريو آهه
سو وٺان وير فقير جو، دم نه دير ڪيان.
---
سو سنڀالي عليءَ شير کي اٿي هاسل مير هليو
ته وٺان وير فقير جو مون دم نه دير ڪيان
راجا ’لـَـکـَـمَ ڪوٽ‘ جو ائون ’بـَـدرَ‘ ٿا
به چون
سو ڏهه لک لشڪر جا جنهن کي اَسي هزارن
سو مدد عالادين جي ماٿيلو مير پڇن.
سنڀالي هاسل سوڍڙو، گهوڙي گهوٽ چڙهيم
’علي علي‘ وائي وات ۾، وڃي ديمين منجهه پيم
جنگ سندي ميدان ۾ وڃي نعرو نر هنيم
گهايـُـون گهوٽ ڦٽا ڪري، تکَ مـُـون ترارين
سـَـت - هٿيارو سوڍڙو، اچي ميو مست ٿيم
لکين لشڪر ڪيترا هن ڳاري اُڙد ڇڏيم
صوبا هاسل مير جا اِتي مري ڪل ويم
پاڻي هاسل مير کي ڪنهين ڪونه ڏنم
’علي علي‘ وائي وات ۾، ته به پير نه پوءِ هٽيم
گهائي گهوٽ ڦٽا ڪري، جيڪي شاهي شان رکن
تڏهن راجا ’لـَـکـَـمَ ڪوٽ‘ جو عالادي وٽ ويم:
چئي: مون سان محمد سومري ظلم رات ڪيم
لکين لشڪر ڪيترا منهنجا ڳاري اُڙد ڇڏيم.
---
هڪ آ ’سوڍل‘ هيکلو، جنهن جو وانگـِـي ڪونه
بچيـُـمِ
اٺين پهر کؤن پوئتي، سوڍي آجو رڻ ڪـَـيـُمِ
هڻي نعرو حيدري ٿي پوئتي مير وريم
سڏ ڪري محمد کي اَئون هاسل مير چيم:
ڀاءُ سڱيڻا سومرا! منهنجا اوجر عجيبن
منهنجا مـِـٽِ مري ويا، ٻيا لڏي اڄ ويم
ٻيڙا چڙهيا آهن سير تي، ماڳ نه ملاحن
مونکي سير سمنڊ جي، ٻيون لهريون لوڏا ڏين
دعا گهر درگاهه ۾ اسان جا ٻيڙا پار هلن
ائون سنڀر محمد سيگهه ۾، دم نه دير ڪجانءِ
منهنجا دودل مير کي ساري سلام ڏجانءِ
مڙهه دوُرل مير ڀان جو وڃي وڳهه پهچائجانءِ
ڪڍ اولـُـون ڪوٽ مؤن، دم نه دير ڪجانءِ
اولـُـون جهليندُئي ابڙو، ٻئي کي طاقت ناهه
سوڍين ائون سومرين جو اچي پٿر هيڪ ڪجانءِ
ائون پرڻي وارا ڪپڙا، منهنجا مير کنيو اچجانءِ!
---
پوءِ وٺي مهار مـَـيـَـل جي محمد هليو آهه
سو پنجاهه صوبن پانهنجو سوڍل کي ڏناءِ
سو چوٿين ڏيهاڙي سومرو وڳهه ۾ پهتو آهه
’مـَـڪـَـئيءَ‘ جي مقام ۾، اچي گهوڙو جهليو آهه
پوءِ اتي دودل مير کي محمد سڏ ڪيا:
اجهو دُورل ڀان نـِـي، مون دودا آندومانءِ
سو ڪـُـونڌ ڪچهريء وچ ۾ دودو ويٺو آهه.
اچي دودل مير کي دوسوءَ عرض ڪياءِ:
ٻهران سڏ محمد جا مون دودا مير ٻـُـڌا
سو ڪونڌ ڪچهريءَ وچ مؤن دودو هليو آهه
اوسر ڪري ڪوٽ مؤن سڀئي ڀانَ هليا
پيتي پـَـٽي سومري، سورهيه سڃاتو آهه
مـِـٺـِـي ڏيئي ملوڪ کي، اِتي ڀاڳوءَ چيو آهه:
ته سـِـر دودل مير تؤن، تو گهوري گهوٽ ڇڏياءِ
سؤ پـُـٽن جو سومرا، هوند دودا گهور ڪيانءِ
پوءِ چڙهي جنازو سومري وڃي نيهـَـرَ ڪراياءِ
خزانا خيرات ۾ لعلڻ لک لـُـٽيا
ڀٽ، ميراثي، منگتا، هن مومن کارايا
ستين ڏيهاڙي سومري پٿر مير کنياء
پوءِ سڏ ڪري محمد کي دودي مير چياءِ:
منهنجو هاسل سوڍڙو، پـُـٽ! وڳهه ڪونه ورياءِ
جيئرو آهي سوڍڙو، ڪي نه مـَـرِي مير وياءِ!
چئي: توکي هاسل سوڍڙي، چاچا! ساري سلام ڏِناءِ
ڪڍ اولـُـون ڪوٽ مؤن، دم نه دير ڪجان
اولون جهليندُئي ابڙو، ٻئي کي طاقت ناهه.
اتي دودي جواب ڏنو ته:
ٻڌ محمد سومرا! آءٌ توکي ٻڌايان
اولون ابـُـل مير ڏي مون ڪڏهين ڪونه مـُـنجان
رنجُ اٿم روجهه جو، مونکي وري ڪونه ڏناءِ
سو ڏسان اَبـُـل مير کي، جنهن جو ڀيلي ڪوٽ ڇڏيان.
دودو هڪ ڀيري شڪار تي چڙهيو، روجهه ڏٺائين. پويان
گهوڙو لاتائين. روجهه جڏهن وڃي ابڙي جي حد ۾ گهڙيو
ته ابڙو سامهون ٿيو ۽ چيائين ته: مون وٽ اچي سام
پئي آهي، سا مارڻ ڪونه ڏيندس. دودو پنهنجي زباني
اها ٿو ڳالهه ڪري ۽ چوي ٿو ته ابڙي تي ته منهنجو
رنج آهي، جيڪر سندس ڪوٽ ڀيلي ڇڏيان. اهو ٻڌي محمد
جواب ڏنو:
ٻڌ ته دودل سومرا! توکي صاحب سچ چوان:
رنج آهي مردن سان، اسان جا سورهيه سڀ ويا
اَئون پـُـٽڙا اَبـُـل مير جا آهن سورهيه ساماڻا
اسان تان پاڇو مٽيو، هـُـن تي پاڇو الله جو آهه
رنج ڪڍي ڇڏ سومرا، توکي صاحب سچ چوان.
چئي: اولـُـون ابل مير ڏي، محمد ڪڏهن ڪونه
مـُـنجان
اولـُـون ’اولهه مير‘ ڏي مان پنهور ڏي به منجان.
اولهه پنهور ۽ دودي سومري جي پاڻ ۾ ياراني هئي،
ٻئي دنگئي بادشاهه هئا:
سو سڏ ڪري ڀاڳو ڀان کي، دودل مير چياء:
ته منهنجا ’اولهه مير‘ کي ساري سلام ڏجانءِ
سنڀر ڀاڳو! سيگهه ۾، دم نه دير ڪجانء
پر سارو حال ’اولهه‘ سان وڃي ڀاڳو ڀان! ڪجانءِ.
---
سو وجهي سنج سنجاف تي، ڀاڳو ڀان هلياءِ
چوٿين ڏيهاڙي ڀانِ ني، ’اولهه‘ وٽ وياءِ
ڏورئون ڀاڳو ڀان کي اولهه ڏٺو آهه:
چئي: سـَـلُ، سچي ڪر ڳالهڙي، تو ڪهڙو ڪال ڏٺاءِ؟
ڇو اڇا لاهي ڪپڙا، تو ڪارا ويس ڪياءِ!
سو ڪـَـري ڪيهه ڪـِـري پيو، اُت ڀاڳو چيو آهه:
ته چـُـڙيو چنيسر چـُـور ٿيو، جنهن دليء دانهن
ڏناءِ
آڻي عالادين کي جنهن دنگ تي لاٿو آهه
سو پـُـٽ ائون ڀائٽيو پانهنجو، دودي ميڙ مـُـڪا
سوين ميڙيون پنهنجي پيء کي وڃي ننگر مير ڪياءِ
سو ميڙ مڃيائين ڪانڪا، وَرهين وير پياءِ
ڪـَـل پـَـئي سوڍل کي، سو چڙهي مير ويو
سو رت وڳهه ڪوٽ ۾، سوڍل پهچايو
جڏهن ڪـَـل پـَـئي محمد کي سو چڙهي مير ويو
پـُـٺيء منهنجو پٽڙو، دؤرو ڀان ويو
سو تنهين جو مڙهه مقام ۾ محمد آندو آهه
’ڪڍو اولون ڪوٽ مؤن،‘ ائين محمد مير چياءِ
جو مڙس مري ماهو ٿيا، اَئون رُلي راڄ ويا
هاڻي ڏي ڪا ورندي خط جي، مـُـون موٽي مير وڃان.
اُتي ڀاڳو ڀان کي ’اولهه‘ چيو آهه:
ته ماڙي محلو اٿم ڪونڪو، ڪوٽ به اڏيل ناهه
اَسي پنهوار پـَـٽن جا، ٻيو واريء تي وهندا
سـُـڌ نه سونُ پتل جي، سامـُـون ڪيئن جهليندا
پاڻيء پورو نه پوان، سامـُـون ڪيئن جهليان
منهنجا دودل مير کي وڃي ساري سلام ڏجانءِ
مـِـٺا ماڻهو محلات جا، دودا! رڻين ڪين رُلاءِ
پنجاهه گهوڙن جنگ ۾ مدد ڏيندوسانءِ.
---
سو وجهي سنج سنجاف تي، وري ڀاڳو موٽيو آهه
چوٿين ڏينهن وڳهه ۾ ڀاڳو پهتو آهه
تنهن سڏ ڪري دودل کي، سارو حال ڏناءِ
تپـِـي محمد سومري اتي دودل کي به چياءِ:
عشقن جي آڙاهه ۾، چاچا! گيدي ڪيئن گهڙندا؟
ڏکن ائون سورن ۾ ڪي سورهيه سـِـر ڏيندا
جاني جانب يار هو، جيڪي ميدان ملهائيندا.
پوءِ سڏ ڪري ڀاڳوءَ کي محمد مير چياءِ:
ته منهنجا ’اَبـُـل مير‘ کي وڃي ساري سلام
ڏجانءِ
پر سارو حال ’اَبل‘ سان تون ڀاڳو ڀان ڪـَـجانءِ!
---
سو وجهي سنج سنجاف تي ڀاڳو ڀان هـَـلياء
چوٿين ڏينهن ’وِيرَمَ ڪوٽ‘ ۾ ڀاڳو ڀان وياء
پر نڪو ’اَبـُـل ابڙو‘ نڪو مـَـلهه ’مبارڪُ‘
آهه.
پوءِ جهنڊو کوڙي در تي، ويهي ڀان رهياءِ
سج منجهند کي آئيو، ائون موٽيو مبارڪ آهه
ڏورئون ڀاڳو ڀان کي چيو مبارڪ آهه:
ته پرتو بادشاهه وڳهه جو، مان شڪر گذاريان
رنج ڇڏيائين روجهه جو، جنهن ڀاڳو مڪو آهه.
پوءِ پيرين ڀاڳو ڀان کي، پيو مبارڪ آهه
چئي: ڪر حقيقت حال جي، ڪهڙي ويڌن آهه؟
جو اڇا لاهي ڪپڙا، تو ڪارو ويس ڪياءِ!
سو ڪـَـري ڪـِـيهه ڪـِـري پيو، ڀاڳو چيو آهه:
مڙسَ مري ماهو ٿيا، هـُـتِ حاديـِـثو آهه
چـُـڙيو چنيسر چـُـور ٿيو، جنهن دليءَ دانهه ڏناء
سو آڻي عالادين کي هن دنگ تي لاٿو آهه
سو ننگر منگر ماريا، جن جا مڙهه وڳهه آيا
’ڪڍ اولون ڪوٽ مؤن‘ اچي محمد مير چياءِ
سو اولون دودل مير جون مون تو ڏي آنديـُـون مان
سو ڏي ڪا ورندي خط جي، مون موٽي مير وڃان.
اتي ڀاڳو ڀان کي چيو ملهه مبارڪ آهه:
ته ترس، تڪڙ ڪر ڪانڪا، دم ڪا دير ڪجانءِ
ننگ سندي ترار آهه، ڪڏهن ڪونه مـُـڙان
بابو ويو آ شڪار تي، سو ڀي اڃان ڪونه ورياء
سو لنگهي ويو ڪوٽ ۾، وڃي ويٺو ماء اڳيان
سڏ ڪـَـيـُـون پنهنجي ماء کي، پيو خانُ ڏئي خبران:
ته جنگ لڳي دودل سان، جنهن ماڻهو مـُـڪو آهه
ننگر منگر ماريا، جن جا مڙهه وڳهه آيا
سو اولون دودل مير جون، وٺي ڀاڳو آيو آهه.
اتي زينب ڌيء ابل جي، راڻيء ريهه ڪـَـيـُـمِ
ته منگر مير مري ويو، منهنجا ڳري ڳچ ويم
ادل منهنجو ننڍڙو، جنهن جا مڙهه وڳهه آيم
ٻـُـڌي ننگر مير جو اچي ويٺين ماء اڳيان!
پنهنجي ڀاء مبارڪ کي زينب ٿي چوي ته: اها خبر ٻڌي
تون گهر ڪيئن آيون، سڌو جنگ تي هليو نه ويون!
سڀ لڄايـُـئي ابڙا، ڪـَـيـُـئي ڪارو قبيلا
اَئـُـون پيء لڄايئي پانهنجو، ’مريم‘ لڄايئي ماء
سـِـر مٿي تي سينهڙو پاڻي پاڻ ڍويان
پلنگ ڇڏي پـَـٽ جا، مون پورهيت پاڻ ٿيان
هي ڀي آ ڪوٽ اُنهن جو، ڪوٽ اسان جو ناهه.
پوءِ ساريـُـون ننگر مير کي پيون راڻيون رت رئن
سونا هار ڳچين مؤن ڇنيـُـون پـَـٽ ڇڏن
اٿن سـُـوءِ ننگر جي، سي ڳـَـهڙا ڪيئن پائن!
سي مائر ڌيئر پاڻ ۾ اٿي پنڌ پيم
سو کنيو هار هٿن سان ڀاڳوءَ کي به ڏين:
ته پٽ هو ننگر منهنجو، پٽ مريم جو ناهه
پٽ آ تنهنجو سومري، جنهن جو نالو مبارڪ آهه
هـَـلي اچو اورتي، هي ڪوٽ توهان جو آهه.
سو کڻي هار هٿن ۾ ڀاڳو ڀان هليا
پر اڳيؤن ڀاء اَبـُـل جو ’علڻ‘ بيٺو آهه
هڪلَ ڀاڳوءَ کي ڏيئي، علڻ خان چياءِ:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ائون نالو تنهنجو ڇا؟
گهمين ٿو منهنجي ملڪ ۾، تو ڪارا ويس ڪيا!
چئي: ڀان آهيان دودل مير جو، اٿئي ڀاڳو منهنجو
نانء
اولون دودل مير جون مون اَبـُـل ڏي آنداءِ
سو ڪڍي هار هٿن سان، ڀاڳو ڏيکاريا
ته اولون جهليون اٿم ابڙي، هاڻي موٽيو مير وڃان.
چئي: ترس، تڪڙ ڪر ڪانڪا، دم ڪا دير ڪجانء
مان ڀي آن ڀاءُ ابل جو، اٿئي علڻ منهنجو نانء
چريو آهيان راڄن ۾، اها مـُـلڪين خبر آهه
جو گليلا پايـُـون گوڏ ۾ مان دلا ٿي به ڀڳا
پر ٻڌي دودل مير جو منهنجا ڳري ڳچ ويا
وئي آ مـَـت اَبـُـل کؤن، جو گيدي گٿو آهه
ڏنائين هار هٿن ۾، ائون اڳيؤن ڇا چوندا!
پنجاهه صوبن پاڻ سان تون ڀاڳو وٺيـُـون وڃجانء
اَڙَ ڪـَـيـُـون مغلن جي، سامون وٺيون اچجؤ
جٿي رهو راتڙي اتي پهريدار ٿجؤ!
سو پنجاهه صوبن پوئتون اُٿي ڀاڳو ڀان هليو
پوءِ رَئي ڏسي گهوڙن جي دودي مير چيو:
ته اُڙد عالادين جو محمد! در تي آيو آ
پوءِ ٽپ ڏيئي ماڙيء تي محمد مير چڙهيا
ڏورئون ڀاڳو ڀان کي سورهيه سڃاتو آهه
اڳ ۾ ڀاڳو ڀان آ، جنهن کي ڪارو جهنڊو آهه
اِهي اولـُـون جهـَـليـُـون اٿئي ابڙي، جنهن
پهريدار ڏنا.
ڀاڳو اچي اها سڄي خبر ڪئي. اتي دودي موڪل ڏني ته
تياري ڪري ابڙي ڏي وڃو ۽ محمد کي چيائين ته تون
وڃي سامون ڇڏي آءُ.
اِتي پيو لاڏاڻو ڪوٽ م، پيون راڻيون ريهان ڪن
اچي جانڊاهـُـون کـُـتيـُـون، موتي پيا ڏرجن
چرخا چندن عاج جا ڀيرايـُـون ته ڀڃن
ڀاڪـُـر ٿنڀن کي وجهـُـون پيـُـون راڻيون ريهان ڪن
موٽيا مال وٿاڻ تي سي ڀي چـَـرڻ ڪونه وڃن
اوسيڙو عالـَـم ۾ پيو، پکي پارَ ڪڍن
وِلهڙو ڪوٽ وڳهه جو وَرهـِـين اڄ ٿـِـيـُـم.
سو وٺي مهار مـَـيـَـن جون محمد مير هليم
سوڍين ائون سومرين جو اچي پٿر هڪ ڪـَـيـُـن
پوءِ چوٿين ڏيهاڙي سومرو ’وِيرَمَ ڪوٽ‘ ويـِـُـم
سرخيء سونا سنجڙا علڻ خان وڌم
ڪر سـُـپيتي ڪپڙا، گهوڙي گهوٽ چڙهيم
مهار محمد مير کؤن اچي علڻ خان وَدَم
پوءِ سڏ ڪري محمد کي ٻاگهيءَ چيو آهه:
ته ڪري سـُـپيتي ڪپڙا، هيڏي آيو آهه
ڪير آهي، ڪاڏي وڃي، نالو انهين جو ڇا؟
چئي: ڀاءُ آ اَبـُـل مير جو، جنهن جو نالو علڻ آ
اُتي محمد مير کي ٻاگهيء چيو آهه:
وٺينس مهار مـَـيـَـن جي، اهو چريو علڻ آهه
مـَـٽُ اسان جو ڪينڪي، اسان جو مـَـٽُ ڀي اَبـُـل
آهه.
پوءِ پيرين محمد مير کي، اچي پيو مبارڪ آهه
ڌِڪو ڏيئي علڻ کي، کسي مهار وَداءِ
چئي: ڪري سـُـپيتي ڪپڙا، تو شرم وڃايو آهه
شادِيءَ بـِـيٺين ابڙا، تو ٿي دودو پرڻاياءِ.
سڏ ڪري محمد کي وري ٻاگهيء چيو آهه:
پيرين اگهاڙو آئيو، نالو انهين جو ڇا؟
ڪارا ويس ڪلهن ۾ جنهن کي ڪاري ٽوپي آهه.
چئي: پـُـٽ آ ابل مير جو، جنهن جو نالو مبارڪ آهه
چئي: ڏئينس مهار مـَـيـَـن جي، هي مـَـٽ اسان جو
آهه
سو وٺي مهار مين جي هليو مبارڪُ آهه
سو چوڏهن دروازا ڪوٽ جا اِتي اَبـُـل لهرايا
سامان دودل مير جو اندر ڍويائون
ائون ٻانهيـُـون ٿـِـي بيهي رهيون، ابڙيون رت روئن
سائڻيون کـَـٽـُـن تي ويهن، اڳيؤن ٻانهيون ٿي بيهن
پوءِ مريم ماء ننگر جي راڻيء ريهه ڪيم
چئي: کـَـٽـُـن وارا به مري ويا، ادي! کـَـٽين
ڪيئن ويهن
تخت ڇڏياسي پانهنجا، ائون وري ڪيئن ويهن
ڪونڌ ڪچهريء وچ ۾ اَبـُـل خان آيـُـم
خبر محمد مير کؤن اَبـُـل خان وداء
منهنجا ڙي محمد سومرا! ڪا خبرچار ڏجانءِ
سـَـل، سچي ڪر سومرا! ڪهڙي ويڌن آهه؟
سائين! پيءُ لڳي ويم پڳ تؤن، جنهن دليء دانهن ڏناء
آڻي عالادين کي هـُـن دنگ تي لاٿو آهه
پـُـٽ ائون ڀائٽيو پانهنجو دودي ميڙ مڪا
سو ميڙ مڃيائين ڪانڪا، وَرهين وير پيا
سوڍل ڇڏيم جنگ ۾، جنهن جا صوبا سڀ مئم
پنجاهه صوبن پانهنجو مون سوڍي کي به ڏنم
عالادي اڄ ڪڍي ڇڏيان، پر ڦـِـري پيء ويم.
پوءِ ڀاڪر محمد مير کي اٿي اَبـُـل خان وڌاء
منهنجا محمد سومرا! ادا، ماندو ڪين ٿجانءِ
سـِـسي آ ٻن ڪلهن ۾، تو تؤن گهوري گهوٽ ڇڏيان.
مـَـلهه مبارڪ ابڙا! توکي ننڍڙو نپايم
چڙهه تون محمد مير سان، دم نه دير ڪجانءِ
اٿئي ويل وڙهڻ جي، تيار مير ٿجانءِ
چوان ڪيئن علڻ کي، جنهن جو حال ٿو ڪونه ڏسان.
اُتي اَبـُـل مير کي چيو علڻ آهه:
ته همت وئي اٿيئي ابڙا، تون گيدي گـُـٿو آن
هاسل ديمين وچ ۾ اڃان جئرو ويٺو آهه
دودو سلامت سومرو، سو ڀي وڳهه ويٺو آهه
چڙهي محمد سومرو وڃي سوڍل کي به ملي
ائون مـَـلهه مبارڪ ابڙو ’گـُـونگي ٿـَـر‘ وڃي
چڙهي وڃان ٿو ابڙا، مان ’وڏيءَ ڍنڍ‘ وڃان.
علڻ جي اها صلاح مڃيائون ته هلي اَڙوُن جهلي ويهون
ته سـَـرسي ڪيون.
پوءِ ملهه مبارڪ ابڙو، ’گونگي ٿر‘ ويو
چڙهيو علڻ ابڙو ’وڏيء ڍنڍ‘ لٿو
موڪلائي محمد سومرو وڳهه ڏي هليو
چوٿين ڏينهن وڳهه ۾ اچي دودل سان به مليو
پيرين دودل مير کي اچي محمد پيو آ
ساري حقيقت حال جي اچي محمد ٻڌاياءِ
ته ملهه مبارڪ ابڙو ’گونگي ٿر‘ ويو
چڙهيو علڻ ابڙو ’وڏيء ڍنڍ‘ لٿو
هاڻي موڪل ڏي ته چڙهي وڃان، وڃي سوڍل ساڻ ملان.
اتي دودي موڪل ڏنس ته ڀل سوڍي ڏي وڃ. سوڍي سان
محمد جي دل هئي.
سنڀري محمد سومرو اُٿي هليو آهه
مـُـنــجـِـي واڍا وڻـراهة ڏي، تـنـهـن تـخـتـا
چـيـرايــا
مـَـهرِي اٺ مڪران جا، تنهن تختا ڪڙايا
پوءِ سـَـوَن مڻن جا سومري اُتي گهاڻا ٺهرايا
لـِـنبـِـي چـُـونا گچ سان، تنهن تاسَ ڪـَـرايا
سي وڃي ’گـُـونيءَ غار‘ تي سامان گڏ ٿيا
پوءِ گهوٽ ٻـَـڌي گهاڻن ۾ گهوڙا ڦيرايا
پوءِ وڃي هاسل مير کي هن ساري حال ڏناء:
ته هاڻي مڙس ٿجانءِ سوڍڙا ته مان آڻي اُڙد ڏيانءِ
اتي محمد مير کي سوڍل چيو آ:
جئري محمد سومرا ادا! توکي ڪيئن مـُـنجان
ڏس تماشو سومرا، توکي آڻي اُڙد ڏيان
پوءِ محڪم گهاڻن تي سومرو محمد ويٺو آهه
پوءِ سنڀالي عليء شير کي هاسل جنگ تي مير چڙهيو.
لـَـکم ڪوٽ جي راجا جو اڳيون لشڪر مارجي ويو، پر
ايستائين ٻيو گهرائي ورتائين. هاسو سوڍو وڃي انهي
اڙد ۾ پيو.
وڃي ديمين وچ ۾ داخل مير ٿيو
راجا لکم ڪوٽ جو ميدان منجهه هئو
سو ’وَٺُ‘
وٺُ وائي وات ۾، اچي پويـَـئون اُڙد پيو
پيرُ هٽائي سوڍڙو پوئين پير ٿيو
پوئين پيرين سوڍڙو محمد وٽ ويو
پوءِ صوبا محمد مير جا اچي مـَـيا مست ٿيـُـم
رُڪَ ٻيانيـُـون هٿ ۾، بيٺا اُڀـِـي ڇـَـلِ وَجهن
ڀاڪـُـر ڀـَـريـُـون سومرا پيا پؤڻينِ ۾ اُڇلن
سڀ گنوايـَـئـُـون غار ۾ پوئتي ڪونه وَرِيـُـن.
---
سنڀالي عليء شير کي وري ٻيجهيء چوٽ هـَـليـُـمِ
جٿي لک لشڪر جا، اتي وڃي نعرو نر هنيم
’وَٺُ وَٺُ‘ وائي وات ۾، وري پويـَـئون اُڙد
پيـُـنِ
پوئين پيرين سوڍڙو وري محمد وٽ وِيم
ته صوبا محمد مير جا اچي ميا مست ٿـِـيـُـم
پوءِ سڀ گنوائيون غار ۾، پوئتي ڪونه وريم.
---
سنڀالي عليء شير کي ٽيجهي چوٽ چڙهيم
جنگ سندي ميدان ۾ وڃي نعرو نر هنيم
’وٺ وٺ‘ وائي وات ۾، پويئون اُڙد پيـُـن
پوءِ پير هٽائي سوڍڙو پوئين پير ٿيم
پوءِ پيرين سوڍڙو وري محمد وٽ ويم
پوءِ صوبا محمد مير جا اچي ميا مست ٿيم
سڀ گنوايئون غار ۾، وانگي ڪونه بـَـچيـُـنِ
راجا ’لکم ڪوٽ‘ جو سو هاٿيء تي هئم
ڪـَـري تـَـڪ ترار سان تنهن کي محمد مير وڌم
سو راجا لکم ڪوٽ جو وڃي پؤڻن مجهه پـِـيـُــم.
اهو محمد مير کي پتو ڪونه پيم
پوءِ هڻي نعرو حيدري پوئتي مير وريم
پوءِ راجا ’لکم ڪوٽ‘ جو پؤڻن مؤن نڪتم
سارو حال عالادين کي وڃي راجا ڪيو ٿـَـمِ:
ته مون سان محمد سومري ظلم مير ڪـَـيـُـم
خالي گهوڙا ميدان ۾ ٿا واڪا ڪـَـيـُـون وَرَن
ڪونهي مڙهه ميدان ۾ الائي ڪاڏي اُڙد ويم
باقي تن صوبن جون ٿيون آهون عرش ٻجهن
منهنجا ’لکم ڪوٽ‘ ۾ رَنـُـنَ راڄ ٿيم
هاڻي ته ’لکم ڪوٽ‘ ڏي ڪهڙا منهن نـِـجـَـن
ٻـُـڌي عالاين جا اتي ڇڄي ڇيهه پـِـيـُـم.
پوءِ ڄام چنيسر مير کي عالادين چيم:
ته ڪونهي مڙهه ميدان ۾ الائي ڪاڏي اُڙد ويم
جو خالي گهوڙا ميدان ۾ پيا ڦرڻيء جان ڦرن!
چيائين: ٻـُـڌ عالادين بادشاهه! صاحب سچ چوان
گهاڻا اٿئي محمد مير جا تون خبردار ٿجان
جو محڪم گهاڻن تي سومرو محمد ويٺو آهه
اهي ڪم سوڍل جا، جيڪو وٺيوُن اُڙد وڃي
جنگ هٽائي پوئتي ڪا عالادين ڪجاءِ
هاڻي ڪونه ڇڏيندُئي هڪڙو، جيڪو سومري پـَـههُ
ڪياء.
اهو ٻڌي عالادين جنگ هٽائي ۽ چنيسر کي چيائين ته:
هاڻي ڀلا ڇا ڪيان؟ چنيسر چيو ته هڪ ڏس توکي ڏيان
ٿو:
هاڻي عالادين بادشاهه! ڏس ٿو توکي ڏيان
جو مينهن ڏُڌم ٿي پانهنجي، جنهن کي هٿ ۾ وٽـِـي
آهه
پوءِ ٿـونو هاسل مير کي جادِري سانـَـهه هنيو
جو چيلهه چـِـڪـِـي سوڍل جي، وڃي ڪري پٽ پيو
جو قـَـواز ڏيندي سوڍڙو ڪـِـري پوندو هو
پوءِ ٻارهين مهينين کؤن پوئتي، وري کڙو خان ٿيو
هاڻي عالادين بادشاهه! مان ڏس ٿو توکي ڏيان
ته اُڙد ’گونيء غار‘ تي لڪائي ويهارجان
اَئون جهيڙو ڪجان گـُـرزن جو، ٻيو جهيڙو ڪونه ڪجان
پاڻي ڏيندڙ ڪونه ڪو، پوءِ ڪنهن کي سڏ ڪندو
ڌڪ لڳندس چيلهه ۾ ته ڪـِـري پـَـٽِ پوندو.
انهيءَ ڏس موجب عالادين فوج بيهاري ڇڏي.
رات وهامي ڏينهن ٿيو اچي چيهن چانگاريو
ننڊ مؤن اٿي سوڍڙو محمد وٽ ويو:
مـُـون به محمد سومرا! ادا خواب لڌو
موت مـُـريڙو سومرا! مونکي رات ڏنو
پوءِ مير محمد مصطفيٰ مون اکين ساڻ ڏٺو
پوءِ مونکي محمد سومرا، بيهي سيد سمجهايو:
ڪنڌ نه موڙج ڪاڏهين، موت ڀلي ماري
حسن مير حسين نـِـي توکي سيد ٿو ساري.
سو ڇرڪ ڀـَـري سومرو اتي محمد مير اٿيو
منهنجا هاسل سوڍڙا! ماندو ڪين ٿجانءِ
سر تو تؤن سوڍڙا، مون گهوري گهوٽ ڇڏيان
ادل ويهه تخت تي، ته مان چڙهي ٿو مير وڃان
دشمن تنهنجو سوڍڙا، مان ڏسي ڪونه ڇڏيان.
چئي: ٻڌ محمد سومرا، مون توکي ٻـُـڌايان
ته جئري محمد سومرا مون توکي ڪيئن مـُـنجان!
الله واهي اٿئي سومرا! مون ٿو جنگ تي ڀاء وڃان
پـَـر پـُـٺيء منهنجي سومرا، تون ڀي مير چڙهي
اچجان
اَئون وساري محمد سومرا تون ويهي نه رهجانءِ
تان لڳيء مهل کؤن پوئتي، توکي ادا سڏ ڪيانءِ
پوءِ ڳولي ديمين وچ ۾ اچي ڀيڙو ڀاء ٿجانءِ
هاڻي الله واهي اٿئي سومرا، مون ٿو چڙهي مير وڃان.
---
سو سنڀالي عليء شير کي هاسل مير هليو
جتي حلقا هاٿين جا اتي هاسل مير ويو
اَئون سـَـت- هٿيارو سوڍڙو، اچي ميو مست ٿيو
هاٿي هاٿيء تي هڻي، پير نه پوءِ هٽيو
جهيڙو ٿيو گرزن جو، ٻيو جهيڙو ڪونه ٿيو
پوءِ هڻندي هٿ هلاک ٿيو، اچي ماندو مير ٿيو
لکين لشڪر ڪيترا هن ڳاري اُڙد ڇڏيو
اتي هاسل مير کي چيلهه ۾ ڌڪ لڳو
چيلهه چـِـڪـِـي سوڍل جي، پوءِ ڪـِـرِي پٽِ پيو
پر ڪـِـرندي ويل سوڍڙي اتي صاحب سڏ ڪيا:
وَرُ ڙي محمد سومرا، اڄ ويري، ڀاء! وريا
هاڻـِـي محمد سومرا، ادا! مهل وڇوڙي جي آهه
اها دانهن داناهه جي محمد ٻڌي آهه:
حاضر آيس سوڍڙا، هاسل! منهنجا ڀاء
سو ’علي علي‘ ڪري سومرو، وڃي ديمين منجهه پيو
اُڙد محمد سومري اِتي ڇني ڌار ڪيو
’علي علي‘ اٿس وات ۾، چـَـريو چـِـت ٿيو
اٺين پهر کؤن پوئتي محمد آجو رڻ ڪيو
اتي هاسل مير کي سورهيه سڏ ڪيو
جئرو آهين سوڍڙا، ڪ نه مري مير وئينّ؟
تنهنجا محمد سومرا، ادا سڏ ڏيانءِ.
پوءِ مٿان هاسل مير جي محمد مير ويا
سو ڏِسـِـي منهن ملوڪ جو ڪـِـرِي پـَـٽِ پياءِ
سـَـوَ مـُـرادون سوڍڙا، اڄ پـِـڙ ۾ پيو آن
ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان، وس نه منهنجو آهه!
ادل! تنهنجي موت جي مان ڪنهن کي دانهن ڏيان!
ڏاڍي اسان سان ڏاڍُ ڪيو، وسُ نه منهنجو آ.
اتي محمد مير کي وري سوڍل چيو آ:
ڀاڪـُـر پائي سومرا! مونکي کڙو خان ڪجان
پوءِ ڀاڪر ڀري سومري اُرهه منجهه ڪيو
اُت مـِـٺي ڏيئي محمد کي سوڍل چيو آهه:
منهنجا دودل مير کي ساري سلام ڏجانءِ
ڳانو منهنجي ٻانهن جو ڪنهن کي ڪونه ڏجانءِ
ڇوڙي ’مالهان‘ هٿن سان، جنهن سان ادا لائون لڌا
اَئون ٻيو ڀـِـي محمد سومرا! عرض منهنجو
ٻـُـڌجانءِ
آهي اميد الله ۾، ڪندو خير خداء
مڙهه نه رولـج سومرا، منهنجو وڳهه ڪوٽ نـِـجانءِ
اَئون سجدي ۾ ٻيلي سومرا! مونکي محمد مير ڪجان
ڪلمون ڪعبة الله ڏي، منهنجي الله واهي آهه
پوءِ سجدي ۾ سورهيه کي محمد مير ڪياءِ
پوءِ نڪري روح رڳن مؤن اٿي اولهه پار هلياء
جو ڪلمون محمد مير تي ڀريندو روح وياءِ
پوءِ پڳ لاهي ديمين ۾ اتي محمد ٻاڏايو
مٺي ڏيئي ملوڪ کي سورهيه پار ڪڍيو:
’ته ڏاڙهي ڏاڙهون گل جان، رچي لال ٿياء
محلن ۾ مانديون ٿيون، مـُـٺي ماء سندياء‘
پوءِ اها دانهن داناهه جي چنيسر ٻـُـڌي آهه
لاشڪ هاسل سوڍڙو اڄ مـَـري مير وياءِ
وٺان وير سوڍل جو، دم نه دير ڪيان.
پوءِ ڄام چنيسر سومرو اچي ميو مست ٿيو
لکين لشڪر ڪيترو هن ڳاري اُڙد ڇڏيو
پوءِ وڃي عالادين کي صوبن سڻايو:
ته ڄام چنيسر سومرو، سائين ڦـِـري اڄ ويو
پوءِ ڄام چنيسر مير کي وڃي عالادين چيو:
ڄام چنيسر سومرا! تو ڪيهو ڪم ڪيو
جو لکين لشڪر ڪيترو منهنجو ڳاري اُڙد ڇڏيو!
چئي: ٻـُـڌ عالادي بادشاهه، توکي صاحب سچ چوان
سڀ مرن ها سومرا ته به سوڍو نه مري ها
پيم پور سوڍل جو، مان به ننڍڙو نپايا
وٺانءِ وير اَبـَـل جو، مان دم نه دير ڪيان
پر سـَـڄر قول دليء ۾، مون عالادين ڪيا
سي ڪيم قول دليء ۾، مونکي پارڻ اڄ پيا
هاڻي قاصد ڏجان سيگهه ۾، مان دودي ڏانهن مـُـنجان!
---
پوءِ سونيون صندوقون سومري، سورهيه آڻايم
سينگاري مڙهه ملوڪ جو پيتيء منجهه وِڌُنِ
سو وٺي مهار مـَـيـَـل جي محمد مير هليم
چوٿين ڏيهاڙي سومرو وڳهه ڪوٽ ويـُـم
بيهي دودل مير کي محمد سڏ ڪيم:
اجهو هاسل سوڍڙو، مون دودا آندومانءِ
پوءِ ڪونڌ ڪچهريء جاءِ دودو ويٺو آهه
پوءِ هلي دودل مير کي دوسوء چيو آ:
ٻهران سڏ محمد جا مون دودا مير ٻڌاء
لاشڪ هاسل سوڍڙو اڄ مري مير وياء
پوءِ مٿئون هاسل مير جي دودو مير وياء
مـِـٺي ڏيئي ملوڪ کي سورهيه پار ڪڍيا:
اتي دودل مير کي محمد چيو آهه:
ته مونکي هاسل سوڍڙي، چاچا! هڪڙو بار رکياء
مڙهه نه رولـج سومرا، منهنجو وڳهه ڪوٽ نجانء
ڳانو منهنجي ٻانهن جو ڪنهن کي ڪونه ڏجان
ڇوڙي ’مالهان‘ هٿن سان، جنهن سان لانءَ لڌم
پوءِ رئندي دودل سومرو ماندو مير ٿـِـيـُـم
پوءِ اٿيو محمد سومرو جنهن پيتي بند ڪـَـيـُـم
سو ڪـَـڙايائين ڪنواٽن تي، پوءِ ’هالار ڪوٽ‘ ويم
وڃي تخت تي سوڍڙو، سورهيه سمهاريم
پوءِ سڀ مـِـڙي سوڍڙا اچي مٿئون گڏ ٿيم:
’سـِـر دودل مير تؤن تو گهوري گهوٽ ڇڏيم ‘ .
پسي منهن ملوڪ جو ڪـِـريا پٽِ پون
پوءِ اٿيو محمد سومرو جنهن پيتي بند ڪيم
پوءِ ڪـَـڙايائين ڪنواٽن تي، جيڪي توڏا توڙِ هلن
پوءِ ڪانڌي هاسل مير سان اچي پير فقير ٿيا
پوءِ چوٿين ڏيهاڙي سومرو وري اَبل وٽ ويا
وڃي دروازي تي سومري، حشر مير ٻـَـڌا
اِجهو هاسل سوڍڙو، مون مالهان! آندومانءِ
ڇوڙ ڳانو مالهان ٻانهن مؤن، محمد مير چيم
ڇوڙ پنهنجي وَرَ کؤن، منهنجا پورا قول ٿـِـيـَـن
پوءِ مالهان وَدُس ٻانهن مؤن ته مـُـرڪي مير ڏنم
چـِـيچون هاسل مير جون، تنهن مان ڳاڙها رت ٽمن
پوءِ ڏسي ابل ابڙو ماندو مير ٿيم
پوءِ اٿيو محمد سومرو جنهن پيتي بند ڪـِـيـُـم
پوءِ وٺي مهار مـَـيـَـل جي وڳهه ڏي به هليم
موڪلائي ابل مير کؤن اٿي سورهيه پنڌ پيم
الله واهي اٿئي ابڙا، توکي پٺ جي پارت آهه
وٺان مان وير سوڍل جو، ويهي ڪونه رهان.
---
سو چوٿون ڏيهاڙي سومرو وڳهه ڪوٽ ويا
سو پڙهي جنازو سومري وڃي نيهـَـرَ ڪرايا
خزانا خيرات ۾ لالڻ لک لٽبا
ڀٽ، ميراثي، منگتا هن مومن کارايا
ستين ڏيهاڙي سومري پٿر مير کنيا.
---
پوءِ سنڀالي علي شير کي ات محمد مير هليو
چوٿين ڏيهاڙي سومرو ديمين منجهه ويو
پر طنبو هاسل مير جو اتي اڳيؤن بيٺو هو
سو لنگهي منجهه طنبؤ ۾ محمد مير ويو
طنبو ڏسي سوڍل جو پوءِ ڪري ڪـِـيهه ڪريو
اتي هاسل مير کي محمد سڏ ڪيو:
اچ ته هلون جنگ تي، توکي ادا سڏ ڪيان
ڪونهي هاسل سوڍڙو، هاڻي سڏ ڪير ڏيندا
ادل! تنهنجي موت جي مان ڪنهن کي دانهه ڏيان؟
پوءِ ڪاغذ عالادين ڏي محمد لکيو آ:
ته جنگ سندي ميدان ۾ سعيو رات ڪجان
جنهن سوڍل ماريو تنهن کي رات چاڙهي مـُـنججان
ڄام چنيسر مير کي عالادين چياءِ:
ته هاڻي محمد مير ڏي مـُـون چاڙهي ڪير منجان؟
صوبا سڀ مري ويا منهنجا وانگي ڪونه بچيا.
پوءِ اتي عالادين کي چنيسر چيو آهه:
ته منج تون ’سالار خان‘ کي ٻيو ماڻهو نه
مـُـنججاءِ.
سو سڏ ڪري سالار کي عالادين چياء:
ته چڙهه تون محمد مير تي، پٽ! دم نه دير ڪجانء
مار تون محمد مير کي، مان به اکين ساڻ ڏسان
پر پنج لک لشڪر جا تون ڀي ساڻ وٺيو وڃجان!
سو ڪاغذ محمد مير ڏي سالار خان لکيا:
ته مڙس ٿجان سومرا، توکي سورهيه ٻولايان
پـُـٽ هان عالادين جو، اٿئي سالار منهنجو نان
سو جنگ سندي ميدان ۾ وارو منهنجو آهه.
سو خط محمد مير کي اچي قاصد پهچايا
پوءِ سنڀالي علي شير کي اُٿي سورهيه پنڌ ڪيا
پوءِ جنگ سندي ميدان ۾ وڃي نعرو نر هنيا
پوءِ هڪل ڏني سومري، اَئون اُلا اڏاڻا
پکي پـَـٽ ڪـِـري پيا، جن جا ڇڄي پـَـرَ پيا
اُڙد عالادين جا سي ڀي پـَـٽ تي اُجهاڻا
عالادين بادشاهه نـِـي ڇڏي ڏنا ماڻا
سو جنگ سندي ميدان ۾ گهوٽ گهمايا گهاڻا
سو ڏيئي راتاهو رات کي اَئون پوئتي مير وريا.
---
سنڀالي علي شير کي ٻيجهيءَ چوٽ هليا
سو جنگ سندي ميدان ۾ نعرو نر ڪيا
سو هڻن هڪ ٻين کي، سورهيه سانگ نه ڪن
’علي علي‘ اٿن وات ۾، پتنگ جان پهچن
اُلون اڏامن باهه مؤن، ٻيا ٽاندا پيا ٽمڪن
اٺئي پهر جنگ ۾ بيٺا ڳيورَ گوڙيون ڪن
سٽڪا سرواهين جا، اُت ڇيريون پيون ڇمڪن
ڪاهيـُـون پون اڳتي پير نه پوءِ وجهن.
اتي محمد سومرو اچي چـَـريو چـِـتِ ٿيم
جنهن کي سور هاسل جو، پيا پلپل پور پون
سو هاٿي هاٿيء تي هنيو، بيٺا گهوڙا گهوٽ سـَـٽين
ڏسي تيز ترار جا هٽيا اُڙد وڃن
دَهڪو ديمين ۾ ٿيو، ڏونگر پيا به ڏڪن
رِڻ آجو اُت سومري محمد مير ڪيـُـم
پوءِ هڪل سالار خان کي وڃي محمد مير ڏنم:
ته پهرئون وارو ترار جو توکي موڪل آ
پوءِ گـُـرز محمد مير تي سالار واريو آ
سو ڍال تي روڪي سومري کسي خان وَداء
سو زلف عليء شير جو اِتي محمد ڦيراياء
سو لاهي لـَـڪن کون سومري، ڪيري پٽ وِڌا
شڪر الحمد نـِـي اٿي محمد مير ڪيا
ته مـَـٽ ماريو اٿم پانهنجو، هاڻي ڪندو خير خدا
سو سسي نيزي ۾ ٽنگي، گهوڙي گهوٽ چڙهيو
وڃي عالادين کي اڳتؤن محمد مير چيو:
ته اجهو عالادين بادشاهه! تنهنجو پـُـٽڙو ماريو
مان
مـَـٽ ماريو ٿم پانهنجو، هاڻي اک ڀـِـي تو ۾ آهه.
پوءِ گهوڙو ورائي پوئتي محمد هليو آهه
پر گهوڙو محمد مير جو هواءِ تي به چڙهيا
سو پنج ڪوهه ديمين کؤن وڃي ڏور لٿاء.
محمد جي يارن ڳوليو:
سي يار محمد مير جا، اچي ماندا مير ٿيا:
چئي: ڪاڏي ويو محمد سومرو، ڪيهيء جهـَـل جهـَـلياء
جئرو آهي سومرو ڪِ نه مري مير ويا!
حيدر نالي سومرو تنهن دانـَـهه دانهن ڪـَـياءِ:
ته گهوڙو محمد مير جو مون اکين ساڻ ڏٺو
گهوڙو چڙهيو هواءِ تي سو ڏکڻ پار ويو
ڪاٿي لٿو سومرو، اَلائي ڪاڏي مير ويو
سو ڳولا محمد مير جا اُٿي پانڌي پنڌ پيا
تازا ميوا پاڻ سان هنن ساڻ کنيا
سـَـت کليون پاڻيء جون، سي ڀي صوبن ساڻ کنياء.
محمد جو گهوڙو جتي وڃي لٿو، اتي ’پوني ڪوٽ‘ جو
راجا ’سـِـيراز‘ هو، اهو عالادين جي مدد ۾ لشڪر
وٺيو پئي آيو.
راجا ’پوني ڪوٽ‘ جو ’سيراز‘ جنهن جو نانء
وٺيو ڏهه لک لشڪر جا، ائون اسي هزارن
سو مدد عالادين جي ماٿيلو مير پڇن
سي طنبو سيراز جا ڪوهن منجهه لڳن
پر پهرين فوج طنبؤ تي تراريون هـَـٿ ملن
ٻـِـي جا فوج تنبؤ تي گهوڙي چڙهيو گهـُـمن
ٽـِـي جا فوج تنبؤ تي پيا گينور گوڙيون ڪن
چوٿين فوج تنبؤ تي هاٿين هـَـٽ هلن
پنجين فوج تنبؤ تي واسينگ وَر هڻن
سي ڀي محمد سومري اچي اکين ساڻ ڏٺم.
تڏهن شڪر الحمد نـِـي اتي محمد مير ڪـَـيـُـم:
ته دشمن دودل مير جو ڳولي اڄ لڌم.
جو ڀانيائين ته هي عالادين جي پنهنجي خاص فوج آهي:
سو ڏنائين مـُـنهن مـُـهـِـيم تي وڃي نعرو نر هنيم
سو ’علي علي‘ ڪري سومرو تـنبؤ منجهه هليم
سي سـِـينهن سڀيئي موڳا ٿيا ڪـِـريا پٽ پون
وڌائين وڍ طنبوء ۾، جنهن جون ليڙون پيون لڙڪن
ٽي ڏيهاڙا سومرو فوجن منجهه ڦريم
پاڻي ڏيندڙ ڪونڪو اتي ماندو مير ٿيو
اتي محمد مير سان اچي صوبا ساڻ ٿيم
سو گهوڙو محمد مير جو پاڻيءَ تي به لٿم
ڏسي حيدر مير کي اتي محمد دانهن ڪيم
هوش ڇڏي بي هوش ٿيو، جنهن جو ڦٽي رت ويم.
محمد بي هوش ٿي حيدر سومري کي ڀانيو ته سوڍو هاسل
آهي، جو منهنجي مدد لاءِ آيو آهي، سو چيائينس ته:
توکي هاسل سوڍڙا، ادا! ڪيڏا سڏ ڪيم
دشمن دودل مير جو مون ڳولي ڪالهه لڌم.
پوءِ تازا ميوا مير کي ٻيو پاڻي پـِـياريـُـن
تڏهن سامت آيو سومرو جنهن حيدر سڃاتم
ته ڪونهي هاسل سوڍڙو منهنجو مير ويم
اتي حيدر مير کي ائون محمد مير چيم:
اتي اَٿئـِـي عالادين نـِـي جتي فوجون ٿيون ڦرن
صوبا محمد مير جا اچي مـَـيا مست ٿيم
سو جنگ سندي ميدان ۾ پيا ڦيريدار ڦرن
ڪاهـُـيون پون اڳتي، پتنگ جان پهچن
وري اُٿيو محمد سومرو، گهوڙي تي گهوٽ چڙهيم
سو گهوڙو ڪڏايـُـون سومرو وڃي تـنبؤ منجهه پيم
سو طنبن ۾ تاراج ڪيائين، جنهن جون آهـُـون عرش
ٻجهن
سو هڪل ’سيراز خان‘ کي وڃي محمد مير ڏنم:
ته تون ڀي عالادي بادشاهه، هاڻي خبرادر ٿجانءِ
ائون پهرو وارو ترار جو توکي موڪل آهه.
سو گرز محمد مير تي سيراز واريو آهه
سو ڍال تي روڪي سومري کسي خان وَدا
وري زلف علي شير جو محمد ڦيراياءِ
سو لاهي لـَـڪن تؤن سومري ڪيري پـَـٽ وڌا
تڏهن اُڙد سيراز خان جا ڀڄي سڀ ويا
ائون وڃي عالادين کي صوبن عرض ڪيا:
ته راجا ’پوني ڪوٽ‘ جو، سيراز جنهن جو نانء
ڏهه لک لشڪر جا وٺي مدد آيو آهه
اوچتو آيو سومرو جنهن ماري مات ڪيا
موٽي ’پوني ڪوٽ‘ تي ڪو وانگي ڪونه ويا.
اتي عالادين بادشاهه جا ڇڄي ڇيهه پيا:
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، وس نه منهنجو آ
چڙهيس دليء ڪوٽ مؤن، مون ڪچو ڪم ڪيا
موڀـِـي پـُـٽ مري ويو، مون ڪنهن کي دانهن ڏيان!
پوءِ ڄام چنيسر مير کي عالادين چياءِ:
ته صوبا سڀ مري ويا، وانگي ڪونه بچيا
هاڻي دليء ڪوٽ ڏي ڪهڙا منهن نـِـيانء.
محمد شڪر ڪيو. سيراز جو مڙهه ۽ ان جو تخت
کڻايائين. ڀانيائين ته عالادين ماريوسون، هاڻي
جهيڙو لٿو. مڙهه کڻايو پيو وڃي.
سو ڪڙايـُـون ڪنواٽن تي، کنيـُـون مير ويا
پر ويندي گڏيـُـن واٽ مان صوبا ست هئا
تنهن کؤن محمد سومري نالو پڇيو آ:
ته ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، نالو تـُـنهنجو ڇا؟
چئي: ماسات عالادين جو، آهي ”موٽيل“ منهنجو نانء
اچان ٿو دليء ڪوٽ کؤن، مان سلام تي به وڃان
پوءِ سـِـر ڪڍي سيراز جو تنهن کي محمد ڏيکارياء
چئي: مون ڀي عالادين کي ماري مات ڪيا
پوءِ ڪلنگهي عالادين جي تنهن ڪڍي ڏيکارياء
چئي: وٺ وير ماسات جو، توکي وڃڻ واجب ناهه.
پوءِ سر ڏسي ’سيراز‘ جو ’موٽيل‘ عرض ڪيا:
ته هي نه عالادين آ، توکي صاحب سچ چوانءِ
هي راجا آهي ’پوني ڪوٽ‘ جو، سيراز جنهن جو نانء
پوءِ سـِـر سٽي سيراز جو، محمد جوٽ تي هٿ هنيا:
ته دشمن دودل مير جو اڃان جئرو ويٺو آهه
سو هڻي نعرو حيدري پنهنجي طـنبن منجهه ويا.
عالادين کي ٻيو صوبو ڪونه هو، انهيء ڪري چنيسر جي
صلاح سان جنگ رکايائين.
پوءِ ڪاغذ محمد مير ڏي عالادين لکيا:
ته جنگ رکايان سومرا، تون چڙهي نه اچجانء
تو ڏي محمد سومرا! مون لکي خط مـُـنجان
ته موڀي پـُـٽ مري ويو، جنهن جو پٿر مير ڪيان.
عالادين جي راڻي پويان دهليء مان پئي جدا جدا صوبن
۽ سالارن ڏي خط لکندي هئي ۽ صوبا پيا چڙهندا هئا.
سو ”راول ڪوٽ“ جي صوبي ڏي خط لکيائين:
راجا ’راول ڪوٽ‘ جو ’نورنگ‘ ٿا به چون
سو قلعي ’جعفر ڪوٽ‘ کؤن، بيٺا پهريدار گهمن
سو نعرو ’نورنگ‘ جو ٻـُـڌي ڏَڪيا اڙد وڃن
چڙهي شير شڪار تي، صوبو ڪونه کڻن
اَئون جنگ سندي ميدان ۾ سـِـپر ڪانه ٻڌن
سو مغل عالادين جا اُت راڻا رت رئن
اڳيؤن ’نورنگ خان‘ کي ٿا جوڙيـُـون جواب ڏين:
ته راجا آهي ’دِليء ڪوٽ‘ جو، ٿا عالادين چون
سو جنگ لڳي دودل جي، چڙهي مير ويم
پر وسُ لڳي ٿو ڪونه ڪو، هـُـن واري وس ڪيم
جنگ سندي ميدان ۾ ٿا کاڻا کوهه کٽن
سو تو کؤن عالادين نـِـي مدد مير گهريم
هاڻي ڏي ڪا ورندي خط جي، موٽي مير وڃن.
اڳيون تن صوبن کي نورنگ خان چياء:
ته اصلي عالادين سان صلح منهنجو ناهه
پر لڳيء مهل کون پوئتي هن مدد گهري آهه
سو مدد عالادين کي ڏيڻ لائق آهه
سو ڪڍي ٻاهر ڪوٽ کؤن تـنبو مير هنيم
سو ڏهه لک لشڪر جا هن سڀ سورهيه سڏايم
سو چڙهيا دودل مير تي، ٿيون رَيـُـون عرش اُڏن
ننڍي وڏي وائي وات ۾، ٿا ’دودو دودو‘ ڪن
سو راتيان ڏينهان پنڌ ۾ باهـُـيون بيراڳين
گهڻن ڏينهن کؤن پوئتي سي ڀي ماٿيلي مير وِِيم
سو طنبو نورنگ خان جا ڪوهن منجهه لڳم
مغل عالادين جا تن کي نورنگ خان چيم:
آن ڀـِـي لهندس اُتهين، جاتي عالادي بادشاهه
پر عالادي ڏسان ڪونه ٿو، آهي اوندهه منجهه طـنبن.
پڇيائين ته: ڇو اوندهه لڳي پئي آهي؟
سو مغل عالادين جا ٿا جوڙيـُـون جواب ڏين:
ته پٿر اٿس پـُـٽ جو، ٿا ڳڻتيء منجهه ڳرن
پوءِ اتي نورنگ خان سان گڏجي ساڻ هليم
پوءِ سڄي هٿ سلام نـِـي وڃي نورنگ خان ڪيم:
کنيائون ڪنڌ ڪـُـٻـَـن جان، ٿا ڳڻتيء منجهه ڳرن
پر ڪاغذ محمد مير جو اچي قاصد پهچاين:
ته جنگ سندي ميدان ۾ سعيو رات ڪجانء!
اتي عالادين ني خط پڙهي ٻـُـڌاين:
ته نورنگ! نوابن سان ٿا ههڙا حال ٿين
ڇا وڏيرو راڄ جو، ڇا هلت غنيمن!
يعني ته دودو سومرو هڪ راڄ جو وڏيرو آهي ۽ ڇا سندس
هلت بادشاهن سان!
خرچ خزانا ڪينڪي هيڪل ٿا به اچن.
سڃا ماڻهو آهن، خرچ خزانا به ڪين اٿن، هيڪلو ٿا
اچن ته به لشڪر ماري ٿا وڃن.
وس لڳي ٿو ڪونڪو، مون واري وس ڪيم.
اتي عالادين کي نورنگ خان چيم:
تون ڀي عالادي بادشاهه، ماندو ڪين ٿجانءِ
رات مان محمد مير تي، چڙهي مير وڃان
سسي محمد مير جي توکي اکين ڏيکاريان
جيڪو آ دودل سومرو، تنهن کي جئرو قيد ڪيان
ننڍي وڏي سومري توکي آڻي هت ڏيان.
وري ڪاغذ محمد مير ڏي نورنگ لکيو آ:
ته راجا آهيان ’راول ڪوٽ‘ جو، ’نورنگ‘ منهنجو
نانء
جنگ سندي ميدان ۾ رات وارو منهنجو آهه
مڙس ٿجانء سومرا! توکي سورهيه ٻولايان
جيڪو اَٿـِـي دودو سومرو، تنهن کي ساڻ وٺـُـيون
اچجانء
مـَـٽ آ دودو سومرو، تون مـَـٽ ڀي منهنجو نانهه.
پوءِ ڪاغذ محمد مير کي اچي قاصد پهچايا
سو فجر جي ته نماز نـِـي محمد پڙهي آهه
دعا گهري سومرو گهوڙي گهوٽ چڙهيا
سو وڃي ديمين وچ ۾ نعرو نر هنيا.
---
سو نورنگ موٽيو پوئتي پنهنجن صوبن وٽ ويو
سارو حال صوبن سان اچي نورنگ خان ڪيو:
ته جنگ سندي ميدان ۾ رات محمد ايندو
ائون چڙهو محمد مير تي دم نه دير ڪيو
سو لکين گهوڙن تي چڙهيا، ڪي هاٿين تي هسوار
سوين شـَـڪيلا چيلهه سان، ٻڌائون جنگ سندا جنسار
سو اُڀ رَئيءَ ۾ روڪيو، ٿيو اوندهه انڌوڪار
صفون ٻڌائون ميدان ۾ جاٿي وِٿـِـي ناهي وار
سو نورنگ تن جي اڳ ۾، نر ته بيٺو نرواز.
---
هيڏانهن ساري علي شير کي محمد مير هليو
سڄي هٿ سلام نـِـي اچي محمد مير ڏنو
سو سلام وَدَئين ڪونڪو، نورنگ خان چيو:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، نالو تنهنجو ڇا؟
چئي: ذات جو آهيان سومرو، اٿئي محمد منهنجو نانء
چئي: تو ڏي محمد سومرا! مون خط ۾ ڪيئن لکيا
تو ڀي محمد سومرا ڪيڏا ظلم ڪيا!
هيڪل آيو آن هليو، تو ڀي دودو ڪونه آنداء
مـَـٽ آ دودو سومرو، تون مـَـٽ نه منهنجو آن.
چئي: ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، نالو تنهنجو ڇا؟
چئي: مان راجا راول ڪوٽ جو، نورنگ منهنجو نان
پوءِ هڪل ڏنس سومري تپي تاوَ منجهان:
ته پهرو وارو ترار جو توکي موڪل آهه
پوءِ چـَـپ ڪري وات ۾ نورنگ کنو کـِـنوايا
سو ڍال تي روڪي سومري کسي خان وَداء
وري زلف عليء شير جو سوڍي ڦيراياءِ
سو لاهي لـَـڪن کون سومري، ڪيري پـَـٽِ وڌاءِ
ڇڄهريون ڇـِـمڪي ڪـِـريـُـون، وڃي دَهـَـڪو
ڌڙڪـَـياءِ
اتي محمد مير کي ويڙهي اُڙد ويا
ويا ورائي مير کي پتو ڪونه پيا
اُت ست - هٿيارو سومرو اچي ميو مست ٿياء
گهايـُـون گهوٽ ڦٽو ڪري، تک مان ترارين
لکين لشڪر ڪيترا هن ڳاري اُڙد ڇڏين
پوءِ صوبا نورنگ خان جا، عالادين وٽ وڃن:
ته نورنگ خان مري ويو، جنهن جا وِلها ڪوٽ ٿين
هاڻي ’اراول ڪوٽ‘ ڏي رَنـُـن راڄ ٿيم
هاڻي ’راول ڪوٽ‘ ڏي ڪهڙا مـُـنهن نـِـجن؟
ٻڌي عالادين جا اِتي ڇڄي ڇيهه پيم.
---
اتي محمد سومرو اَڪيلو مير ٿيم
صوبا محمد مير جا اُتي مري مير ويم
هڪ ئي آ محمد هيڪلو، جنهن جو وانگي ڪونه
بـَـچـِـيـُـمِ
هڻي نعرو حيدري سو پنهنجي طنبؤ منجهه وِيـُـم.
هاڻي ’سـِـيراز‘ صوبي جي ڳالهه، جو بـِـرما جي
بادشاهه کي چيو هئائين ته عالادين جي مدد ۾ وڃان
ٿو. جنگ پوري ڪري پوءِ تنهنجي شادي تي ايندس.
سو آيو سورهيه ساٿ جو، بـِـرما جو بادشاهه
ڄائو پٽ ’نـَـدُورَ‘ کي، ٿيو تارن منجهه شعاع
’ڪوهه ڪاف‘ جي ڪيرِ سان ٿيو ’ڪاڇي‘ منجهه
اُهاء
ديوَن جي دَنوارَ ۾ هو لکيل تنهن جو نانء
ٿي شادي تنهن داناهه جي، پئي گهورون گهوري ماء
سـَـڏ اٿاريائين ديس تي، پوي ڪونه سماء
پوءِ ڪاغذ ’سيراز خان‘ جا اچي ’پوني‘ مؤن
پهتا:
ته سڏ تنهنجو شاديء جو، مون کي اچي يار مليو
پر جنگ آ عالادين سان، تنهن جي مدد مير وڃان
جو مـُـلڪ ماٿيلي سومري اچي دودي جنگ ڏناءِ
سو فتح ڪري خير سان پوءِ ’بـِـرما‘ ڪوٽ اچان
سڏ تـُـنهنجي شاديء جو اچي يار ڀريان
لک تو تؤن گهوريان، اَئون سهجؤن ساٺ ڪيان
اهو ڪاغذ ’سيراز خان‘ جو اچي ’پوني‘ مؤن پهتا
سو پڙهي خط ’سـُـوائي خان‘ جوٽ تي هٿ هنيا:
ته يار آيو ٿـَـمِ ڪونڪو، مان لائون ڪيئن لهان!
ڪير آ دودو سومرو، جنهن تي سيراز خان ويو آ؟
ادل آيو ڪونڪو هاڻي لائون ڪيئن لهان
آءٌ ڀي ويندس اوڏهين، جاڏي سيراز خان وياء
فتح ڪري خير سان اچي لائون پوءِ لهان،
پوءِ ڪڍي ٻاهر ڪوٽ کؤن تـنبو مير هنيا
هڪ حلقو هاٿين جو، تنهن ميدان منجهه ڪياءِ
آزموتو صوبن جو اُت ’سـُـوائي خان‘ وَداءِ
جنهن ٿي هاٿـِـي ماريو سو صوبو ساڻ کنياءِ
پوءِ ڏهه لک لشڪر جا اِئين سورهيه ساڻ کنيا.
---
پوءِ چڙهيا دودل مير تي، ٿيون رَيـُـون عرش اُڏن
راتيان ڏينهان پنڌ ۾ بانڪا بس نه ڪن
نڍي وڏي وائي وات ۾ پيا ’دودو دودو‘ ڪن
سو ڇهين مهيني کؤن پوئتي، ماٿيلي مير ويم
تـنبو سـُـوائي خان جا اچي ڪوهن منجهه لڳم
پوءِ مغل عالادين جا، تن کي سـُـوائي خان چيم:
ته راجا ’پوني ڪوٽ‘ جو ’سيراز‘ جنهن جو نانء
آن ڀي لهندس اُتهين جاٿي ادو لٿل آهه
پر مغل عالادين جا بيٺا راڻا رت رئن:
ته جنگ هئي محمد مير جي، سو مري مير ويم.
ٻڌي ’سـُـوائي خان‘ اُت جوٽ تي هٿ هنيم:
ته ڪير آ محمد سومرو، جنهن ادل ماريو آهه؟
هاڻي محمد مير کي مان ٽـُـڪرا رات ڪيان!
سو وڃي عالادين کي ٻانهون مير ٻـَـڌاءِ:
ته تون عالادي بادشاهه! ماندو ڪيمَ ٿجانءِ
سسي محمد مير جي توکي اکيين ڏيکاريان
قيد ڪري دودل کي، توکي آڻي هت ڏيان
جنهن آيو آن سڱ تي، سا ٻاگهي پرڻايان
جيڪي اميدون دل جون، سي پوريون سڀ ڪيان.
---
پوءِ ڪاغذ محمد مير ڏي سـُـوائي لکيو آهه:
ته ’سـُـوايو‘ سورهيه ساٿ جو، آهيان بـِـرما جو
بادشاه
سو جنگ سندي ميدان ۾ اڄ وارو منهنجو آهه
مڙس ٿجانءِ سومرا! توکي سورهيه ٻولايان
جيڪو ٿي دودو سومرو، تنهن کي ساڻ وٺيو اچجان
جو مـَـٽ آ دودو سومرو، تون مـَـٽ نه منهنجو آن
تنهنجي دودل مير کي مان جئرو قيد ڪيان
ننڍيون وڏيون سومريون، مان آڻي هـِـت ڪڍان.
سو قاصد محمد مير کي آڻي ڪاغذ پهچايا
خط پڙهي محمد سومري کـِـلي خان ڏناءِ
سنڀالي عليء شير کي اٿي محمد پنڌ پيا
پير رکي پير تي اُتي سورهيه سڏ ڪيا:
مير محمد مصطفيٰ! توکي سيد سڏ ڪيان
علي شير الله جا مونکي مدد مير ڏجان
صدقو شاهه حسين جو منهنجي واهر وَر ڪجان
جو ادل سڀ مري ويا، مان هڪ ڄڻو آهيان!
پوءِ وٺي چـُـنج رڪيب جي گهوڙي گهوٽ چڙهيا
گهوڙو ڪـُـڏايون سومرو ’سـُـوائي‘ وٽ وياء
سڄي هٿ سلام وڃي محمد مير ڏناءِ
سلام وَدائين ڪونڪو، ائون سـُـوائي خان چيا:
ته ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، آهي نالو تنهنجو ڇا؟
چئي: ذات جو آهيان سومرو، منهنجو نالو محمد آ
پوءِ محمد مير کي سـُـوائي چيو آهه:
ته تو محمد سومرا! ڪيڏا ڪيس ڪيا
تو ڏي محمد سومرا! مون خط ۾ ڪيئن لـِـکيا
ته هيڪل آيو آن سومرا! تو دودو ڇو نه آنداءِ؟
مـَـٽ آ دودو سومرو، تون مـَـٽ منهنجو ناهه.
اُت هڪل ڏني سومري تپي تاوَ منجها:
ته تون ڪير آن، ڪاڏي وڃين، نالو تنهنجو ڇا؟
چئي: سـُـوايو سورهيه ساٿ جو، آهيان بـِـرما جو
شهه مور
نڪ جنين کي آ ڪونڪو، آ منهن جنين جو نور
پوءِ ڍوليو ڍالن وچ ۾ پيو مرڪي محمد مور
پوءِ گرز محمد مير کي سوائي خان هنيو
سو ڍال تي روڪي سومري کنو کنوايو
لاهي لـَـڪن کؤن سومري، سو ڀي ڪيري پٽ وڌو
پوءِ جنگ سندي ميدان ۾ اچي ميو مست ٿيو
گهايـُـون گهوٽ ڦٽا ڪري، پير نه پوءِ هٽيو
اٺئي پهر جنگ ۾ پير نه پوءِ هٽيو
جنهن کي سور سوڍل جو وسري ڪونه ويو
صوبا سـُـوائي خان جا، سو ڀڄي اُڙد ويو
لکين لشڪر ڪيترا هن ڳاري اُڙد ڇڏيو
ٻڌي عالادين جا ات ڇڄي ڇيهه پيا:
ڄام چنيسر سومرا! مون هاڻي ڪيئن ڪيان؟
چئي: ٻڌ عالادين بادشاهه، مون توکي ٻڌايان
هاڻي عالادين بادشاهه، تون ماندو ڪين ٿجان
جنگ تي محمد مير جي مان چڙهي رات وڃان
سسي محمد مير جي توکي آڻي هـِـت ڏيان.
عالادين پوءِ چنيسر کي پنج سؤ صوبن جا ساڻ ڏنا ته
محمد سان جنگ تي چڙهي.
پوءِ خط محمد مير ڏي چنيسر لکيو آ:
ته مڙس ٿجان سومرا، سورهيه ٻولايانءِ
جنگ سندي ميدان ۾ مان چڙهي رات اچان.
خط پڙهي سومري روئي مير ڏنا:
ته پيء ڦري ويم پانهنجو، مان هاڻي ڪيئن ڪريان
ڪعبو آهي سومرو، تنهن سان سامهون ڪيئن ٿيان!
---
گهڻو لشڪر پاڻ سان وٺي چنيسر هليو آهه
جنگ سندي ميدان ۾ اچي نعرو نر هنياء
لڳو ڏؤنڪو ڀير تي ڪيو ڀير ڌڪاء
پوءِ سنڀالي عليء شير کي اِتي محمد چڙهيو آ
پائي پاند ڳچيء ۾ سورهيه سڏ ڪيا
مير محمد مصطفيٰ! تو سيد سڏ ڪيان
صدقو شاهه حسين جو، منهنجي واهر ورَ ڪجان
علي شير الله جا! ڪا مدد مير ڏجان
پوءِ گهوڙو ڪڏايـُـون سومرو، ديمين منجهه ويا
اچي اُڙدن ۾ پيو جنهن ڇني ڌار ڪيا
’علي علي‘ ٿـَـسِ وات ۾، ٻي ٻولي ڪانه ڪري
ڌڌڪا ديمين ۾ پيا، جو ڏڪيا اُڙد وڃن
پوءِ سڀ مارائي پوئتي چنيسر مير ويم.
چنيسر رڳو اچي لڙائي پئي ڏٺي، پر محمد تي پاڻ چڙهي
ڪونه ٿي ويو.
اچي عالادين کي چنيسر مير چيم:
ته ڏيو لشڪر پاڻ سان، اهي مري اڙد ويم
پر اتي عالادين کي هڪ صوبي سڻايم:
ته چنيسر وڙهي ٿو ڪونڪو، هو پوئتي بيٺو آ
ڄام چنيسر سومرو، توکي نه ڇڏينداءِ.
پوءِ ڄام چنيسر مير کي عالادين چياء:
ڄام چنيسر سومرا! توکي اهڙِي لائق ناهه
جو لکين لشڪر ڪيترا منهنجا ڳري اُڙد ويا
تنهنجو محمد سومرو اڃان جئرو ويٺو آهه!
چئي: ٻڌ عالادين بادشاهه، مان توکي ٻڌايان
ته ستين پيڙهيين سومرا منهنجا سورهيه ساماڻا
پر اڳ به محمد مير جي مٽ ڪين ٿياء
اڃان ٽيهن ورهين جي ڄمار جو، وَهيءَ پورو ناهه
اڄ سورهن رتيون زور جون مون کؤن محمد وڌِڪ آ
ما ڀي وس وڏا ڪيا، پر هلي ڪين سگهيا
هاڻي عالادي بادشاهه، ڏس ٿو توکي ڏيان
صوبا سڀ مري ويس، جيڪي وانگي ويجهو هئا
پاڻي ڏيندڙ ڪونڪو پوءِ ڪنهن کي سڏ ڪندا
پوءِ ٿيندس وقت نماز جو، پوءِ وضو ساريندا
زرهون پوشاڪون سومرو اُت ڇوڙي ڇڏينداءِ
پوءِ اتي عالادي بادشاهه! تون بندوبست ڪجان
جڏهن ني محمد سومرو نماز ۾ ٿيندو
تڏهن سجدي ۾ سورهيه کي ماري مير وجهو.
پوءِ جيئن چنيسر ڏس ڏنو تيئن بادشاهه پنهنجو لشڪر
وهاري، ڀير تي ڏونڪو هڻايو.
لڳو ڏؤنڪو ڀير تي، ٿيو ڀير ڌڪاء
ڇرڪ ڀري سومرو اتي ننڊ مؤن اُٿيو آهه
سـُـپنو لڌو سومري ته محمد سوڀاري
مير محمد مصطفيٰ اچي چيس اُٿاري:
ته پيء تنهنجو ويري ٿيو، کـَـر ڇڏيو کاري
پر ڪنڌ نه موڙج ڪاڏهين، موت ڀلي ماري
جو حسن مير حسين توکي سيد ٿو ساري.
پوءِ ’علي علي‘ ڪري سومرو، ديمين منجهه پيم
دهڪو ديمين ۾ پيو، ڏڪيا اڙد وڃن
پر ڏسي زيب جوان جو، هو ويجها ڪين اچن
پيو واچوڙو وچ ۾، جئن واڪو منجهه وڻن
پوءِ سسيون سلطانن جون، پيون ڪلر منجهه ڪرن
ڌڙ تنين جا ڌوڙ ۾ پيا لوهوءَ ۾ لـَـٽجن
پوءِ لکين لشڪر ڪيترا هـُـن ڳاري اُڙد ڇڏيم
پر پاڻي ڏيندڙ ڪونڪو، ماندو مير ٿيم
پوءِ جنگ مؤن نڪري سومرو پاڻيء ڏي پهريم
پاڻي پي سومرو، اتي سامت منجهه ٿيم
وري پيو ديمين وچ ۾، پوءِ ڀڄي اُڙد وڃن
اتي رڻ آجو ڪري، اچي محمد مير ڪيا
ٿيس وقت نماز جو، ڪيائين واديء تي ڪاهه
وضو ساري سومري، ڪيو محمدي آواز
نفل جوٽي سومرو ٿـِـيو اڳين منجهه نماز
پوءِ اتي محمد سومرو جڏهن سجدي منجهه ٿيا
پر دشمن محمد مير کي تاڙيـُـون بيٺا هئا
خنجر کڻي مير تي اُٿي پنڌ پيا
سڏ ڪري محمد کي اتي ’قابل‘ چيو آهه:
ته سجدو کڻ سومرا، ته تو تؤن الله معاف ڪنداءِ.
سجدو کنيو سومري ته ڀڄي اُڙد ويو
پوءِ رڪوع ڪري سومرو وري سجدي منجهه ٿيو
پوءِ ’مزار‘ نالي جو هڪڙو صوبو هو
تنهين محمد مير کي ماري ات وڌو
پوءِ وڃي چنيسر مير کي قابل عرض ڪيو:
ته ڄام چنيسر سومرا! تو ڪهڙو ڪم ڪيو
پٽ مارايئي پانهنجو، منهنجو ڦـِـٽي رت ويو
پوءِ جڏهين چنيسر مير کي اهو قابل حال ڪيو
ته چنبا هڻي مـُـنهن کي وڃي ديمين منجهه پيو
ڌڌڪا ديمين ۾ وڌئين، هـُـن ڳاري اُڙد ڇڏيو.
---
پوءِ ڀڄي وڃي عالادين کي صوبن سڻايو:
ته ڄام چنيسر سومرو اڄ ڦـِـري مير ويو
لکين لشڪر ڪيترا هن ڳاري اُڙد ڇڏيو.
تڏهن ڄام چنيسر مير کي وڃي عالادين چيو:
ته مونکي شهر دليء ۾ تو ڏاڙهيء قول ڪيو
سو ڄام چنيسر سومرا! تنهنجو ڪوڙو قول ٿيو.
چئي: ٻڌ عالادي بادشاهه، مون توکي ٻڌايان
محمد مير مري ويو، منهنجا ڳري ڳچ ويا
هاڻي عالادين بادشاهه ٻڌ ته ٻڌايان
ههڙا لاکيڻا پٽڙا، مون ڪـُـونهٽ ڪـُـهايا
سو پـِـيـُـم پور اَبـَـل جو، مون ننڍڙا نپايا
هاڻي عالادي بادشاهه! دم ڪا دير ڪجان
جيتر مڙهه ملوڪ جو مان وڳهه پهچايان.
پوءِ سونيون صندوقيون سومري سورهيه گهـُـرايم
سينگاري مڙهه
ملوڪ جو پوءِ پيتيء منجهه وڌم
هاڻي ٻڌ عالادي بادشاهه توکي ٻڌايان
ته هيڏي دودل سومرو چڙهي ڪونه ايندو
هلي لهه تڙ روپاهه تي، جتي دودو مير ايندو
مڙهه محمد مير جو مان وڳهه پهچايان
چوٿين ڏينهن کؤن پوئتي مان وري ايندوسان.
چنيسر چيو ته: تون سنبت ڪر ته آءٌ محمد جو مڙهه
وڃي وڳهه تي پهچائي اچان.
پوءِ وٺي مهار مـَـيـَـل جي چنيسر هليو آ
چوٿين ڏينهن وڳهه ۾ وڃي چنيسر پهتو آ
’مـَـڪيءَ جي مقام‘ ۾ وڃي گهوڙو گهوٽ جهليا
سڏ ڪري فقير کي اتي چنيسر چيو آ:
ته وڃي دودل مير کي فقير ڳالهه ڪجان
ته تنهنجو محمد سومرو اڄ مري مير ويا.
اُتي مڙهه ڦٽو ڪري چنيسر پوئتي موٽيو آ
پوءِ حشر ڪري ڪوٽ مؤن دودو هليو آ
پيتي پـَـٽي سومري سورهيه سڃاتو آ
پوءِ مـِـٺي ڏيئي ته ملوڪ کي سورهيه پار ڪڍيا
”ڏاڙهي ڏاڙهونء گل جان، پـُـٽ! رچي لال ٿيا
محلن ۾ مانديون ٿيون، مـُـٺي ماء سندياء
حيف چنيسر سومرا، تو ڪيها ڪم ڪيا!
جو ههڙا لاکيڻا پٽڙا تو ڪونهٽ ڪهايا
پر شڪر مڃان الله جو، وس نه منهنجو آهه“
پوءِ پڙهي جنازو سومري نيهـَـر ڪـَـرايا
خزانا خيرات ۾ لالـُـن لک لٽيا
ستين ڏيهاڙي سومري پٿر مير کنيا.
اتي چنيسر وڃي عالادين وٽ پهتو ۽ چيائينس ته منزل
کڻ.
سو لڏائي عالادين کي چنيسر پنڌ پيم
پر لٿو هو واٽ تي ٽنڊو فقيرن
سو اُڙد عالادين جو اتي سج لٿي آيم
ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو؟ فقير ٿا به چون
چئي: هي لشڪر عالادين جو، ٿا دودي ڏانهن وڃن
’علي علي‘ اٿن وات ۾، فقير ٿا به پڇن
ته لاشڪ محمد سومرو هن جو مري مير ويم
پوءِ هڪ ڏسي دودل کي ٿا چڙهي اُڙد وڃن
اهڙو آ دودل سومرو جتي رَنـُـن راڄ پلن
ائون ڏينهن جمعي جي سومرا سخي سخاوت ڪن
سي ڏين نانء الله جي گهوٽ چاڙهي گهوڙن
سو دشمن دودل مير جا ڏسي ڪير ڇڏن
پوءِ ’علي علي‘ وات ۾ لاڙيچا به لڙن
ڏنڊا ٿـَـنِ هٿن ۾، ڪـَـنٺن ساڻ ڪـُـٽن
نـَـڙن سان نانئي وڌئون، گهوٽ مٿي گهوڙن
ٽوپيون تن هٿن ۾ چلم چـَـنڊاڻـِـن
سو فقير سهڻي لال جا اچي مـَـيا مست ٿيم
لـُـنگ تني جا لال ٿيا الفيون آديسين
سو فقير سهڻي لال جا ناچو پيا به نچن
سي دانگين تان به اُٿي پيون، مارنگ منجهه هٿن
پر ننڍڙا ٻار پکن ۾، جيڪي پينگهن منجهه لڏن
سي پيرن ۾ پيمال ٿيا، جن جون آهون عرش ٻجهن
پر ڏسن ڪين ڏکن ڏي، جن جو ڦٽي رت ويم
سي لکن کؤن به لنگهي ويا، پر مانجهي ڪونه مڙن
پوءِ ڄام چنيسر مير کي عالادين چيم:
ڙي ڄام چنيسر سومرا! تو ڊوها ڊوهه ڪيم
جو اُڙد دودل مير جو تو لڪائي وهاريم
جو لکين لشڪر ڪيترا تن ڳاري اُڙد ڇڏيم
ڄام چنيسر سومرا! تو ڊوها ڊوهه ڪيم.
پوءِ اتي عالادين کي چنيسر مير چيم:
ته هي لٿل هئو واٽ تي هڪ ٽنڊو فقيرن
سي گهمن ساري ملڪ ۾ پنج ڪڻي به پنن
سو ٻڌي محمد مير جو ٿا لاڙيچا به لڙن
پارئون دودل مير جي ڪڏهن ڪين مڙن.
پوءِ عالادين بادشاهه جوٽ تي هٿ هنيم:
ته ڪل پئي ٿي ڪانڪا، واٽون ٿيون به وڙهن!
پوءِ هل چنيسر اوڏهين جٿي دودو ويٺو آهه
پوءِ لٿا تڙ روپاهه تي اچي طنبو مير هنيا
پوءِ ڪاغذ دودل مير ڏي چنيسر لکيو آهه:
ته آڻي عالادين کي مان هتڙي لاٿو آ
سو سڱ کڻي ٻاگهيءَ جو هـِـت ڏيئي وڃجان
نه ته وٺي عالادين کي مان ايڏهين مير اچجان
پوءِ گلا تنهنجي سومرا، ڀائو راڄن ۾ ٿينداءِ
نه ته اڳيؤن عالادين جي مون سان ڳالهيون مير ڪجان!
---
سو ڪاغذ دودل مير کي به قاصد پهچايا
سو خط پڙهي سومرو کلي خان اُٿيا
ڄام چنيسر مير ڏي ماڻهو مير مـُـڪا
ته ڄام چنيسر سومرا، توکي ايڏي لائق ناهه
دشمن آڻي در تي تو ادا لاٿو آ
هاڻي جنگ سندي ميدان ۾ ڪو سعيو رات ڪجان
اَئون مڙس ٿجانء سومرا! آءٌ سورهيه ٻولايان
جو سج لٿي کؤن پوئتي، مان ڪيان ڀير ڌڪاء.
پوءِ سج لهي سانجهي ٿيو، اُٿيو دودل شير
ساڻس گهـَـلـُـو گهانگهرو، جنهن گهـَـٽ جهليا
اَئون گهير
سو مـُـنهـَـن ٻولاهو پـُـونئرو پٽ نه ڌري پير
ساري محمد مير جا بيٺو دودل وٺي وير
پلٽيو رت پٽن تي، سـُـرها ٿئڙا سير
پوءِ موٽيو گهوٽ وڳهه ڏي، ڇاڻي ڇٽ ڇڳير.
---
وري سنڀالي عليءَ شير کي ٻيجهيءَ چوٽ چڙهيم
پيو واچوڙو وچ ۾ جيئن واڪو منجهه وڻن
هڪل ٻڌي مير جي ڏڪيا اُڙد وڃن
سو گهايـُـون گهوٽ ڦٽا ڪري تـِـک ۾ ترارين
اٺئي پهر جنگ ۾ هو بانڪا بس نه ڪن
هڪل ٻڌي مير جي ڇڏيو ماڳ مـِـرُن
لڪا ڪولانبـَـنِ وچ ۾ پيا باندر بک مرن
سـِـريـُـون ڏورئين ڏيهه تي پيا سـُـڻي سڻائن
ايڏو واڪو واء جو، جو ڇپون پٽ ڇڻن
ڌڌڪا ديمين ۾ پئا، جيئن اُڀ گجي گوڙين
رڻ آجو ڪري سومرو وري پوئتي وير وريم.
---
سنڀالي علي شير کي وري ٽيجهيءَ چوٽ چڙهيم
سو هاٿي
هاٿيءَ تي هنيو بيٺي گهوڙا گهوٽ سـَـٽـَـيـَـمِ
ڏِسيـُـون زيب جوان جو، هٽيا اُڙد وڃن
باهيـَـون بيراڳين جون، جيئن کـُـورا ڍانڍَ
ٻـَـرن.
---
پوءِ وڃي عالادين کي صوبن سڻايم
ته چٽو دودل سومرو اسان اکيين رات ڏٺم
ته پلٽيو پاڻيء جان اچي، جئن واسينگ وَر هڻن
اکيون نانگ ٻچٽ جان ،جئن ٽانڊا پيا ٽمڪن
ڪونه ڇڏيندءِ هڪڙو، جيڪو سومري پـَـههَُ ڪيم
اتي عالادين جا ڇڄي ڇيهه پيم.
---
پوءِ ڄام چنيسر مير کي عالادين چيم:
ته مون سان دودل سومري ظلم مير ڪيم
هاڻي دودل مير جو، ڏس ڪو مير ڏجان
ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان، ڪنهن کي دانهن ڏيان
ڏس چينسر سومرا ته هن ۾ ڪهڙي حڪمت آ
جو لکين لشڪر ڪيترا هن ڳاري اُڙد ڇڏيا!
چئي: ٻڌ عالادي بادشاهه! مان توکي ٻڌايان
هڪ ته نيڪ نمازي سومرو وڏو عابد آ
ٻيو اٿس راز رسول جو طرفؤن تعظيما
جو پٿر شاهه حسين جو، هـُـن سـُـوءَ نه لاٿي آ
پر حڪم ساڻ الله جي هن کي گهوڙو مليل آ
سو ڳولجان ڪيمَ زمين تي، تارن ۾ تڪجان
ڪونه ڇڏيندوءِ هڪڙو جيڪو دودي پهه ڪياء
پر هاڻي عالادي بادشاهه! ڏس ٿو توکي ڏيان
ته هاڻي عالادي بادشاهه! جنگ ڪا رکائجان
ٽي ڏيهاڙا بادشاهه سعيو ڪرائجان
هڪڙو پڙڇ ٽامي جو وڃي ٺهرائجان
پوءِ هڻي ڌڪ تنهين تي، ’نيل‘ کي کـَـڙڪائجان
ته ٿانُ سهي ڪري گهوڙو پـَـٽِ لهي پونداءِ
ائون چؤگردو چؤرنگ کي وڃي پـَـئـُـوڻُ کڻاءِ
ڀـَـري ڪان زهر جا تون پؤڻن ۾ کوڙاءِ
هڪ ڏِيو ’چؤرنگ‘ تي، ٻي ڏاڪڻ هڪ ڌَراء
ته جنگ ۾ دودل مير کي، مون طعنو اڄ هڻان
چڙهيو آن روءِ راڪاس جي وس نه منهنجو آ.
---
پوءِ ٽي ڏيهاڙا بادشاهه اهو سعيو ڪرايو
پوءِ ڪاغذ دودل مير ڏي چنيسر مير لکيو:
ته جنگ سندي ميدان ۾ رات چڙهي اچجان!
پوءِ سج لهي سانجهي ٿيو اِتي دودو مير اُٿيو
سنڀالي عليء شير کي سورهيه سو چڙهيو
وڃي ديمين وچ ۾ ڪو نعرو نرهنيو
ڌڌڪا ديمين ۾ پيا، ميو مست ٿيو
لکين لشڪر ڪيترا هن ڳاري اُڙد ڇڏيو
پوءِ پڙڇ ٽامي سندو، هـُـنن نيل کڙڪايو
جو ٿانُ سهي ڪري گهوڙو لهي پٽ پيو
پوءِ گهوڙو دودل مير جو وري ڪين اٿيو
پوءِ گهوڙو گهائي سومري پنهنجو گهوٽ وڌو
پيرين پيادل سومرو اچي ميو مست ٿيو
پوءِ هڪل ڏني سومري، ديءَ ڪئي ڌڌڪـَـرَ
ٿوڻيون ٿنڀ ڏڪي ويا، ٻيا ڏڪن ٿا ڏونگر
ائون ساوا باغ سڪا ويا، پـَـٽِ ڪريا ٿوهر
پاڻي ڏيندڙ ڪونڪو، ٻيا ويرين جا به وَڳر
سج لهي سانجهي ٿيو، ٿيا ڪارا ڪونڌ ڪڪر
لک صوبن جو ماريئـِـين، اتي دودي ساهيا ڪـَـر
ڀاء سڃاتو ڀاء کي، ڪري نيڪ نظر
پوءِ هڪل ڏنس سومري، ڪيس دودل ڪاهه:
مڙس ٿجانءِ سومرا، ته اڄ شاميـُـون ڏسن شاهه
سڏجانءِ عالادين کي، جنهن کي ڏنئي دليء ۾ دانهن.
اتي چنيسر آڏو چيو ته:
ٻڌ دودل سومرا! مان توکي ٻڌايان
ننگر مير مري ويو، منهنجا ڳري ڳچ ويا
محمد مئي کؤن پوئتي، منهنجا ڇڄي ڇيهه پيا
اونداهو به اکين کؤن مان ڏسي ڪونه سگهان
مون کؤن عالادين نـِـي پئجي زور ويا
مون ڀي وڏا وس ڪيا، پر پوئتي ڪونه ويا
مون ڀي عالادين کي ڏاڙهيء قول ڏنا
ته ايندو دودل سومرو، توکي ماري مات ڪنداءِ
سو اتي اٿئي عالادين ني، جتي ٻري هڪ ڏيو
پوءِ مار تون عالادين کي، ته وڃي ڏول اهو
پوءِ گڏجي وڳهه ڪوٽ ڏي، ادا ساڻ هلانءِ
پوءِ ٻانهو تنهنجي در جو، هلي گهوڙا گهمايان.
---
سو ٻڌي دودل سومرو پوئتي مير وريو
ڪيائين ڪاهه تـنبوء تي، اچي ميو مست ٿيو
پر هاٿي عالادين جو هو هنباريء ڌاري
نـَـوَن لکن جي ساز سان بيٺو ناقص نهاري
سو ڏسي دودل مير کي موٽيو ڪيهه ڪري
سو گهائي گهوٽ ڦٽو ڪيو، پـُـورا تـَـڪَ ڪري
اُلو اُڏاڻو باهه مؤن، ائين ڏاڪڻ تي به چڙهيو
پوءِ ڏاڪڻِ سوڌو سومرو، وڃي پـَـئـُـوڻن منجهه پيو
پوءِ ڪـِـلَ لنگهي پيا جان ۾، ٻيو وٺي وِهه ويو
جيئن لڇيو سومرو تيئن قابو مير ٿيو
پوءِ ڪرندي مهل سومري دودي سڏ ڪيا:
ور چنيسر سومرا! مون کي ويري، ڀاء! وريا
پوءِ اها دانهن داناهه جي چنيسر ٻڌي آ
پوءِ ڀاڪر پائي ڀاء کي چنيسر پار ڪڍياء
پـَـٽي وار مٿي تؤن، ٻيو ڪـُـٽي ڪاپارا:
هيئن نه ڄاتم سومرا ته ڪو مير دودو مرندو
هيڻن جو همراهه هو، ائون ڇـِـنيون ڳنڍيندو
منهنجا دودل ڀاء ني، ماندو ڪين ٿجان
زهر مـُـهرو زَهـِـيمَ جو، تنهن سان چـُـوسي زهر
ڪڍان
ائون سـِـسي عالادين جي اکيين ڏيکاريانءِ.
پوءِ نهاري دودل سومري پاڻي مير گهرياء
پوءِ عالادي بادشاهه ني صوبن کي به چياء
پاڻي تن طنبن مؤن هاري سڀ ڇڏياءِ
چئي: پاڻي پيتي کؤن پوئتي، هن جي آڏو ڪير اينداء
پوءِ پاڻيء خاطر چنيسر سومري وڏا وس ڪيا
کڻي ساندارو سومرو، واديء تي به وياء
پاڻي ڀري پوئتي چنيسر موٽيو آهه
تڏهن عالادي بادشاهه نـِـي صوبن کي به چياءِ:
ته موٽي چنيسر سومرو، اڳئي ماري مير وجهو
پوءِ اتي دودل مير کي ٿا ويري واجهه وجهن
ته اٿي خان کڙو ٿيو، اچي ميو مست ٿيـُـم
لکين لشڪر ڪيترا هن ڳاري اُڙد ڇڏيم
جيڪي پئوڻ دودل لاءِ، تن ۾ مغل ڪهـُـون ڪن
ڀاڪر ڀريـُـون سومرو پيا پؤڻن ۾ اُڇلن
پوءِ سڀ گنوايائين غار ۾، وانگـِـي ڪونه بچين.
---
هيڏانهن پاڻي ڀري پوئتي چنيسر موٽيو آ
اڳيؤن دودل مير جي اچي ساندارو مير سٽيا:
تون پاڻي پيءُ سومرا مون ٿو جنگ تي ڀاءُ وڃان
سسي عالادين جي اچي اکيين ڏيکاريانء
چئي: ٻڌ چنيسر سومرا، توکي ادا ٻڌايان
ڄام چنيسر سومرا، تنهنجو پاڻي ڪيئن پيان
جو سڀ نيرانا سومرا منهنجا لڏي لوءِ ويا
مان ڀي ويندس اوڏهين، جاڏي منهنجا هوت ويا
پوءِ ڄام چنيسر سومرا، توکي اهڙي لائق ناهه
دشمن سڏي در تي، تو ههڙا حال ڪيا
پوءِ ترار اُڇلي سومري اُتي دودي مير ڏناء
ته کڻ تون کنو پانهنجو، اَئون دعويٰ منهنجي ناهه
وڃي وڳهه ڪوٽ ۾ تون اَدا اَنب رُنباءِ.
پوءِ ڀاڪر پائي ڀاء کي، چنيسر ڪـِـري پـَـٽ پيا
منهنجا دودل سومرا، ادا ڪيئن ڪيان
هاڻي سسي عالادين جي توکي آڻي هت ڏيان
دشمن تـُـنهنجو سومرا، ماري مير اچان
پوءِ گڏجي وڳهه ڪوٽ ڏي، ادا توسان ساڻ هلان.
چئي: ڄام چنيسر سومرا! منهنجو عرض ٻڌجان
ائون سجدي ۾ سومرا، مون کي چنيسر مير ڪجانءِ
تنهنجو منهنجو فيصلو سو قيامت ۾ ٿينداءِ
ڏينهن قيامت سومرا اتي تورارا ترندا
ٻانهي مـُـڪـِـي مانءِ سومرا، تون مـَـنـَـهن ۾
اچجانء
اهڙا تخت ڪيترا توکي لکين ڪوٽ ڏيان
ته به ترس آيئـُـي ڪونڪو تو ههڙا حال ڪيا.
پوءِ سجدي ۾ سورهيه کي چنيسر ڪيو آهه
پوءِ سجدي ۾ سورهيه جو هليو ساهه وياء
جو ڪلمون محمد مير تي ڀريندو روح وياء
پوءِ ڄام چنيسر سومرو اچي پٽڻ بيٺو آ:
ڙي ٻڌ عالادي بادشاهه! دم ڪا دير ڪجان
جيتر مڙهه ملوڪ جو وڃي نيهر ڪرايان.
---
سينگاري مڙهه ملوڪ جو پيٽيء منجهه وجهاءِ
پوءِ ڪڙائي ڪنواٽن تي وڳهه ڪوٽ هليا
پوءِ سڏ ڪري به فقير کي چنيسر چيو آهه
ات ڏسي چنيسر مير کي فقير چيو آهه:
ڄام چنيسر سومرا! تو ڪارو منهن ڪياءِ
دودل جهڙا ڀاء ني تو سورهيه مارايا
پر مونکي دودل سومري حڪم ڏنو آهه
ته سامي محمد مير سان منهنجو گڏجي لوڙهه ڪجان
پوءِ سمهاري سامي وچ ۾، لوڙهه لنبي ڇڏجان
ڪانڌي دودل مير سان صوبا ست هئا
پوءِ پڙهي جنازو مير جو نيهـَـرَ تن ڪـَـيا.
---
پوءِ وڃي عالادين بادشاهه کي چنيسر چيو آ:
ته مري ويا سڀ سومرا، وانگي ڪونه بچيا
هاڻي عالادي بادشاهه! مان اولون وٺي اچان
پوءِ گڏجي دليء ڪوٽ ڏي توسان ساڻ هلان.
پوءِ در لنگهي ديوال جو اندر مير ويو
ڏسي تـَـخت دودل جو ڪري ڪيهه ڪريو
منهنجا دودل سومرا! تون ڪاڏي مير وئين
پوءِ پـَـٽي وار مٿي اُتئون، پيو ڪـُـٽي ڪاپارا:
لڳي اٿم آڳ اندر ۾، ٻيون ڪاتيون ڪهاڙا
دودل! تنهنجي سـُـور جا ڪي سـَـلا ساماڻا
هاڻي وٺان وير ادل جو، مان ويهي ڪيئن رهان!
سو وڃي عالادين کي چنيسر مير چيو:
ته اولون اچن ٿيون ڪينڪي، مونکي لشڪر ڏيو
پنج سا صوبن ساڻ نـِـي تنهن کي عالادين ڏنا
وٺي لشڪر پاڻ سان چنيسر مير هليو
سو در لنگهي ديوال جو جڏهن اندر مير ويو
پوءِ ڄام چنيسر سومرو اچي مـَـيو مست ٿيو
سڀ ماريا سومري، وانگي ڪونه بچيو.
پوءِ وڃي عالادين کي چنيسر مير چيو:
اوسر اولن جو ٻـُـڌي هو ڀڄي اُڙد ويو
اوهي عالادي بادشاهه، مون کي ٻيو لشڪر ڏيو.
پوءِ پنج - سؤ صوبن جا وري عالادين ڏنا
سو وٺي چنيسر سومرو اوڏهين هليو آ
در لنگهي ديوال جو اندر مير ويا
پوءِ ست - هٿيارو سومرو اچي ميو مست ٿياء
گهائي گهوٽ ڦٽا ڪيا، ٻيو وانگي ڪونه بچيو.
وري موٽي عالادين ڏي چنيسر مير ويو
ته اوسر اولن جو ٻـُـڌي هي ڀي ڀڄي اُڙد ويو
پوءِ چنيسر مير کي تنهن وري اُڙد ڏنو
پر هڪڙو صوبو در ۾ لڪو بيٺو هو
تنهين عالادين کي اچي سارو حال ڪيو:
ته ڄام چنيسر سومرو ميو مست ٿيو
سڀئي لشڪر تـُـنهنجو هن ڳاري اُڙد ڇڏيو.
پوءِ عالادي بادشاهه هاٿيء تي به هليو
در تي وڃي بادشاهه بيهي مير رهيو
چئي: ڄام چنيسر سومرا! تو ڊوها ڊوهه ڪيو
جو لکين لشڪر ڪيترو تو ڳاري اُڙد ڇڏيو.
چئي: هاڻي ٻڌ عالادي بادشاهه، مان توکي ٻڌايان
تخت دودل جو ڏسي منهنجو ڦـِـٽي رت ويو
ڪل پوي ٿي ڪانڪا منهنجو هليو هوش ويو
اولون دودل مير جون سي وٺي اَبـُـل ويو
هاڻي عالادي بادشاهه مونکي بند ڪيو
پوءِ عالادي بادشاهه ني رومال اڇلايو.
انهيءَ رومال سان چنيسر پنهنجون ٻانهون ٻڌايون،
پوءِ چيائين ته: آءٌ هوش ۾ ڪونه آهيان، اولون
اَبـُـل وٺي ويو، هاڻي اولون وٺي ڏيو ته اوهان کي
ٻاگهي پرڻايان. اتي عالادين چيو ته:
هل چنيسر اوڏهين جتي اَبـُـل ويٺو آ
پوءِ وٺي عالادين کي اَبـُـل ڏي به هليا
پوءِ اُڙد عالادين جو اتي سج لٿي آيا
اڳيؤن اَبـُـل مير جي، وڃي ٻولي ڪئي ته ’مزار‘
ته ڪانهي جاءِ جبل سان، تون ڀي ابل ڇڏ ترار
ماريوسي دودو سومرو، اسان کي ڏني سوڀ ستار.
پوءِ اڳيؤن ابل مير ني ورندي هيء ڏنن:
ته سامون ڏيڻ صلاح ناهه، اصل اشرافن
جي امتي احمد ڄام جا سي سامون ڪيئن ڏين
اَئون سـِِـر سامـُـن تؤن صدقو ڀلي ڪونڌ ڪـُـسن
موٽ عالادي پوئتي، تو کؤن وڳهه ڪوٽ وَدُم.
يعني ته سامون ته ڪونه ڏيندس، پر وڳهه ڪوٽ به تو
کان ڇڏائيندس.
پوءِ چوڌاري ابل مير کي ٿيا سيـِـهـَـنَ جا سٽڪا
ابل لهرين وچ ۾، ٿيا ڪنن جا ڪڙڪا
سو گهايـُـون گهوٽ ڦٽا ڪري، دي ڏيـُـون دڙڪا
سو هاٿي هاٿيء تي هڻي، ائون ڌار ڪري مـَـڙڪا.
اتي عالادين جا ڇڄي ڇيهه پيا
پوءِ اَبل موٽيو پوئتي وڃي بڙن هيٺ لٿم.
انهيءَ بڙ ۾ اهڙي حڪمت هجي جو جيڪي ڦٽ هجن تن تي
پن لڳن ته يڪدم ڇـُـٽي وڃن.
وري سنڀالي عليء شير کي هو ٻـِـيجهيء چوٽ هليم
سو جنگ سندي ميدان ۾ نعرو نر هنيم
جنهن کي داڳ دودل جا وسري ڪين وڃن
سو جنگ سندي ميدان ۾ ميو مست ٿيم
سي هڻن هڪ ٻين کي، ائون سورهيه سانگ نه ڪن
پوءِ جنگ سندي ميدان ۾ پيا بحري باز گهمن
صوبا اَبـُـل مير جا اتي مري مير ويم
باقي آ ابل هڪڙو، جنهن جو وانگي ڪونه بچيم
سي اٺئي پهر جنگ ۾ بانڪا بس نه ڪن
سج منجهند کي آئيو، ابل آجو رڻ ڪيم
سو هڻي نعرو حيدري وڃي بڙن هيٺ لٿم.
---
وري لڳو ڏؤنڪو ڀير تي، ٿيو ڀير ڌڪاء
پوءِ گهوڙا دودل مير جا ابل آڻايا
سي مـُـنهـَـن ٻولاها پـُـونئرا، جيڪي بـُـهرن
منجهه هئا
سو وجهي سنج انهن تي ابل مير چڙهيم
پوءِ سنڀالي عليء شير کي گهـُـور ڪئي آ گهوڙن
وڌائون وات رسين ۾، جن جون واڳـُـون ڪين ورن
جنهن کي داڳ دودل جا وسريا ڪين وڃن
پوءِ وجهي وات رَسين ۾ پيا سـُـنبن ساڻ
سـَـٽـَـينِ
پوءِ رڻ آجو ڪري ابڙو پوئتي مير وريم
سو هڻي نعرو حيدري وڃي بڙن هيٺ لٿم.
---
پوءِ سنڀالي عليء شير کي وري چوٿين چوٽ چڙهيم
سو جنگ سندي ميدان ۾ وڃي نعرو نر هنيم
پوءِ اتي ابل مير کي ويڙهي اُڙد ويم
وس لڳي ٿو ڪونڪو، لـَـڙيا لڱ پون
پوءِ سـُـوار سهي ڪري پانهنجو، گهـُـور ڪئي آ
گهوڙن
پوءِ موٽيو اَبل پوئتي، اچي بڙن هيٺ لٿم
پوءِ نفل جوٽي اَبڙو سجدي منجهه پيم
اَئون ڪلمون محمد مير تي ڀريندو روح ويم
اها ڳالهه ابل جي وڃي محلي ۾ پهتم
جو سامن سردار هو، سو مري مير ويم.
جڏهن ابڙو مري ويو ۽ اها خبر پئي ته وڏي عمر جو
جهـُـور کٽي، جو اصل وڳهه ڪوٽ هو، جنهن دودي کي
پيڙهين جي خبر ڏني هئي ته سومرن ڪنهن کي سڱ ڪونه
ڏنو آهي، ۽ جنهن کي پڻ سامن ويل کڻائي آيا هئا،
اهو کٽي جو ڪپهه جي مـَـلين ۾ پيو هو، سو به هيڪر
جوش ۾ ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ وڃي ديمين تائين پهتو، پر
اتي طاقت ڪانه رهيس ۽ پئجي رهيو.
جو کـَـٽـِـي کـَـڙڳ مـَـلـُـين ۾ خبر تنهن ٻڌم
سو اُلو اڏاڻو باهه مؤن، وڃي ديمين منجهه پيم
پر طاقت ڀانيائين ڪانڪا، اتي ويهي مير رهيم.
اتي مرد سڀ مارجي ويا. باقي ابل جو ننڍو پٽ
’ممٽ‘ وڃي بچيو. هوڏهن اولـُـن مان ٽي ڄڻيون: هڪ
محمد جي زال ساران، ٻي هاسي سوڍي جي زال مالهان ۽
ٽي ابل جي ڌي زينب - اهي ٽيئي ڄڻيون ٽپ ڏيئي جنگ
لاءِ اٿيون. ساران وڏي پهلوان هئي، پنجاهن جي طاقت
هئس:
اتي پريون پدمڻيون پاڻ ٽپي اٿيون ٽيئي
پهرئو ڏونڪو ڀير تي اچي ساران هنيو آ
ته پکي پٽ ڪري پيا، وري نه اُڏاڻا
عالادي بادشاهه اِتي ڇڏي ڏنا ماڻا
اهو ڪير آ، ڪاڏي وڃي، جنهن جي ذات نٿو ڄاڻان!
پڇيائين پرئي مڙس کان ته اهي ڪهڙا سورهيه ساماڻا
سومرا وڳهه ڪوٽ جا مون سڀئي سڃاڻان!
تڏهن پريو مڙس ٿو عالادين کي جواب ڏئي ته:
اهو پٽ آ دودل مير جو، ڀونگر سڏيائين
ويو هو شير شڪار تي وري نه لڌائين
سو ڏاتر آندو آ ڏيهه ۾ ولهين جو سائين
سو عالادين دليء مؤن تـُـنهنجي وَرهيين وئي وائي
تو ڀي عالادين دليء کون ڪئي جئري جدائي
سو اٿي پاڻ هٿن سان طلاق لکيائين
ته جنگ ڪرڻ سومرن سان اهو ڪلام ڪيائين
ته هاڻي نانء الله جي اُهو مونکي ڏيکارين.
يعني ته عالادين چيو ته منهنجو طلاق نامو آ، جو
سومرن سان هن کان پوءِ لڙائي نه ڪندس. مون کان زور
آهن، پر مونکي اهو ٻارڙو ڏيکاريو. پوءِ ماڻهو ڪو
موڪليائون، سو ڀونگر راءِ کي سونن ٻنڌڻن ۾ ٿالهه ۾
ڌري کڻي آيا. ڀونگر راءِ ڪو رات اڳ دودي جي گهر
ڄائو هو.
سو کڻي ڀونگر راءِ کي اڳيؤن آندائين
پوءِ ڏسي ڀونگر راء مـُـونا پـِـٽيائين
پوءِ اتي ڀونگر راوَ کي سڏي چيائين
اتي ڀونگر راوَ کؤن سڱ به گهريائين
پوءِ ڪر ساهي سومري ٽوڙها ڇنائين.
پوءِ عالادين، ممٽ کي پڳ ٻڌائي ۽ پوئتي وريو.
پوءِ ٻڌائي پڳ ممٽ کي، ڏيئي مـُـلڪ هليو
اتي عالادين کي چنيسر مير چيو:
اي تو ڀي عالادي بادشاهه! آهي ڪيهو ڪم ڪيو
هي آ ملڪ اسانهنجو، اَئون دعويٰ ڪنهن جي ناهه
سوڪڏهين ڏيندس ڪينڪي توڙي ڪندين وس وڏا.
پوءِ اتي عالادي بادشاهه صوبن کي به چيو:
ته ماريو چنيسر مير کي ته وڃي ڏول اهو
پوءِ ڄام چنيسر مير کي ويڙهي اُڙد ويو
پر ڄام چنيسر سومرو اچي چريو چت ٿئو
سو جنگ سندي ميدان ۾، پير نه پوءِ هٽيو
پوءِ لشڪر عالادين جو هن ماري سڀ ڇڏيو
پوءِ ترار کڻي سومرو چنيسر مير هليو
مٿئون عالادين جي چنيسر مير ويو
پوءِ اتي عالادي بادشاهه خط ڀي ڏيکاريو
ته هي پڙهه پروانو پانهنجو تو لکي مير ڏنو
پوءِ پڙهي پروانو پانهنجو موٽي مير ويو
پوءِ نفل جوٽي سومرو وڃي سجدي منجهه ٿيو
اتي عالادي بادشاهه صوبا پـُـوڪاريا
ته ست صوبا عالادين وٽ اچي حاضر ٿيا
اتي چنيسر مير کي ماري تن وداءِ
پوءِ آزمودو صوبن جو انهيء ويل وَداءِ
ٽوڙها ڀونگر راوَ جا تنين کي ڏناءِ
ته هنن وس وڏا ڪيا پر ڇني ڪونه سگهيا.
ٽن هڪ طرفان چئن ٻئي طرفان ورتو، ڇڪيائون پر ٻنڌڻن
جو ٽوڙهو ڪونه ڇنو. اتي عالادين چيو ته: شڪر جو
بچيس نه ته اهو ڀونگر به مون کان زور هو.
اتي عالادين کؤن لهي غم ويا
ته هي به ڇڏي ها ڪينڪي، توڙي ڪيان ها وس وڏا.
هاڻي عالادين پوئتي وريو. ماٿيلي وٽان لنگهيو ته
مائي ڏٺس ته ستن سان پيو وڃي، تنهن چيس ته: مڙئي
مارائي ستن سان ٿو وڃين، ٻڏي نٿو مرين! پوءِ
عالادين گوري کائي مئو.
هاڻي اٿي دليء ڪوٽ ڏي سنڀري هليائين
پوءِ مـُـلڪ ماٿيلي آب ِيو، ات گوري کاڌائين
اَئون ڪلمون محمد مير تي چٽو چيائين.
لا الہ
الا الله محمد رسول الله
------*-----
|