سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 13

- بودن فقير ڀنڀري (تعلقو نارو) جي ٻڌايل ڳالهه

ُهي ڳالهه اسان سگهڙ بودن فقير پٽ حمزو پٽ اوڍر پٽ مـَـيل پٽ غلام پٽ ڄام پٽ ميوا ساهه (ميوا شاهه) پٽ مبارڪ پٽ سـَـره دين پٽ ڀريو، پاڙو  ’مبارڪ جو‘  ڀنڀرو کان تاريخ 18- فبروري 1966ع تي لکڻ شروع ڪئي ۽ رات ڏينهن ڪري ٻن ڏينهن ۾ پوري ڪئي. ان وقت بودن فقير جي عمر اسي 80 سال هئي. بودن فقير هي ڳالهه پنهنجي سؤٽ غلام ڀنڀري کان سکي، جنهن وري وڏيري فضل ڀنڀري کان سکي هئي. ڪي بيت پوءِ به بودن فقير وڏيري فضل کان سکي پڪا ڪيا. ان وقت بودن جي عمر ڏاهاڪو ورهيه هئي ۽ وڏيري فضل جي عمر 80 اسي کن ورهيه هئي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي 1843ع وقت وڏيرو فضل جوان مڙس هو ۽ جيسلمير جي طرف سونهون ٿي ويو هو. سندس اُستاد نـِـمريو فقير مڱريو هو ليڪن سندس ساٿي سگهڙ، تـَـر جا ڀنڀرا ۽ ٻيا، جيسلمير جي طرف جا هئا. بودن فقير چيو ته هيءَ  ڳالهه سـُـرسان ڇهه مهينا راتين جا به کڻندا هئا. چيائين ته: سـُـنهائو ڀنڀرو، جيڪو 1925 ڌاري گذاري ويو، اڳ عمر ڪوٽ جو ويٺل هو، پر پوءِ  ’ناري‘  (روهڙي تعلقي) ۾ لڏي آيو، تنهن دودي جي ڳالهه ٽي راتيون کنئي، پر مون واري ڳالهه جو هڪڙو بيت به ڪونه ڏنائين.

هيءَ ساڳي ڳالهه اسان واٽـُـو پٽ مـُـڱ، مـَـتـُـوجو مهر (سنہ 1964ع ڌاري عمر 80 ورهيه) ويٺل گنجو پٽ (ڳوٺ داد لغاري، تعلقو ميرپور ماٿيلو کان 3 ميل ڏکڻ اوڀر) کان پڻ ٻڌي قلمنبد ڪئي، جيڪا پوءِ وڌيڪ تنصيل سان اسان جي دوست محترم شيخ محمد فاضل (ساڪن تعلقو اُٻاوڙو ۽ اُستاد ٽيچـِـرس ٽريننگ سڪول لاڙڪاڻو) قلمبند ڪري موڪلي. اسان واٽـُـو مهر واري ڳالهه، بودن فقير واري ڳالهه سان ڀيٽي ۽ ڪي ضروري درستيون ڪري هيءُ متن تيار ڪيو.

[اُن ڳالهه جو شاعر  ’ميرو‘  نالي هو. بيت ۾ لفظ  ’دودو‘  (معنيٰ پيارو) استعمال ٿيل آهي ،جيڪو ناري طرف جي ٻولي جو لفظ آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته شاعر ميرو انهي طرف جو ويٺل هجي. ن - ب[

ڀونگر راءِ کي جڏهن دودو پٽ ٿيو، تڏهن:

سنجهيئي ٿـِـي سـُـور ٿيا، صبح ڄائو ٻار
ماڻهن سڀني ائين آکيو هي آ دودو ڪارو نڀار.
                                      ---

پهريون ٻـُـنڊون ماء جون، سـَـٽي ڪڍيون شير
دودو ڪنهن نه پاليو، پاليو مينهن ٿڻير.
                                      ---

مڻ مصريءَ جو، گهڙو کير کاءِ
ته به هن ٻار کي پئي لـِـيلهـَـندي رات وهاءِ.

 

دودو وڏو ٿيو ،تڏهن مينهن هنج ۾ کڻي دلوراءِ جي باغن ۾ چاري ايندو هو. دلوراءِ گهڻي ئي ڳولا ڪرائي، پر پير کـُـر نه ٺهي ۽ چور جي خبر ئي نه پئي. سـُـرتين سهي ڪيو ته ڪو مرد مينهن کڻي ٿو اچي، تڏهن ته باغ کان ٻاهر مينهن جو پير ئي ڪونهي. دلوراءِ چيو ته: ڀونگر راءِ کي چئو ته چور ڳولي ڏي. ڀونگر راءِ چيو ته: باغ ۾ دونهين دکائي ڇڏيو، پاڻهي چور جي سـُـڌ پوندي. دودو رات جو مينهن کڻي آيو ۽ اچي ڪماند ۾ ڇڏيائين. سيارو هو، باهه ڏسي هٿ سيڪيائين ته طاقت ڇڏائجي ويس. مينهن کڻي نه سگهيو ۽ جهلجي پيو. ڀونگر راءِ. دودي کي ديس نيڪالي ڏني(1) . دودو ٻه ڪـُـتا ساڻ ڪري اُتان روانو ٿيو. ڪـُـتن جا نالا  ’ڪـَـڪـڙ‘  ۽  ’ڀؤنر‘  هئا، جن کي سڏيائين.

 

 

 

 

ڪوڪاريائين  ’ڪـَـڪـَـڙ‘  کي،  ’ڀـَـؤنر‘  ڪي ڀـُـڻڪ
پڳ ٻڌندي راءِ ڪي مٿئون سج ڪئي مـُـرٽ.

 

 

دودو وڏي مٿي وارو هو. پٽڪي ٻڌڻ ۾ ايترو وقت لڳس جو سج ئي مـُـڙي ويو. دودو ڪتي کي ڪوڪاري هليو. واٽ تي ٻيلي ۾ شينهن سان مقابلو ڏنائين ۽ ماريائين. اڳتي هليو ته هڪ ميهار سـُـتل ڏٺائين. ميهار جي سيرانديءَ کان کنو رکيو هو، اُنهيءَ مهل هڪ نانگ نڪتو ته کنو به پاڻهي نڪري ٻاهر ٿيو ۽ نانگ کي ماري ڇڏيائين. کني ۾ تاثير سمجهائين، ۽ ميهار کان گهري ورتائين. اڳتي هليو ته درياء تي آيو ۽ ڦليي نالي مهاڻي کي چيائين ته اُڪار. ڦليي چيس ته: تنهنجي پيءُ جي منع  ٿيل آهي، تنهنڪري توکي نه اُڪاريندس. دودي چيس ته:

مون اباڻا ڦـُـليا! هي وير نه وساريج
جي دودو آيو ملڪ ۾ ته تون به سـَـڌر ماڳ لهيج.

 

اڳتي هيلو ته جوڙو نار ۾ وهندي ڏٺائين. ڳاڌيءَ تي سهڻو جوان ويٺو هو، ۽ هڪڙي مائي پئي رُني. پڇا ڪيائين ته ڇا آهي؟ مائي ٻڌايس ته: هي دلوراءِ جو ملڪ آهي. ملڪ ۾ هڪ راڪاس اچي هريو آهي. سڀني جو وارو ايندو آهي، پر اڄ منهنجي پٽ ۽ جوڙي جو وارو آهي، ۽ سندس شادي به آهي، پر کيس راڪاس کائي ڇڏيندو. انهيءَ ڪري پٽ جي ڏک ۾ ويٺي روئان. دودي مائي کي دلداري ڏني ۽ چيائين ته: آءٌ پاڻهي ٿو راڪاس کي سنڀاليان پر مونکي ڪمند جي هڪ لٺ آڻي ڏي. اِتي جوان ٿو چويس ته:

جهـَـل دَلـُـوء جي لڪڙي، ڪاه دَلـُـوء جا ڏاند
ته هڪ گرُي ڪماند، آءٌ ٿو چکايان توکي.

 

مائي ۽ ان جي پٽ کي ڇڏي دودو اُتي ويهي رهيو. راڪاس آيو، دودي کنو ڪڍي ڌڪ هنيس ته راڪاس، ڏاند ۽ نار وڍجي ويا، پر کني کي ڪـَـڪـَـر پئجي ويو. سو انهيءَ جوان کان پڇيائين ته: ڪو لوهار آهي جو کني مان ڪڪر ڪڍي ڏئي؟ جوان وراڻيس ته: ٻيو ته نٿو سجهيم باقي دلوراءِ جي شهر ۾ هڪ انڌو لوهار آهي اُن وٽ وڃ. دودو اُن وٽ آيو، ۽ ڪڪر ڪڍڻ لاءِ چيائين. لوهار وراڻيو ته: انڌو آهيان، مون کي ڪهڙي خبر ته ڪڪر ڪيئن نڪرندو؟ دودي چيس ته:

ڪري الله توهار هٿ کني کي لاءِ
ته اولا لهندئي اَکيـِـن جا ويڄا تـِـنهـِـين وڌاء.
(1)

 

لوهار کنو کنيو ته اکيون ٻهير ٿيس. کني مان ڪڪر ڪڍيائين پر دودي کي چيائين ته: منهنجو وچن هو ته جو منهنجون اکيون ڪندو تنهن کي ڌيءَ پرڻائيندس، دودي ڳالهه قبول ڪئي ۽ لوهار جي ڌيءَ پرڻيو.

هوڏانهن دلوراءِ کي جڏهن راڪاس جي مارجڻ جي خبر پئي، تڏهن پڇا ڪيائين ته ڪنهن راڪاس ماريو؟ خبر پيس ته دودي راڪاس ماريو. سڏايائينس ته دودو آيو. چيائينس ته: منهنجو عهد هو ته جيڪو راڪاس کي ماريندو تنهن کي ڌيءَ جو سڱ ڏيندس، ۽ اڌ بادشاهي به ڏيندس. دودي اِها ڳالهه به خوشي سان مڃي، ۽ ٻيو گهر پرڻجي، اڌ بادشاهي وٺي ويهي رهيو.

 

 

 

 

دودي کي ٻاگهي نالي ڀيڻ هئي. سومرا ۽ گـُـجر هڪٻئي ۾ سڱيڻا هئا. گـُـجر، ڀونگر راءِ وٽ ٻاگهي جو سڱ گهرڻ لاءِ آيا. ڀونگر راءِ چيو ته: ٻاگهي منهنجي پٽ دودي جو وِڻو (عيوض) آهي، ان کي مون ڪڍي ڇڏيو آهي، هاڻي هو دلو راءِ وٽ ٿو رهي. خط موڪليانس ٿو ته گـُـجر آيا آهن ۽ ٻاگهيءَ جو سڱ ٿا گهرن. پوءِ جيڪو جواب ڏي. پوءِ خط لکي ڦـُـليي (مير بحر) کي ڏنائين، جنهن دودي کي پار نه ٽپايو هو. ڦليو خط کڻي دودي وٽ آيو. دودي جواب ڏنو ته: وڏا ڏِينِ ٿا ته ڀلي ڏينِ. تنهن تي ڦليي چيس ته:

 

وڏا وڏائي نه ڪن وڏا ڳولين نه ويڻ (1)
پر ٻاگهي نيندا گـُـجرا، سـُـڄندِي دودا! تنهنجي ڀيڻ.

 

اهو ٻڌي، دودو ڦليي سان گڏجي ڀونگر راءِ وٽ آيو، ۽ ٻاگهي جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. جنهن تي ڀونگر راءِ چيس ته:

ڌڙ ڌُٻي، لڱ ڏڪن، جهلي نه سگهان پاڻ
جڏهن هوس جواڻ، تڏهن مون ڪوڙين ڪٺا ڪيترا.

 

اها ڳالهه ٻڌي دودو کنو کڻي وڃي گـُـجرن ۾ پيو ۽ گـُـجرن کي ماري مات ڪيائين. کنو وڃي هاٿيءَ ۾ پيو، پر هاٿي کي وڍي نه سگهيو. جيئن دودي هاٿيءَ مان کنو ڪڍيو. تيئن هاٿي مئو ۽ اهو مٿان اچي پيس. اتان زور ڏئي پاڻ کي ڪڍيائين ته ڌڙ ڇڄي پيس. مرڻ کان اڳ وصيت ڪيائين ته: لوهاري مان جيڪڏهن پٽ ٿئي ته نالو چنيسر رکجوس ۽ بادشاهزادي مان پٽ ٿئي ته نالو دودو رکجو. اها وصيت انهيءَ لاءِ ڪيائين ته جيڪڏهن دودو نالو قائم هوندو ته گجر حملو نه ڪندا. انهيءَ کان پوءِ دودو گذاري ويو. ٻنهي زالن مان پٽ ٿيس ۽ سندن نالا دودي جي وصيت موجب رکيائون.

ڀونگر راءِ جيئرو هو پر اڃا دودو ۽ چنيسر ننڍا هئا ته گجرن کي خبر پئجي وئي ته دودو مري ويو آهي. سو يڪدم سومرن وٽ مـِـٽيءَ لاءِ آيا. چنيسر وڏو هو ۽ دودو ننڍو. گجرن کي ڇهن مهينن جو اَڪو ٻڌي ڏنائين (2) . پوءِ اندر گهاڻو ٺهرايائون. جڏهن گـُـجر آيا، تڏهن:

ننڍي گهاڻو کوڙيو وڏو ڀاڪر ڀري ڏي (3)
ننڍو وڏو گجرو اڄ پيڙي تيل ڪري.

 

گجر ختم ٿي ويا. ان کان پوءِ ڀونگر راءِ مري ويو ۽ سومرا گڏجي ويهي پڳ جو فيصلو ڪرڻ لڳا. ماڻهن پڇيو ته:

مـَـلـِـهي ويٺا مارڪي، چـَـيـَـؤن ڪي چـِـيندا
منجي سومرن جي، اڄ الائي ڪهڙي کي ڏيندا!

 

راڄ سڄو دودي ڏانهن هو، پر چنيسر وڏو ڀاءُ هو، سو دودي کيس پڳ ڏيڻي ڪئي، ۽ سومرن جي ڀان پڳ کڻي آڻي چنيسر جي آڏو رکي:

سڏي سـَـرتن وچ ۾ پڳ ڏني ننڍي ڀاءُ
ٻڌ پڳڙي چنيسر، آهي تو وَڙاءَ (1)

 

پر چنيسر اهو نه قبوليو ۽ چيائين ته اول امان کان پڇي پوءِ پڳ ٻڌندس:

ايين ٻڌي ڪونه ڪو، جيسين پڇي ماءُ
پيڙهيءَ مٿي سومرو ڪندو پوءِ سـَـناءِ. (2)

 

پوءِ چنيسر ماءُ کان پڇڻ هليو:

چنيسر پٽ لوهر جو پڇڻ هليو ماء
چئي: سڏي سرتن وچ ۾ مونکي پڳ ڏني ننڍي ڀاء
سا ڪيئن ٻڌان پڳڙي، تون مونکي موڪل ڏي ماء!

 

جڏهن چنيسر گهر ڏانهن روانو ٿيو ته پويان راڄ بگڙي پيا ۽ پڳ دودي کي ٻڌايائون. ڀيريون وڄي ويون ۽ غوغاء ٿي ويو. اها خبر اچي حويليءَ تي پهتي ۽ دائيءَ آڻي چنيسر جي ماءُ کي ٻڌائي. تڏهن چنيسر ڏي منهن ڪري ماڻس چيو ته:

 

 

 

 

ابا! توکي نپايم پٽ ڪري، پر دائي ڌيءَ ٿياء
هڪڙي لڄايئي ٿڃ ٿڻن جي، ٻي لڄايئي ماء
سڀاڻي هلي سرتن وچ ۾  ’چنيسر‘  نه ڪوٺاء

 

 

چنيسر ماءُ کي جواب ڏنو ته: امان! پڳ نڪا دودي هٿ سان ڏني ۽ نڪا ڪنهن ٻئي سومري: ڀانَ جي هٿان آئي، سو ڀلا ڪيئن ٻڌان!

نڪا ڏني سومري، نه ڪا هٿ سان کڻي ڏني ڀاء
آئي جا ڀاناء، سا ڪيئن ٻڌان پڳڙي!
(1)

 

تڏهن ماءُ جواب ڏنس ته چنيسر:

چار تراريون چيلهه سان، هيءَ نه تنهنجي ڪار
نـِـيلي گهوڙي وڪڻي وڃي ڌڻ رڍن جو ڌار
دمامان ڀڃي دانگيون ڪر، ڀالا ڀڃي ٻار
ماء مـَـلهيندي مـَـهـَـيڙيـُـون، تون گهـِـڏي گهيٽا چار
هاڻي چلي بيهه چاڪر، دودي جي درٻار.

 

چنيسر جي زال اهي ڳالهيون ٻڌي چيو ته:

چاچي! چڱيان ناهي چيو تو ڪانڌ منهنجي کي
اڳي هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي سگهڙ ٿيونسون ٽي
چڱو چرکو چـَـتـُـن سان، ڄام چنيسر ڏي
صبح سرتين وچ ۾، مـَـر ڀـِـنيءَ ڀيري.

 

چنيسر جي ماٽيجي ماءُ  ’دادلي‘  مهڻو ڏنس:

ماٽيجي مهڻو ڏنو دادليءَ در جهـَـل
 ’ويهه نه وڳهه ڪوٽ ۾، دودو بـُـههِ ڀريندءِ کل.‘

 

تڏهن چنيسر چيس:

ماٽيجي ماءُ! مهڻو تو ڀلي ڪري ڏنو
ٻـُـڌندينءُ (وڳهه ڪوٽ ۾) عالادين ايندو
سـَـتيون نيندو سومريون، ٻيو دودو ماريندو.

 

ائين چئي، چنيسر پشيمان ٿيو ۽ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو ته:

هـَـلان ته هـَـؤرو پوان، ويهان ته مون نه جڳاء
اِنـِـي ٻنهي ڳالـِـهين مؤن مونکي ڪش نه آئي ڪا
نـَـودِيءَ منجهؤن نڪري توکي سـَـپ چنيسر کاء (1)
ته نه رُلنديون سومريون، نه مرندو دودو ڀاءُ.

 

چنيسر ۽ دودي ٻنهي جو چاچو جنهن جو نالو  ’حيدر‘  هو، تنهن کي چنيسر دانهن ڏني ته:

چاچا حيدر ٿو چوان، تون دودي کي سمجهاءِ
پڳ آهي منهنجي پيءُ جي سا مونکي ڏي موٽاء.

 

پر چاچي حيدر جواب ڏنس ته توکي ناناڻي نـُـک (لوهارن جي) ڇڪيو جودودي ميڙون منٿون ڪيون ته به تو پڳ نه ٻڌي ۽ ماءُ کان پڇڻ ويون. دودو ڏاڏي پوٽي سومري دلوءَ جي ڌيءَ مان هو، تنهن کي راڄن پڳ ڏيئي ڇڏي. هاڻي هو بادشاهه ۽ تون امير: چوٿون حصو سنڌ جو پنهنجي جاگير وٺي ويهي عيش ڪر.

ميڙيون ۽ منٿون توکي ڪيون ننڍي ڀاء
پر، رڳ ڇڪيـُـون ناناڻيءَ، پڇڻ هليون ماء:
هو دودو دلوءَ ڏوهٽو، سو پيڙهيءَ ويٺئي راء
ڀـِـيڙي ٻڌي سومري ڪيو ڀير ڌڪاء
تون به چوٿون ڀاڱو سنڌ جو سکيو ويٺو کاء.

 

 

 

 

 

چنيسر جواب ڏنس ته: چاچا!

 

چوٿين ڀاڱي آن نه پـَـلان، مون سان ٻيلهه گهڻي
ويندس دليءَ آڳـِـري اها ڳالهه کڻي
هتي آڻيندس مغل گورِي جيڪو ويندو ڪري رُڪَ پڻي.

 

پوءِ چنيسر اتان وري دودي وٽ آيو ۽ اچي دڙڪو ڏنائينس ته:

پڳ منهنجي پيءُ جي دودا مونکي ڏي
نه ته وڃان دليءَ آڳري، وڃان ملتان ڏي
هـِـت آڻيندس مغل گوري، جيڪو ٽڪر ٽوٽ ڪري.

 

تڏهن دودي آڏو جواب ڏنس ته:

پڳ نڪا تنهنجي ماڃاڻي، نڪا پـِـڃاڻي هوءِ
جي توکي مغل گوري هٿ لڳو ته ڀڄي وڃي آڻيو.

 

دودي جو اهو جواب ٻڌي چنيسر سنبت ڪرڻ لڳو:

چنيسر پنهنجن کي اڄ ٿو ڪوٺائي
عيراقي ۽ سامونڊي ٿو گهوڙا گهرائي
ڏيندو دانهه دليء ۾ چڱان چونڊائي.

 

ڀيڻ ٻاگهي کي جڏهن چنيسر جي سنبت جي سڌ پئي ته اچي آڏو ويهي چيائينس:

اچي ويٺي سامهين، چئي ٿي ٻاگهي هيئن
ويهه چنيسر ماٺ ڪري، وڃ نه اوسـِـيءَ تيئن.

 

چنيسر جواب ڏنس ته:

ويهان ڪيئن ماٺ ڪري، وڃان اوسيء سينء
مونکي ڀائن ڀـُـلائي ڇڏيو ڏيڍيءَ مٿؤن ڏينهن.

 

جڏهن ٻاگهي گهڻو چيس ته ورندي ڏنائين:

ميڙ تنهنجي آ مون مـَـنـِـي، پر ٻائـِـي بـِـيبائي!
سڻ ماڻهن ۾ ٻاهر آ هيء واقعا ۽ وائي:
 ’جتي دودو راڄوئي،ات چنيسر گاهي.‘

 

پوءِ چنيسر ڪاوڙجي اٿي روانو ٿيو. هاڻي سڄي ڳالهه ڳڻي، سگهڙ ٿو چوي ته:

ڀائن ڏيئي ڀر، مـَـنجي چاڙهيو مانـِـسـَـرُ
جو هٿِ هو هـَـميري جي سو دهوڙيو دفتر
چمڪيو چنيسر، سنڀوڙو سلطان ڏي.
(1)

 

پوءِ آخر چنيسر جي زال  ”سون“  ڊوڙي اچي گهوڙي جي واڳ جهلي ۽ روئي پلاند وجهي چيائين:

روئي، هنجهون اگهي، پلئه جهليو پاند:
چئي: سورهن در دليء کي، سورهن سؤ دربان
ڪـُـٽيندئي ڪاٺن سان چـَـنـُـو! دليء جا دروان
آيائي پـَـريا ٿيا، جيڪي وئڙا جوڌ جوان.
(2)

 

چنير چيس ته: سون!

ساههُ جـَـهلِ، سهـُـمـِـي ٿيء، جهل نه گهوڙي واڳ
جي هوندُءِ ڀاڳ، ته ايندس عالاديءَ سان.

 

ائين چئي جڏهن روانو ٿيو ته  ’سون‘  ڳالهه جو پاڇاندو جانچي، ويتر وڌيڪ رني:

 

 

 

 

هاڻي لاکيڻي ننهن لوهارِ جي ٿي ماڙي مٿي روءِ(3)
چئي: سا ڪيئن وَسي سنڌڙي، جنهن جو پهيو نه پرچايو!
دوداڻي ڙي دودل! چنيسر ريء ڀاء نه ٿيندو ڪو
توڙي هجي ڌاريو ته به رٺو پهائجي سو
اڄ پـَـلي ويٺي آسرو چنيسر جي جوءِ.

 

 

اهو ٻڌي دودي مائي سون کي پاڻ وٽ سڏايو، ۽ چيائينس ته: جي چنيسر موٽي ته ڪنهن کي پويان موڪليون جو چويس ته اڌ بادشاهي تنهنجي ٿي ۽ تون هلي وراهي وٺ:

سگهڙ ننهن  ’سون‘  کي دوداڻـِـي ڪوٺايو چئي:
جهلي چنيسر ڄام کي ڪو اڌ وراهي ڏي.

 

پوءِ دودي ميڙ سنباهي ته وڃي چنيسر کي موٽائي وٺي اچو. انهن کي ٽپڻي واري چنيسر جي وڃڻ واري واٽ جا پار پتا ڏنا ته:

 ’ننگر‘  مؤن نڪري وڃي  ’ٻيلي‘  پيس رات
چنيسر يارن سان، پانَ ڪندو ويو وات.
                                      ---

ٻيجي ويلي نڪري، ويو منجهه  ’سيوهانَ‘
پڇي پيو پاڻي واريين کؤن ته ڪيها در ديوان!
                                      ---

ٽيجهي ويلي نڪري، ويو منجهه  ’اروڙ‘
چنيسر دودي تي ڇـَـليون آڻيندو ڇوڙ.(1)
                                      ---

چوٿين ويلي نڪري ويو منجهه  ’اُچن‘
ننڍي وڏي يار کؤن بيٺا عالادين پڇن.

 

اُچ جي شهر ۾ چنيسر کي ٻڌايائون ته:

هن واٽ کي ور گهڻا، آهن نـَـيـُـون ۽ نـِـيچانڍ
هجين داد فريادي ته وڃ  ’ڏَنـِـيءَ‘  جي واٽ.

 

پوءِ چنيسر درياء وارو پاسو ڇڏي خشڪيءَ واري واٽ ورتي.

پنجين ويلي نڪري ويو آ جيسرمير (1)
چنيسر دودي تي وهلو پيو آ ويو.

 

ايستائين چنيسر پوئتي ڏسندو ويو ته متان دودي جو ڪو ماڻهو اچي ۽ موٽائي. دودي جي ميڙ  ’اُچ‘  تائين پهتي پر اتان چنيسر واٽ مٽائي هئي سو کيس في الحال پهچي نه سگهيا. جيسر مير ۾ چنيسر ڏٺو ته پويان ڪوبه ڪونه آيو، تڏهن اڳتي دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو:

ڇهين ويلي چنيسر ويو بيڪامير
سڀ ساڌِيندو سومرا، وڌي لڳندس وير.
(2)
                                      ---

ستين ويلي نڪري ويو آ پاڙولـِـيءَ پاتـِـياس (3)
لڪڻ لوهيڙي مؤن، ڪپي هٿ ڪياس.

 

لڪڻ چنيسر هن طرح وڍي جو لوهيڙي جي وڻ تي ٻه پکي ويٺا هئا ۽ چنيسر به اچي اُنهيءَ وڻ هيٺان آرامي ٿيو. ايتري ۾ هڪڙي پکي ٻئي کي چيو ته:

ڏاڏو پوٽو پاڻ ۾ پکي ڳالهاڻا
 ’لـَـڪڙ مون پيرن ۾، ڪندي راڱاڻا‘.

 

 

 

 

 

تڏهن ٻئي پکي چيو ته:

 

ڏاڏو پوٽو پاڻ ۾، پکين ڪيو هڳاء
لـَـڪڙ منهنجي پيرن ۾، لهي لک سوا.

 

چنيسر اهي پکين جون ڳالهيون ٻڌي، ٻئي لڪڻيون وڍيون. اڳتي هليو، ڏسي ته جت جي اُٺِ ڀڳي پئي وڃي. جت چنيسر کي چيو ته:

وڃي وَنجهه ويڙ مان سوڍي آندي هـَـمِ (1)
ڏکيءَ ڏيهه چتائيو اڄ جهلي نه رهي مون
گهوڙي وارا گهوٽيا! آڏي جهل تون.

 

چنيسر گهوڙي تان لٿو، اٺ کي آڏو ٿي لڪڻ هنيائين ته مري وئي.

گهوڙو جهلي گهوٽيو، ٿو آڏي جهلي اُٺ
ڏنائينس چؤنڪ لڪڻ جو، جارو ٿي جا جٺ. (2)

 

اتي چنيسر اوٺار کي سڏي کيس پنهنجي منڊي عيوض ۾ ڏني ۽ چيائينس ته هاڻي وڃي وڳ خريد ڪر:

گهوڙو جهلي گهوٽيو، سڏايو اوٺار
ته ساهه واري شيءِ جو آهي هيءُ آچار
وينڊو ڪڍي ڏنائين چيچ جو، جيڪو سون لکن جو جنسار
چئي: هاڻي وڃي سانـَـهه سوڌو وڳ ڌار.

 

اتي دودي جي موڪليل ميڙ وارا گهوڙا به پهچي ويا:

ٻانهون ٻڌي ٻار جيئن بيٺا ريٻارا رڙن
سل چنيسر سچ چئو، توکي دليءَ چاڙهيو ڪن؟
گهوڙا، ڪلنگيون، سروپاهيون، توڏي هي مـُـڪيون بادشاهن.

 

چنيسر جواب ڏنو ته:

گهوڙا ڪلنگيون، سروپاهيون وڃي دودي کي ڏيو
ته داڻي پاڻي گاهه جو تون سگهو ڪر سعيو.

 

ائين چئي ميڙ موٽائي ڇڏيائين. اڳتي هليو ته  ’پاتشاهه‘  نالي امير کي شڪار ڪندي ڏٺائين، جو هڪ شينهن کي گهيرو ڪيو پري بيٺو هو، پر کانئس شينهن مري نه پيو. ڀانيائين ته دهلي جو سلطان آهي. سو پنهنجي همت ۽ حشمت ڏيکارڻ لاءِ چنيسر شينهن تي جلهه ڪئي ۽ شينهن کي ماريائين:

پاتشاهه پـَـهس چڙهيو، شوق شڪار جي
ڪيهر شينهن ڪٽڪ ۾، ڪيس دُور درازِي دَس
تاڻي شينهن ترار کي، هنيو منجهه هنبس.

 

چنيسر جي بهادري ڏسي، پاتشاهه پڇيس ته:

ايل تماچي آهين ڪو کرو کني جو خان؟

 

چنيسر واڻيو ته:

آءٌ ايل تماچي آهيان، کرو کني جو خان
اچان ٿو تو تائين، سڻين جي سلطان
ته هـُـت مڃي، نڪو مال ڏي، آهي تيري تات تمان
دودو تو جهڙي ديم تي ڪـَـر ڀـَـڃي ٿو ڪانه.

 

پاتشاهه سمجهيو ته چنيسر دهليءَ جي سلطان جو گهورو آهي، سو اڳتي دهليءَ جو ڏس ڏنائين ۽ پڻ سمجهيائين ته چنيسر دودي سان ڪا وڏي جنگ ڪندو:

اٺون ويلو اٿئي وچ ّ۾، نائون دليءَ دنگ:
 ’چنيسر دودي سان وڙهندو وڏي ٻنگِ.‘

 

 

 

 

 

چنيسر پوءِ اتان سٽيندو اچي دليءَ جي شهر ۾ پهتو، پر ٻاهران ڪوٽ جو دروازو بند هو ۽ اندران دربان بيٺا هئا، جن کي چنيسر چيو ته:

 

اسين ڏُورين کؤن آئيا تون درواڻي در کول
وٺ پنهنجون مـُـهرون، سؤ مـُـهرين جو ٻول.

 

پر چنيسر همت سان سٽيندو اچي سهڙيو هو، سو درواڻي به دهلجي ويو:

دليءَ جي دوار ۾ هو ڪاهه ڪري آيو چنيسر:
درواڻي ڳالهاڻو، پر دهليو ڏسي در.

 

سو اندران دربان جواب ڏنس ته: درلاهيندس ته ڀير تي ٺڪاءُ ٿيندو، راڪاس جي اچڻ جو اطلاع ٿي ويندو.

وڃ پانڌيڙُو پنڌَ تي، آيون جنهن ڏيها
تاڙو لهندو طاق جو، ڪندي ڀير ڌڪاء
عالادين جي گـَـجڻيءَ ۾، آهي راڪس جو ڊاءُ.
(1)

 

تنهن تي چنيسر پنهنجي هڪ ساٿي کي چيو ته:

چنيسر چيو يار کي جهل گهوڙي پاڳورو
ته آءٌ گهڙي ڏسان اندر ته آهي ڪهڙو جهاڳوڙو

 

پوءِ لهي در کي هٿ هنيائين ته در جي چانئٺ ڀڄي پئي:

هنيائين هٿ ڪوٺيءَ تي، چانئٺ ڪيائين چـُـور
ڳـَـلي، مؤن مشهور ٿيو، مڙس آ مشهور:
 ’تون ديو جان آدمي، توکي ڪهڙي پيو ضرور؟‘

 

چنيسر جواب ڏنو ته:

ديو آهيان ڪونه ڪو، آهيان آدمي
پٽ دودي ڄام جو، ٻيو وڳهه جو ڌڻي.
(1)

 

انهيءَ دروازي تي اندران سؤ شيدي دربان بيٺل هئا ۽  ’يارو‘  سندن اڳواڻ هو. ڪڻهو چاڙهيو هئائون، تنهن کي لاهڻ لاءِ يارو ٻين ساٿين کي سڏڻ لڳو:

 ’يارو‘  بيهي پڌر ۾ ٿو شيدي سڏائي:
ته هيءُ ڪڻهو ٿو کامي اچي ڪو لاهي!

 

اهي شيدي سئو ڄڻا پاڻ ۾ اڳي هئا، وري جو ٻين کي سڏايائون ته چنيسر چين:

سئو ڄڻو هو پاڻ ۾، ٻيو سئو به ٿا سڏايو
ڪڻهو ٿو کامي، اوهين ڇو نٿا لاهيو؟

 

تڏهن هنن چيس ته: هيءُ ايڏو وڏو ڪڻهو آهي جو اسين وڏو پاڏو ڪهي گوشت هن ۾ ٿا وجهون ته به ترو ڪونه ٿو ڀرجي. هينئر ته هي سڄو ڀريل آهي، سو اسان کان ڪٿان ٿو لهي:

ڪـُـهـِـي وجهون ڪـُـونهون ته ڇانئي ڪونه ترو
اسان کؤن لهندو ڪونه، هيءُ آهي ڪڻهه ڳرو.

 

تڏهن چنيسر چين ته: اهڙو ڪڻهه اسان به اڳ ڪونه ڏٺو ۽ هت دليءَ ۾ اچي ڏٺو اٿئون، پر جي انصاف مڃيو ته ٿڏو هڻي پري ڪري ڏيانوَ:

ڪڻهه ڏٺوسون ڪونه ڪو، هيءُ دليءَ جي ديري
جي مڃيو انصاف منهنجو ته ڏيانوَ ٿـُـڏي سان ڪيري.

 

اها ڳالهه ٻڌي ياري شيدي، يارن کي چيو ته:

 

 

 

 

يارو چئي يارن کي ڀڄي ٿيو پري
چنيسر پنهنجي زور جو ڀلي ڇوهه ڇنڊي.

 

 

پوءِ چنيسر الله توهار ڪري هٿ وڌس:

ڪري الله توهار! وڌائين هٿ ڪڻهي جي ڪور
لاَِهي رکيائين هيٺ، آيو منجهئون زور.

 

تڏهن ڊپ ۾ يارو شيدي اُٿي ڀڳو ۽ اچي گهر پهتو. سڄو پيو ڏڪي، سندس اهو حال ڏسي زال چيس ته:

نڪو ڪڪر اُڀ ۾، نڪو کيڻِ اُهاءُ
ماريا! تنهنجو جيءُ ڏڪي ٿو ڪڄاڙي کاء؟

 

ياري زال کي جواب ڏنو ته:

نڪو ڪڪر اُڀ ۾، نڪو کيڻ اُهاء
اڄ مڙس ڏٺم هيڪڙو، جنهن جو جهلي نه سگهيس ڊاء.

 

هوڏانهن چنيسر کي چيائون ته:  ’ڪڻهو راڪاس ڪاڻ آهي.‘  پر چنيسر پنهنجن پنجاهه يارن کي چيو ته: اوهان ويهي ڪڻاهه جو گوشت کائو، مان در تي بيهان ٿو ته متان راڪاس اچي:

لٿو ڀونگر پوٽو دليءَ در اوٽي
اُتر ٿي، اُنگهه ٿي، آيو راڪس راڙهه ڪري
بڻڇي پايون هٿڙا، ٿو دودو ڀاءُ سنڀاري
وڍي وڌائين ويريء کي تهتان تـَـڪَ ڪري
نيشانـِـيون نـَـر جون ڪپيو ٿو پاهـُـورين پائي
نـَـرُ ڪـَـرايين پائي سـُـتو، دانهه دليء تان لاهي.

 

راڪاس ماري چنيسر بي اونو ٿي سمهي پيو. صبح جو  ’حسڻ‘  نالي گاهين جو جمعدار ۽ سندس ڇيڙ، رنبا ۽ کٿا کڻي شهر کان ٻاهر نڪتا ته راڪاس کي مئل ڏٺائون. پهريائين ڀانيائون ته کائي پي خمار جي سـُـتو آهي، پر جڏهن ڪتن ۽ ڪانوَن کي مٿانئس ويٺل ڏٺائون، تڏهن پڪ ٿين ته راڪاس مئل آهي. پوءِ ته رنبا راڪاس جي پيٽ ۾ هڻي رتورت ڪري، پئي بادشاهه ڏانهن ڀڳا ته هلي ٿا سوڀ پنهنجي ڪريون.

صبح سج اُڀريو، ٿيو پـَـٽن تي پڙلاء
گاهي نڱيا هئا گاهه کي، اچي حسڻ ڪيو هڳاء
ته:  ’قبلا! راڪس اسان ماري ڇڏيو، جنهن جو تنهنجي بادشاهيء ڊاء.‘

 

عالادين اِهو ٻڌي خوش ٿيو. چئي:

حاڪمن فرمايو ته، حسڻ! تو شاباس
پر ڏي نشانيون نر جون، تو ڪپي ڪن آنداس؟

 

حسڻ اڳ ئي گاهين کي چيو هو، سي راڪاس جون پاسريون وڍي کنيون پئي آيا. چيائين ته:

نشانيون نر جون بيٺي کاڌيون ڪوڏ ڪتن
پـَـکـُـن سوڌا پاسرا، سي کنيو خان اچن.

 

اِهو ٻڌي عالادين حڪم ڏنو ته: اڄ کان پوءِ گاهين تان گاهه معاف آهي، ۽ ٻنگار جا ٻارهن شهر حسڻ کي جاگير طور انعام آهن.

حاڪمن فرمائيو ته گاهين لٿو گاهه
ٻارهن شهر ٻنگار جا کڻ حسڻ! وڃي پراهون کاءُ.

 

چنيسر ٻه ورهيه دهليءَ ۾ ويٺو رهيو. راڪس واري ڳالهه دٻجي وئي. اتي دودي جو مڱڻهار ٻه مهينا پنڌ ڪاٽي دهليء پهتو ۽ ميڙ ٿي چنيسر وٽ آيو:

 

 

 

 

ٻهِ - ماهـُـون مڱڻهار پيدا ٿيو، ٿو چنيسر چئي:
ته دودي توتي پـَـهنيو، ٿو اڌ وراهيو ڏي.

 

 

چنيسر مڱڻهار جي آجيان ڪئي ۽ چيائينس ته:

ڀلي آيون منگتا! تون ڀلي آيون ڀانَ
اسان اُهي مڃيا جيڪي آندئي دودي جا سلام
پر دودو پنهنجي پڳ کي اڌ نه ڪندو مانَ.

 

مڱڻهار سمجهائيندي چيس ته:

ڄامَ چنيسر ڄامُ ٿي، دودو ٿيو اَڪاڄُ
پـِـرهه کڻندؤ پانهنجي، ڪچو ٿيندو راڄُ!
(1)

 

چنيسر جواب ڏنس ته: فقير،

ڌڪا ڏيئي ڪڍيو مونکي منجهؤن سومرن
تنهنجي دودي دانهه ڄام کي ڪچو نه ڪيو ڪن!

 

مڱڻهار گهڻيون منٿون ڪيون پر آخرڪار نا اميد ٿي موٽي ويو. چنيسر دليء ۾ ويٺو رهيو. ٻارهن مهينا گذري ويا ڪنهن به سندس سماء ڪونه لڌو. هڪ ڏهاڙي چنيسر ڏٺو ته گهوڙي جا سنب گسي ويا آهن: ڏاڙهيءَ ۾ هٿ هنيائين ۽ آهري ڏٺائين ته، چـِـٽا پئجي ويا هيس(2) . تڏهن پڇا ڪيائين ته: هن شهر جو ڪو سائين گـُـسائين به گهوم ڪندو آهي يا نه؟ مان راڪس ماريو ويٺو آهيان ته ڪنهن ڏند ئي نه ڏٺا آهن. شهر وارن چيس ته: بادشاهه جو وزير ماندن ڇهين مهيني گهوم ڪندو آهي، ڏک سک پڇي ويندو آهي، سو سڀاڻي ايندو. ٻئي ڏينهن ماندن جيئن ئي آيو ته چنيسر پنهنجا وڪيل ساڻ ڪري وڃي کيس مليو:

ٻارهن ماهون پڌرو ٿيو، چنيسر دليء ۾ رهيو
ماندن مير وزير سان وڃي وڪيلين پيو.

 

پوءِ ٻڌايائينس ته مون راڪاس ماريو آهي. ماندن کي ڌِيرو آيو (1) ته راڪاس برابر هن جوان ماريو آهي. ماندن چيس ته: تون ويهه ته مان بادشاهه کي عرض گذاريندس. وزير بادشاهه کي چيو ته:

نه ڇليون، ڏهه لکيون، ريء رڪيب چڙهن
نوَ سؤ نغارن جا، ڀيريون اٺ وڄن
اني نه راڪس ماريو تنهنجن ڪيئن ماريو گاهين!

 

تڏهن عالادين چيس:

اِها آکـِـي ڳالهڙي تو عالادين اڳياء
ته پرس نه ڪرين پڌرو جنهن گهوٽ وڄايو گهاء.
(2)

 

ماندن اِها ڳالهه ٻڌي چيو ته:

سائين! سما ۽ سومرا ننگر راڄ رهن
تن منجهان مون به ٻڌو آيو آ دانهين ڀائن.
(3)

 

 

 

 

 

عالادين چيو ته: اِهو آزمودو ڪيئن لهون ته راڪس اِنهيءَ ماريو آهي؟ وزير چيو ته: خوني دروازي مان مڪنو هاٿي ڇوڙ ته پاڻهي پڌرو ٿي پوندو. هڪ پاسي چنيسر ۽ ٻئي پاسي گاهي بيهارينداسين. تڏهن بادشاهه حڪم ڏنو ته ڀل هاٿي ڇٽي ته خبر پوي. ماندن وزير پوءِ اچي چنيسر کي ٻڌايو ته:

 

هاٿي ڇـُـٽندو راءُ رو، ڪـَـڪو ڪوڏ منجها
جنهن کي نـَـو مڻ نـِـيرَ پير ۾ ڪـَـڙيون ڪڙيارا.
                                      ---

دونهان ٿيندئي ڌؤنرَ هـَـري کي، کيهـُـون لڳنديون اَڀ (1)
لـَـٽ پٽ لاٽـُـونبـَـنِ جي ڪـَـڙيون ڪڙولا سڀ.
                                             ---

هاٿي ڇٽندو راوَ رو ڪڪو ڪوڏ منجهاء
مارج مڳ مغل جو، عالادين اڳياء.

 

چنيسر بي خيالو ٿي جواب ڏنو ته:

هاٿي ڇٽو آ راءُ رو، مـَـرُ اچي اتي
ماريان مڳ مغل جو، من منهنجو داء لڳي.

 

تڏهن ماندن وري تاڪيد ڪندي چيس ته:

هاٿي ڇٽو آ راء رو، سو ايندُئي اِتاء
مارج مڳ مغل جو، ته بيهي ڏسي بادشاهه.

 

وري به چنيسر بي خيالائي سان جواب ڏنس ته:

هاٿي ڇٽو آ راء رو مـَـرُ اچي اِتائين
ماريان مڳ مغل جو مر اچي ڏسي سائين.

 

ماندن ڀانيو ته هن ويچاري هاٿي جي هيبت نه ڏٺي آهي ۽ شايد بي ڪفنو ٿي مري. تڏهن وري تاڪيد سان سمجهايائينس ته:

ڏائي پاسي نڪري، هاٿي ڪڍندءِ هاڪ
دانهن لڳندي ڙي سومرا! جي ڏين تنهين کي چاڪ. (1)

 

يعني ته جي ان کي ماريندين ته تنهنجي دانهن بادشاهه وٽ اثر ڪندي ۽ ٻڌڻ ۾ ايندي. اهو ٻڌي چنيسر جواب ڏنس ته: ماندن وزير!

هاٿي تنهنجو هيڪڙو، ڪ هاٿي لک هزار
اهو هٿ لڳندي هڪڙي، ٿيندو ڌارو ڌار.

 

پوءِ بادشاهي حڪم موجب هاٿي ڇٽو:

هاٿي ڇٽو راءُ رو، ڪڪو ڪوڏ منجها
نو مڻ نير پير ۾ ڪڙيون ڪڙيارا.
                                      ---

دونهان ٿي ويا ڌئورنهري کي کيهون لڳنديون اڀ
ٿي لـَـٽ پٽ لاٽـُـونبن جي ڪڙيون ڪڙولا سڀ.
                                          ---

جڏ ٿي لٽ پٽ لاٽونبن جي، ڇيرين جو ڇمڪاء
گاهي به لڪي ويا گاهه هيٺ، ساڻو ٿي وين ساهه.

 

حسڻ گاهي جنهن راڪاس کي مارڻ جي لٻاڙ هنئي هئي، سو هاٿي جي حشمت کان ڊڄي، پنهنجي ساٿين سوڌو وڃي گاهه ۾ لڪو:

 

 

 

 

گاهي لڪي ويا گاهه هيٺ، ڪيو مٿان لڏ ٺڪاء
ڀـَـڄـِـي مـَـڻـيائون ڪـُـنبـِـيـُـون، ساڻوُ ٿي وين ساهه(2)
ٿـُـڪ چماٽون موچڙا ڀونڊي جو ڀڙڪاء
جهـُـلي جهـُـلي نڱيا خونيء در مٿاء.

 

 

گاهين جو اِهو حال ڏسي بادشاهه حڪم ڏنو ته هيءُ ڪوڙا آهن، هنن کي ڦاهي ٽنگيو. هيڏانهن هاٿي جي ڇٽڻ ڪري:

بازاريون بس ٿي وييون، اُڀيو ڪونه اڳياء
جهولي ٿو جهـُـوپن مٿي، بيٺو ڏسي بادشاهه:
ته تسـِـرينءَ تيل مـَـلي بيٺو چنيسر راءِ.

 

چنيسر کي ائين ڏسي هاٿي جي پيلبان چيس ته:

سڄي هٿ ڪٽورڙي ڏائي ويڙهـِـين وار (1)
هاٿي ڇٽو راء رو، ڀڄ مرين ٿو يار.

 

چنيسر ورندي ئي ڪانه ڏنس، تنهن تي پيلبان وري هڪل ڪري چيس ته:

تسرينء تيل مـَـلين، پـَـهرين پـَـرائو پٽ
هاٿي ڇٽو آ راء رو، ڀڄ مرين ٿو ڄٽ!

 

انهيءَ تي چنيسر چيس ته:

تسرين تيل مليان، پنهنجو پـَـهريان پٽ
هاٿي تنهنجي راء رو اچي ته ڪيانس مٽ.

 

انهيءَ تي پيلبان کي ڪاوڙ لڳي ۽ چنيسر تي جـُـلهه ڪرڻ لاءِ هاٿي کي ڪپار ۾ ڪنڍو هنيائين:

هنيائين حيوان کي ڪـُـنڍو منهه ڪپار:
 ’ڄٽ وِراڌو پـِـڙ ۾، ڪجائين ڌاروڌار‘
                                      ---

هنيائين حيوان کي ڪنڍو منهه ڪپار
چـِـهڪـِـين ٿيا چاٻولا ٻيا هاڳاما هـُـلڪار.

 

جئن هاٿي چنيسر تي آيو ته تسر اهڙي ته زور سان هنيائين جو هاٿيءَ منهنجا ٻسٽ ٻاهر هلي وئي ۽ هاٿي وڃي ڪريو:

هنيائين حيوان کي تسر منجهه ڪپار
سا اوري اُجهاڻـِـي ڪينڪي ٺري نئي پاتار.

 

هاٿي جي مرڻ کان پوءِ:

مغل مـِـڙي آئيا، چنيسر چوڌار
هاٿي ماريو اٿئي راءُ رو، توکي آ سڏايو سردار.

 

منجهائن هڪڙي وڌي چنيسر کان گستاخي سان پڇيو: ته ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟ تنهن کي چنيسر چڙ مان چيو:

موٽ پائـُـلي پوئتي، ڪو تنهنجو مون ۾ ڪاڄ (1)
همٿ آيو آهيان پانهنجي، رَتو ڇڏي راڄ:

 

پوءِ چنيسر مغلن سان گڏجي بادشاهه وٽ ويو. بادشاهه ڀانيو ته متان ناڀـُـون هڻي مونکي به ماري نه وجهي، سو رڪ جون قناتون اڳتان سـَـٽائي ڇڏيائين. پوءِ بادشاهه چنيسر کان پڇيو ته: ڏي خبر ڇاڪان آيو آهين (2) ؟

چئو چنيسر ڳالهڙي، ڪائي دانهن فرياد
ڪَ ٻانهن کسائي آيو آهين، ڪَ رائري ڀونء بـِـراد؟
(3)

 

چنيسر جواب ڏنس ته:

 

 

 

 

ٻاپ مرندي ڇڏيون، نـَـوَ ويهون نـَـوَ ڄڻيون
سي آندم تو مـَـڻي، پر دودي ڀيٽان جهلـِـيـُـون.

 

 

تڏهن عالادين پڇيو ته:

ڀيٽـُـون جهلي راء رون، مڙس ڪيڏو آ؟ (1)

 

چنيسر چيو ته:

مڙس ته مـنـَـهن جيڏو، ٻانهون جنهن جون اولا (2)
مٿو جنهن جو مٽ جيڏو، ڪوڙِي جنهن جي کٽ
دودي تنهن دوداڻي جي هت ڪونه جهليندو جهٽ!

 

اِهو ٻڌي عالادين حڪم ڏنو ته:

هڪ لک گهوڙن جو ڄام چنيسر ڏيو
جهيڙي کي جهانجهرا، ٻيا هاٿي هلايو
(3)
وٺي ڄام چنيسر کي پيٺيـُـون مـِـلايو.
(4)

 

تڏهن چنيسر عالادين کي چيو ته:

دودو وڏي ديم اٿئي لکن لائق ڄام
تان نه ساڌبيون سومريون، جيتر چڙهين پاڻ سلطان.
(5)

 

عالادين وري حڪم ڏنو ته:

ٽي لک گهوڙن جا ڄام چنيسر ڏيو
جهيڙي کي جهانجهرا، ٻيا هاٿي هلايو
ماندن ۽ سالار، تنهن سان سنباهيو
ويٺي ڄام چنيسر کي اچي پيٺيـُـون ملايو.

 

تڏهن چنيسر چيس ته: اهو لشڪر ته آءٌ ئي ماري مات ڪري ڇڏيندس:

آن جا چوان ڳالهڙي، سا جي سڻيجاء
اهي ته هڙئي هٿن سان، ماري اکين اڳيان ڏيانءِ.

 

ايتري ۾ عالادين جي  ”نبي باغ“  واري آرائين اچي درٻار ۾ دانهن ڪئي:

آرائين آئيو، اچي ٻرائي دانهـِـيـَـڙي دانهن:
شينهڻ شينهن وِڳوڌا جي اڄ نبيء باغ لڙن
اُٿي آهيڙو نه مـَـنڊين، قبلا! تنهنجو لٽيو باغ مـِـرن!
(1)

 

اتي بادشاهه شينهن ۽ شينهڻ کي مارڻ لاءِ تياري ڪري چڙهيو:

چڙهيو چڪر وڳو، سـَـنئين لکين سلطان
ماريندو مرن کي پڄائيندو پروان.

 

عالادين کان شينهن نه مئو. شينهن جي جنگ ۾ سوا لک همراهن جو مارايائين. وزير عالادين کي صلاح ڏني ته چنيسر کي سڏاءِ. عالادين ماڻهو موڪليو. اُنهيءَ وقت چنيسر تلاء تي تڙ ڪري، آرسي پئي ڏٺي. مڇن ۾ ۽ لوڻن ۾ اڇا ڏسي چيائين ته:

ويٺي شهر دلي ۾، منهنجون مـُـڇون بـُـوهاريون (2)
ننڍيون ننڍيون نينگريون چاچا ڪري سڏين.
ويٺي شهر دليء ۾، مونکي ٻارهون ورهه ٿيو
چٽوڻا لؤڻن ۾، گهوڙي سنب گٺو.
(3)

 

 

 

 

 

اتي بادشاهه جي ماڻهو اچي پيغام ڏنس. چنيسر پنهنجن ساٿين کي ويهاري پاڻ ڪارا ڪپڙا پائي، لڪڻ کڻي بادشاهه ڏي روانو ٿيو:

 

ڪري ڪارا ڪپڙا چڙهيو چنيسر راء
اُجهامي نه ڏاگهڙِي، جا لڳي مون گهراء
مون جيئري جو کو نه لهي ساري سنڌ مٿاء
مران ان ڪيهر شينهن هٿان ته ٽـُـٽي پاپ وچاء
نڪي رُلنديون سومريون، نه مرندو دودو ڀاءُ.

 

باغ ۾ پهتو ته عالادين چيس ته: شينهن ماري ڏي. چنيسر شينهن سان جنگ ڏيڻ لاءِ سنڀريو:

چنيسر چئي شينهن کي: ادا اوراهون آءُ
مڙس ماريا اٿئي پاتشاهه جا ساڍو لک سواء
جي اٿئي ڪا مڙسي من ۾ ته اچي جهل لڪڻ جو گهاء
تڏ ڪيهر ڪـُـڻڪي اُٿيو، ٺاٺا ڪري ٺڪاء
شينهڻ پئي چئي شينهن کي: مَ وڃ، اوراهون آ ء
مڙس ماريندء مامري ان جو ملڪن ۾ آ ڊاء.

 

شينهن چيو ته:

هلان ته هورو پوان، ڪيهر منهنجو نان
صبح سرتن وچ ۾ ڪچو ٿيندس آن

 

ڪيهر شينهن ۽ شينهڻ ٻنهي چنيسر تي جلهه ڪئي:

ڪيهر ڪـُـڻڪي نڪتو، ٺاٺا ٺڪاء ڪري
سـِـپر سونا گهنگهرو، جهامن جهانءِ ڪري
(1)
پهريون وارو شينهن جو، پويون شينهڻ ڏي.
                                      ---

شينهن ڪرندي پـِـڙ ۾، شينهڻ پاتي سٽ
چئي: ڌڪ نه هڻبو نار کي، ريل نه ڪبي رت
ڏيئي ڦـَـڻ ڦڻ تي، سورهيه پاتي سٽ
نڱي کل نـَـهـَـن سان، آئي مادي ساڻ مهٽ
عالادين واساڻيو، سوني ڏنائين کٽ. (1)

 

تڏهن عالادين بادشاهه چنيسر کي سوني کٽ ويهڻ لاءِ ڏني. چنيسر نه ويٺو ۽ چيائين ته: هلڻ جو وعدو ڪر. تڏهن بادشاهه وعدو ڪيو ته هلندس. پوءِ چنيسر کي عالادين چيو ته:

چنيسر اوٺي اولار ڪو تنهنجي ڀائن جي پار
ته داڻي پاڻي گاهه جو سگهو سعيو ڪار.

 

چنيسر اوٺي موڪليو:

چنيسر اوٺي موڪليو چـَـيو ڏنائين ڀائن (2)
عورت ڇڏجؤ ڪانه ڪا مادي منجهه ملڪن
اول جهليندو ابڙو جيڪو سلطان سمن
ڪائي ويئي هيڪڙي ٿورياڻي ٿرن
اهي به متان هن ملڪ ۾، اچي سومريون ٿي سـُـڄن!

 

هوڏانهن دودي خواب لڌو:

 

 

 

 

سـُـهڻو لهي ننڊ مان اُٿي دوداڻي پيو چئي
وِئي چنيسر جو ورهيه ٿيا، جنهن کي اڄ ٿي خبر پئي!

 

 

صبح ساڻ چنيسر جو اوٺيئڙو به وِڏُر واءُ جيئن تکو اچي رسيو. دودي چيو ته: پڇوس ته ڪٿان آيو آهي.

اچي جـَـرڪيو اوٺيئڙو وِڏُر ڪـِـي ڪؤ واءُ
مـِـڙي پڇو ائين ماڙهئا، ته آيون ڪنهن ڏيهاءُ؟

 

تڏهن اوٺي جواب ڏنو:

چئي: آءُ اُتائين آئيو جتي چنيسر راءِ
ڇليون ڇوليون سي راء رِيون ديميـُـون دلي کاء (1)

 

جڏهن دودي ٻڌو ته هيءُ چنيسر جو قاصد آهي تڏهن خبر وٺي مٿانئس گهورون گهوري کيس چيائين ته وڃي چئو ته اسين جنگ لاءِ تيار آهيون:

مـُـهرا ۽ ماڻڪا بيٺو گهوري اوٺيء تان(2)
آءٌ تيلاهين سنرو، جيلاهه مهت لڌو مون ڀاء
چڙهه اوٺي! ور پوئتي اهو اٿئي راهه
چئو وڃي چنيسر ڄام کي عالاديء اڳياء
ته مانجهي وڙهندو مامري، ڳوڌو مـَـنڊي گاهه
کهنبي رڱائيندس ڪپڙا، تن کي پڪو ڏيندس پاهه
ڪانهي غرض تنهنجي ان گوريء جي، ڄاڻي هڪ الله(3)

 

وري چيائين ته:

پر ادي منهنجي آباري کي ساري ڏج سلام (4)
يارانو هو سون پاڻ ۾، اهو ڀلو پاريئي ڄام
ڇـَـليون عالادين جون هـِـت پهرين ٿينديون گام. (1)

 

چنيسر کي جڏهن اهو پيغام پهتو ته دودي کي سمجهائڻ لاءِ وري ٻيو قاصد موڪليائين:

اَباري اوڇـَـليو ٻيو دانهين دودي مـَـڻين
نـَـوَ ڇليون ڏهه لکيون، ٿو اچئي خان کڻي
وڳهه جي ڪوٽ تي ڙي دودا، ٿيندي رُڪ پڻي.

 

دودي ان قاصد کي چيو ته: چنيسر بادشاهه جي فوجن جا ذري ذري پيو دڙڪا ڏئي، تون انهن جو شمار ڪري ٻڌاءِ ته ڪيتريون آهن:

چل تون چاپـُـرو، چڱيان ڪي چئيج
ڇليون عالادين جون ڳڻي اونت لهيج.

 

تڏهن قاصد تفصيل ڏنو ته:

 

 

 

 

نو ڇليون ڏهه لکيون رِي رِڪيب چڙهن
نؤ سؤ نغارن جا اٺ سؤ ڀيريون ٻـُـرن
ڪارهن سؤ قانونگن جا، دفتر درس لکن
ٻارهن سؤ ٻانگن جا، مٿي وند وڙهن
تيرهن سؤ تـِـروڙين جا ٿا اڇا اجاريو ڪن (2)
چوڏهن سؤ چمارن جا ڳليء ڳنڍ هڻن
پندرهن سؤ پائـِـڪن جا چڱا چاپـُـرو چلن (3)
سورهن سؤ سپاهين جا جيڪي ويهڻ ويل اچن
سترهن سؤ سردارن جا جنهن تي چونڊيا چؤنر ڍرن
ارڙهن سؤ اُٺن جا بلخي بار کڻن
اوڻيهه سؤ اوڏن جا کوهي خوب کڻن
ويهه سؤ واڻين جا هٽ هلندي ڪن
اُن جو مٿوئي ڪونهي، جيڪي ٽولا ڪيو ٽـُـرڪن
ننڍي وڏي وائي وات ۾، بيٺا دودو دودو ڪن.

 

 

دودي اهو سڄو تفصيل ٻڌي، قاصد کي سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون ۽ واپس روانو ڪيو:

سورهن لکن جو سامونڊي، جنهن تي سون لکن جو ساجُ
دوداڻي پهرايو، هن پائڪ لڌو ڏاج.

 

قاصد پهرئين پهر وڳهه ڪوٽ مان واپس روانو ٿيو:

وڳهه مان وِڇـُـٽو پهرين پهر ويو
پاٿارين ۾ پيدا ٿيو، اجهو آباران آيو.
(1)

 

قاصد عالادين وٽ پهتو، عالادين چنيسر کي سڏايو. دودي طرفان ڏنل سورهن لکن واري سامونڊي گهوڙي ڏانهن اشارو ڪري چيائينس ته: جي تون پاڻ راضي ٿي واپس موٽي وڃين ته ڀاڻهين توڏي گهوڙو موڪليو آهي:

آبارو عالادين چئي، آيو چنيسر آءُ
جي پـَـهڻين پاڻ وَڌائين، ته توڏي گهوڙو مـُـڪو آ ڀاءُ.
(2)

 

چنيسر وراڻيو ته:

جا تون چئين ڳالهڙي، سا آءٌ وائي ڪين وڻان
اهڙا وڇيرا ويلن ۾، مونکي گهوڙا گهر گهڻا.

 

پوءِ چنيسر، عالادين جي ٽاپرن کي لـَـبيو (1) ته عالادين کي همت ٻـَـڌايو ته دليء مان چڙهي:

ٽاڻو لهيو،  ”ٽاپرو!“  ٿو چئي چنيسر راء
 ”اڳ ڀليو آهيان، ڪجهه معافي مون ڏجاءِ
هي لـَـڪڙ لوهيڙي جي ٿو آن کي رکان عرض اڳياء
سورهن ڏيندس آن کي سومريون چونڊي محل منجها
جڏ وڳهه کي بادشاهه ويجهو ڪيوَ، ته ٻيو ناڻو لک سوا.“

 

ٽاپرن عالادين کي همٿايو ۽ عالادين چنيسر کي سڏايو. کٽ ڏنائينس ته ان کي ٿڏو هڻي پري ڪيائين ۽ نه ويٺو. عالادين کي منهن وجهي چيائين ته:

دودو دِلي ڪوٽ تي هاڻي ٿو اُڌاري کائي
ڪڏهن ايندو ڪست مان در دليء جي ڪاهي
تو جهڙي ملوڪ جو، مونکي ويٺي اوسيڙو آهي.

 

 

 

 

 

اي عالادين! تنهنجي همت ڪئي آهي؟ هوڏانهن دودو دليء تي چڙهائي جون تياريون پيو ڪري، ۽ راڄن کان اڌار پيو وٺي ته دليء تي ڪاهي، ڦـُـري، اوهان جو اهو قرض لاهيندس. تڏهن عالادين بادشاهه وعدو ڏنس ته هو دليءَ مان چڙهندو، پر پڇيائين ته ڪيتري لشڪر جي ضرورت آهي؟ چنيسر چيس ته: دودي سان ڳڻ ڪرڻ چريائي آهي. باقي دليءَ جي دروازي تي سـَـت هٿيو گز کوڙائي ڇڏ. گهوڙا دروازي کان نڪرن ۽ جڏهن اهو گز انهن جي لڏ ۾ لٽجي وڃي تڏهن بس ڪن، ۽ وڌيڪ گهوڙا نه ڪڍن. بادشاهه پوءِ ٻاهر طنبو هڻايا ۽ گهوڙا نڪرڻ شروع ٿيا. رئي ۾ آسمان لٽجي ويو ۽ پکي انڌا ٿي ڪرڻ لڳا جن کي گهوڙي سوار جهٽيندا، ڪهندا، توبرن ۾ وجهندا وڃن. ايترا گهوڙا نڪتا جو آخرڪار جن گهوڙن دروازي تي لڏ پئي لاٿي انهن جي لڏ سان گز ڍڪجي ويو، پر اڃان گهوڙا ڪوٽ اندر رهجي ويا ۽ گهوڙن کان شهر خالي نه ٿي سگهيو (1)

 

دليءَ ۾ ٿي ڌؤنس ٿي، چڙهه چڙهه ٿي چؤڌار
اَڀ رئي ۾ لـَـٽـِـيو، سجَ نه لڀي سار
ماڙهن ماڳ مٽائيا، هو ٻڌي هـُـڻڪار
توکي سـُـڻـِـي سـِـياندو نٿو ٿئي ڙي ظالم زميندار
(2)
هي بانڪا ٿيڪ بهار، هلي روڪيندا روپاهه کي (3)
                                          ---

ڍُرڪي لٿا  ”ڍٽ“  تان، لشڪر چڙهيا لس
پاڻي پـَـٽاکـُـن ۾، هاٿين مٿي هٽ
ڇـَـليـِـن موگر لاتا، ڍرينديون پاسي ڍٽ (4)
صبح ڏيئي سٽ، هلي روڪينديون روپاهه کي.
                                      ---

ڍُرڪي لٿيون ڍٽ تان، کتيون  ”خانـِـي واهه“
اڳ ۾ چنيسر سومرو، جنهن چـِـت رکيو آ چاهه
روڪيندا روپاهه، هلي ڪندا ويڙهه وڳهه جي ڪوٽ سان.
                                                ---

ڍُرڪي لٿا ڍٽ تان، ڇلين رکي ڇـُـل
سندي ڀالن ڀـُـل، ڪندا ويڙهه وڳهه جي ڪوٽ سان.
                                          ---

 ”اَروڙان“  اَ ڳاهيـُـون لنگهيون، سنڌ وڌائون سـِـير
اڳ ۾ چنيسر سومرو، پٺيءَ نغارن نفير
صبح ڀالن ڀيڙ، ڪندا ويڙهه وڳهه جي ڪوٽ سان.
                                          ---

اروڙان اڳاهيون لنگهيون، سانباريون  ”سيوهاڻ“
اڳ ۾ چنيسر سومرو، جيڪو ڀونء نهاري ڀاڻ
ڪڏائي ڪيڪاڻ، ڪندا ويڙهه وڳهه جي ڪوٽ سان.
                                             ---

 

 

 

 

ڀيرين لڳي ڀؤ ٿئي، آلا ڪاٺ ٻرن
عالاديءَ جي گجڻيءَ ۾، ٿا ڪنبيو ڪوٽ ڪرن
ڪـَـٽُ مـَـلجي، رُڪ پـَـچي، ٿيون مصريون مـَـلجن
مغل عالاديءَ جا سونهارا سـُـڄن
گهوڙن مٿي گهوٽيا ٿا پکي جال ڪـُـهن
پـَـکرجـِـي پيدا ٿيا، اُس نه لڳي تن
ڪيهر شينهن جهنگن ۾، ٽٺا مرون وڃن
مـَـڇين جر ڇڏيا، ٻاهر ٿيون ڦڙڪن
اڳنئا پاڻي پيٽ ۾ پويان چڪ چٽن
ننڍي وڏي وائي وات ۾، ٿا دودو دودو ڪن
ڇليون عالاديءَ بادشاهه جون اجهي ٿيون اچن.

 

 

سومرن ۽ عالادين جو دنگ ماٿيلو هو، اتي جڏهن پهتا ته اول سنڌ جي مهاڻن جي سردار سندن مقابلو ڪيو، ۽ فوج جي هڪ ڇـَـل هنن مهاڻن تباهه ڪري ڇڏي:

ميءُ ماٿيلو ماريو، چڱي ڏيئي چوٽ
هنيائين بيٺي هٿن سان گهوڙن سوڌا گهوٽ.
                                      ---

پهرين ڇـَـل ميـَـئن ڳاهـِـي ،پڙ ۾ کوڙي پير (1)
ڪانئر وڃن نڪريو، ڪـَـچـُـر قلعي وير
جن کي مڻيو هو مٿي ۾ سي رڻ ۾ رهيا ڇڳير.

 

ان کان پوءِ ڪورين جي سردار ويرم مـُـهاڏو اٽڪايو ۽ عالادين جي موڪليل فوج کي اهڙو ته گهيري ۾ وٺي ويڙهي ويا جو عالادين پڇيو ته: اهو ڪير آهي جو ايڏي جوش سان ٿو وڙهي؟ چيائون ته: سنڌ جي ڪورين جو سردار ويرم ٿو وڙهي.

ڪاوِ ڳڙي اَٿان ڍينگري، ڪو وڳڙئو اٿان ڪانهه؟
چئي: نڪا وڳڙي ڍينگري، نڪو وڳڙئو ڪانهه
اسان سان ته وڳڙئو آ وِيرم ڪوري، جنهن ماري ڪيا هـُـون نانهه
(2)

 

عالادين چيو ته: ڪوري کي ماريو ڇو نٿا؟ چيائون ته:

جورَهـَـريءَ جي جنگ کؤن اسان جو جانو ڙي جانو (3)
ترارکؤن تکو وَهي، هنن ڪورين جو ڪانو!

 

پوءِ ايڙ پنهوارن جي اڳواڻن  ’راهب‘  ۽  ’صاحب‘  عالادين جي فوج سان جنگ جوٽي:

اِتي راهب صاحب ٻه ڄڻا گهمن ٻاتاڙيا ٻڪرار
ساٿ سلامت اچي ويو، لهي وئي سون تماڪ جي ٻاڙ.

 

هوڏانهن ٻاگهي، دودي کي چيو ته: ديميون ٿيون اچن، تون آهين جو هندوري ۾ پيو لڏين، اُٿي ڪا آڳهه ڪر!

دمامي کي ڌئونس ٿي، اُٿي سنبهه شير
نـَـڙا نبابن جا ايندَءِ وڏي وير
ڪلها ڏيئي ڪوٽ کي، هاٿي ٿيندَءِ ڍير.

 

تڏهن دودي پنهنجو ڀان وزير موڪليو ته وڃي خبر لهي آءُ. ڀانُ عالادين جي ڇانوڻي ۾ اچي پڇيو ته: بادشاهه ڇو چڙهيو آهي؟ پوءِ عالادين جي آڏو ويو ته بادشاهه چيس ته: چنيسر دانهن ڏني آهي، پر جي دودو سڱ ڏئي ته صلح ٿئي. تڏهن ڀان وزير چيس ته: سڱ تي صلح ڪيئن ٿيندو! روپاهه ۾ جنگ جي تياري آهي ۽ مڙس مرڻ مارڻ لاءِ تيار آهن. سومري ته ڇڏ پر دودو توکي پنهنجي سنڌ ديس جي ڪا گهٽ ذات واري ڇوڪري به ڪونه ڏيندو.

رُڻڪيون روپاهه ۾، ٻـُـڌيون ٻاهڙ مير (1)
خانن کهنبا اوڍيا، جن جا گهوڙا اٿئي گلشير
(2)
ڪوٽ قلعا اٿؤن پانهنجا، ڳڙهه ڏيندا سي ڪير؟
دودو پنهنجي ديس جي توکي ڏيندو ڪانه ڏُوم ڏڦير.

 

 

 

 

 

ڀان وزير موٽي اچي دودي کي عالادين جي وڏيءَ فوج ۽ پوري چڙهائي جي خبر ٻڌائي. اها خبر ٻڌي دودي خيال ڪيو ته اول پنهنجو سامون ڪنهن وٽ ڇڏيان ۽ پوءِ عالادين سان وڙهان:

 

ڪوٺايون مڱڻهار کي ٿو دوداڻي چئي:
ته سامن جهلڻ جهڙو سمون ڪو آهي؟

 

مڱڻهار جواب ڏنس ته: ساران جو ور محمد وڏو پهلوان آهي، جو پاڏن جون نريون ٿو ڀڃي ۽ سانهن سان سڱ ٿو سنوان ڪري.

محمد مارڪن ۾ نريون ڀڃي ٿو نر
سانـِـهنِ سـِـڱ سنوان ڪري، آهي سڌر ساران وَرُ.

 

دودي ٻڌي چيو ته: اهو جوءِ جي ناءَ تي ڇـُـٽو آهي، مڙس ڪونهي، ٻيو ڪو نالو کڻ. تڏهن مڱڻهار چيو ته:

مڙس اُڇليو مورڙو، کاڻي م۾ کانکٽ
چارئي راو چـَـلٽ ۾، ايڏو جنهن نـِـکٽ

 

دودي چيو ته: اهو به ملهه ٿو وڙهي. اڃان ڪو ٻيو ٻڌاءِ؟ تڏهن مڱڻهار وري چيو ته:

اَلفاڻيء ابڙي آهي پـُـرس اُتاهين پاڳ
جنهن ۾ سامائي سڀڪو، نـَـرُ ايڏيءَ لاڄ!

 

اهو ٻڌي دودي مڱڻهار کي چيو ته:

اَلفاڻيء ابڙي ڏي ڪـِـي وَهندُون مڱڻهار (1)
ڪـُـوڙي هن ڪٽڪ جا اڃان ته پـِـين ٿا هاڳا ماهـُـلڪار
(2)
لمان لڳن ٿا ميهڻا، ڇوٿا پيا ڏڪار
چاڙهي ويٺا ڪـُـنڙيون، مڙس جوئـِـين کؤن ڌار
ڪاسا ڪشن نه آئيا، کاڌا جن خرار
هي سڄيون پيٺيون ايندئي تو مـَـڻي سمن جا سردار! (1)

 

تڏهن مڱڻهار سمي ڏي روانو ٿيو ۽ آخرڪار وڃي ابڙي جي شهر لڳ هڪ وڏي ڪچهري مٿان بيٺو ۽ ابڙي جي پڇا ڪيائين:

اچي بيٺو منگتو چائٺ ڏيئي لت
آن ۾ ڪيهو ابڙو سڀ سونهاري سٿ؟

 

جواب ڏنائونس ته: ابڙي جو ڪوٽ ڪچهري اڳتي آهي، باقي اسان کي جنگ قبول آهي. سر ڏينداسون. تون ڀلي وري وڃ.

ابڙو اڳي اٿئي، جٿي آهي ڪـُـوپن جو ڪوٽ
اسان جنگ سر تي مـَـني، تون اتاهون موٽ.

 

مڱڻهار فقير اڳتي روانو ٿيو ۽ وڃي انهيءَ ڪچهري وٽ پهتو جتي ابڙو پاڻ ويٺو هو:

اچي بيٺو منگتو، چائٺ ڏيئي پير
آن ۾ ڪيهو ابڙو، آهي سمن سندو شير؟

 

ابڙو اُتي ويٺو هو، تنهن سڏي اڳتي وهاري، خبر چار پڇيس:

اڳي اچي منگتا، ڪجهه اڳي اچي ويهه
سـُـتي ڀونگر پڄاڻان، ڪو تنهنجو سک وسي ٿو ڏيهه؟

 

مڱڻهار جواب ڏنس ته:

 

 

 

 

سنڌ ڦٽي وئي سومرڪي، ستو ڀونگر راءِ (2)
ڀاءُ وڙهي پيو ڀاءُ سان، رکيو راڄ رياء
چـَـنـُـون ڇليون ڇيڙيون، ديميون دليءَ کاء. (1)

 

 

ابڙي چيو ته:

ور منگتا پوئتي، دودي وڃي چئيج:
اِنيءَ پيٺين مٿي پانهنجي، واگهن جيئن وڙهيج.

 

مڱڻهار موٽي آيو، ۽ سڄي خبر اچي دودي کي سڻايائين. دودي پوءِ گهوڙن کي جنگ لاءِ تيار ڪرايو:

دودو کٽين وچ ۾ ٿو رسا رڱائي
ٻولاها ۽ ٻاهـُـڙا ٿو گهوڙا آڻائي
سون ورنيون سـُـنبڙيـُـون ٿو رَءِ  رڱائي
پلاڻيون ۽ پـَـرچـَـنگهيـُـون ٿو جهـُـليون جهلائي
مـُـنجندو ڀيٽ مغل ڏي، ڪي چڱا چونڊائي. (2)

 

دودي پنهنجي چاچي حيدر کي چيو: چاچا! ڪمر ڪشي کني جي کيڏ ڪر ته ڏسون ته ڪيئن جنگ جوٽيندؤ.

چاچا حيدر ٿو چوان ڪشي ٻڌ ڪمر
ڏيکان آن جي راند، ته وڙهو ڪيهيءَ پر!

 

تڏهن حيدر ڳنڀرائي مان دودي کي جواب ڏنو ته:

دودا ابا! پـُـوتـُـئي نه منهنجو پهه (3)
مـَـنجـِـي موڀيءَ ڀاءُ جي، موائين پيو سهه
اٿي عالادين کي ڀالن ٻڌو دَههُ
ايئن ٿي ڇليون آئيون جئن ريلي منجهؤن رَءُ
رُڪ راسوڙيـُـون کوڙيون، پاڻ به پي ڪنداسون ڍءُ.

 

دودو جنگ لاءِ تيار ٿيو ته سندس پٽ مـُـگر ۽ چنيسر جي پٽ ننگر- جيڪو چنيسر جي وڃڻ کان پوءِ ڄائو هو - چيو ته اول اسين جنگ تي وينداسين. دودي چيو ته: اسان جي ري طهريو ڪڏهن وڙهيو ئي ڪونهي. چيائون ته: حجم گهراءِ. حجم آيو ۽ ٻئي طهر جي سنڀريا. تڏهن دودي چيو ته: اسان ۾ اها پر آهي ته ري پرڻيو جنگ تي نه چڙهي. ٻنهي چيو ته: اسان جون سؤٽيون ويٺيون آهن، اُهي کڻي پرڻاءِ. تڏهن ٻنهي جا مڱڻا ٿيا ۽ ٻئي سوٽ جنگ تي سنڀريا. تنهن تي دودي وري چيو ته: اسان مان ڪڏهن ڪو بي ڏاڙهيو نه وڙهيو آهي. اهو ٻڌي، ٻئي ڄڻا رڪ جون ڦڻيون کاڏين ۾ چاڙهي اچي بيٺا ۽ چيائون ته: اسان جون ڏاڙهيون ايڏيون آهن جو ڦڻيون پئجي ويون آهن. دودي ڏٺو ته: هي مڙن ڪونه ٿا، ۽ اڳيان دشمن سـَـگهو آهي. تنهنڪري جنگ بدران هنن کي ميڙ ڪري چنيسر ڏي موڪليائين، انهيءَ خيال سان ته متان جنگ ۾ مارجي نه وڃن. سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي، ممگهه موڍاڻي کي ساڻن گڏي روانو ڪيائين:

دودي ڀيٽ سنڀاهـِـي، جنهن سان هو مـُـمـُـگههِ موڍاڻي
بنگلا اٿن بڪار ۾ ٻيون رتيون رِهاڻي:
 ’ويلو نه ڪنداسون وچ ۾ پيئون نه پاڻي
جي چنيسر چيو نه ڪيو، ته تو وٽ ايندي سـُـڻاڻي‘  (1)

 

 

 

 

 

ننگر ۽ مـُـگر گهوڙا ڪڏائي عالادين جي فوج جي وچان اچي لنگهيا، ۽ لشڪر ۾ ڦڙ ڦوٽ پئجي وئي. تڏهن عالادين طنبو کان ٻاهر نڪتو ته هي به اچي پهتا. تڏهن پڇيائين ته ڪهڙو گوڙ آهي؟

 

اڳيؤن ٿي پيا اردن جي، ڇيڙيـِـن ساڻ ڇڳير
عالادين سڏايو ته ڪـُـوڪٽ آهين ڪير؟

 

ننگر جواب ڏنو ته:

پٽ چنيسر سومري، پوٽو دودو ڄام
هي ڀيٽـُـون وٺيو اچان تو ڏي، سڻين جي سلطان!

 

عالادين سندس ڳالهه ئي نه سمجهي ته دودي جو پوٽو ڪيئن ٿيو، سو وري پڇيائين ته:

ڪڏائين ٿو ڪيڪان، اٿئي سونهري ڀالو
جو ڦيرائين پيو فوجن ۾، اڙي نينگر تنهنجو نالو؟

 

ننگر جواب ڏنو ته:

پٽ چنيسر چـَـچلو، آهي ننگر مون نالو (1)
جي پڇين منهنجي پيڙهي ته اٿئي دودو مون ٻاٻو.
(2)

 

تڏهن عالادين چنيسر کي سڏيو ته اچي هنن جي پيڙهي جو ٻڌي فيصلو ڪري. هي ته تنهنجو پٽ آهي، تنهن کي ڳهلا، تون ڀاڪر نه پائين!

 ”آبارو“ ، عالادين چئي،  ”آءُ چنيسر سـَـري“  (3)
تيرا ٻيٽا آئيا،  ”ڳهلا لڳ ڳري!“

 

چنيسر جواب ڏنو ته:

نڪو اڳ پرڻيو آهيان، نڪو مون وياءُ
اهو نينگر آهي ننڍڙو، تنهنجي ديمين دهليو آ.

 

ننگر تڏهن چنيسر کي منهن چڙهي چيو ته:

اوڇا اوڇي ذات جا، اوڇو ڪين ڳالهاء
هڪ پي لڄائين پانهنجو، ٻي لڄائين لوهر ماء
ور نه ڏيان ڪو ٻيو، آن ته پنهنجي ماء.

 

تڏهن چنيسر چيس ته: مونکي اوڇو ڪيئن ٿو چئين؟ ننگر ورندي ڏني ته:

مکڻ سونهي مـَـنگهيين، ڌؤنرو سونهي لاٽ (1)
اوڇو چئبو ان کي، جو ڇڏي پيءُ ڏاڏي جي واٽ.

 

وري چنيسر کي منهن وجهي چيائين ته:

پيءُ ماريان پاپ پئي، ماء به ٿيندي رن
پئي ٿو ترس خدا جو نه ته ٻئي ڪپيانءِ ڪن!

 

تڏهن چنيسر سمجهايس ته:

گهوڙي چڙهيا گهوٽيا، بيٺو چٻين پان
عالادين سلطان جو نـَـئـِـي ڪر سلام.

 

ننگر جواب ڏنس ته:

پنهنجو اٿم گهوڙو، پنهنجا چـَـٻيان پان
عالادين سلطان جو ڪندس ڪونه سلام
هونهئين ٽڪر ڳڀي لاءِ آ تو وڃايو مان!

 

تڏهن چنيسر عالادين کي چيو ته: ڇوڪرو ڪيڏي پيو ڪري!ّ تون سمجهائينس! عالادين پوءِ ننگر کي دڙڪو ڏنو ته:

 

 

 

 

جـَـڙايـَـئين ٿو جنجيرن ۾، ڳـَـٽين پايـَـئـِـين ڳاڃ (1)
مارايئين مفت ۾ ڪر وٺي ننگر ڄام!
(2)

 

 

تڏهن ننگر سامهون جواب ڏنس ته:

 ”وٺو وٺو“  مون نه ڪر،  ”وٺو“  مون نه جڳاء
هڻان هـَـنباريـِـن تـُـنهنجـِـينَ ۾، پر ڊڄان ڊاء خداءِ
(3)
اهي ڪچهريون تنهنجون ڪـُـٽ ڪري سڀ ماري ڏيندو سانءِ!

 

تڏهن وري عالادين دڙڪو ڏنس ته:

جڙايئين ٿو جنجيرن ۾، ڳٽين ڳاڃ نه ڪو
مارايئين مفت ۾، ته ٿئي ڪير ڌَڻيوءِ
(4)

 

ننگر جواب ڏنو ته:

هڪ جيڏو، هڪ سرتو، مون کي ماري ڪير!
موڪ هڻندس مصريون، ٻيا ڍونڍين هوندا ڍير.
(5)

 

عالادين بادشاهه، چنيسر کي چيو ته: هيء دڙڪي ڀر ڊڄڻ وارو ڪونهي. تڏهن چنيسر چيس ته: هي پڳ پهري آيو آهي، سو ٻاگهي جو سڱ گهرينس. تڏهن عالادين ننگر کي چيو ته:

اوهين پرچي سرچي پاڻ ۾ ٻاگهي ڏيو مون
سون پهرايان سومرا، ٻي جهجهي ڏيان ڀون.

 

تڏهن ننگر ورندي ڏني ته:

هوڏهن دلي، آگرو، هيڏهن ماٿيلو، ملتان
وچ تي ٺٽي ٺپو هڻي ڏيندون سنڌ انعام
ته به سـَـڌ نه ڏيندس سومري، توکي ائين ٿو آکي ننگر ڄام.
(1)

 

اهو ٻڌي بادشاهه اٿي کڙو ٿيو، ۽ ننگر به پنهنجي طنبو ڏانهن موٽي آيو ۽ ويهي چاچي دودي ڏي خط لکيائين ۽ سڄو احوال موڪليائين:

ننگر دودي ڏي، خط ٿو لکائي
ته عالادين آئيو طنبو کوڙائي
ڀيريون، ڇيريون، نقرا، ٿو ڌُو ڌُو ڌَڪائي
هنيون تنهن هالار جون ٿو ديميون دَهلائي
وهانء گهري ٿو وڏاندرا، اهڙيءَ ۾ آهي.

 

اهو خط پڙهي، دودي سڌو عالادين ڏي خط ڪيو.

دودو بادشاهن ڏي خاصا خط لکاءِ:
ته تون سالو، آن ڀيڻويو، اهو جوڙ جڳاءِ
جا  پر اسان بادشاهن جي تنهن سان وجههُ نه پاءِ
جي آندي اٿئي ايڏهون، ته اچي دودي کي پرڻاءِ.
                                      ---

پر جي عالادين آئيون، تون ڀلي آيون ڀنءَ
ترسيو تعظيمون ڏيو، ٿو ڪرين توحـِـيتـُـون تيئن
(2)
اسان جو به اڳ مڙيو اٿئي ڪونڪو ستينءَ پيڙهيءَ سينءَ
ڪي ڪيترا ڏينهن، پنهنجون خان ڳڻيندا خبرون.

 

 

 

 

 

عالادين خط چنيسر کي ڏيکاري چيو ته دودو هيئن ٿو ڳالهائي. تڏهن چنيسر چيو ته آءٌ ٿو خط لکانس. تڏهن خط لکيائين، جنهن ۾ نصيحت به ڪيائين ته ساڳئي وقت دودي کي جنگ لاءِ به حرصايائين ته:

 

دودا بادشاهن سان ڪر نه ڪنڌ اُڇل
عالادين اچي توکي ڏنو آ اوڏڙو ديرو وڳهه جهل.

 

دودي خط پڙهي چنيسر کي جواب لکي موڪليو ته:

دودو بادشاهن سان ٿو ڪري ڀلي ڪنڌ اُڇل:
موڪ هڻدوسئين مصريون، تار ڪندوسئين تـَـل
(1)
نيون وهنديون رت جون، دَهوڙيندوسئين دَل
(2)

 

خط پڙهي چنيسر عالادين کي چيو ته: هي وڙهڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، تون به لڙائي جي سنبت ڪر. تڏهن عالادين چيس ته: دودي ۽ سندس فوج جي خبر ٻڌاءِ ته شاهي فوج به اهڙي تياري ڪري - تڏهن چنيسر چيو ته:

دوداڻي تنهن دودل جا پس ته ڏِيـَـئين پار
واسـُـو آهين وڳهه ڪوٽ ۾ هاڪـَـٽ منجهه هزار
آڏا ايندَئي اڌ ۾، ٻيون زرهون پائي يار
ريهيندَئي سي رُڪ ۾ ٻي ڪندَئي ڪانه پچار
ڦيرائي فوجن ۾، لهجو نظر جي سار.

 

عالادين فوج کي تياري جو حڪم ڏنو. هوڏاهن ننگر ۽ مـُـگر ڀيٽون واري پاڻ ٻڌيون:

بانڪن ٻڌا ڀيٽا جا تاڻي طنبن بار
اين چين آواز، اچي سڻايو سلطان کي. (1)
                                      ---

چؤ نـِـري ڪري نڱيا، سندي جور جـَـرار (2)
ماريائون مغل جا پڙَ ۾ پنج هزار.
                                      ----

چؤنري ڪري نڱيا، مـُـمـُـگههَ سندا يار
ماريائون مغل جا پڙ ۾ ڏهه هزار.
                                      ---

ننگر چئي مـُـگر کي، ادا اڳي آنء وڙهان
ڦيرائي فوجن ۾ نظر سار لهان.
                                      ---

مـُـگر چئي ننگر کي ته ادا اڳي آنء چڙهان
ڇليون عالادين جون ساري آءٌ وران.
                                      ---

مـُـگر چئي ننگر کي، ادا! جنگ جـُـپاءِ
تـَـراريون تـُـرڪن کي مٿي وات وڄاءِ.

 

پوءِ ننگر ۽ مـُـگر ٻيلهه ٻڌي نظر بيگ تي حملو ڪيو ۽ ان کي ماريائون.

 

 

 

 

ننگر مـُـگر ٻه ڄڻا ڳـُـهڙن منڊيو ڳاهه
ڪـُـنڊَ، ڪٽارِي، ٽـِـينگـَـري، چڀ لڳو چڀڪاء
نيائون نيزي ۾  ’نظر‘  سندو ساهه
 ’نظر‘  مارائي موٽيا عالاديءَ امراهه.
                                      ---

 

نظر ماري موٽيا ديرو ڏنائون
ڇليون عالادين جون کڻي پاهون فوجون ڦيريائون.
                                          ---

نظر ماري موٽيا ڏاڙهيءَ هٿ هڻي
ڇليون عالادين بادشاهه جون ڪيائون رڪ پـَـڻي.

 

تڏهن چنيسر عالادين کي سمجهايو ته: اسان جي مڙسن کي زرهيون پيل آهن، اوهين ڪـَـنجهو پـَـٿريو جو گهوڙن جا سـُـنب لڳن ته هو نير سمجهي رَهن (1) ، پوءِ زهري ڪان هڻون:

ننگر مگر ٻه ڄڻا، ٻيئي ويـِـر وڙهن (2)
جوجهـُـون جوانن جون پؤنچون پـَـٽ پون
پاتا ڏانوڻ ڄنگهن ۾، هو جو پيا جنجيرن
هانباريون هاٿين تان، بيٺا ڌوڻيو ڌَر هڻن
ائين ٿا سر لڻن جيئن ماڻهو گاهه لڻن (3)
جيئن وڏ ڦڙيون واڪا ڪري، تيئن ٽـِـينگر ٽهڪاڪن
مانجهين مٿي مينهن جيئن پيا ڪان به ڪڙڪا ڪن
ننگر وَٽـِـي وات ۾، دارونءَ  دُنگ پين
اڄ نـَـيون نـِـيل پلٽيون ٿيون وڳـِـهه ڏي به وهن
مـَـسـُـڙيا نرا گهوٽيا، رات چوڙيلين رانئيا، فجر ڳجهڙين. (1)

 

ننگر ۽ مگر کي فوجون ويڙهي ويون ۽ مٿن تيرن جا وسڪارا ٿي ويا، تڏهن مڙس ماريا. عالادين جا فوجي ته به ڊپ وچان پيا مئل مڙس کي تير هڻن. عالادين اهو ڏسي انهن کي منع ڪئي.

ڪانَ هڻونِ ڪينڪي، ڪريو بندوقين بس
ننگر سنديء جان ۾ آهن نو ويهون نو ڌڪ
ماري گهڻي خلق، اچي اڄ مانجهي مـُـنا کوڙيا.

 

پوءِ چنيسر پٽ کي ڀاڪر وجهي کنيو، پر اڃا منجهس ساهه هو، سو چنيسر کي چيائين ته:

 ڪوڙا پٽ لوهر جا، ڪوڙا ڀاڪر نه پاءِ
اسين ماريا ته گهوريا، دودو نه ماراءِ.

 

ان وقت مٿان ڪونجن جو ولر اچي لنگيو، جو هيٺ ڏکڻ ڏي وڳهه ڪوٽ واري ڏِس تي ٿي ويو. ننگر ڪونجن سان دودي ڏي پيغام موڪليو ته:

تون جا وڃين ڪونجڙيّ! دودي ڏيج جـُـهـَـار
گهوڙا گهوٽن هٿ ۾، وڙهيا وِڳهه جي ڍار
خانن خيما کوڙيا چـَـلائي چوڌار
ساري ٻـُـڌ سنيهڙو هيءُ سومرڪا سردار
نيون نـِـيل پلٽيون، اچي ٿي وڳهه کي چوڌار
اسان وارو لنگهائيو، اچي وئي تنهنجي وار.

 

وڳهه ڪوٽ ۾ خبر پهتي تڏهن چنيسر جي زال  ”سونَ“ ، دودي جي زال  ”سـُـهيند“  وٽ آئي:

 

 

 

 

 ’سون‘  آڻي  ’سـُـهيند‘  وٽ، رويون ڳالهيون چوءِ:
مـِـسڙيانرا ماريا، ڪا پار ڪڍي جوءِ.
                                      ---

 

ننگر هئو ننڍڙو ٻانهينءَ جو ٻورو
آنڌاريءَ ۾ سوجهرو هوم ننگر سومرو.

 

پوءِ دودو ديمين سان چڙهيو ۽ عالادين جي ڇانوڻيءَ جي ويجهو اچي خيما کوڙيائين. رات ئي رات دودو جنگ تي سنڀريو. سندس گهوڙي پئي لڇـِـي، تنهن کي چيائين ته:

قلعي ٿيءُ نه ڪانهري، تون رات وهامڻ ڏي (1)
اسان عالادين جون ڳالهيون ڪندا ڪي.

 

صبوح جو سوير دودي عالادين جي لشڪر تي ڪاهيو:

هاڻي اَلاهر ٿي اٿيو، مـُـنگهٽ ٻڌي موڙ
ڪڏهن ڏٺوسون ڪونڪو دودي جي جوڙ
ڪوڪاريو ٿيو ڪٽڪ ۾ فوجن پيئي سوڙ
عالاديءَ جي فوج ۾ ڪيائين لهندي گهمر گهور.

 

سڌو عالادين تي حملو ڪيائين ته عالادين ڀڳو، جنهن تي دودي ويڻ ڏنس ته:

سورهن ڪوهو سـَـنرو ٻارهو پـِـڙَ گهڙاء
ڏيئي کنهبا گڏهه کي پڙ جي وچ ٻڌاء
جي مون سان نه وڙهندون ته ٻـُـٽي گڏهه ماء.

 

دودي سان پيادا سامهان نه ٿي سگيا، ۽ پوءِ هاٿين جون صفون اڙ ڪيائون ته به دودي جنگ جوٽي.

پائي پير رڪيب ۾ پهلي چوٽ ڏنياس
ماري ڏهه سؤ هاٿيان اچي پاهون پير ڌَرياس. (1)
                                      ---

پائي پير رڪيب ۾ ٻيجهي چوٽ ڏنياس
ماري ويهه سؤ هاٿيان وڃي پاهون پير ڌرياس.
                                      ---

پائي پير رڪيب ۾ ٽيجهي چوٽ ڏنياس
ماري ٽيهه سؤ هاٿيان وڃي پاهون پير ڌرياس.
                                      ---

پائي پير رڪيب ۾ چوٿين چوٽ ڏنياس
ماري چاليهه سؤ هاٿيان وڃي پاهون پير ڌرياس.
                                          ---

پائي پير رڪيب ۾ پنجين چوٽ ڏنياس
ماري سٺ سؤ هاٿيان وڃي پاهون پير ڌرياس.
                                      ---

پائي پير رڪيب ۾ ڇهين چوٽ ڏنياس
ماري اسي سؤ هاٿين وڃي پاهون پير ڌرياس.
                                      ---

پائي پير رڪيب ۾ ستين چوٽ ڏنياس
اٺ گهوڙي گڏهه گابي مؤن لائي لس ڏنياس. (2)

 

 

 

 

 

چنيسر جڏهن دليء ويو هو تڏهن دودي چاري ڇڏيا هئا ته سامن جهلڻ لاءِ ڪو مڙس ڳولي اچن. انهن پوءِ محمد ماراڪن واري جو نالو اچي ٻڌايس ته:

 

محمد ماراڪن ۾ ٻجهي کاڻـِـيءَ ۾ کانکٽُ
سانن سڱ سڌا ڪري، سٻر ساران وَرُ.

 

دودي چيو ته: انهيءَ کي ڇڏيو جو هو زال جو مڙس آهي، مڙسن جو مڙس ڪونهي جو اولان جهلي. پوءِ وري چارين اچي ابڙي جي سـَـتاههَ ڪئي. اتي دودي ٻاگهيءَ کي چيو ته: اسان کان پوءِ ڪا سـِـر تي اچي ته ابڙي کي چتائجانءِ.

دودي جڏهن عالادين جي لشڪر ۾ هاٿي ته نه ڇڏيا پر گڏهه گابا به ماري وڃي پار پيو ته چنيسر آيس ۽ چيائين ته: اجايا مرون پيو مارين، مار انهيءَ کي جيڪو ثاني ٿي آيو اٿئي. دودي چيس ته: ثاني ته تون آهين. چنيسر چيس ته: ثاني ۽ ڀاءُ ڪرين ها ته پڳ ڏين ها، هاڻي هـُـو ويٺو اٿئي عالادين ڏي اشارو ڪيائين).

ماندن مير يا نظر وزير (1) تخت دليءَ مان چڙهيو هو ته ترار اگهاڙي ڪري چڙهيو هو ۽ چيائين ته: دودي جي جان مان ڪڍي پوءِ ٿيڪيندس. چنيسر کي اهو معلوم هو سو سـِـٽيائين ته نظر جو ماڻ به ڀڃجي سو عالادين کي چيائين ته: تون ويهه طنبو ۾، ۽ تخت تي ويهار نظر کي. تخت جي ٻاهران خونڻ هنباري ٺهراءِ ۽ ان جي اشڪنجن ۾ ڪات هڻاءِ جو دودو ائين مرڻ جو ناهي. پوءِ ائين ڪيائون.

دودي پوءِ ڪفن پاتا ۽ جنگ تي چڙهيو. چنيسر کي چيائون ته دودي جي گهوڙي رت ۾ ترندي اچي. اتي ٿو چنيسر دودي سان ڊوهه ڪري ۽ چوي ته:

ڪـَـهـُـه ني ڪانن سامهون، ترس نه پسي تاء
کنو مور هري ڌڻين جو هڻي مرد مـَـلهاءِ.

 

دودي جواب ۾ چيس ته:

اُتِ نه اچين اُسـِـرِي، جتي جـُـنگَ جـُـڙن (1)
دودي جهڙا گهوٽيا ٿا جهـُـوڙيلا جهـُـلن
جيئن وڏڦڙو واڪا ڪري، تيئن ٿا ٽـِـينگر ٽهڪا ڪن
مانجهين مٿي مينهن جا پيا ڪانَ به ڪڙڪا ڪن
تنهنجون اُتر ڏانهه جي آئيون، سي ڇـَـليون سوڀ نه ڪن
ڪـُـونهـِـين قلعو منڊيو گهـِـڙِي ساڻ گهڻن (2)
دانـَـہ دَهليو ڪينڪي پسي مـُـنهن مڙسن.
                                             ---

ويس مٽائي رائـُـرِي، ليکڻهار کنياس (3)
هنڀاريء ۾ هيڪڙِي وَهندي ٿيڪ هنياس.

 

دودي جي گهوڙي اُڏامي لهندي هئي، سو هنباري ۾ وزير ويهاري آڏو اشڪنجا جوڙايائون. دودو هنباري لڳ گهوڙيءَ سان لٿو ته دودي ۽ گهوڙي جي ڳچيء ۾ ڳراها پئجي ويا. هوڏانهن وزير کي به پورو ڪري ڇڏيائين (4) پر اشڪنجي مان جيڪو ڪات آيو ته دودي جو سر به ڪٽجي ويو. پوءِ عالادين کي چيائون ته دودو مارجي ويو. اتي دودي کي ڏسي، چنيسر ڏي نهاري چيائين ته:

 

 

 

 

ٿـُـڪ چنيسر نالتي! چغلي ڪيئن چياس (5)
ههڙا ڀائر مارائي تو گهرِ کير اُٺاس.

 

 

چنيسر جواب ڏنس ته:

چوڏهن چنڊ وڙهي، آ ماريو منهنجو ڀاءُ
ڪچي نوڙيء ۾ ڦاهو کائي مئو بـِـجير تو ڀاءُ.

 

عالادين جو ڀاءُ بجير هو، جيڪو ڪچي نوڙيء ۾ ڦاهو کائي مئو هو.

جڏهن دودي جو سر نيزي تي هو، تڏهن ڪلالڻ وٽي دودي جي وات ۾ ڏني ۽ چيائين ته:

وٽي ڏيئي وات ۾ ڪي جو ڪلالڻ چوءِ:
ته کنو مورَ هري ڌڻين جو، دودا تو پونچيء نه پاتو.(1)
                                             ---

اتي ڌڙ ڌُٻي اُٿيو، سـَـتـِـي سـِـر پيئي (2)
عالادي جي فوج کي ڇوهه ڇڏي ويئي
ست ماريائين سسي لٿي، اٺون اتيئي
نائين تنهن نـِـدام کي ڏنائين ڏهين ڳل واري.

 

ڏهه ماريائين. پوءِ کنو پنهنجي جسم ۾ ٿيڪي ڇڏيائين. اشڪنجي واري ڪل  ’ٽه - ڇل‘  تنهن دودو ماريو، نه ته مارجڻ جو ڪونه هو. پڇاڙيءَ جو دودي به  ’ماندن مير‘  کي پورو ڪري ڇڏيو هو. (3)

ٽهِ - ڇـَـل دودو ماريو، ماريو ماندن مير
اکيون چنيسر وزير جون ٿي ويون سايون نير.

 

ماندن مير وزير چنيسر جو يار هو، اُن جي مارجڻ ۽ ڀاءُ دودي جي ڪسجڻ جو ارمان ٿيس:

دودي ۽ ماندن جون سانبيٽـُـون ٿئڙيون
اکيون چنيسر وزير جون ٿي ويون ساولڙيون.

 

دودو جڏهن جنگ تي چڙهيو هو، تڏهن ٻاگهي پڇيس ته: توکان پوءِ اسان کي خبر ڪيئن پوندي. دودي چيو ته: آءٌ ماريس ته سج ٽامڻي هڻندو. زمين ڳاڙهي ٿي ويندي ۽ بگل بيهي ويندو. پوءِ اوهان هليون وڃجو. انهيءَ ڪري دودي مئي کان پوءِ چنيسر بگل زور سان وڄارايا، جي ٻاگهي ٻڌا. پر ڏٺائين ته: سج ٽامڻي هنئي آهي ۽ زمين ڳاڙهي ٿي وئي آهي. ايتري ۾ ڪونج اچي اُتان اُڏاڻي، تنهن کان ٿي ٻاگهي پڇي ٿي ته:

تون اچين ٿي ڪونجڙي، لـَـمـُـون ڳاٽ ڪري
دمامون دودل جو ڙِي! تکو تواري
رڻ جون ڏي خبرون، ٿو دودو ڪيئن وڙهي؟

 

ڪونج وراڻي ڏنس ته: ٻاگهي!

سـُـتو اٿئي سومرو، ڊگهي ٻانهن ڪري
وڃي آرڻ اگهيو، سومريون ساري.

 

تڏهن ٻاگهي ٻيون سڀ سومريون ساڻ ڪري ابڙي ڏانهن رواني ٿي.

 

 

 

 

ولر ڪري وڇٽيون، ٻاگهيءَ سان ٻايون
جيڪي موچاريون،  ”ميرُو“  چئي، هيون درن تي دايون
ڇـُـلي پيٺيون ڇپرين، هيون ڄامن جون ڄايون
ڀڳيون وڃن ڀئي سلطان جي، وڃن ڦوڙايون.
لـُـڙجن ٿيون لاکيڻين جون پـُـوڻيون مٿي پٽ
روئي نڱيون سومريون، ڇڏي مام مـَـرٽ

 

 

رستي تي  ’رام ڏيـُـو‘  مينگهواڙ، تنهن ٻاگهي کي ايندو ڏسي ڀانيو منهنجي ڳوٺ ۾ پناهه لاءِ ٿي اچي، سو چيائين ته:

دودو ڀانئين هيڪڙو، ڪِ دودا ڀانيئه چار
وڃ ڳوري پاسو ڪري، منهنجا ڳهائين نه ٻار

 

ٻاگهي جواب ڏنس ته:

ڇا ڪـِـيڙي، ڇا ڪـَـٽڪي، ڇا ماڪوڙي گهائي
سنڌ ڀڄي ڙي رام- ڏيا، ڪا تو مٿي آئي
اسان آڳهه ابڙو، تو وڃائي وائي.

 

ٻاگهي پوءِ چيو ته: سمي ڏي ٿا ماڻهو موڪليون. پوءِ ٻاگهي ابڙي سمي ڏي چوائي موڪليو ته:

سـَـهجـَـڻُ سندو سومـَـرين، رهبر! ويٺو روءِ
سمان ڄام سندوءِ، مون کي اڃان آهي آسرو.

 

ڪڇ جي هالار واري پاسي کان ابڙو سمون چڙهيو ۽ اچي سومرين سان اوکيءَ ويل ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيو.

هالارن مؤن هليو، سالاري ۾ سمو سومرين گڏ
اوکي سنجهان ابڙو ويو لنگهائي لڏ.
                                      ---

دودي جي مرڻ کان پوءِ هوڏانهن عالادين جو لشڪر روپاهه ڪوٽ تي لـُـٽ لاءِ چڙهيو:

دِهه مٿي ٿـِـي ديم ٿي، جڏ صوبي ڏنو ساهه (1)
چئني ڪـُـنڊين چاڪاريو، ڏسي راڄيي روپاهه (1)
سـَـتـُـر سنجهي لڏي ويو جنهن جو رند نه لڀي راهه (2)

 

پڇي پيو پاتشاهه، ته پيٺ ڪنهين جي پير ۾؟ (3) آڏو گهٽين ۾ ماڻهو مليس، جن چيس ته: سامون ويون سمي ابڙي ڏانهن، پر اهو بهادر آڏو توتي ڪٽڪيون ڪندو ۽ توکي ٻانهون نه ڏيندو.

اڳيؤن حالي موالي گڏيس، ترسي ڪين تمانِ
گجي ٿو گولائي، ڌڻي ٻيو مورَهري مستان
اڳيون اول نه باسيندُءِ ابڙو، آهي تيري تات تـُـمان.

 

تڏهن عالادين ابڙي ڏي لکيو:

عالادين ابڙي ڏي مـُـڪو ايئن چئي
تو سام سلطان جي هيءَ کلي خانه کنئي
پکن منجهؤن پئي، پـَـشڪ نـِـيندوسـَـئين پانهنجي.

 

ابڙي آڏو جواب چوائي موڪليو ته:

سڀوئي سلطان جو ڪاهيو اٿئي ڪيڪاڻ
سامن مٿي صدقو منهنجو پهريون آهي پاڻ
نيندون مون سر ساڻ، سر ري ڏيڻ نه سٿريون.

 

تڏهن عالادين دڙڪي سان جواب لکيو ته:

 

 

 

 

سر بروبر ابڙا، تون مون سان وائي پئو نه وير
پيٺيون جهلڻ پرائيون، تن کي سما ڏي نه سڌير
هوند لائق منهنجي هڪڙي آهين جوڳ امير.

 

 

يعني ته تو ۾ سامن جهلڻ جو ست ڪونهي. تون منهنجي هڪڙي امير جي چڙهائي جوڳو آهين. تڏهن ابڙي وري قاصد سان جواب لکي اماڻيو ته:

ڪـُـوڙي ٿي ٿـَـئـِـي ڪم لاءِ توکي دلي جي درٻار
هـَـلان ڪاري هـِـند کي وڌي اٿئي ڪـَـڇ ڪپار
جيئن اڻ تاروُ آ واگـَـهه ۾ تيئن ٻوڙيندوسئين ٻار
ائين ٿو سمو ابڙو لکي تنهنجي بادشاهيءَ جي پار
تنهنجا سڀ اُڪاريندس اهي ترڪ ساڻ ترار.

 

انهيءَ تي وري عالادين لکي اماڻيو ته:

ڀـُـلي آيو هوس ڀـُـڄ تي، نه ته جهلي ڪيان ها جهي
ٿـُـر، ڄـڱـَـرُ سنڌ ٿيون اڃان منهنجون مـُـنهن ڪيون اچن جي
(1)
اڃان ته منهنجي گـَـجڻيءَ جو اٿئي مـَـٿو ماٿيلي
(2)
جي اُڇل نه سهين عيراقين جي ته سما! سامون
ساري، واري مونکي پيٺيون پاهون ڏي.
(3)

 

تڏهن ابڙي آڏو جواب موڪليو ته:

هلان ڪاري هند کي، ڇڏج نه باقي
سامون نه ڊَهنديونءِ ڙي سٿريون، اٿئي جهـُـڳن جا جاڪي(4)
هلان ڪاري هـِـندُ کي، ڪاهيو اٿئي ڪيڪاڻ
سامون نه ڊهنديونءِ ڙي سٿريون، نيندون سي سرساڻ.

 

پوءِ ابڙي جي ماڳ تي عالادين هلان ڪئي. ان زماني ۾ سمن ابڙي جي ڀائيٽي سٻڙ کي نيڪالي ڏيئي ڪڍي ڇڏيو هو. ابڙي ان کي ڪوٺڻ لاءِ ماڻهو موڪليو:

ابڙو سٻڙ کي اڄ ٿو ڪوٺائي
هيءُ عالادين آئيو طنبو کوڙائي
ڀيريون، ڇيريون، نقرا، ڌوڌو ڌڪائي
هـِـنيون تنهن هالار جون هت بيٺيون ديميون دهلائي
سانگ مـَـٿي آيون سومريون، ڪو کٽي ۽ کائي.

 

نياپو ٻڌي سٻڙ چيو ته:

اُڪنڊ توکي نه ابڙا، ته حب اسان پڻ نانهه
جي آيو آ ڪوٺائو، ته وڃئون ٿا وهانءِ.

 

پوءِ سٻڙ چڙهي پيو سڌو عالادين جي فوج تي. عالادين کي چنيسر آگاهي ڪئي. عالادين چيس ته ان کي به ڪنهن پر ماراءِ. چنيسر چيو ته: تنهنجي پٽ سالار سان ياري اٿس. ان سان ڀاڪرين پئي ملندو. سـَـندري ۾ ڇـُـري اشڪنجي ۾ هجي جا ماريس.

سٻڙ ۽ سالار، پـُـويون پيون پاڻ ۾
هو نه وڙهيو هن سان، هو هن کؤن هو ڌار
اڏامن ٿا آڱرا، ڪلنگيون ڪنڌ ڪپار
جهـُـولا هئا جهولين ۾ ٻيا هـَـرڙُن جا هزار
مانجهي ائين مناڙيا، جيئن ڪڻ ڪاني کون ڌار
اوندهه منجهه انڌار، وڃي سمي ساريون سومريون.

 

 

 

 

 

سالار کي ته سٻڙ نپوڙي ماري اُڇلائي ڇڏيو، پر ڇـُـري سٻڙ کي به وهي وئي. آنڊا نڪري پيس. سالار سندري سان آنڊا ٻڌي وڃي سومرين واري گهر جي در تي بيهي رهيو ته هاڻي جيڪو ايندو تنهن کي هت ماريندس.

 

عالادين جي فوج پئي آئي. سمن مؤن هڪ اوڍر نالي هو، جنهن کي سندس ماءُ چيو:  ’وڃي لڪ ته متان بچين.‘  ايتري ۾ گز اچي ڀت ۾ لڳو، پر گز لڇڻ لڳو. اوڍر کوٽيو ته ڪـُـئي کي گز آڏو نراڙ ۾ لڳو آهي، سو ڪئو پيو لڇي ته گز به پيو لـُـڇي. چيائين ته:  ’ايترو لڪل کي به وڃي لڳو سو آءٌ ڪيترو لڪندس. منهنجو ته نالو ئي آهي اوڍر، جو ٻيا مون ۾ لڪن. مونکي ماءُ ڀلايو، هاڻي آءٌ پاڻ وڙهندس.‘

هينئڙا هـُـنـَـر ويس ڪري، پيهين منجهه پاتار(1)
جي لکيو آهه نراڙ، ته قلم ڪياڙي ڏي نه وڙهو.

 

اوڍر ماءُ وٽ موٽي آيو:

چئي امان! اوڍر نالو مون ڪوٺين، تيئن نالا ٻئا سڏ
طالب، طيب، تاجو، نوح نالي ۾ گڏ
ماتا مـَـنـَـهن مـِـصريين جو تاجو نائي اڏ
جي ڀونء ڀـَـڄي ٿي آڳـِـري، آءٌ توهه نه ڀڄان هڏ.
(2)

 

اوڍر پٽ اُڍي جو هو. چئي:

اُڍيجي عاج ڪيو سـَـڻولو سنڌ ڏي(3)
هاٿي عالادين جا بيٺو کني کاڄ ڪري.

 

آخر اوڍر وڙهندي ماريو. سمن جي مڱڻهار خبر ٻڌي، سو به وڙهڻ لاءِ سنڀريو، ۽ پڇائي پيشينِ جو اچي عالادين جي اُڙد ۾ گهڙيون. عالادين وٽ وٺي آيس، جنهن پڇيس ته:

ڪڏائين ٿو ڪيڪاڻ، تنهنجو گهوڙو ٻور ٻهاڻ
 ’ترڪ پڇين ٿو طـَـبل مؤن، تون آهين ڪير جواڻ؟‘

 

تڏهن مڱڻهار وراڻيو ته:

سـُـنگـِـي سندو ابڙي، آهيان دلبر جو دُورو(1)
هاڻ پاڳ ڦڙڪو ٻيو ڪـَـٽارِيءَ جهـُـوڙو
آئي ڪٽڪ نه وڙهي، سو به مهمانيء پورو.
                                      ---

سنگـِـي سندو ابڙي آهيان واسـُـو مٿي واٽ(2)
سما سلطانن کي صبح چڱي ڏيندا چاٽ.

 

عالادين هن تي سؤ ڄڻا پهري وارا رکيا ،پر رات جو سؤئي ماري ڇڏيائين. آخر هڪڙي جو نڪ چپ وڍي، پاڻ چڙهندي گهوڙي تي نڪري ويو. تڏهن عالادين کي خبر ڏنائون ته:

 ’تو جي چونڊي رات موڪليا، سي ماريا سڀ ملوڪ‘

مڱڻهار کان پڇيائون ته: تون ڇو ڀڳين؟ تڏهن چيائين ته:

اها اچي ڪاهي ڪيڙي ڪوڪ (مون جا ڏٺي رات)
جتي بيهڻ ناهي بات، تتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو.

 

 

 

 

 

ابڙي، مڱڻهار کان سٻڙ، اوڍر ۽ ٻين سمن جي مارجڻ جي خبر ٻڌي. ابڙي جو مائٽ جکريو هو جو هڪ ڏاڍو مڙس هو. ابڙي کي سڱ  نه ڏيندو هو. جکريو هڪ ڀيري گهل ۾ ويل هو، ته پويان ابڙي سندس ڀيڻ پرڻجي آيو هو. جکريو خبر ٻڌي ابڙي کي مارڻ لاءِ چڙهيو. ابڙي چاري بيهاريا جن اچي خبر ڏني. تڏهن ابڙي پنهنجي زال کي سمجهايو ته تون نٿ هٿ ۾ ڪري وڃي آڏي ٿي ۽ چئينس ته  ’تو ڪنوارا ٻار ٿي وهاريا، هاڻي هي نٿ ابڙي واري لاهي ٻي وجهندون؟‘  جکريي چيس ته:  ’ابڙو جڳ جـِـيئو آهي، اڳ ڪيتريون زالون ميون اٿس. رب توکي به ماريندو! هينئر موٽيو ٿو وڃان، پر ڦـُـر جو وير رکيو ٿو وڃان.‘  پوءِ ٻارهين مهيني ابڙي جي ملڪ مان اچي ڦر ڪري ويندو هو، باقي ابڙي کي مارڻ لاءِ مقابلو نه ڪندو هو. جڏهن ابڙي تي سوڙهه پئي تڏهن سميون ڪڍي جکريي ڏي موڪليائين، باقي سومريون سامون جهلي بيٺو ته مونکي ماري پوءِ هنن کي هٿ لائين. سمن جا راڄ لڏيا پيا جکريي ڏي وڃن ته جکريو به آڏو ڦـُـر لاءِ چڙهيو پئي آيو. ساٿين چيس ته:

 

 ’سڃا ساٿ پٽن ۾ ڏاتر ڏياري‘

جکريي چيو ته  ’بيهو ته: پڇونِ، لڏون کنيو ٿا اچن، متان ڪا سوڙهه پئي اٿن.‘  پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته:  ’ابڙو باقي وڃي بچيو، آهي ۽ اسان کي تو ڏانهن موڪليو اٿس.‘  جکريي پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري ڏنا، ۽ چيائين ته:  ’هاڻي اسان جي جنگ آئي عالاديءَ سان آهي. ابڙي پنهنجي زال ڪانه موڪلي هئي. ان کي ماڙي تي چاڙهي چاري ڪري ويهاريو هئائين ته عالادين جي فوج ڏسي ته ڄاڻ ڪري. مائي جي نظر ان طرف هئي ته پويان طبل وڳا. ڏسي ته جکريو اچي ويو. ڀانيائين ته هن وقت پلاند لاءِ اچي پهتو آهي، سو ابڙي کي ڄاڻ ڪيائين ته:

جاڙيجاڻي ذات جو ڀير پروڙيو مون
اڄ اچئي ٿو عيراقين تي، ڀڙ ڇندو ڀـُـون
تنهنجو ٻول نه پـَـريو عالادين سان، اڳ ڀيڙو ڪندئي ڀون.

 

ابڙو پاڻ کي ٻن بلائين جي وچ ۾ ڦاٿل ڏسي دلگير ٿيو. جکريو شهر جي ويجهو پهتو ته ٻاهران عالادين جو لشڪر ڏٺائين. خبر پيس ته اولون ابڙي وٽ آهن ۽ ابڙي سان لڙائي آهي. تڏهن ابڙي ڏي چوائي موڪليائين ته:

 

 

 

متان ماندو ٿيو آهين ابڙا، اسين اجهي آياسون
گهڻا جاڙيجا جوءِ ، هيڪلڙو نه تون
سومريون سلطان کي مري ڏينداسون.

 

 

اهو نياپو ٻڌي ابڙي چيو ته:

کوءِ ڍلن جي دوستي، ڀلو ڀلن جو وير
هوٿياڻي جکريي، اڄ ڏنو پاڳوڙي پير.

 

 

ابڙي چيو ته هاڻي جکري جي حوالي آهيو. مون ۾ جيئڻ ڪونهي پر آءٌ آخري جنگ ڏيئي پوءِ مرندس. منهنجي وڇيري بـُـهري ۾ ٻڌل آهي. اڃا سج چنڊ ڪونه ڏٺو اٿس. مونکي وڏي مٽ ۾ وجهي گهوڙي جي مٿان ٻڌو. گهوڙيءَ جي ٻنهي پاسن کان نيزا ڀالا ٻڌو. پوءِ گهوڙيءَ کي کوپا ڏيئي عالادين جي فوج ڏانهن منهن ڏيوس. ڪجهه ته لـُـوهيندي، ۽ پوءِ به چوندا ته ابڙو وڙهيو. پوءِ جيئن چيائين تيئن ڪيائون ۽ گهوڙي کي فوج ڏانهن ڇڏيائون. گهوڙي جيڏانهن ڪوَ ٻڌي اوڏاهين ڀڄي ۽ لشڪر چٽ ڪري وڃي پار پوي. وري ڪوَ تي موٽي ۽ وري لشڪر ماري. ابڙو ته پهرئين جهوٽي ۾ ئي مٽ اندر مري ويو. عالادين چنيسر کي چيو ته گهوڙي نٿي جهلائجي. چنيسر ڇا ڪيو جو ڪـَـچ کڻي ڌرتي تي وڇايائين. گهوڙي نـِـيـَـر جي هيرڪ هئي تنهن جڏهن ڪـَـچ تي پير ڏنا ۽ کڙڪو ٻڌائين تڏهن ڀانيائين ته نـِـيـَـرُ پئجي ويو آهي سو بيهي رهي. مٽ ۾ ڏٺائون ته ابڙي جو دم پورو ٿي ويو آهي. پوءِ چنيسر لاش پوئتي موڪليو ۽ سومرين ڏانهن چوائي موڪليو ته هاڻي اوهان وڳهه ڏي موٽي وڃو. ابڙي جو مڙهه در تي وهاري هو وڳهه ڏي روانيون ٿيون.(1) هوڏانهن جکرو اچي ماڙي وٽ پهتو. پنهنجي ڀيڻ کي چيائين ته هيٺ لهي آءٌ، پاڻ چڙهي وڃي عالادين جي فوج جي جانچ ڪيائين ته:

 

ماڙيءَ مٿي موهريي (2) ، هـَـمـِـيري ڪيو هـُـل
پـَـڙ ٿي آ هرڪو پانهنجيءَ، پر ڪچيءَ ڀائي ڪـُـل

 

اتي پنهنجي لشڪر کي تيار ڪيائين ۽ جنگ جو طبل وڄايائين. ابڙي جي مرڻ تي عالادين ۽ ٻيا سڀ سرها ٿيا هئا ته اسان جي سوڀ ٿي آهي، پر هاڻي چنيسر ڏٺو ته جکريو پهچي ويو آهي. عالادين کي چيائين ته: مري وياسون، ڪين بچنداسون. عالادين چيس ته: ڪو هنر بچڻ جو؟ چنيسر چيس ته: اڇي جهنڊي ڏئينس ۽ چئينس ته صلح لاءِ تيار آهيون، پوئتي موٽي ٿا وڃون. تڏهن اڇي جهنڊي ڏنائون. جکريي پڇيو ته ڇو؟ عالادين چيو ته:  ’سامان کٽي ويو، جي کٽو مڙس ماريندين ته سوڀ تنهنجي ڪانهي. صلح ڪر ته موٽي وڃان.‘  جکريي چيس ته:  ’تو وٽ کٽي ويو آهي ته آءٌ ٿو توکي ڏيان. جنگ ڪر.‘  اتي جکري جا پنجاهه پهلوان ساٿي خوش ٿيا ته هاڻي ميدان مچندو:

ڏَٻا ٻـَـڌي ٺـَـٺـڙا ،سما ڪوڏ نچن
مصريين منهن ڪڍيا، فصل جال پـَـڪـُـن.

 

پوءِ جکري عالادين کي کاڌي پيتي جو ۽ ٻيو سڀ سامان ڏنو:

جکري تنهن جوان جون هيون ڪارهن ڪچهريون
ماڙيءَ تنهن ملوڪ جي هيون ڇهه سؤ ڇڄهريون
دارون دنگ صراف هن کي هيون چوڌاري چاڙهيون
هن کي گن وٺي گـَـهريون، ٿو جال پياري جکرو.
                                             ---

دارونء دُڪو هيڪڙر، وڃي وَٽ لڳو سـَـئهَ
ته به جاڙيجاڻي پـَـهه، هن کي بيٺو جال پياري جکرو.
                                             ---

دارونء دُڪو هيڪڙو، وڃي وَٽِ لڳو هزار
ته به جاڙيجاڻي يار
(1) ، هن کي پيو جال پياري جکرو.
                                             ---

دارونء دڪو هيڪڙو، وڃي وَٽِ لڳو لک
ته به جاڙيجاڻي پـَـک
(2) ، هن کي پيو جال پياري جکرو.
                                             ---

دارونء دُڪو هيڪڙو، وڃي وَٽِ لڳو ڪروڙ
ته به جاڙيجاڻيء جوڙ
(3) ، هن کي پيو جال پياري جکرو.
                                             ---

دارونء دُڪو هيڪڙو(4) ، وڃي وَٽِ لڳو نيلَ
ته به سمو ڄام سبيل، هن کي پيو جام پياري جکرو.
                                             ---

دارون دُڪو هيڪڙو، وڃي ٿيو پدم کؤن پري
ته به جاڙيجاڻي جکرو
(5) ، هن کي دنگ ڀريو پيو ڏي.

 

 

 

 

 

جکريي رات جو مهماڻيون ڪيون ۽ ڏينهن جو جنگيون ڏنيون:

 

جکريو جوڙي، پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو
سـِـيرون ڏي سمنڊ ۾ اڄ ٻائڙ ٿو ٻوڙي
گهوٽ چڙهيو گهوڙي، هـُـن پيٺيين لايس پيچرا.(1)

 

عالادين جي گهڻي فوج مارجي وئي ۽ پوءِ جکرو مئو. تڏهن پڇيائين ته: جکريو اهو هڪ آهي يا ڪو ٻيو به آهي. تڏهن مڱڻهار چيس ته: اڃا ڏونگر راءِ آهي، جيڪو جنگ ڏيندو.

جي ٻين سڀني ڏنيون ته به ڏيندو نه ڏونگر راءِ
اڻ ڏٺين آڏو ڦري، ڏٺيون ڏي ڪياء.

 

عالادين ڏٺو ته پڄي ڪونه سگهندس، سو پوئتي وريو.

جڏهن لشڪر وڳهه ڪوٽ وٽ پهتو ته چنيسر عالادين کي چيو ته منهنجي هڪڙي گهـُـر آهي. عالادين پڇيس ته ڪهڙي؟ چنيسر حويلي واري ڪوٽ جي ڳليء تي اچي پير رکيو ۽ چيائين ته: هن کان اندر سڀ شيءِ منهنجي، باقي ٻاهر تون. اتي عالادين سٿرن تي هٿ هنيا ته سڱ به ڪونه مليو ۽ لشڪر به مارايم. رات جو اندران ڪوٽ مان ڀير تي ڏونڪو لڳو جو دودي جي زال هٿ پير لڌا هئا، سو روزانو ڀير وڄندي هئي. عالادين پڇيو ته هي ڇا آهي؟ چيائونس ته ڏونگرراءِ اچي ويو آهي. عالادين چيو ته: اسان جنگ ڇڏي ويٺا آهيون. چنيسر کي چيائين ته: صبح جو ڏونگر راءِ کي مون سان مجالسي ڪجانءِ. چنيسر چيو ته هائو. صبح جو تنجڻن ۾ ٻڌل ٻارڙي کي ٿالهه ۾ کڻي آيا. عالادين ارمان ڪيو ته هن جو ڊپ به اسان سان وڙهيو. اتي چنيسر چيو ته جنگ جو ٽاهو وڄايو. ٻارڙو ننڊ ۾ هو. ٽاهو وڳو ته ڇرڪ ڀريائين ۽ سڀ تنجڻا ٽٽي پيا.

چنيسر پوءِ حويلي ۾ اندر ڦريو ته سڀ جايون سڃيون ڏٺائين ۽ چيائين ته:

سل بنگلا، سچ چؤ، ڪيڏي وئڙئي ڪوٽ ڏڻي، ڪيڏي وئڙئي يار
اُس نه لڳي هئي ان جي ٻانهين سندي ٻار
ڀريائي ڀانڊار، ڇڪيء ساڻ ڇڏي ويا.

 

پوءِ اچي عالادين سان جنگ لاءِ ڀير تي ڏونڪو هنيائين ۽ سڄو لشڪر ماريائين، تان جو باقي جڏهن عالادين وڃي اٺن سپاهين سان بچيو ته چنيسر به ماريو ۽ دم ڏنائين. عالادين هاڻي بي دليو ٿي دلي ڏي موٽيو. جڏهن ماٿيلي مان لنگهيو ته ڪي مايون بيٺيون هيون، جن مان هڪ چيو ته: هيءُ عالادين آهي جو اٺن ماڻهن سان پيو وڃي. ٻي چيو ته: هيڏا اڙد هئس اهي ڪيڏانهن ويس! ٽينءَ چيو ته: دودي جي ور چڙهيو تنهن ڇانڊيو اٿس. عالادين چيو ته: هـِـت هي مهڻا ٿيون ڏين ته هـُـت الائجي ڇا ملندو. پوءِ نـَـوَ گوريون زهر جون ڪڍيائين، هڪ پنهنجي تريءَ تي ۽ هڪ هڪ ٻين جي تري تي رکي  ”هـُـو“  ڪيائين ته سڀ کائي ويا ۽ اتي ئي دم ڏنائون. پوءِ نون ئي کي اتي رکيائون، ۽  ”نول گوري پير“  وارو مقام عالادين جو آهي.(1)


 

(1) ٻيءَ ڪنهن روايت موجب خود ڀونگر راءِ جو باغ ڀيليو تڏهن دودي کي نيڪالي ڏنائين:

”باغ ڀونگر تنهنجو ڀيليو، تون تنهن جي ڪر ڪا“

(1) يعني ديد ان کان به وڌ چٽي ٿيندي.

(1) ٻي روايت:  ”وڏا نه ٻولن وڏائي، وڏا نه ٻولن ويڻ“

(2) اَڪو ڏيڻ = ڏينهن ڏيڻ.

(3) وڏو چنيسر هو جو گجرن کي ڀاڪر وجهي ڀاڪر ڀري پيو ڏئي.

(1) چوندا  ”تنهنجي منهن وَڙ آهي“  يعني ته تو لائق آهي.

(2) پوءِ سناءِ ڪندو = پوءِ سهڻو ٿيندو ۽ سونهندو.

(1) ڀاناء = ڀان وٽان، ڀان هٿان، ڀان طرفان.

(1) راوي بودن فقير چيو ته  ’نـَـودي‘  شهر جو نالو آهي.

(1) چمڪيو = ڪاوڙ ۾ تکو ۽ تيز ٿيو.

(2) هيءُ سٽ واٽو مهر جي روايت موجب آهي: يعني ته دهلي ۾ جيڪي جوڌا جوان هام هڻي آيا، سي اتي جهلجي پيا ۽ ويهي پوڙها (پريا) ٿي ويا.

(3) ننهن لوهار جي چنيسر = جي لوهاري ماءُ جي ننهن

(1) ڇوڙ = کوڙ، گهڻيون

(1) واٽـُـو مهر جي روايت موجب: ٻاهڙ مير.

(2) ساڌيندو = ماريندو. چوندا آهن ته  ”تون مونکي ساڌيندين، ته آءٌ ڪو توکي ڇڏيندس!“

(3) واٽو مهر جي روايت:  ’ستين ويلي نڪري آيو پاڙياري پاتاهه‘

(1) ’ونجهه‘  نالو ڏاچي جو. هم = هئم

(2) يعني: لڪڻ جي چوڪ سان انهيءَ جـُـٺ يا بيڪار ڏاچي جي جسم کي جارو ٿي پيو.

(1) گجڻي = غزني.  ’عالادين جي غزني‘ ، يعني عالادين جو تختگاهه شهر دهلي.

(1) واٽو مهر جي روايت موجب:

ديو آهيان ڪونه ڪو آهيان ئي آدمي
پٽ ته  ’ڀونگر راءِ‘  جو، چنيسر مون نالو
پيڙهيءَ مان فه پرجهين، ته اٿي  ’ڏونگر‘  مون ڏاڏو.

 

(1) پرهه = پـُـري. پرهه کڻندو پانهنجي (پاڻ ۾ وڙهي) پنهنجي پيڙهي پوري ڪري ڇڏيندؤ.

(2) آهري = آرسي. چٽا = اڇا.

(1) ڌيرو آيو = ويساهه آيو.

(2) واٽو مهر جي روايت موجب:

تـــــــــــو جـــــــــــا اَڇي ڳــــــــالهـــڙي مـــانـــدن مـــير مـــهـــاءُ

پـُـرس نه ڪرين پڌرو جنهن گهوٽ وهاياني گهاءُ؟

(3) واٽو مهر جي روايت موجب:

ســـــائين، سما ۽ سومرا ٿا ننگر راڄ ٻجهن

تنهين منجهؤن هڪڙو آيو دانهين تي ڀاون.

(1) واٽو مهر جي روايت:  ’دونها ٿيا دوراري ۾‘  (دوراري ۾ = ڪوٽ ۾)

(1) واٽو مهر جي روايت:

ڏائي پــــــــــاسي نـڪري هـــــــــــاٿي هڻندءِ هــــــــــاڪ

ڏي تنهين کي چاڪ، ته مهلت مليئي ميان سومرا.

(2) لـِـڪڻ خاطر، ڀڄي  وڃي ڪنڊون جهليائون. واٽو مهر جي روايت موجب:  ”ڀڄي ڀريائون ڪنڊڙيون“

(1) واٽو مهر جي روايت موجب:  ”ڏائي هٿ ڪٽورڙي سڄي ويڙهين وار“ .

(1) پائـُـلي = خسيس، واٽو جي روايت:  ’ڀڄ پري ٿي پائلي تنهنجو ناهيان کاڄ‘

(2) ڇا ڪانء = ڇاڪاڻ

(3) ڪ رائري ڀون براد = يا  ’رائري‘  گس سان تنهنجي ڪا ڄڃ ڦرجي وئي.

(1) يعني جيڪو بادشاهه کي ڀيٽا طور ڏنل ٻانهون ٿو جهلي، سو مڙس ڪيڏو آهه؟

(2) اولا = ٻيڙيءَ جا ڳن

(3) جنگ لاءِ جهانجهري رنگ وارا گهوڙا ۽ ٻيا هاٿي تيار ڪريو.

(4) پيٺيون = ويٺل لڄون - ٻانهون ڪنواريون، (جيڪي دودي جهليون)

(5) ساڌبيون = هٿ اينديون - ملنديون.

(1) آهيڙو منڊڻ = مرون مارڻ لاءِ ماري شڪاري تيار ڪري چڙهڻ.

(2) راوي  ”ويٺي شهر ٻنگار ۾“  پڻ چيو

(3) واٽو مهر جي روايت:  ”چٽوڙا ڪـَـلين ۾“

(1) واٽو جي روايت: سـُـونا سپر گهنگهرو جهومر جهانءِ ڪري.

(1) واساڻيو = خوش ٿيو.

(2) چيو = نياپو، پيغام.

(1) راء ريون = راءِ جون، بادشاهه جون.

(2) مـُـهرا = مـُـهر وارا سونا سڪا.

(3) گوريء جي = غوري جي.

(4) آباري - ابي جي پـُـٽ.

(1) گام ٿينديون = گـَـنءُ ٿينديون - مري پوريون ٿينديون.

(2) تروڙين جا = تيوَرن جا = ترارين کي اجاريندڙ ۽ پاڻي ڏيندڙ صيقل گرن جا.

(3) پائڪ، چاپرو = حاضر نوڪر - ٻانها.

(1) پاٿارين ۾ = پاٿـُـروئن ۾ = عالادين ۽ سندس سردارن ۾ (يعني درٻار ۾). اَباران - ابي جن کان - دودي جي طرفان.

(2) پهني = راضي ٿي. پاڻ وَڌائين = پاڻهي پاڻ کي اڳتي ڪري روانو ٿين.

(1) يعني جيڪي عالادين کي سمهڻ وقت زور ڏيندا هئا، تن کي رشوت باسيائين.

(1) ڳالهه جي هن ٽاڻي تان سنڌ ۾ پهاڪو عام ٿيو ته:  ”دليءَ مان ڪو گهوڙا ويا آهن ڇا؟“  (يعني ته جيئن دهليءَ جو شهر گهوڙن کان صفا خالي ٿي نه سگهندو، تيئن هن ڪوشش ۾ به ڪمي ڪانه ٿيندي. اهو پهاڪو ڪنهن ڪم واري ماڻهو کي دلاسو ڏيڻ ۽ همٿائڻ خاطر ڏيندا.

(2) سياندو = سيءُ ۽ ڊپ.

(3) ٿيڪ = ترار جو کني ۾ هجڻ. بهار = خوش، ٿيڪ بهار = کني سان خوش هلي روڪينديون، سندن اهي فوجون  ’روپاهه‘  کي وڪوڙي وينديون.

(4) ڇلين = فوجن. موگر لاتا = کنوڻين مثل چمڪاٽ ڪيا.

(1) راوي جي اصل پڙهڻي:  ’ماهـِـڻ ڳاهي‘

(2) ڪيا هون = ڪيا آهيون.

(3) جورهري = جولاهو - ڪوري. جانو ڙي جانو = توبهه ڙي توبهه.

(1) روپاهه ۾ جي توفون ڇٽيون.

(2) کنهبا اوڍيا = شهادت وارا وڳا ڪيا.

(1) وهندون = ويندون - روانو ٿيندون.

(2) عالادين جي انهيءَ ڪوڙي ڪٽڪ جا اڃان ته رڳا هل آهن.

(1) پيٺيون = پردي واريون سومريون.

(2) سومرڪي = سومرن جي.

(1) چنون = چنيسر، کاء = کانء.

(2) ڀيٽ = لـُـنگي پوتي سوغات طور، يا نذراني طور.

(3) منهنجي صلاح ڪانه ورتئي.

(1) تو وٽ نياپو ايندوته مڙس مارجي ويا.

(1) چچلو = پيارو.

(2) ٻاٻو = چاچو

(3) سري = شـَـري = شرعي، آءُ شرعي = فيصلي لاءِ اچ.

(1) لاٽ = منگهه کان وڏي دکي

(1) ڳاڃ = رسو.

(2) ڪر وٺي = جيڪر هوند جهلي

(3) هنبارين تنهنجين (محاورو) = تنهنجنِ هنبارينِ.

(4) ڌَڻيوءِ = تنهنجو ڌڻي

(5) موڪ = گهڻيون. مصريون = تراريون.

(1) سڌ نه ڏيندس = خوش ٿي طمع تي نه ڏيندس

(2) توحيتون ڪرڻ = توحيدون ڪرڻ =  ’توحيد‘  واريون وڏيون وڏيون سهڻيون ڳالهيون ڪرڻ - وڏي خيال واريون ڳالهيون ڪرڻ.

(1) موڪ = گهڻيون، مصريون = تراريون، يعني توسان جنگ ڪندس ايتريون ته گهڻيون تراريون هڻندس جو تل ترايون رت سان تار ٿي وينديون.

(2) تنهنجو گهڻو لشڪر گهائيندس ۽ ڊاهيندس.

(1) راوي بودن فقير چيو ته  ’اين چين‘  معنيٰ عـَـينِ بـَـين يعني هوبوهو. ٿي سگهي ٿو ته  ’اين چين‘  خابرُو جو نالو هجي.

(2) چؤنري ڪري = ٽولو ڪري، سندي جور جرار = زوراور (جرار) زور (جور) واري ٽولي ڪري نڪتا.

(1) رهن = بيهن.

(2) واٽو مهر جي روايت:  ’ننگر منگر پاڻ  ۾ واڏيا وير وڙهن‘

(3) اصل: ائين ٿا لنب لوڙهن جئن ماڻهو گاهه لڻن.

(1) مسڙياندا = جن کي ڏاڙهي جي ريهه هجي، نوان نؤ جوان.

(1) قلعي ٿيڻ = جنگ جوٽڻ.

(1) واٽو مهر جي روايت موجب هن ۽ هيٺين بيتن جي پڙهڻي انهيءَ طرح، بودن فقير ڀنڀري جي پڙهڻي: ڏهه سؤ هاٿين جا گـُـڏي، وڃي پانهون پير ڌرياس. اهڙي طرح: ويهه سؤ هاٿين جا گـُـڏي - الخ.

(2) لس لائي ڏنائين = سڀني کي لس لڻي ڇڏيائين.

(1) بودن فقير موجب: ماندن مير، واٽو مهر جي روايت ۾: نظر وزير.

(1) جتي (جنگ واري جاءِ تي) وڏا سورهيه وڙهندي سونهن ٿا.

(2) ڪـُـونهان = سانهه پاڏا.

(3) ’رائري‘   ’واٽ‘ .

(4) بودن فقير جي روايت ۾ اهو وزير ماندن مير هو، واٽو مهر جي روايت ۾ اهو نظر وزير هو

(5) نالتي = لعنتي.

(1) پونچي = ٿيڪ - کيپ - مياڻ. يعني تو مياڻ ۾ نه پاتو. واٽو مهر جي روايت:  ’کنو هو موهرين جو تو پونچي ته پاتو‘  موهريان = اڳيان جنگجو پهلوان جيڪي لڙائي پوري ڪندي ترار پنهنجي چم ۾ ٿيڪي ڇڏيندا هئا، دودي جو کنو اڃان هٿ ۾ هو ۽ ٿيڪيل نه هو.

(2) ستي سـِـر پيئي = هو ستي جتي هو، جنهن کي ساهه پئجي ويو.

(3) واٽو مهر جي روايت ۾ نظر وزير.

(1) دهه = ماڳ، يعني روپاهه جو قلعو. ديم ٿي = فوج چڙهي. صوبي ڏنو ساهه = دودي دم ڏنو.

(1) چاڪاريو = وڪوڙجي ويو.

(2) سـَـتر = دودي جو ڪٽنب، سومريون ستر واريون.

(3) پيٺ = سام (شاهوڪار  ’هـُـنڊي‘  کي  ’پيٺ‘  چون، يعني قيمتي وٿ)

(1) منهنجون فوجون جيڪي رخ رکيو ٿيون اچن.

(2) گجڻي = غزني، يعني غزني واري فوج - وڏي شاهي فوج.

(3) عيراقين جي = عراقي گهوڙن جي. پيٺيون = سامون جيڪي پناهه ۾ پيٺيون آهن.

(4) ڊهنديونءِ = ملنديونءِ.

(1) هنر = ڪئو.

(2) توهه = توءِ = ته به.

(3) يعني اڍي جي پٽ اوڍر سنڌ ۾ عاج سهانگو ڪري ڇڏيو، جو عالادين جا هاٿي ماريائين (جن جي هڏن مان جهجهو عاج).

(1) دورو = پيارو (روهڙي طرف ناري جي ٻولي).

(2) واسو = واء سواء لهندڙ = خبرون ڪڍندڙ ۽ ڏيندڙ، جاسوس.

(1) سومرين جي وڳهه ڏانهن وڃڻ وارو بيان واٽو مهر جي روايت مطابق آهي.

(2) اصل  ’ماڙيء مٿي مورڙيي‘ . موهريي، يعني بهادر (موهريو موهريا).

(1) ٻيون روايتون: ته به سميجاڻي اَچار، ته به ٻارين مٿي ٻار.

(2) ٻي روايت: سميجاڻي ٻک.

(3) روايت:  ’اوڙين مٿي اوڙ‘ .

(4) روايت: ته به سميجاڻي سبيل.

(5) روايت: دارون دڪو هيڪڙو سو ڀي لهي پدم.

(1) پيٺين لايس سميجاڻي قدم، ٿو جال پياري جکرو پيچرا (پيٺ ج پيٺيون) = سامون سندس پٺ ۾ هليون ( ” نڪري وڃي ڪنهن اهڙي اڪيلي جاءِ تي پهتيون جو ڪنهن کي پتو ڪونه پيو.)

(1) ٻي هڪ روايت موجب: چنيسر جنگ ۾ عالادين کي ڌڪ هنيو، پر هو ڪنهن مڻيا وارو هو جو سـِـري هٿ ۾ ڪري اُڏاڻو ۽ ماٿيلي وٽ اچي لٿو. جتي کيس دفن ڪيائون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org