سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 18

3- محب فقير ملڪ (تعلقو مير پور ماٿيلو) جي کنيل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه محب فقير مـَـلڪ جي زباني، ڳوٺ گلو پتافي ۾ سردار خدا بخش خان پتافي مرحوم جي اوطاق تي ڪچهري 3- اپريل 1965ع تي قلمبند ڪئي وئي، جيڪا محب فقير  ’ڀيروي‘  جي سـُـر مان کنئي. محب پٽ ڪالو مـَـلڪ (1965ع ۾) عمر 60 - 65 ورهيه، هي ڳالهه قادر بخش لـُـنڊ (ويٺل ڳوٺ يارو لـُـنڊ، تعلقو مير پور ماٿيلو) کان سکي، پر کيس اڌوري ياد آهي. چيائين ته ڳالهه اڳتي گهڻي آهي، پر مون ايتري ٻـُـڌي ۽ سـِـکي. هن وقت قادر بخش لنڊ جو پٽ موليداد به ڳالهه کڻي ٿو، جيڪو محب ملڪ کان عمر ۾ ننڍو آهي. ن - ب[

سانوڻ جو سـُـوئا نه مري، مري نه هاري ڏاند
گهڻي ٿورين ڏينهن ۾ راوَ سـُـتو  ’ڀـونگار‘
ڀونگر مئي کان پوئتي ڪيا سومرن پڳ صلاح
هل چنيسر پڳ تي، هي پڇڻ هليو ماءُ
پڳ ته دودي ٻڌايو، اتي ڪيو ڀير دهڪاءُ.

 

دودو ۽ چنيسر ٻئي ڀائر، ڀونگر راءِ جا پٽ هئا، چنيسر وڏو ۽ دودو ننڍو هو. چنيسر لوهاري ماءُ مان ۽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان هو. ڀونگر جي مرڻ تي سومرن صلاح ڪئي ته پڳ ڪنهن کي ڏيون! فيصلو ٿيو ته پڳ چنيسر کي ٻڌايو. چنيسر کي چيائون ته: اچ ته توکي پڳ ٻڌون! چنيسر چيو: ترسو ته ماءُ کان پڇي اچان. تنهن تي فيصلو ٿيو ته پڳ دودي کي ٻڌو. ڀير تي ڏؤنڪو لڳو. خبر پيس ته پڳ دودي ٻڌي. تڏهن چنيسر جي زال پنهنجي مڙس کي ڏسي سـَـسُ کي چيو ته:

 

 

 

چاچي! اسين ڀانيون ماريو مڙس آهي، پر هـُـيو زالاڻو زال
اڳي هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيونسين ٽي
واڍو مـُـنج وڻڪار ڏي، چندن ڪاٺ آڻاءِ
چرخو چندن عاج جو، ليٽڻ خوب جوڙاءِ
ڪپهه جيسلمير جي جـُـودان جـُـود اَناءِ
(1)
مڙس ته منهنجو چؤبڪيو، ڏينهان ڪـَـتي سير سواء.
                                                ---

 

چاچي! تو کي مون چوان، هن کي گڏيو ليڏ پنهوار
ڊڊا ڊاکر وڪڻي ڌڻ رڍن جو ڌار
سائو لڪڻ هٿ ۾ ڪري، ڪـُـڏي گهيٽا چار
ماڻهين ماهيڙياڻو ڪري دودي جي درٻار
ڪسب ڪن ٿا ڪاسبي تون وڃ دڪان لوهار
ڇـِـڪي رَڳ لوهارڪـِـي، سنج چوکيرا ڌار.

 

چنيسر، زال جا طعنا ٻڌي ڌرتي ويٺو کوٽي، ٻاگهي سندس ڀيڻ هئي، تنهن صلاح ڏنس ته:

هيٺ مـُـنهن تون ڇو هڻين، مون ٻـُـڌان ٿي ڳالهاءُ
ڀاءُ ته پنهنجي ڀاءُ جو، دودا تون قدر رکين ها
هاڻي ڀائر پرچو پاڻ ۾، نه ته ڏي وڃين دهلي ڏاهه.
(2)

 

چنيسر ڀيڻ جي ڳالهه ٻڌي عالادين ڏي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. دودي کي خبر پئي، تنهن پنهنجي ڌيءُ  ”دادلـِـي“  کي ميڙ ڪري چنيسر ڏي موڪليو:

 

ڌيءَ دودي جي دادلي، پهريون ميڙ مـُـڪئين
چاچا! وڙهجي ويرِين سان، تون جهيڙيندن سان جهيڙ
هي تخت بخت سڀ تنهنجا، تون هـَـڏ ڇـَـليون نه ڇيڙ.

 

 

چنيسر ٿو چئي:

ڌيءُ دودي جي دادلي! تون وٺ نه گهوڙي جي واڳ
منهنجا دودي ڏجان سلامڙا، مون ڪندو سئين دهلي هاب
ڀاءُ نه ڀانئجئين پنهنجو، مون ڏيرائيندو سئين داڳ.

 

تڏهن ڀائٽي جواب ڏنس ته:

چاچا! دودو داڳي ديئن کي، دودل داڳي ڪير
هڻنداسين هنبارن ۾، تن جا پوئتان هوندءِ پير
سسيون تن سلطانن جون، اسين ڍونڍ ڪنداسين ڍير
ست سـِـڱ ٿين ٿا زِههَ کي، توکي ڪاهـِـڻي آهي سا ڪاهه.

 

چنيسر وڳهه ڪوٽ مان نڪري دهلي پيو وڃي، ساڻس ڪـُـل پنجاهه ساٿي هئا.

پهرين ميزل نڪري، هن کي گڏيو ليڏ پهنوار
ٻيءَ ميزل نڪري، هن کي گڏيو يار ڳنوار
ٽـِـيءَ ميزل نڪري، هن کي گڏيو يار لوهار
چوٿينءَ ميزل نڪري، وڃي ٿيو دهليءَ- هاب
در دروازا لڳيا، اِتي ڀير ڪيو دهڪار.

 

دلي دروازي جي دربان کان چنيسر پڇيو ته: دروازو ڇو بند ڪيو اٿئي ۽ ڀير تي ڏؤنڪو ڇو هنيو اٿئي؟ دربان چيو:

واڪيو دهلي ڪوٽ کي، آ راڪس جو ڏاهه
اِنهيءَ خوني وڻن ۾ راڪس لهندو آهه
جيڪو ماڻهو وٺي ٿو رات جو وڏا واري گاهه
وارو آهي دائي جو، جنهن جي رت روئي ٿي ماءُ
اَوي نينگر هت ڪيئن آئيو، جي تـَـتو آهي اوهان کي ساهه.
(1)

 

چنيسر راڪاس واري دال ماني آڻي سنگتين کي کارائي، ۽ يارن کان پڇيو ته: سڀاڻي منهنجي راڪاس سان جنگ آهي، جيڪڏهن اوهان مون سان رهو ته واهه، نه ته جيڪا صلاح! سنگت چيو ته: اسان کي سـِـرَ دان ڏي. پوءِ چنيسر جا يار ويندا رهيا، باقي چنيسر وڃي بچيو. هڪلي وڃي ڏسي ته دايو ٻڌو ويٺو آهي، تنهن کان چنيسر پڇڻ لڳو: تون ڇو ٻڌو ويٺو آهين، ۽ ڇو تنهنجي ماءُ روئي ٿي؟ دائي چيو ته: اٽڪل سؤ ورهين جو ٿيو آهي جو راڪاس نالي ديهه اچي هن بادشاهيءَ ۾ هـِـريو آهي. عـُـرس (وڏو کـَـرو) گاهه جو، ديڳ دال جي، کارو مانين جو روزؤن روز وٺندو آهه، نه ته هڪ رات ۾ شهر گم ڪندو آه. اڄ منهنجو وارو آهي. منهنجو پرڻو ئي اڄ هو پر مرڻو به اڄ آهي. تڏهن ٻـَـڌو ويٺو آهيان، هاڻي جهـَـٽَ تائين راڪس ايندو ۽ مونکي ماريندو، تڏهن منهنجي ماءُ روئي ٿي. چنيسر دائي کي چيو: مان توکي ڇوڙي ٿو ڇڏيان، تون مونکي پار ڏي ته راڪس ڪهڙي دستور سان باغ ۾ اچي لهندو آهي. چئي: پهرين مينهن، پوءِ واءُ. چنيسر دائي کي ڇوڙيو ۽ هڪ بـُـنڊ کي اوڇڻ ويڙهي، پاڻ پاسو وٺي ويهي رهيو. ڪو وقت ٿيو ته واءُ جهـَـلوڙو آيو، ۽ راڪس  ’آدم بو‘  ڪري اچي ميدان ۾ لٿو. چنيسر راڪس کي ٻولايو:

 

 

 

 

اڇو نه ڀانئجان ڪپڙو، راڪس! هيٺئون اٿئي بـُـنڊ
اسين ۽ راڪس جي شايت اصل جي هئي اُنڊ
(1)
رنان نه ٿين سومريون، مري نه دودل ڀاءُ
سوري حضرت شاهه کي، نـَـهرو نـِـوايائين
ڇپر ڪيريئن ڇوهه مان، جيئن ڪڪر جو ڪيري
سورهيه پنهنجي سوڀ مان وڌو آتڪو تڪ ڪري
نر نشانيون وڍي بيٺو کيسي ۾ پائي.

 

 

پوءِ چنيسر وڃي دائي وٽ رهيو.

صبح جو، نوي گاهين جي مٿان جمعدار هو  ”حسڻ گاهيو“  کٿو ڪـُـلهي تي رُنبو هٿ ۾، آيو اُتي ڇـَـٻر ڪرڻ جتي راڪس مـُـئل هو. پهرين ڊنو، پوئتان ڀڳو، وري ڏٺائين ته هـِـل جهٽي ڏئي راڪس جي اک ڪڍي ورتي تڏهن پوئتي وريو. عالادين بادشاهه جو قول ته جيڪو راڪس ماريندو، اُن کي اڌ بادشاهي ۽ وڏهر ڌيءَ جو سڱ ڏيندس، حسڻ گاهي وڃي راڪس جي ٽنگ ڪپي، بادشاهه جي ڪچهري ۾ پيش ڪئي. چي: مون رات راڪس رنبي سان ماريو آهي. تڏهن ڀير تي ڏؤنڪو لڳو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي راڪس ماريو هجي ته اچي. ٽن ڀيرن کان پوءِ به ڪو ڪونه آيو. بادشاهه کي پڪ ٿي ته راڪس حسڻ ماريو آهي، تڏهن وزير کي حڪم ڪيائين ته: هن کي ڌا بادشاهي ۽ وڏهر ڌيءَ جو سڱ ڏيو. حسڻ گاهيي مان ٿيو حسڻ بيگ وزير. شادي جي تاريخ ٻڌجي وئي.

مانڌل نالي عالادين جو هڪ وزير هو، اُهو بادشاهه کي چوڻ لڳو ته: هيترن سالن ۾ حسڻ راڪس نه ماريو، اڄ ڪيئن ٿيو؟ منهنجي دل ٿي چئي ته وڳهه جو ڪو سومرو آيو آهي، جنهن راڪس ماريو آهي، نه ته امتحان وٺو، حسڻ گاهي خوني هاٿي سان جنگ ڏي. مانڌل، حسڻ گاهي کي ترار هٿ ۾ ڏئي وڃي ميدان ۾ بيهاريو. پيلبان هاٿي ڇوڙيو، هاٿي گوڙ ڪيو ته حسڻ گاهيو گهوڙن جي لڏ ۾ لڪي ويو. چنيسر، دائي کي چيو ته: مونکي تسري ۾ ميٽ ملي ڏي ته آءٌ تلاءُ تان تڙ ڪري اچان. تلاءُ ڏي ويو پئي ته مـُـنهن ۾ هاٿي آيس. پيلبان چنيسر کي هڪل ڪئي ته:

هاٿي ڇـُـٽو ٿئي راونورِو ڀڄ مرين ٿو ڄٽ!

چنيسر ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو ته:

ڄٽ پڻهين، ڄٽ ڏاڏهين، هت ناهي ڪو ڄـَـٽاڻو ڄٽ
جيُ ڀلي هاٿي آئيو، مون ٿيندس هاٿيءَ سان مٽ
چنيسر ۽ دودي داناهه جي اڳتي ڪنهن نه جهلي هئي سـَـٽ
مڙس ته مـُـني جيترو، هوندو مٿو جنهن جو مٽ.

 

ائين چئي تسري اُڇلي هاٿي کي هنيائين ته هاٿي مري پيو.

سوري حضرت پير کي، نهرو نـِـوايائين
ڇپر ڪري پيو ڇوهه ۾، جيئن ڪڪر جر ڪيري
سورهيه پنهنجي سوڀ مان تڪو تاڪ ڪيو.

 

هاٿي کي ماري چنيسر ويو تلاءُ تي وهنجڻ ته حسڻ گاهيو ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ بادشاهه کي چيائين ته: مون هي هاٿي مـُـڪن سان ماريو آهي. عالادين حڪم ڪيو ته حسڻ ڪوڙو آهي، هن کي ماري چارنگ واهه (چار حصا) ڪري چئني دروازن تي ٽنگيو. چنيسر تلاءُ تان وهنجي وار ڇوڙيو پيو اچي ته ڪن واڻين جو ليکي تان جهيڙو ڏٺائين. چنيسر ڪـَـسـِـيري جو تيل وارن ۾ وجهڻ لاءِ گهريو. واڻين چيو ته: هل ڄٽ، وٺين ٿو تيل ڪـَـسـِـيري جو، ۽ ڪرين ٿو وڏائي سوا لک جي! انهي تي چنيسر ڪاوڙجي ٻنهي واڻين کي هٽن تي ماري روانو ٿيو. بادشاهه کي خبر پئي، تنهن حڪم ڪيو ته: وٺي اچوس ته ڦاهي ڏيان. پنڌرهن ڄڻا ويا، وڃي ٻانهن کان ورتئونس. چنيسر ٻانهن کي ڇنڊڪو ڏنو ته ڪي هيڏانهن ڪريا، ڪي هوڏانهن، سڀئي چٽ.

 

 

 

 

مانڌل ۽ چنيسر جي ياراڻي هئي، تنهن کي خبر پئي. تنهن بادشاهه کي حقيقت ٻڌائي. بادشاهه چيس ته: وٺي اچينس، خبر پڇونس ته هتي ڇو آيو آهي! مانڌل اچي چنيسر کي چيو ته: هل، توکي بادشاهه گهرايو آهي. چنيسر اچي سلام ڪيو. بادشاهه چنيسر کي ڏسي  ”ناما نظر بيگ وزير“  کي چوڻ لڳو ته: انهيءَ کي پري ويهار متان مون سان نه وڙهي.

 

عالادين جو هڪ نـَـوَ لکو باغ هو، جنهن جي نـَـوَ لک پيداوار هئي، تنهن ۾ اچي شينهن ۽ شينهڻ هـِـريا. باغ جا آرائين آيا ۽ عالادين کي دانهن ڏنائون ته: شينهن ۽ شينهڻ باغ ڀيلي ڇڏيو، پنهنجي الله واهي اٿئي. اِتي  ”سـُـورهيه سـَـلار“  پٽ عالادين بادشاهه جو، تياري ڪري ويو باغ ۾. چنيسر به سورهيه سلار جي لڙائي شينهن سان ڏسڻ لاءِ ويو. سورهيه سلار کي رستي ۾ هڪ مڱڻهار مليو، سورهيه سلار چيو ته: شينهن ۽ شينهڻ اسان جو نـَـوَ لکو باغ پٽي ڇڏيو آهي، وڃان ٿو اُنهن سان وڙهڻ. مڱڻهار چيو ته: تون اڪيلو ٿو شينهن سان وڙهڻ وڃين، جيڪڏهن شينهن گوڙ ڪيو ته توکي تنهنجو گهوڙو ئي ماري ڇڏيندو. سورهيه سلار چيو ته: مڱڻهار! تو مونکي شينهن کان بچايو آهي، جو تو واري صلاح چڱي آهي، هاڻي هي گهوڙو اٿئي، ڪاهه. سورهيه سلار پوئتي پيدل روانو ٿيو ته واٽ تي چنيسر مليس. چنيسر پڇيس ته: گهوڙو ڪيڏانهن ڪيئي؟ هن مڱڻهار واري حقيقت ٻڌايس. چنيسر چيس ته: هاڻي موٽ ته آءٌ ٿو شينهن ۽ شينهڻ سان جنگ ڏيان، چونداسين ته سورهيه سلار ماريو آهي. باغ ۾ پهچي چنيسر شينهن کي ٻولايو:

اُٿي ٻلي جا ٻـَـلونگڙا، تون ٿيءُ خبردار
اِتي ته شينهن اُٿيو، خوب ڪيئين ڌڌڪار
رنان نه ٿين منهنجون سومريون، مري نه دودل ڀاءُ
سوري حضرت پير کي، نـَـهرو نـِـوايائين
ڇپر ڪـِـريا ڇوهه مان جيئن ڪڪر جو ڪيري
سورهيه پنهنجي سوڀ مان وڌو تڪو تاڪ ڪري
جان واجهائي پوئتي اِتي خان ٿيو لاچار
چنيسر هڪل ڪئي تون شينهڻي ٿي نروار
رت زالن ۽ مڙسن گڏڻ ناهي آچار
وجهي ڀاڪر چيلهه ۾، شينهڻي کي ڪيئين بـُـهه ۾ گار.

 

پوءِ چنيسر وڃي عالادين جو سلام ڪيو ۽ کيس چيو ته: مون تنهنجي نيڪي ٻڌي ته تون وڏو بادشاهه آهين. مون وڳهه ولات مان اولان (سڱ) پئي تولاءِ آنديون، دودي سومري لڙائي ڪري اُهي اولان کسي ورتيون، هاڻي لشڪر ڏي ته دودي سان لڙائي ڪري توکي اولان آڻي ڏيان. عالادين چيس ته: دودو تنهنجو ڀاءُ ته ڪونهي؟ چيائين ته: آءٌ ڇـَـڙو سـِـر آهيان. عالادين وزيرن کي چيو ته:

چاڙهي چنيسر يار کي، آن ڇليون ڏيو چار.

تڏهن چنيسر چيو ته:

چـَـئـِـين ڇـَـلين جي اڳتي، آهي دودي جو ٻڪرار
چئين ته هلندءِ ڪانه ڪا، جڏهن پاڻ چڙهين بادشاهه.

 

وري عالادن چيو ته:

چاڙهي چنيسر يار کي ڇليون ڏيو اَٺ
چي: اٺين ڇلين جي اڳتي آهي دودي جو دايو
اَٺن هلندءِ ڪانه ڪا جڏهن پاڻ چڙهين بادشاهه.

 

تڏهن عالادين جو لـِـشڪر دودي تي ڪاهي هليو.

 

 

 

 

ويهه ڇـَـليون، ويهه پدمڻيون، هـِـڪي چال چلن
سوا لک ڊکڻن جا، جيڪي ڪلا روز هڻن
سوا لک لوهارن جا گهوڙن نيل هڻن
سوا لک سونارن جا جيڪي روپا ٿالهه گهڙن
سوا لک واڻين جا جن کي هٽ مٿي هاٿين
سوا لک پٺاڻن جا جيڪي پلٿي راند رهن
سوا لک شيدين جا جيڪي ماڻهن ماس گهرن
سوا لک اوڏن جا جيڪي کوها روز کڻن
اڳين پاڻي وات ۾، پويان رِٻ چـَـٽين
هيڏئون دنگ دهليءَ جو، هيڏئون مـَـٿيلو ملتان
ٻين ڪمي هئي ڪانه ڪا، اهي ڪاغذ ڪين چڙهن.

 

 

عالادين جو لشڪر بڪار شهر وٽ اچي لٿو.  ”عاقل اوٺي“  عالادين جو وزير هو، تـنهن وڃي دودي کي خط ڏنو ته يا جنگ ڏي يا سڱ ڏي! ننگر يارن سان ڏائي راند پيو ڪري. دودي گهرايس تڏهن ٿو يارن کي چئي:

ننگر پنهنجي يارن سان ٿو ڏائي راند ڇني
ننگر چيو يارن کي، مونکي چاچو ٿو ڪوٺي
وار سـُـڪائيندي آئيو، ڪيئين دودي جو ته سلام
اُتي دودي سومري ورتو ننگر جو ته سلام
ابا! خبران اٿئي خير جون، هي لکيو چنيسر ڄام
ڪڍي ڪاغذ ڪـُڙيـِـتِ مان، بيٺو واچي ننگر ڄام
پڙهيو پروانا پيءُ جا، خط ڦاڙيو ٿو به ڇڏي
چي: سـِـر ڪنداسي گهور، جيئن گهورون گهوٽ گهمن
سڱ نه ڏينداسي سومري، اسين جنگ ڪنداسي.

 

ايئن چئي جنگ تي وڃڻ جي موڪل گهريائين. دودي چيس ته: تون اڃان ننڍو آهين. آءٌ جنگ تي ويندس. ننگر لوهار وٽان رُڪ جي ڦڻي ٺهرائي، پنهنجي ڏاڙهي ۾ هڻي، رت ٽـِـمائيندو چاچي وٽ آيو، تڏهن دودي موڪل ڏنس. ننگر جي ماءُ کي خبر پئي ته ننگر جنگ تي ٿو چڙهي، تنهن دودي کي چيو ته:

آئي ماءُ ننگر جي رڙ ڪري راڻي
ادا دودا! توکي هي نه گهرجي هاڻي
وَنـِـي جنهن جي ونواهه ۾، جيڪا ڪين پئي پاڻي
                                          ---

نغارا ننگر شير جا، منهنجا جهمٽ ڪيم جهلاءِ
آيل ڏاج رڱايا اُهي نه موٽاءِ
ننگر منهنجو ننڍڙو آهي وٽين کير پياڪ
جيڪي وڃن ٿا جنگ تي سي ويا ڪين ورن.

 

ننگر ماءُ کي چيو ته:

امان جيجل مائڙي! تنهنجا لوڙيا ڪين لڌم
ابي ۽ چاچا کي وڇوڙو تو ته وڌم
ننڍا وڏا سومرا سڀ رولي تو ته ڇڏيم
امان جيجل مائڙي! مونکي ٻٽيهه ٿڃان بخشم
وڃان ٿو ميڙ ابل ڏي، منهنجو پير پرچاءُ ڪندم
پيءُ پرچائي پنهنجو، اچي مومل ماڻيندم

 

ننگر تياري ڪئي ته مـُـنگر دودي جو پٽ ننگر کان ننڍو هو، سو ٿو پيءُ دودي کي چوي:

 

 

 

 

ڪاڏي مـُـنجـِـين ٿو سوٽ کي، سؤٽ ته سؤٽن سان
اَهنجي ويل ننگر کي، مان پاڻي پاڻ ڏيان
گڏجي مرنداسي گدار ۾، اسين سؤٽ ته سؤٽن سان.

 

 

ائين چئي منگر به جنگ جي تياري ڪئي. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي دودي کان موڪلائين ٿا:

وجهي پاند ڳچيءَ ۾، پهريون پيش پون
ٻانهان ٻڌي ٻانهن جان، بيٺا دودي کي به چون
اسين وڃون ٿا جنگ تي، چاچا! توکي پارت آ پوئنن
چؤ رنگ تي چارو ڪري، بيٺا هٿيار تان به کڻن.

 

اتي ٻاگهي، دودي کي چيو  ته:

نينهن نياپي نه ٿئي، جيڪر تون وڃين پاڻ
ڇوهه ڪيئي ڇوڪر تي، اِهي ڪانئر ٻاريندا ڪانه.

 

تڏهن ننگر ڪاوڙ مان ٻاگهي کي چيو:

رن! تنهنجا مامرا، لوڙيا ڪين لهن
ابي ۽ چاچي کي وڇوڙو تو ته وڌم
ننڍا وڏا سومرا رولي تو ته ڇڏيم
مڙس ڏيندوسئين سومرو، نه ته چـَـٻِ موراڻا بـُـون.

 

ٻاگهي ننگر جي واتان ويڻ ٻڌي، کيس پاراتو ڏنو:

ننگر پاراتو ڏيان، توکي ٻيئي هٿ کڻي
وڃين ٿو مغلن سامهڻون، تون ويندين ماڳ مـَـري
گم ٿيندين گدار ۾، تنهنجا ايندا مڙهه کڻي.

 

ننگر کي دودي چيو ته: جنگ مان ورندو ڪونه، سڱ ڏيون. ننگر چيو: ڀان کان پڇون ته اڳي ڪڏهن ڪنهن ائين ڪيو آهي دودي ڀان کان پڇيو، جنهن جواب ڪيو ته:

ويهه پيڙهيون، سورهن ڏاڏا، دودا! تنهنجا ٿو سنڀران
اڳ ڪنهن نه ڏني هئي سومري، ڪنهن سومري جي ڄائي
هاڻي تو ساماڻي سومرا، توڙي ڏُومـَـن کي تون ڏئين.

 

پوءِ ننگر چيو دودي کي ته:

سـُـونهون ڪڍي ڏي سومرو، جيڪو منهنجو بابو سـُـڃاڻي.

تنهن تي دودي چنيسر جا پار ڏنس:

ڪارو طنبـُـو اٿئي پيءُ جو، هوندو ڪارو چنيسر ويس
هوندو سڀن جي اڳتي، پوئنن نه وجهندو پير
تون پيچ سـُـڃاڻجئين پڳ جو، هوندس ليما ڪاري ڀير.

 

ننگر چيو ته:

چاچا! سوين ته سوداگر ملڪ ۾، لکين ويس ڪن
ڏسيون پيچ مڙدن جا هي لکين لال ٻڌن
سـُـونهون ڪڍي ڏي سومرو، جيڪو منهنجو بابو سـُـڃاڻي.

 

تڏهن ڀان ساڻن گڏي ڏنائين، پوءِ ننگر ۽ منگر پنجاهه يارن سان سنڀري شهر بڪار ڏانهن روانا ٿيا:

مـُـنڊا مـُـنڊن ۾ ڏئي درس چڙهيا ديوان
ننگر ساڻ پنجاهه جي ڪـُـڏائيندو اچي ڪان
اڻگ وِڻگَ منهنجا سومرا، سدا مور ٽلن.
                                      ---

 

 

 

 

پهرين ميزل  نڪري، وڃي ٻٽيهه ڪوٽ لٿم
ٻي ته ميزل نڪري، وڃي ٻـُـٽي ڪوٽ لٿم
ٽي ميزل نڪري وڃي شهر بڪار لٿم
خان گهمائـِـنِ گهوڙِيا، بيٺا طنبو کوڙائين.

 

 

بڪار شهر جي مـُـکين ننگر کي دانهن ڪئي ته: عالادين جي لشڪر اسان کي ڦريو آهي:

ڀـَـلي آئين تون بادشاهه، توکي اَلـَـههُ ڀي آندو(1)
تنهنجي ملڻ ڪاڻ هـُـيو من اسان جو ماندو
ٻارهن شهر بڪار جا ڦري ڪري ويئي واندو
مـَـنگهـِـرِ موڌِي تنهنجو اڄ ماري مغل ويا.

 

اهو ٻڌي ننگر چيو ته:

جنهن مـَـنگهر ماريو، اهي ڀلي اُڙد اچن
اٿن جـُـوفو جنگ جو، اچي  ’ڪاري ناري‘  لهندم.
                                          ---

سـِـبرَ ڀري راتڙي تون وڃ ته وهامي
پهر ڳڻيندي رات جا اچي ڏينهن ٿيم
سج اُڀري سـَـنئون ٿيو، ننگر کي جنگي تنواريم
جان ڏسي اُتر تي، هي چڙهيا اُڙدن اچن
ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، اِهو ڪاڏي اُڙد کنيم
چئي: هتؤن نـَـرَ نـِـبري ڪري، پوءِ ڀلي بڪار ڦريم
اچي عظيم ننگر جي جنگ جنگاهه لڳم
سوين ساز سـُـرندڙا، اتي لکين گهڙيال وڄن
ڀيران هڻن پيون ڀـَـڀڪيون، جتي نوَ سؤ نغارن
ننگر پيو اُڙدن ۾ جيئن چنڊ پوي تارن
بازو بڻي وئي رُڪ جي، سج ته تاءُ مٽيم
بجلي چمڪي آسمان ۾، ائين تـَـهـَـلَ ترارون ڪن
ڦـِـرن فوجن وچ ۾، هن جا مانجهي ڪيم مڙن
لوهو لڪڻ اٿس هٿ ۾، ڪيرِيــُـون صف وجهن
سسيون تن سلطانن جون، هي ڪلر منجهه ڪرن
وڏ ڦڙيو واڪا ڪري، جيئن سانوڻ مينهن وسن
ننگر چيو يارن کي اَوي مچي مرد ٿيمِ
(1)
هڻ مـُـنگر پئو اڳتي، ڳالهيون دودي سان ڪن
نديون نـِـير پڇانڊيون، مر جان وڳهه ڏانهن لڙهن
رت وهي ريلا ڪيا ٽهه ٽهه ٽينگڙ ڪن
ننڍي وڏي وائي وات ۾، بيٺا دودو دودو ڪن
پـِـٽن بيٺا چنيسر کي، تنهنجو سر ته شال وڃيم
ڪين تاب ترار جي پئجي مغل ڀڳم
سهڪندي سلطان کي آڏو عالادين چون
ته کڙو هنيئي ککر ۾، جيئن ڏينڀو ڏور ڏنگن
ٽپڙ تنهن ته بڪار جا، اسان کان ساري ورتا سومرن
هي بلايـُـون بڇڙيون، تنهنجو تخت دلي وٺندم.

 

ننگر دودي ڏي خط لکي موڪليو ته:

 

 

 

 

خوني خط خلل جو، در دودي آيو
ٻارهن شهر بڪار جا، چاچا ڇڏيم ڇڏائي
ٽپڙ تنهن بڪار جا سڀئي مون ورتا ورائي
اڳتي آهين تون بادشاهه، چوين ته مر جان وير وڌي.

 

 

دودي ننگر کي جواب موڪليو:

وڙهڻ ورايم ڪينڪي، ننگر تون پـِـيـُـو پرچائي آ
پـِـيـُـو پرچائي آ پنهنجو ته توکي مـُـون ٻڌايان پڳ.

 

ننگر وري دودي ڏي خط لکيو ته:

اِهي متان توکؤن اڳ جون، ويون هيون ڇڏائي
جڏهن ڀاءُ ويئي ٿي ڀر مؤن، تو ورتو نه ورائي
ابي کي ڏنئي ڪينڪي، سا مونکي ڪيئن ڏيندين لاهي.

 

هوڏانهن عالادين، چنيسر کي سڏائي چيو ته:

عالادين سڏائيو، تون ڦـُـريا چنيسر آ
اڄ منهنجي مغلن ۾ دودو وهائي ويو گهاءُ
لهندي لهندي ريههَ سان، منهنجا ڳري ڪونڌ ويا
جن هٿؤن هليا ويا، قدر تنهن نه پيا
هاڻي سچ ڳالهائج سومرا، نه ته فوجان تون ته ڦيراءِ.

 

چنيسر چيو ته:

چـَـلـِـي چنيسر آئيو، عالادين اڳيان
ٻڌ تون ڳهلا بادشاهه، مون توکي عرض چوانءِ
جڏهن دودو ايندءِ اُڙدن ۾ ٿيندءِ ڌُوءِ ڌڪاء
شينهن تنهنجي پڃرن ۾، کاڄ نه کائيندا
روجهون تنهنجي ڀاڻن ۾ گاهه به نه چرندا
پکي تنهنجي باغن جا تڏهن ٻولي نه ڪڍندا
ٽاريون تنهنجي باغن جون تڏهن وڻ واس ڇڏيندا
دودو ڀانئجان ڪونڪو، هي ٿـِـي دودي جو دايو.

 

عالادين پنهنجي وزيرن کي حڪم ڪيو ته:

ٽي سا چاڙهي عظيم سان وڃي دايو مارايو
سر اِنهيءَ دايي جو، تخت ڏانهن آنايو
(1)
اکيون اِنهيءَ دايي جون، ڪڍي مونکي ڏيکاريو.

 

تڏهن چنيسر ٿو چوي عالادين کي:

ٽي سا مـُـڪين ٿو دائي ڏي، تنهنجا ويا ڪين ورن
اسين دايا اُنهن کي چئون جيڪي ٿڃان گڏ پين
ٽي سا هلندءِ ڪينڪي، اِهي ڇوهه ڇـَـليون ڇڏجن.

 

ستين ڏينهن ننگر ۽ منگر، چينسر کي ڳولڻ لاءِ عالادين جي اُڙدن ۾ ويا:

ننگر مـُـنگر پاڻ ۾، ٽيو لنگهو کنيائون ساڻ
گهمندي اُڙدن وچ ۾، اِتي ڏٺائون يار تـُـمان
(2)
اُرهاٽي  ’عظيم وزير‘  کي ڏنئون کٻي ساڻ سلام
چئي: ماٺ ڪيو ته مڙي وڃي، هي دودو آيو پاڻ.

 

ننگر چيو ته: ڊڄو نه، آءٌ دودو نه پر ننگر آهيان، ميڙ ٿو وڃان چنيسر ڏي، ڏس ڏيو! تڏهن چيائونس ته:

 

 

 

 

ڳڙهه پهريون، ڳڙهه جوڌپور، ڳڙهه نيهـَـڙ وارو واهه
چوٿون ڳڙهه تمر وزير کي، آهي دنيا جي ته هوا
پنجون ڳڙهه تمر کي آهي  ’ڪارو نارو‘  واهه
ڇهون ڳڙهه تمر کي جنهن تي نـَـو سا چڙهي نار
ستون ڳڙهه تمر کي آهي باڪو شاهه بخار
آوي وڃو نينگر اوڏهـِـي، تنهن کي خبر سارو آهه.

 

 

وري تمر وزير ڏي ويا:

گهمندي اُڙدن وچ ۾، ڏٺئون يار تـُـمان
اُرهاٽي تمر وزير کي ڏنئون کٻي ساڻ سلام
چئي: ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، ڏيو ٿا کٻي ساڻ سلام؟
توهان جهڙا مون نينگرا، لکين ڪـُـٺا ڪونڌر جواڻ.

 

تڏهن ننگر، تمر وزير کي جواب ڏنو ته:

نـُـندي ۽ تڪبر جا، تمر ڏينهن ٿورا ٿينداءِ
تو بانور ڪئي آ بڇڙي، سا لهي ويندءِ واء
وڃان ٿو ميڙ ابل ڏي، هاڻي ڪندو خير خدا
ائين چـُـڻندوسانءِ جيئن ڪنگ چـُـڻي ڪـُـرڙِي.

 

هاڻي ننگر ۽ منگر، ناما نظر بيگ ڏي ويا:

گهمندي اُڙدن وچ ۾، ڏٺئون يار تـُـمان
اُرهاٽي نظربيگ کي ڏنئون سڄي ساڻ سلام
چئي: الله ڀـُـلائيندو ڪينڪي، تون آهين چنيسر جو وياءُ
ڏي خبران خير جون، تون پرڻيو يا ڪنوارو؟

 

ننگر چيو ته:

نڪي پرڻيس مون زالڙي، اڃان آهيان ڪنوارو
چنڊ رات ٻـُـڪي پئي، منهنجي وني ٿي ونواهه
منهنجا وڳهه ڪوٽ ۾ جهـُـڙ جهـَـمٽ وڄن
ڇـَـهه لانوان مون لڌيون، ستون کني سان نڪاح
بابو رُسي آئيو، توهان کي خبر سارو آهه.

 

ناما نظر بيگ، ننگر کي چيو ته:

مـُـٺو منيـِـندءِ ڪينڪي، توکي ڇڏيندو موٽائي
ڏهه ڏهه ڦيرا ڏينهن ۾، بيٺو چغليون چـَـلائي
راڻيون تنهن روپاهه جون ٿو سـَـڀي ملهاءِ
موٽي وڃ تون وڳهه ڏي، وڃي مومل پنهنجي ماڻ.

 

تڏهن ننگر جواب ڪيو ته:

موٽڻ آهي مهڻو، موٽان تان گهر گهٽ
هتؤن موٽان ڪينڪي، مون وڃان اَبي وٽ
مونکي ٻيو ماريندو ڪينڪي، تون آهين منهنجو مٽ
ماري ڇڏ ته مري وڃان، آهي سـِـر برابر سـَـٽ.

 

انهيءَ تي نظر بيگ چيو ته: پوئتان موٽ. اڳيان ويندين ته سورهيه سالار ماريندءِ!

سورهن سؤ سالار سان، ڀرسان ڀير چڙهن
اسي اُمرائن جي، چوٽا چوڙيلين
جوان گهمن ٿا پڙ ۾، بيٺا ننگر ننگر ڪن
آءُ ننگر تون سومرا، توسان جوٽ جنگيون ڳنڍجن.

 

ننگر اڪليو گهوڙي تي چڙهي پڙ ۾ وڃي ڪانَ گهمايا. سورهه سالار، ننگر کي ڏسي چيو ته:

ڇو گهمائين گهوڙيا، تون ڇو ڪـُـڏائين ڪانَ
چي: ڀلي ڪڏائيندس گهوڙيا، ڀلي ڪڏائيندس ڪانَ
لوٽي سـِـر لاتيون ڪرين، هيڏي لهي آءُ جوان
آءُ هلي تون پڙ ۾، توسان جوٽ جنگيون ڳنڍجن.

 

 

 

 

 

سالار نه لٿو. ننگر وڃي نظر بيگ کي خبر ٻڌائي. پوءِ ننگر چنيسر ڏانهن ڀانَ کي موڪليو. چنيسر بيت چيو:

 

آءُ اسان جا منگتا، مون کي سـُـرندا ساز ٻڌاء
ننگر ڇڏيو هوم ننڍڙو، پرڻيو جان ڪئن آه؟

 

ڀان جواب ڪيس ته:

ننگر ڇڏيو هـُـئي ننڍڙو، هاڻي گهوٽ چڙهيو گهوڙي
ڪيون اچي ميڙ توڏي، تون ڏي آب ننگر کي.

 

ايتري ۾ ننگر ۽ منگر به اچي اُتي پهتا. چنسر بوڇڻ اوڍي سمهي رهيو. تڏهن ننگر، منگر کي ٿو چئي ته: چاچي کي اُٿار:

وجهي هٿ هٿن ۾، پنهنجي چاچي کي اُٿار
اسين گهوريا هئاسين تنهنجا، پنهنجا پٽ نه ڪـُـهاءِ
ننگر جهڙا پٽڙا توکي موٽي نه ڄمندا
نـُـنهن پـِـٽيندءِ ننڍڙي، تنهن جو مڱيندو نه ماراءِ
آيل ڏاج رڱائيا تون اُهي نه موٽاءِ
هلي وڳهه ڪوٽ ۾ پنهنجا راڄ ڀاڳ هلاءِ
ننڍا وڏا سومرا تنهنجا سلامي ٿيندا
ڀائن مئي کان پوءِ، تنهنجا وڻ ويري ٿيندا
تڏهن به چنيسر يار کي قدر ڪونه پيا
خان هڻي ٿو گهوگهرا، ڄڻ ڪالهه ستو ئي آهه.

 

اتي ننگر وڃڻ لڳو، تڏهن چنيسر ٽپ ڏئي اٿيو ۽ چيائين:

ننگر منهنجا ننڍڙا! ٻڌ توکي دانهن ڏيان
جوءِ سـَـڪيون جاڙون ڪيون، ننگر تنهنجي ماء:
ته اڳي هيون سين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽهڪي ٿيون سي ٽي
اسين ڀانيون ماريو مڙس هو، پر هيو زالاڻو زال
واڍو مـُـنجي وڻڪار ڏي، چندن ڪاٺ آناءِ
چرخو چندن عاج جو ليٽڻ خوب جوڙاءِ
ڪپهه جيسر مير جي تون جودئون جـُـود اَناءِ
مڙس ته منهنجو چؤبـُڪو، ڏينهان ڪـَـتي سير سواء.
                                             ---

ٻيو ڦيرو توکي چوان، هن کي گڏيو ليڏ پنهوار
ڊڊا ڊاکر وڪڻي تون ڌڻ رڍن جو ڌار
ڪري سائو لڪڻ هٿ ۾، ڪـُـڏي گهيٽا چار
ماڻهين ماهيڙياڻو ڪري، دودي جي درٻار
ڪسب ڪن ٿا ڪاسبي، تون وڃ مڪان لوهار
ڇڪي رڳ لوهارڪي تون سنج چوکيرا ڌار
اهڙو کٽيو پـُـٽ جو، توکي وڌڪ گهرجي ڇا؟

 

چنيسر چيو ته: ننگر! تنهنجي ماءُ ۽ ڏاڏي اهي طعنا ڏيئي منهنجو اندر ساڙي ڇڏيو هو، هاڻي آءٌ ڪنهن به حيلي ڪونه پرچندس. ائين چئي چنيسر جمعي نماز پڙهڻ لاءِ هليو ويو ته ننگر ۽ منگر به موٽي عالادين وٽ آيا:

 

 

 

 

گهمندي اُڙدن وچ ۾، ڏٺؤن يار تمان
اُرهاٽي عالادين کي، ڏنئون کٻي سان سلام
ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، اَوي آهيو ڪير جوان؟
چي: سائو آهيان سومرو، آهيان وڳهه جو وريام
پٽ چنيسر پڌرو آهيان ڀائٽيو دودل ڄام
پوٽو آن ڀونگر راءِ جو، منهنجو نالو ننگر خان.

 

 

عالادين چنيسر کي سڏي پڇيو ته ڪوڙ ڇو ڳالهايئي ته توکي پٽ نه آهي. تڏهن چنيسر چيو:

کريل کاري موڪليو، اِهو کريل جو آ وياءُ
ديميون ڏسي دهلي ويو، سـُـڪو ڇوڪر ساهه
اُڃ مرندي آئيو، اچي ورتئين منهنجو نانءُ.

 

تڏهن ننگر ڪاوڙ مان چيس ته:

کريل کريل ٿو چوين، تون کريل جو آهين وياء
پـُـٺ ڪندوسئين پڌري آڏو عالادين اڳيان
کريل آهيان ڪينڪي، آهي کريل تنهنجي ماءُ.

 

عالادين ڳالهه سمجهي وزيرن کي حڪم ڪيو ته:

وٺي سون رُپي سان اَوِي ننگر کي پـَـهرايو
آڳاڙيون پڇاڙيون ڪري اَوِي فوجان ڦيرايو
اِهي تخت تنبؤڙا سڀي پوئتان هلايو
ڀائن جهيڙو پاڻ ۾ اٿن پڳ مٿي تڪرار.

 

اتي چنيسر ڪاوڙجي ننگر کي چيو:

ڪيئن ڏنو تو سجدو، ڪيئن ورايئي سلام؟
چي: سلام مديني جي مير کي، ٻي کي ڪيان ڪلام
تنهن کان ورائي ڪري توکي ڪيان سلام
تو کان ورائي ڪري ڏيان دودي کي سلام
اسان ۽ عالادين کي ڪنديون ترارون سلام.

 

چنيسر عالادين کي چيو: موٽيو ته وڃين ٿو پر ننگر کان ٻاگهيءَ جو سڱ گهر، جو ننگر جي حرف کي دودو ڪونه ميٽيندو. تڏهن عالادين چيو ته:

هي ته ملڪ اوهان جو، ننگر ڪـَـڇي خـُـراسان
توکي ڏيان دنگ دليءَ جو، هوڏؤن مـَـٿيلو ملتان
تو وڻي توکي چوان ته مونکي ڏي ٻاگهي جي ٻانهن.

 

تڏهن ننگر ٿو عالادين کي چوي:

ننڍيون نوچيون، وڏيون ويلهچون، منهنجي پنجاهي پرڻاءِ
پٺاڻيون پنهنجي ملڪ جون، سڀي دودي کي پرڻاءِ
ٻانهيون پنهنجي ڪوٽ جون منهنجي منگر کي پرڻاءِ
اسين آيا آهيون تومڻين، ته به نه ڏيئين ٻاگهي جي ٻانهن.

 

چنيسر ننگر ۽ منگر کي رات ٽڪڻ جي دعوت ڏني. پوءِ اُنهن کي شراب خراب پياري، ننگر کي سليماني وينڊو هٿ ۾ هو، اهو مس ۾ ٻوڙي مـُـهر چٺي تي هڻي، دودي کي لکيائين ته اسان ننگر ۽ چنيسر ٻاگهي جو سڱ عالادين کي ڏنو آهي. پوءِ آيو عالادين وٽ ۽ چيائين ته اوٺي ڏي ته دودي ڏي خط موڪليان، پوءِ تنهنجي شادي ڪرائيندس.  ’ڪـِـرڙ‘  نالي اوٺي چٺي کڻي وڳهه ڏي ويو. ڪرڙ دودي کي چٺي ڏني. پڙهي غمگين ٿيو، پر هاڻي ننگر جو لکيو ڪوڙو ڪيئن ڪري! سو ڪرڙ کي رات ترسايائين ته صبح جو ٻاگهي جي ٻانهن وٺي وڃج.

هوڏانهن ننگر ۽ منگر هوشيار ٿيا. ننگر وينڊو مس ۾ ٻڏل ڏسي چيو ته دغا ٿي آهي. پوءِ دودي ڏي چٺي ۾ حقيقت لکيائين ته آءٌ لڙائي لاءِ تيار آهيان، تون اِنهيءَ اوٺي جو دانگي سان مـُـنهن ڪارو ڪري، ڏاڙهي مڇون ڪوڙي هيڏي موڪل ته ڀل عالادين ڏسي. دودي کي چٺي ملي. خوش ٿي حجم کي  گهرائي، اوٺي جي سيرب ڪرائي، هڪ ڪن ڪپائي روانو ڪيائين ته واٽ تي ٻڪرار ٻيو ڪن ڪپي ڇڏيس. اوٺي لشڪر ۾ آيو ته ڪنهن نه سڃاتس، سو بيت ڏنائين:

 

 

 

 

اوٺي ٿو سڃاڻي سڀ کي، ڪرڙ کي سـُـڃاڻي ڪو نه
ٻـَـن ٻاگهي، ٻـَـن ٻانهڙي، ٻن ٻاگهيءَ جو ٻار
جيڪي ويندا وڳهه ڏي، تن جا ڪن پٽيندا يار.

 

 

اوٺي جا بڇڙا حال ڏسي، عالادين حڪم ڪيو ته وڃي صبح جو ننگر سان جنگ ڪريوّ!

چاڙهيائين عظيم وزير سان پنج سؤ گڏ گهوڙن
گهوڙا جـِـنهـِـن جا جوپاوان، ڌرتيءَ پڇ گسن
ساوا مولهه مٿن سان، دشالا ته ڪلهن
اچي لٿا آهن رڻ ۾، بيٺا ننگر ننگر ڪن
آءُ ننگر تون سومرا، توسان جوٽ جنگيون ڳنڍجن.

 

هاڻي ننگر چڙهيو جنگ تي.

سوري حضرت پير کي گهوٽ چڙهيو گهوڙي
ننگر ساڻ پنجاهه جي، ڪـُـڏائيندو ڪان اچي
اِڻگ وِڻگ منهنجا سومرا، سدا موڙ ٽلن
اچي لٿا آهن رڻ ۾، اچي جنگ جنگا لڳن
ڦـِـرن فوجن وچ ۾، ٿا مانجهي ڪين مڙن
پنج سؤ ماري چٽ ڪري، ننگر ڏکڻ ڏنهه آين
ڏکڻ کان ڦـِـري ڪري ننگر اوڀر ڏَنهه آين
اوڀر کان ڦري ڪري اُتر ڏنهه آين
اُتر کان ڦري ڪري اولهه ڏنهه آين
ننگر چيو منگر کي ته عظيم ڪونه لڌون
اچي ڳنڍيو عظيم سان، اِتي چوٿون پهر ٿيون
ڏهه مارائي پنهنجا، ننگر خيرن سان موٽيونِ.

 

____*____


 

 

(1) آناءِ = گهـُـراءِ.

(2) ڏاهه = دانهن، فرياد.

(1) اَوي (محاورو) = اوهين.

(1) شايت = شايد. اُنڊ = جهيڙو.

(1) الهه = الله.

(1) اوي = اوهين.

(1) اَنايو = کڻي اچو.

(2) تمان = فوج.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org