سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 15

رحيم يار خان طرف جي روايت

امام بخش مهر (ضلعو رحيم يار خان) جي کنيل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه امام بخش مهر پٽ نصير مهر پـاڙو چنڙ، ڳوٺ عالو مهر، ٿاڻو ڪوٽ سبزل تعلقو صادق آباد جي زباني، ڳوٺ محمد آباد (لڳ سنجرپور، تعلقو صادق آباد، ضلعو رحيم يار خان، رياست بهاولپور) ۾ تاريخ 5- اپريل 1965ع تي مرحوم پير مبارڪ شاهه جيلاني طرفان سڏايل ڪچهري ۾ قلمبند ڪئي وئي.

امام بخش مهر ڳوٺ عالو لڳ سنجرپور جو ويٺل، اندازاً سنه 1910ع ۾ ڄائو. اصل ۾ کنڊو مهر ويٺل اَڍ (سنجرپور جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ) تعلقو صادق آباد، عمر (1965ع ۾) اٽڪل 60 ورهيه جو جهيلي هو ۽ ان سان گڏ ڳالهه کڻائيندو هو، پر هاڻي پاڻ به ڳالهه کڻي. ڪچهريءَ ۾ يڪتاري ۽ گهـَـڙي تي سـُـرراڻي مان ڳالهه کنيائين. کنڊو مهر پڻ يڪتاري ۽ گهڙي تي سـُـرراڻي مان ڳالهه کڻي. هيءَ ڳالهه منجهن پنجن پيڙهين کان هلندي اچي. کنڊو مهر هيءَ ڳالهه پنهنجي پيءُ عيسي کان سکيو، ۽ عيسو سکيو مورند مهر کان. ن - ب[

 

 

 

 

سنڀاري دستگير کي هر ڪوئي سڏ ڪري
هڪل ۾  ”هاشم“  چوي، پـَـهلو وير وري
ڪندين ماڙ مريد تي، توڙئون پنڌ پري.
بغدادي بغداد ۾، گـَـم ڪٽ جيلاني
(1)
ڪونه ڏٺوسين ڪاٿهين، سيد جو شاني
ٻيٽا بخشي ٻاجهه سان، موڪ ڏنئون ماني
برڪت ڪلمي پاڪ سان، حرص نه حيرياني.
                                      ---

 

سڏجي آيا سڀ سومرا، ڪيو ڀير ڌڪاءُ
پـَـٿرڻيون پير ڌري ستو ڀونگر راءِ
ٻڌ پڳڙي چنيسر تون، چڙهه پيڙهيءَ تي راءَ
ڌرم ڪيو ڀائرو، مون ٿي اچان گهران.

 

راڄ مهاڄڻ ويٺا هئا، اهي چوڻ لڳا ته: دودا! اِهو جيڪو ماءُ کان پڇڻ ٿو وڃي اِنهي پڳ نه ٻڌي، جي پڳ ٻڌين ته واههِ - نه ته اسين ٻيو سردار بڻائينداسين، باقي اهو پڳ جي لائق ناهي. جهڙي وقت ڀير تي ڏونڪو لڳو، دودي پڳ ٻڌي:

پڳ دودل راء ٻڌي، ڪيو ڀير ڌڪاء
پٺي لڳندين ڀاءُ جي، ته ويندءِ راڄ هٿاء
پڳ چنيسر نه ٻڌي ۽ ويو پڇڻ ماءُ
داناهه دائي موڪلي، لهي آ سـُـڌ سماء
پڳ چنيسر جي ٻڌي، يا ٻڌي دودي راء!

 

چنيسر جي ماءُ ٻانهيءَ کي چوڻ لڳي ته: وڃي ڏس، ڀير تي ڏونڪو لڳو، پڳ چنيسر ٻڌي يا دودي ٻڌي؟ ٻانهي هڪ دروازي کان نڪري رواني ٿي، ٻئي ڏانهن چنيسر آيو. ماءُ ڏسي پٽ کي چوڻ لڳي: پٽ! منهنجي ڳالهه ٻـُـنڌ:

مون ڄـَـڻيومـَـئين پٽ ڪري، تون ٿي سـَـمائين ڌيءَ
ويهندين آتڻ وچ ۾، پانڌيون ڪـَـتندي ٽيهه.

 

چنيسر جي زال جو وارو آيو ته اُها چوڻ لڳي: چاچي! منهنجي ڳالهه ٻـُـنڌ:

چاچي! منهنجي ڪانڌ کي، بـُـڇو ڪين ڳالهاء
چرکو چندن چـِـيلَ جو، چـَـتـُـون چار لواءِ
ٽـَـڪ لالڻ لوهار جي، جوٽا جيسر مير جا آناءِ
(1)
ڪپهه دِيوانن سان پوءِ مـَـڻين مڻ ٻولاءِ
ڦيرو ڪـَـسائي ڏي ڪجئين، ڪوري کؤن نه لاهه
ويهندءِ آتڻ وچ ۾، ڪتندءِ سير سوا.

 

چنيسر جي ماءُ چوڻ لڳي: امان! تو به سٺو ٻڌايو پر هاڻي منهنجو دودو ٿو اچي:

دُهل ڀڃي دانگيون ڪر، ڀالا ڀڃي ٻار
ڊَڍو ڊکر وڪڻي ڌڻ رڍن جو ڌار
کڻي چهبڪ هٿ ۾، گهـِـٽڪي گهيٽا چار
ماڻهين ماهـِـيـَـڙو ڪري، دودي جي درٻار.

 

چنيسر جي زال چيو ته: هاڻي آءٌ ٿي توکي ڳالهه ٻڌايان:

اڳي هيون سي به ڄـَـڻيون، هاڻي ٿيونسي ٽي
هڪ ويندِي ڪاٺين تي، ٻي ويندي سودي تي
ٽيجهي آتڻ وچ ۾ ويٺي چوري چر کي کي.

 

وري چنيسر جي زال، سس کي چيو: چاچي!

ڪوڙو لوڏيو ٿئـِـي پينگهڙو، ڪوڙو ڄڻيو ٿئي پٽ
جان مـَـري هـَـئي پيٽ ۾، جان اڳي نه ڦـُـٽ
ٻـُـڏ چنيسر راوَ تون، پائي ڍڪڻ ۾ ڍُڪ.

 

 

 

 

 

چنيسر چيو ته: هن شهر ۾ گهر جا ماڻهو مون سان هي حالت ڪن ٿا ته ٻاهريان ته هيڪاري خراب پيش ايندا. هاڻي دانهن کڻي وڃان عالادين بادشاهه ڏي. اهو خيال ڪري پنهنجي وزير کي سڏيئين. گهوڙا سنجي، پوشاڪان پائي، گهوڙن تي چڙهي، هٿيار کڻي دروازي تي آيا. دروان بيٺو هو، تنهن پڇيو: اوهان ڪاڏي ٿا وڃو؟ هن چيو ته: اسان شڪار تي ٿا وڃون. دروان چيو: بادشاهه! منهنجي ڳالهه ٻڌي پوءِ هليا وڃو.

 

ڪلر ويري ڪوٽ جو، جر جو ويري ڄار
مڙس ويرياڻي ننڍڙي، زال ويري سينگار
ڪـُـرڪي ڪامڻ گهر ۾ آهي جهيڙي جو جهونجهار
چـَـڪرو گهوڙو گهر ۾، ٻن اَياڻو ٻار
ٻارنهن ٽول ٻـَـني تي پـُـرسن پنج هزار
سٿڻ سڀ ڪپڙو، ڪاتـِـي سڀ هٿيار.

 

اِتي دودي کي خبر لڳي ته چنيسر رُٺيو ويندو آ. پنهنجي ڀائٽي ننگر کي چوڻ لڳو: اَبا! تنهنجو پيءُ رٺو پيو ويندو آ. اڌ راڄ ۽ ڀاڳ جو ڏئي هن کي موٽائي آ. ننگر اچي پيءُ جي گهوڙي جي لگام ۾ هٿ وڌو ته پيءُ جواب ڪيو:

اچ نه ننگر اڳتي، وٺ نه گهوڙي واڳ
هيڪر دودي راوَ کان پـَـلو نه ڇڏيان پاڳ.

 

ننگر ٿو پيءُ کي ورندي ڏئي:

دودي مان کي موڪليو، پيءُ پرچائي آ
چوٿون ڀاڱو راڄ جو تون ونڊيو ويٺو کا.

 

اِتي ننگر کي پيءُ جواب ڪيو ته:

چوٿين ڀاڱين نه پلان، مون سان ايلَ گهڻي
هيڪر وڳهه ڪوٽ تي، ايندم ڇـِـپَ کڻي.

 

اتي ننگر گهوڙي جي لگام مان هٿ ڇڏي جواب ڪيس ته:

ائين وڃ جئن واگهو وڃي، ويلو نه ڪجئين وِچ(1)
اسان ۽ عالادين جا ٿيندا ترارن مـَـچ
عالادين آهي هڪ ڄڻو، ايڏا هجن مت.

 

چنيسر منزل تي روانو ٿيو.

پـَـهـِـلي منزل آئيو مير  ’مـَـٿيلي‘  ۾ خان(2)
ٽي راتيون ٽي ڏينهڙا رهيو چنيسر خان
نڪي آيس آدمي، نڪي دودي جو پيغام
صبح چوٿين ڏينهن تي چڙهيو چنيسر خان.
                                      ---

ٻي منزل آئيو،  ’سـِـرواهي‘  سلطان(3)
نڪي آيس آدمي، نڪي دودي جو پيغام
ٽي راتيون ٽي ڏينهڙا رهيو چنيسر خان
صبح چوٿين ڏينهن تي چڙهيو چنيسر خان.

 

چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو ته دودي جو نڪو ماڻهو آيو نڪو پيغام آيو. منهنجي تانگهڙ اجائي آهي، هنن کي ڪا پرواهه ناهي.

 

 

 

 

ٽيجهي منزل آئيو  ’مؤ مبارڪ‘  خان
 ’پتڻ مـُـناري‘  جو اچي  ٽپبو آ خان
پنجين منزل آئيو اچي لٿو آ  ’مـُـلتان‘
ڇهين منزل آئيو، اچي لٿو آ  ’بـُـستان‘
ستين منزل آئيو، در دليء جوان.
دَس وڳا، در ماريا، ڦـِـريا ڪوٽ ڪـَـڙا
ڪهڙو ڀـَـؤ آ دلي کي ،ته راڪس وڙهدو آ.

 

 

چنيسر دروان کي چوڻ لڳو ته: اسان پرديسي آدمي هـُـون، در کول ته اندر اچون. دروان اَڳـُـون چيو ته: در ماري کؤن پوءِ اسين ڪونه لاهينداسين، اسان جي بادشاهه جو حڪم آ. پوءِ پنهنجي وزير کي سڏي چيائين ته ڪنهن وَسؤن ۾ هلئون. ٻاهرؤن آيو، ڏٺئين ته هڪڙي ڀونگڙي ٺهي بيٺي آهي، اُنهي ۾ هڪڙي مائي ٻڍڙي ويٺي آ. اُنهيءَ کي چنيسر چوڻ لڳو ته: اسان کي هنڌ پٿاري ڏي، نه ته پاري ۾ مري نه وڃون. مائي چيو: ابا! اوهان ويهي رهو، جيڪي ٽپڙ هوندا توهان کي ڏيندم. مائي چنيسر ۽ وزير جي ماني پڪاوَڻ ويٺي، ڪنهن مهل روئيندي آ ڪنهن مهل کلندي آ. چنيسر اِنهيءَ جو سبب پڇيو. مائي چيو: بادشاهه جي شهر ۾ راڪاس اچي پوندو هو، گهڻي ئي خون ڪندو هو، پوءِ بادشاهه راڪاس جو طعامينو بنايو ديڳ دال جي، کارو مانين جو ۽ هڪڙو انسان. اڄ منهنجي پٽ جو وارو آيو آهي جيڪو هڪڙو اٿم. اِنهيءَ لاءِ ٿي روئان. کلندي تڏهن آهيان جو پٽ جي مراد ڏٺيم. چنيسر چيو ته: مائي! تنهنجي پٽ جي بدران اسان سر ڏيون ته انصاف ڇا آهي؟ مائي چيو ته: الله جي نالي سر ڏيو ته شابس اَٿوَ، باقي ٽپڙ ڀونگيءَ ۾ رکيا آهن. چنيسر چيو ته: مائي! جڏهن چوڪيدار تنهنجي پٽ کي وٺڻ لاءِ اچن، تڏهن مونکي سڏجئين. چنيسر ۽ وزير ماني کائي ويٺا ته سپاهي ۽ چوڪيدار اچي ويا. مائي سڏ ڪيو: ادا مسافر! سپاهي اچي ويا آهن. مائي جي ڳالهه ٻڌي ترار ۽ ڍال کڻي اُنهيءَ غريب جي جان ڇٽايائين ۽ اُنهن سان گڏجي کوهه تي ويو، جتي راڪاس ايندو هو. چنيسر سپاهين کان پڇڻ لڳو ته: راڪاس ڪيڏي مهل ايندو آهي؟ اُهي چوڻ لڳا: هوا جي جهولي ۽ مينهن جي ڪڻين کان پوءِ راڪاس اچي لهندو آهي. اُنهن کي موڪل ڏيئي ويهي رهيو. مينهن واءُ ٿيو، پوءِ راڪاس اچي لٿو. ديڳ دال جي ۽ کارو مانين جو کائي بيٺو ته چنيسر هڪل ڪئي اٿس.

سنڀاري دستگير کي، بيٺو بـَـڙڇي هٿ ڪري
لهرين آڻي لاڏ ڪيا، ڪيهر ڪـُـلها موڙي
ماريائين راڪاس کي تڪو ئي تڪ ڪري.

 

راڪاس ڪريو. اُنهيءَ جي ڪنن جون نشانيون ڪپي پنهنجي گودي ۾ وڌائين ۽ پاڻ ساڳئي هنڌ اچي ستو. (انهيءَ کان اڳي چنيسر دلي جي دروازي تي پنهنجي ذات، نالو ۽ ولايت لکي ڇڏيا هئا.)

ڏينهن ٿيو. حسڻ گاهي نو سؤ گاهي جو جمعدار هو، اُهو گاهين کي وٺي گاهه تي هليو. کوهه تي پهتا ته راڪاس تي ديد پئجي وين. هڪڙن چيو ته ننڊ پيو آهي، ٻين چيو ته مئو پيو آهي. حسڻ گاهي خيال ڪيو ته جيڪڏهن سـُـتو پيو آهي ته ڇهه مهينا ڪونه جاڳندو، جي مـُـئو پيو آهي ته وري اسان کي هيءَ مـَـهل هٿ ڪانه ايندي. ڇو نه کٿا ۽ رنبا رت سان ڀريون ۽ بادشاهه کي فرياد ڪريون ته بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيندو ۽ حسڻ جمعدار کي ڌيءَ به ڏيندو ته انعام ۾ اڌ بادشاهي جو به ڏيندو. اسان به وڏا انعام ڳنهنداسين ۽ گاهه کان جان ڇٽي ويندي. آيا بادشاهه وٽ، چيئون ته: سائين! اسان جي فرياد آ. بادشاهه اڳئيون ورندي ڏني ته: اوهان جي ڪهڙي فرياد آهي؟ چي: سائين! اسان رات سڄي راڪاس سان جنگ ڪئي آهي ۽ راڪاس ماري هاڻي تو وٽ آيا آهيون، انعام ملي!

 

 

 

 

تڏهن مانڌن مـُـلڪ وزير کي چيو عالادين سلطان
گاهه، گاهين تان معاف ٿئي، ڏي تون ملڪ انعام.

 

 

وزير ورندي ڏني:

ست لک سلار سان، نال رڪيب چڙهن
راڪاس اُنهن نه ماريو، ته گاهين ئي ماريو ڪـَـن؟

 

هاڻي جنهن جو وارو هو تنهن کي سڏيو ته خبر پئجي ويندي. ماڻهو واري واري ڏي ويو سڏڻ لاءِ ته دروان ڏٺو ته ڪاغذ دروازي تي بيٺو آهي. ڪاغذ لاهي وزير کي اچي ڏنائين. وزير پڙهي گودي ۾ کڻي وڌو، واري وارو به اچي ويو. ان کان وزير پڇڻ لڳو ته: تون کوهه تي ويو هئين! هن ورندي ڏني ته: نه سائين! هڪڙو پرديسي مان جي بدران ويو. پوءِ وزير عالادين کي چوڻ لڳو ته: جنهن راڪاس ماريو تنهن جا پار ٻڌايان ٿو:

هو جي سائـُـو سومرا، وڳهه ڪوٽ وريام
آيو ڪو اُنهن مان، دانهين ڀـِـراوَنِ
راڪس اُنهي ماريو، گاهين ماريو ڪن.

 

اِتي گاهي مـُـنهن مٿو پٽڻ لڳا ته اسان جو انصاف وزير وڃائيندو ٿو وڃي. تڏهن وزير چوڻ لڳو: توهان جو انصاف سـَـوَلو ٿيندو. مـَـڪنو هاٿي راڪاس جي مـَـٽُ اوهان ماريو ته مان اوهان کي ٻيڻا انعام ڏيندس. هوڏي وڙهيا هئا رنبن سان، هينئر اوهان کي ترارون ڏيندس. هنن چيو ته  ’اسان مارينداسين.‘  هٿيارن جو دروازو کلي ويو، ڪنهن هڪ ترار کنئي، ڪنهن ٻه کنيون ته حسڻ گاهي ٽي کنيون. هلي وڃي سڙڪ تي نـَـوَ سؤ جي صف بنائي بيٺا ۽ حسڻ گاهيو اڳواڻ ٿي بيٺو. چوڻ لڳو ته: ايندو هاٿي ته پهرين ترار مون هڻندومانس، پوءِ توهان به شروع ٿي وڃجو.

حڪم ٿيو پيلواڻ تي، ته هاٿي پير گهـُـماءِ
ٻيلـِـيـَـڙا حسڻ سندا رُوَنِ رت ڦـُـڙاء
لـِـڪا پيا هـَـا لڏن ۾، ساهيـُـون کڻن پيا ساهه.

 

چئي: مولا پاڪ! اسان کي اِنهيءَ بلا کان بچاء، اسان لاءِ ساڳيو گاهه ڀلو آهي. هاٿي اڳتي ٽپي روانو ٿيو ته پيلواڻ جي ديد چنيسر ۽ سندس وزير تي پئي، سمجهيائين ته مسافر آهن، تڏهن هڪل ڪيائين ته: ڀڄي وڃو متان مري نه پئو!

ڇاکي پـَـهريئي ڪپڙا، ڇاکي پـَـهـُـريئي پـَـٽ
هاٿي ڇـُـٽو ٿئي رانوِلو، ڀڄ پري ٿي ڄٽ!

 

اتي وزير کي چنيسر چوڻ لڳو: تون بيهه ته مان هن کي ورندي ڏيان.

ڄٽ ڏاڏاهين، ڄٽ پڻهين، ڄٽ دلي بادشاهه
تو لـَـئي ڪي هاٿي، مون ليکي گـَـڏاهه.

 

پوءِ پنهنجي ٻيلـِـي کي چيائين ته: هٿيار سڀ پري رهيا، هاڻي جيڪا تـَـسلـِـي (وَٽـِـي) هٿ ۾ اٿئي سا ڌوئي مون کي ڏي:

چنيسر چيو ٻيلي کي، مڙد هٿيار جـُـڳاءِ
سونيون رُپايـُـون جاوَ تي، ڪم نه اچي ڪا
هٿيار ٿي تـَـسـِـلي، داناهه دست جڳاء.

 

چنيسر تـَـسلي هٿ ۾ڪري، پنهنجي ڀاءُ دودي راوَ کي ياد ڪيو، ۽ هاٿي کي تسلي وهائي ڪڍيائين.

سنڀاري دودي راوَ کي، بيٺو بـَـڙڇي هٿ ڪري
لهرين آڻي لاڏ ڪيا، ڪيهر ڪـُـلها موڙي
ماريائين هاٿي کي، پوءِ تـَـتـَـهه تـَـڪ ڪري.

 

هاٿي ڪريو ته پيلوان اُتان ٽپ ڏئي ڀڳو بادشاهه وٽ ۽ اتي اچي دانهن پيش ڪيائين:

 

 

 

 

دانهـِـين آني دانهن وڌي، پـَـهلـِـي پيلواڻ
هاٿي ماريو رانولو تـَـسلـِـي ساڻ جواڻ
هاٿي ماريو گهوريو، هاڻي پنهنجي ڳڻيو خان!

 

 

عالادين چيو: چريا پيلوان! اڳي ڪڏهن تسلي سان هاٿي مئا آهن؟ عالادين جاچ لاءِ ماڻهو موڪليا.

عالادين ماڻهو موڪليا چوڪيدار چوڌار
مڪنو مـَـٽ راڪاس جي، لهي اچو خبر چار
چئي: مـُـئو پيو اٿئي بازار ۾، ڌڙ کؤن ڌاروڌار.

 

عالادين پنهنجي وزير کي چوڻ لڳو: وڃي اهڙي جوان جي آگاهه گهـِـن، ۽ سؤ روپيو روز جو، هڪڙو هٽ، هڪڙو مڪان خالي ڪري ڏئي آ. رهڻ جي ڪري هن کي ڪا تڪليف نه ڏيو، جنهن ڪم جي لاءِ آيو آهي اُن جي دلجاءِ ڏئي اچو. وزير روانو ٿيو. چنيسر جي ڳولڻ لاءِ شهر ۾ گهمندو ڦرندو آيو، اچي ڏٺائين ته ٻئي مرد بيٺا آهن. وزير چيو اويرا جوان به اِهي آهن، جنگي ويس به ٻنهين کي آهن، اِنهن کي سـُـڃاڻي پڪو ڪري، بيت ڏنائين ته:

جي آئين نـِـچ آئين، ڀلي آئين تون ڀاءُ
سـَـؤ رپيو روز ٿي، وٺنيـُـون ويٺو هي کاءِ
جنهن ڪم تي آيو آن، تنهن جو سعيو سنجهه صباح.

 

چنيسر خوش ٿي مڪان ۾ ويهي رهيو جيڪو وزير ڏنس. هڪڙو هٽ حوالي ٿي ويس. اِتي ٻـَـٽي ڏهاڙا گذريا. چنيسر سندي وزير کي چيو ته: هميشهه بادشاهه ننڊ ۾ هوندا آهن، هلو ته هلي شهر کي چڪر ڏئي اچون. پوءِ مڪان کان نڪري هڪڙي سيٺ جي دڪان تي آيا. چنيسر چيو: سيٺ تو وٽ ماکي آهي؟ سيٺ چيو: ماکي گهڻي. هڪڙو ٿانو ماکي جو کڻي آيو، چنيسر چيو هي خراب آهي. ٻيو ٿانءُ کڻي آيو. چنيسر چيو ته هي به خراب آهي. اِتي سيٺ چيو ته: تون ماڻهو نه آهين جو منهنجي ماکي کي خراب ٿو ڪرين! اِتي چنيسر ڪاوڙ مان چماٽ هڻي ڪڍي. تڏهن ٻيا دڪاندار به اُٿي چنيسر سان وڙهڻ لڳا. چنيسر اُنهن کي ماري پيو ته بادشاهه کي وڃي خبر پئي، تنهن وزير کي چيو ته: چنيسر کي منٿون ڪري موٽائي آ. سڀان يا پرنهينءَ ساڻس ملڻ لاءِ تيار هـُـون. وزير ڊڪي اچي منٿون ڪري چنيسر کي جهليو ته اسان تنهنجي جنگ تي هلڻ لاءِ تيار آهيون. چنيسر پنهنجي جاءِ تي آيو. شام تي هڪڙو شخص چنيسر جي جاڳهه جي اڳئيون اچي ٽـَـپيو، چنيسر پڇيو: ادا! تون ڇو ڊُڪندو ويندو آن. اُن ورندي ڏني ته، بادشاهه جي باغ جو مالهي آن، بادشاهه جي باغ ۾ رات جو شينهن اچي پوندا آهن، ڪچو يا پڪو ڊَٺيون کاڌيـُـونَ ٿا وڃن. چنيسر چيو ته: اي چريا مالهي! توکي ٿورو داروُن ڏسيان ته اُهو وڃي ڪر. مالهي چيو ته: ڏَسيو. چئي: شراب جون ڪـُـوناريون ڀرائي رک. شينهن ايندا، اُنهن کي پياس ٿيندي ته شراب پيئندا، يا نشي ۾ مري ويندا يا موٽي ويندا. مالهي اِها ڳالهه ٻڌي پوئتي موٽيو ۽ شراب ۽ خراب جون ڪـُـوناريون ڀرائي رکيائين. شينهن آيا تن ميوا کاڌا، پوءِ پاڻي جي پياس ڪري ڪونارن جي مٿان آيا ۽ شراب پيتـُـنِ. اُنهن کي نشو چڙهيو ته ٻوٽيون کاوَڻ بند ڪري مـُـنڍؤن باغ پٽيندا ۽ سـَـٽيندا پيا وڃن. سج اُڀرندي تائين جهڙو هنن کان پڳو تهڙو قهر ڪيؤن.

 

 

 

 

صبح جو مالهي اچي ڏسي ته ڪوٽ جي ٻاهران شينهن سـُـتا پيا آهن. اڳي موٽي ويندا هئا پر اُنهيءَ رات نشي جي ڪري رهي پيا. مالهي تکو تکو روانو ٿيو بادشاهه کي دانهن ڏيوڻ لاءِ ته اڳيوُن چنيسر مليس. پڇيائينس ته: اڙي مالهي! ڏي خبر. چي: بابا، چڱو ڏس ڏنو اٿئي جو منهنجو باغ ئي ڀينگ ٿي ويو آهي. تڏهن چنيسر چيس ته: هاڻي وڃي بادشاهه کي دانهن ڏي. بادشاهه کي اچي دانهن ڏنائين ته بادشاهه جو ڀائٽيو  ”ٻيجل“  چوڻ لڳو ته: چاچا! مان پنهنجا مانَ پاڻ ماريندس. ٻيجل کي چاچي اجازت ڏني ته جي پنهنجو سورهيه سامائجي ته ٻئي کي ڇو منٿ ڪريون! ٻيجل اُٿي پنهنجو گهوڙو تيار ڪري روانو ٿيو. گهوڙو ائين هلندو وڃي، جيئن لـَـمي جون گهوڙيون ناز ڪري هلنديون آهن. ڪوٽ جي ٻاهرؤن پهتو ۽ شينهن جي اک ڏسي گهوڙي کي پوئتي ڦيري، ميرپـُـور پنجا پـَـڪـِـي ٽپال کڻي چاتائين ته اڳيوُن چاچي جي ديد پئجي وئي ته منهنجو ڀائٽيو جيڪر شينهن ماريـِـن ايندو آ. جڏهن اُتي پهتو ته عالادين بادشاهه پڇڻ لڳس: ٻيجل! ڏي خبر. ٻيجل جواب ڏنو ته:

 

چاچا! ڪانئر ڪـَـڇـُـون جان وڙهي، مـَـلهه مـُـڇان موڙي
ٻيجل راوَ ڀڄي آيو، شينهن گهوڙو ئي ماري.

 

سندي ڀائٽي جي ڳالهه ٻڌي وزير کي چوڻ لڳو ته: شهر ۾ هوڪو ڏيار ته نوَ لکـِـي باغ تي شينهن جو شڪار آ ۽ تون وڃي چنيسر ۽ وزير کي گهـِـني اُنهن کي چئو ته شينهن ماري ته پوءِ ڄـُـلون جنگ تي. وزير وڃي چنيسر کي بادشاهه جو حڪم ٻڌايو. تڏهن چنيسر ۽ سندس وزير هٿيار کڻي روانا ٿيا. ڪوٽ جي ٻاهران پنهنجي بت کي هرڪو پيو ساهي، پر اندر وڃڻ جي ڪنهن کي طاقت نه پئي ٿي. چنيسر آيو ۽ ڪوٽ کؤن اندر ٻلانگهه ورائي ٽپي پيو. شينهن ستو پيو هو ۽ شينهڻي ويٺي هئي، سا شينهن کي جڳاوڻ لڳي:

شينهڻي چيو شينهن کي ته اِهو مومن ماريندو
ڍرڪائي ڍالن سان پاوا ڪـُـٽيندو.

 

شينهن چيو ته: شينهن شير خدا جا آهيون، مرنداسي، پـَـر پڙ تي مـُـڙڻ ميار آ. شينهن اُٿي آئيو. چنيسر ڍال جو اشارو ڏنس ته هن ڍال ڏي تڪيو، مٿان خنجر وهايائين ۽ شينهن ماري وڌائين. ڦريو شينهڻي تي ته عالادين جو وزير دل ۾ هڪڙو عقل جو نـُـڪتو وجهي چوڻ لڳو: اي چنيسر!

ظائفان ماڻهو زال تي مڙد هٿيار نه چاء
قرب جنهين جو موچڙو، لاهي چنيسر مار.

 

چنيسر ترار کڻي پنهنجي وزير ڏي اُڇلي ۽ ڍال کڻي مٿي اُڇليئين. ڍال ۾ هئا گهـِـنگهرو، اِنهن ڪيو ڇمڪار ته شينهڻي مٿي تڪيو ته چنيسر جهٽ ماري ڄنگهن کان وٺي هڻي چيري ڇڏيس. پوءِ ڦريو عالادين واري وزير تي ته مون سان ڊوهه ٿو ڪري، ڇو نه وزير سان به اهڙي تعدي ڪريان جهڙي شينهڻي سان ڪئي اٿم. تڏهن وزير جلدي مان چيس:  ’گهـُـرڻو ٿـِـي ته گهـُـر، راضي ٿيو ٿئي راءَ.‘  چئي: وزير! تون مونکي اِها ورندي نه ڏيندين ته جيڪر مون ڀي توسان شينهڻي وارو ڪم ڪريان ها، هاڻي مونکي لشڪر ملي ته وڃي دودي کان پڳ وٺان. عالادين چيو:  ’سالار‘  منهنجو ڀائٽيو آهي، انهيءَ سان لشڪر ڳڻي ڏينس. سـَـلار سان لشڪر ڳڻي پيو ڏيندو اٿس:

سـَـت لک  ’سلار‘  سان نال رڪيب چڙهن
ته دودي کي دور ڪري وٺي مـُـلڪ ڏين.

 

چنيسر پنهنجي وجود ۾ سڙي ويو. چوڻ لڳو: جيڪو مان کي لشڪر ٿو ملي اِهو ته دودي جا ٻڪرار به ماري ويندا!

ست لک سلار سان، اَٺ لک ماريان مان
نوَ لک  اُهو ماري، نـَـهرو جنهن جو نانء.

 

وري چوڻ لڳو:

مان جي آنديون ڀيٽ ڪري، نـَـو سؤ نـَـو ڄڻيون
ڀيٽان جهلي بانوَرو، ٿو ٿرنانوَ ٿئن
ڊُڪلجو اچن ڍول جان، ٽور لطيفي ٽـُـرن.

 

 

 

 

 

اِتي عالادين کي ڪاوڙ آئي، چئي: ڪير ٿيندو آ جو منهنجون ڀيٽان جهلي! ڀلا مڙس گهڻو آ دودو؟ چنيسر چيو ته:

 

مـُـڙس مـُـنـِـي جيترو، مٿو جنهن جو مـَـٽ
دودي ۽ داناهه جا سانُ جهليندو سـَـٽِ.

 

عالادين پڇيو ته: چنيسر!ّ لشڪر گهڻو هجي؟ هـُـن کڻي دروازي تي گز کوڙيو. جڏهن ٻـِـيڙو گز جو لـِـڏ ۾ لٽجي وڃي، تڏهن لشڪر بند ٿق ءي. ايترو لشڪر تيار ٿي روانو ٿيو. شهر ۾ اُهو ڪونه رهيو جو ڪنهن کي سلام ورائي. پوءِ اِتي چنيسر کي هانوُ تي جهـُـٻو آيو، تڏهن چيائين:

ڀـِـر ڀـِـتِ مان نڪرِي، سـَـپَ چنيسر کاء
راڄ نه رُلي سومرو، مري نه دودو ڀاء.

 

جهڙي وقت لشڪر اچي منزل ۾ رسيو ته لشڪر جا ڪاسبي ڳڻيائون:

نو سؤ ها گاهين جا، گاهه ڀي نت ڏين
نو سؤ ها ڊکڻن جا، ڪـِـلا نـِـت گهڙن
نو سؤ ها لوهارن جا نيلِ به نـِـت هڻن
نو سؤ ها ڪورين جا، ڪپڙا نـِـت اُڻن
نو سؤ ها درزين جا، ڪپڙا نـِـت سبن
نو سؤ ها حجمن جا، جيڪي نـُـنهن بغل ڳنهن
نو سؤ ها بهشتين جا، جيڪي منزل کوهه کڻن.

لشڪر اچي  ’پتڻ مناري‘  جي درياهه تي پاڻي پيئڻ لاءِ لٿو. لشڪر جي حالت اها هئي جو:

عالادين جي اُڙد ۾، آلا ڪاٺ ٻرن
اچي لٿا درياهه تي، جتي مڇيون ٻاهر مرن
اڳيان پين پاڻي ۽ پويان رِٻَ چٽين
ننڍي وڏي جي وات ۾، ٿا دودو دودو ڪن.

 

درياء کان ٽپي جڏهن دودي جي ديهه ۾ آيا ته  ’ونگو‘  ۽  ’ولهار‘  ٻئي ڀائر ها، صبح جو ويندا ها ۽ شام جو سؤ ڪوهه جي اچي دودي کي خبر ڏيندا ها. اِنهن کي لشڪر مـُـنهن ۾ پئجي ويو. ٻه ٽي ڏينهن لشڪر جي اندرؤن ٻاهرؤن ڦريا. شام جو موٽي دودي کي اچي احوال ڪيئون ته:

ڦـِـردي ڦيري دار کي، ٽيجهو ڏينهن لٿو
نيزي بڙڇـِـي جي ڇانو ۾ اسان سج نه چنڊ ڏٺو.

 

اِتي دودي پنهنجي راڄ کي گهرايو ته چنيسر لشڪر ڳـِـڌيـُـون اچي ٿو، اوهان جي ڪهڙي صلاح آهي؟ پڳ ڏيو ته هي پڳ آهي، ترار کڻو ته هي ترار آ. چي: سائين! اسين ترار کڻنداسي، پڳ نه ڏينداسي. محمد ۽ ننگر ٻئي پٽ چنيسر جا، اُنهن کان به اِها صلاح پڇئين. اُنهن به ساڳي صلاح ڏني. دودي چيو ته: مرڻو ضرور آهي، هاڻي عيش عشرت ڪريو. اِتي عالادين جو لشڪر وڳهه ڪوٽ کان ميل ٻه اوري ٿيو. اِتي  ’بيکل‘  ۽  ’اوڍر‘  نالي ٻڪرار، صبح جو ڇيڙيون ورائيون وڃن پيا ته اڳئون لشڪر منهن ۾ پئجي وين. پوءِ ڀاءُ کي ڀاءُ چوڻ لڳو: اسان کي دودي جي وارئون هت به وڙهڻو ته هـُـت به وڙهڻو آهي. ٻڪريون ڇڏي ڏنئون ۽ لشڪر ۾ اچي ڪهاڙي وڌن. شام تائين ٻـَـٽي هزار ماڻهو ماري، هڪڙو هاٿي کسي پنهنجي گهر آيا. ماءُ پڇن ته: ابا! ٻڪريون ڪيڏي ۽ هاٿي ڪٿان ڳڌيـُـون آيا هو؟ اِتي پٽ ماءُ کي چوڻ لڳو: امان! ٻڪريون اسان ڇڏي ڏنيون آهن، جو چنيسر لشڪر گهـِـنـِـي دودي جي وڙهڻ لاءِ آيو آهي، اسان دودي جي واران پـَـهلي مـَـرداسي. ٻنهين ڀراوَن آپـَـتِ ۾ اها صلاح ڪئي ته ٻيو پنهنجو هت مـِـٽ نه مائٽ، پاڻ وينداسي مري ۽ اها آڪـَـهه ويندي رُلـِـي. پـَـهلي پنهنجي آڪهه ماري پوءِ هلون جنگ تي. صبح جو اُٿي ڪري، پنهنجن ضائفن کي سڏي ڪري:

 

 

 

 

بيکل ڪـُـٺي ماوَڙي، اوڍر ڪـُـٺي آ جوءِ
ٽيجهي ڀيڻ هـِـنِ جـُـمڙِي، جنهن ڀي عرض ڪيوءِ.

 

 

ڀاءُ پڇڻ لڳو ڀيڻ کان ته: ادي! تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ڀيڻ ڀاءُ کي جواب ڏنو:

هو ڀي آهن ٻه ڄـَـڻا، پاڻ ٿينداسي ٽي
ڪونه ڇڏينداسين پـِـڙ ۾ ڪو داڻو دلي ڏي.

 

ڀاءُ ڀيڻ جي گفتار ٻڌي حيران ٿي بيٺو ته ادي! ٻه ڪيئن ۽ ٽي ڪيئن؟ چي: ادا! ٻه آهن عالادين ۽ چنيسر، اُهي توهان جي ذمي، باقي لشڪر منهنجي بـِـلي، ائين اُڏاري ڏيکاريان جيئن راهڪ جهار کي اُڏاري. اِها ڳالهه ٻڌي ڀاءُ ترار مارِي ڀيڻ کي ته: مائي! تون هتي پئي جهار هڪل، اڳيون لشڪر چوندو ته پاڻ سومرا لڪي ويا آهن، رَنان ٿيون وڙهن. هي هـَـلي اچي لشڪر ۾ پيا. ٽي چار ڏهاڙا وڙهيا، پوءِ ٻئي ڀائر ماري وڌانِ. عالادين طنبو قـَـناتان کوڙي، شهر کان ٻه ميل پري اچي ويهي رهيو. پوءِ خط لکيونِ، هڪڙي خاطي کي چيونِ ته تون اُٺ تي چڙهي وڃ. هي خط پـُـڄاءِ ته يا پڳ ڏيو يا جنگ ڪيو. خاطي اُٺ تي چڙهي روانو ٿيو. شهر جي ٻاهران ننڍا ننڍا ڇوڪرا ٿا کيڏن. خاطي اچي سلام ورايو ته اڳيان ورندي نه مليس. ڇوڪرا ٻوڙا ٿي بيهي رهيا جو سمجهائون ته هي لشڪر جو ماڻهو آهي. اِنهن ڇوڪرن ۾ دودي جو پٽ  ”نـَـهرو“  کيڏي ٿو، انهيءَ چيو ته: توکي دودي جي اوطاق تي پـُـڄايون؟ چي: ها. نـَـهري چيو ته: مـَـهار مان ڏي سـَـٽِ. هن مهاران اڇليون نهري ڏي، نهري اُٺ ويهاريو ۽ اتي ئي خط ڳڌئين. خط پڙهي پنهنجي گيدي ۾ وڌئين ۽ اوٺي کي سڄي ڪن ۾ هٿ وجهي، کٻي ڏي چماٽ ڇوڙيئن، اوٺي ڇـِـڪـِـي ڏيئي پنهنجو ڪن پٽايو ته سندس ٽوپي ڪري پئي ۽ ٺڪاءُ ڏيئي ڀڳو. پنهنجي لشڪر ۾ اچي پهتو ته اڳيون لشڪر جا ماڻهو کلڻ لڳا: اڙي اوٺي! ڪن ڪاڏي ڪيئي، اُٺ ڪاڏي ڪيئي، ٽوپي ڪاڏي ڪيئي؟ اوٺي چوڻ لڳو:

ڪن پـَـٽاڻـِـي اُٺ جي محنت منجهه ڏنم
اڃا ئي ڇوڪر ڪـُـرڪـُـڻو، پوءِ لاهي ٽوپ ڏنم.

 

نـَـهرو خط کڻي پنهنجي پيءُ وٽ ويو ته: بابا! هي خط چاچي چنيسر جو آيو آهي ته جان جنگ ڪيو جان پڳ ڏيو. تڏهن دودي ورندي ڏني ته: منهنجو اعلان اهو آهي ته جيڪو خط پڙهي سو جنگ تي وڃي. پر هاڻي هيئن ڪر جو سـَـمـَـنـِـڊِي ٻـِـهاڻي ڪاهه، اُنهن تي سونيون زينان رک، صوبن جو ويس پاء، پنهنجي سـَـن جو لشڪر گهـِـني، پنجاهي جوانن سان وڃي عالادين جو سلام ڪر. اُنهي کي اهو احوال وڃي گذار ته: تون بادشاهه آهين، اسين تنهنجا پاڙي وساندا غريب آهـُـون، توجي ڇان ۾ ٿا گذارا ڪريون. توکي لائق صلاح آهي ته اسان سان جهڳڙو نه ڪر. وڃي سـَـمنڊي ٻـِـهاڻَ نذر رکيائون.

چنيسر پري بيٺو هو، اڳي اچي عرض ڪيئين ته: سائين! منهنجو هڪڙو عرض ٻڌو!

دودي توڏي موڪليا، سـَـمنڊي ٻاهه ٻـِـهاڻ
توکي ائين ڀانيائين، لنگهو چارڻ ڀانُ
جنهن گهر ڄاوس ٻيٽڙو، دايـَـن ڏي ٿو دان.

 

چنيسر چيو: دودي کي پـُـٽ ڄائو آهي جو توکي لنگهو سمجهي سمنڊي ٻـِـهاڻ موڪلي اٿس. تڏهن عالادين کي ڪاوڙ آئي:

عالادين ائين چيو ته نـَـهرو مارايو
بڇائي بازن کان هن جون اکيون ڪڍايو.

 

اتي جنگ تيار ٿي وئي:

 

 

 

 

جنگ جوانن آڏي، نـَـهري ٻيليڙن
وڏ - ڦڙيو واڪا ڪري، اُتي ٽـِـنگڙ ٽهه ٽهه ڪن
ڏيئي ڦيريون ڪلر ۾ گهوٽ مٿي گهوڙن
نانوين ڏينهن مقابلو، اچي نبيريو نـَـرن
نو لک ماري چڪو، نـَـهرو ماريو جن.
                                      ---

 

خوني خط نـَـهري جو، واچيو مـَـنگـَـههُ راوَ
خط پڙهي ڪري، آيس رت ڦڙاء
 ’نـَـهرو‘  هاڻي ماريو، تڏهن جـِـيئڻ ناهي صلاح.

 

خط پڙهڻ شرط  ’مـَـنگـَـههُ‘  لشڪر تيار ڪري پنجاهي جوانن جي اچي جنگ شروع ڪئي:

جنگ جوانن اَڏِي آ، مـَـنگـَـههُ ٻيليڙن
وڏ ڦڙيو واڪا ڪري سي ٽنگڙ ٽـَـهه ٽـَـهه ڪن
ڦيريون ڏي ڪلر ۾ گهوٽ مـَـٿي گهوڙن
يارنهين ڏينهن مقابلو، نبيريو نرن
يارنهن لک ماري چڪو، مـَـنگهه ماريو تن.
                                      ---

خوني خط مـَـنگهه جو، واچـِـيو مـُـگر راء
خط پڙهي ڪري آيس رت ڦـُـڙاء
منگهه هاڻي ماريو، تڏهن جيئڻ ناهه صلاح.

 

خط پڙهڻ سان ئي پنهنجو لشڪر تيار ڪري اچي جنگ شروع ڪيائين:

جنگ جوانن آڏِي، مـُـگر ٻيليڙن
وڏ ڦڙيون واڪا ڪري، ٽنگڙ ٽهه ٽهه ڪن
ڏيئي ڦيريون ڪلر ۾، گهوٽ مٿي گهوڙن
تيريهين ڏينهن مقابلو اچي نبيريو نرن
تيرهن لک ماري اچي، منگر ماريو تن.
                                      ---

خوني خط مـُـنگر جو، واچيو محمد راوَ
خط پڙهي ڪري، آيس رت ڦڙاء
منگر هاٿي ماريو، تڏهن جيئڻ ناهه صلاح.

 

محمد ڪنهن تماشي ۾ ويٺو هـُـيو، خط سندس گـِـيدي ۾ وڌئين. محمد جي گهر ۾ دودي جي ڌِي هئي. اَسـُـر جو محمد ڪـَـچهري مان اُٿي سندس گهر جي ٻاهران آيو، اچي ڪڙو کڙڪايائين، پر عام خبر هئي ته محمد خط پڙهي جنگ تي ويو. پنهنجي خيال ۾ هن کي ڳالهه ڀـُـلي وئي. جڏهن گهر آيو ته پنهنجي گهر واري کي چوڻ لڳو ته: ڪڙو کوليو! مائي اڳيان جواب ڏنس ته: محمد! منهنجي ڳالهه ٻـُـنڌ!

پڳ ٻـَـڌين پـُـلڪار جي، ۽ ڪـَـٽارِي جـهـُـوڙو
ڀـَـڳي لشڪر تون وِهين، مهمانين پـُـورو
تو ڳـَـل ڏيان ٻانهـَـڙي، مون رت رَڱا چـُـوڙو.

 

محمد جواب ڏنو:

ڌي دودي داناهه جي، مونکي رات وهامڻ ڏي
صبح عالادين ۽ اسان جون ڳالهيون ڪندءِ ڪي.

 

مائي جواب ڏنو:

 

 

 

 

ڀڄڻا تون آئين ڀـَـڄي، مون لڄايئـِـي سيڻ
تو ڳل ڏيان ٻانهڙي، تون ڀاءُ ته آنءُ ڀيڻ.

 

 

محمد جوش ۾ جـَـلي ويو، مينهـَـن جي ڀاڻ ۾ اچي گهڙيو:

محمد ماراڪـِـين ۾ نـَـريـُـون ڀڃي نر
سانن جا سڱ سنوان ڪري ڪـُـنڍين لاٿائين ور.

 

زال مڙس جي جهيڙي ۾ ڏينهن ٿي ويو. مائي چوڻ لڳي ته: محمد! منهنجا ڀائر هتي ڪـُـٺا پيا آهن، تون وري مون وٽ آيو آن! پوءِ محمد پنهنجو لشڪر تيار ڪري پنجاهي جوانن جي سان اچي لشڪر ۾ پهتو:

جنگ جوانن اَڏي آ، محمد ٻيليڙن
وڏ ڦڙو واڪا ڪري، ٽنگڙ ٽهه ٽهه ڪن
اٺارين ڏينهن مقابلو اچي نبيريو نرن
اَٺارهن لک ماري چڪو، محمد ماريو تن.
                                      ---

خوني خط محمد جو، واچيو ننگر راوَ
خط پڙهي ڪري آيس رت ڦڙا
محمد هاڻي ماريو، تڏهن جيئڻ ناهه صلاح.

 

سندس چاچي دودي اها ڳالهه ٻڌي ته ننگر خط پڙهيو آهي، هانءُ کي جـُـلبو آيس ته چيائين: ننگر جو موت مون اکين نه ڏسان! سو ڀائٽي ڏي هڪڙو ڪوڙو خط لکي روانو ڪيائين ته تنهنجي پيءُ ڏانهن خط آيو آهي ته ري ڏاڙهيو ۽ ڪـُـنوارو جنگ تي نه اچي. سندس چاچي جو خط پڙهي ننگر پنهنجو گهوڙو ۽ هڪڙي پوشاڪ پـَـٽ جي لهار کي ڏنائين ته مونکي رُڪ جي ڦڻي ٺاهي ڏي، پر دير نه ڪر. رُڪ جي ڦڻي ٺهرائي، جيئن سندس چاچو دودو ڪچهري ۾ ويٺو هو، پنهنجي ڏاڙهي جي چـَـم ۾ گهيري بيهائي آيس ته: چاچا! مونکي ڏاڙهي هاڻي لٿي آ، پئرن ۽ سوٽن جا اڄ نه وير ورتم ته ڪاٿي لهندم. سندس چاچي دودي چيو ته: پٽ! تون ضرور ويندين؟ چيائين ته: هائو، ضرور ويندس. دودي چيو ته: ننگر! تون هـِـڪـِـي رات رهي پئو ته تنهنجي شادي ڪيان. سندس ڌيءُ پنهنجي ڀائٽي کي ڏيڻ لڳو.

دودي ماڻهو موڪليا، مائي مريم ڏي
مـِـڙي اچو ڏاڏي پوٽيون ته ننگر سـَـوَڻ ڪري.

 

ننگر کي پرڻائي سڀڪو ٻاهر نڪري روانو ٿيو ته ننگر پنهنجي ترار خالي ڪري زال ۽ پنهنجي وچؤن کڻي رکي ته جيتر ڀائرن جو وير نه وٺندس، توسان منهنجو سـُـمهڻ حرام آهي. انهي پـَـرڻي ويس ۾ ترار کڻي پنهنجي سـَـن جي پنجاهه جوانن جو لشڪر گڏ ڪيائين. چڙهي گهوڙن تي ٿيا روانا. اڳيان چنيسر عالادين کي احوال ڪيو ته: مونکي نڪو ڌيءَ نه ڪو پٽ. ته ايتري ۾ پنهنجي پٽ تي ديد پئجي ويس، سو عالادين کي چوڻ لڳو ته: دودي جو پٽ ٿو اچي، انهيءَ کي ائين چئجو ته ٻاگهي جو سڱ مونکي، پڳ چنيسر کي ڏيو ته پوءِ توهان جو ۽ اسان جو خير آهي. ننگر اچي سلام ورايو ته اڳيان عالادين چوڻ لڳو:

ڪير آن، ڪاڏي وڃين، وڃين ڪهڙي واء
ڪَـن جو آهين ٻيٽڙو، ڪن جو آهين وياءُ؟

 

اڳؤن جواب ڏنو ننگر:

آهيان سائو سومرو، وڳهه ڪوٽ وريام
پٽ چنيسر خان جو، ننگر منهنجو نام.

 

اتي عالادين چنيسر کي چيو ته: تنهنجو پٽ آهي؟ چنيسر چيو:

 

 

 

 

ڪير آهي، ڪاڏي وڃي، وڃي ڪهڙي واء
ڪن جو آهي ٻيٽڙو، ڪن جو آهه وياءُ
ڏسي دَهليون ديمين جون، سوڙهو ٿيس ساهه.

 

 

اتي ننگر جواب ڏنو:

پـِـيـُـو ته آهين منهنجو، وَر ٽـَـڪـُـن جا نه لاهه.

اتي عالادين چوڻ لڳو ته: ننگر! منهنجي ڳالهه ٻـُـڌ، ٻاگهي جو سڱ مونکي ڏيو ۽ پڳ چنيسر کي ڏيو ته پوءِ آن جو ۽ اسان جو خير آهي. اها ڳالهه ٻڌي ننگر جوش ۾ کانئس ٻه سڱ گهريا:

ڀـَـلو ڀـَـلو بادشاهه، بـُـڇان ڪين ڳالهاء
اوهان تـُـرڪ اسان سومرا، اها جوڙ نه جاء
دودي مان کي موڪليو سـُـهرو ڏسي آ
جيڪا آندي ٿئي دلي کؤن، دودل کي پرڻاءِ
دودو ڏيندءِ ڪينڪي پنهنجي ديس جي ڏَڦيلـَـڻِ چاء
رُڪ چـَـٻـيندَءِ ڍيرِڙِيـُـون، دودي جا اُمراء
داڻو ڏيندءِ هٿ سان، جيئن ڇـُـٽي روز منجهاءِ
هاڻي دودي جائي سومرا، اچي ڳوڌا ٻڌندءِ ڳاهه.

 

عالادين پنهنجي ڪاوڙ ۾ چيو:

عالادين ائين چيو امرائن کي ته ننگر مارايو
بڇائي بازن کان هن جون اکيون ڪڍايو.

 

ننگر جنگ ۾ اچي گهـِـريو:

جنگ جوانن اَڏي ننگر ٻيليڙن
اَڻ ڏنگيرا سومرا، نالي مور ٽـِـلـَـن
اچي گـِـهريو آ جنگ ۾، جيئن ڳوڌا ڳاهه ٻـَـڌن
هڻن ٿا هڪٻئي کي، سـُـورهه سانگ نه ڪن
ويهين ڏينهن مقابلو، اڃان مانجهي ڪين مڙن
کنيؤنِ تـَـؤ ترار جي، طنبـُـن اوٽ لـِـڪن
مغل ڀي ماندا ٿيا بيٺا پاڻي پاڻي ڪن
عالادين ائين چيو طنبن تاڪ ڦرن
ننڍي وڏي جي وات ۾،  ’دودو دودو‘  ڪن.

 

اِتي ننگر چيو ته: هاڻي عالادين سان صفائي ڪريان، پوءِ جيئن هوندا ڀاڳ اُهين ٿيندا. سنڀري عالادين تي سڌو ٿيو. عالادين اڳيان محبوب سبحاني جو پـَـلوَ جـَـهلي بيهي رهيو ته: مونکي ســِـر جو ٿورو ڏي، اوهان ڏاڏي پوٽا آپت ۾ وڙهو ته مون سان ڪيئن ٿا وڙهو! ننگر چيو ته:

پـِـيـُـو ماريان ته پاپ ٿـِـئي، ماءُ سـَـڏيجئهِ رن
ڊڄان خوف خدا جي کان، نه ته ڪـَـپـَـسُ مـُـنڍئون ڪن.

 

سندس ترار ننگر پنهنجي پيءُ ڏي اُڇلي. چنيسر ننگر جي ترار کڻي پنهنجي پٽ جي سـِـري وڍي ورتي. اِتي چنيسر جي هانوَ کي جـُـهٻو آيو، سو پنهنجي پٽ جي سـِـرِي کڻي جهولي ۾ رکيائين ته سـِـرِي پنهنجي پيءَ کي جواب ڏنو:

ڪوڙا پـُـٽ لوهاري جا، ڪوڙا ڀاڪر نه پاءِ
ڪر نه نـَـناڻـِـڪـِـي ڪارِڙي، ور ٽـَـڪن جا نه لاءِ
اسان مارِيا گهوريا، دودي کي نه ماراءِ.
                                      ---

خوني خط ننگر جو، واچيو دودل راوَ
خط پڙهي ڪري آيس رت ڦڙاء
ننگر هاڻي ماريون، جيئڻ ناهه صلاح.

 

 

 

 

 

دودو پنهنجي نـِـيلـِـي کي سنج ٻڌي، شام جو تيار ٿي، رات جو لشڪر سان وڙهي، صبح جو پنهنجي جاڳهه تي اچي آرام ڪري. عالادين پڇڻ لڳو چنيسر کان ته: دودو ڪيئن مرندو؟ چنيسر چيو: دودو ائين مرندو ته سوا جـِـريب ۾ سـُـوريون اَڏين، جن جي مٿان ٻه آڱر ڪپهه ڏني وڃي. اتي هڪڙو همراهه بيهاريو اهو نيل کڻي ٿالهه تي وڄائي ته نـِـيلـِـي زمين تي لهندي، جو دودي جي نيلي زمين کان ٻارنهن گز مٿي اُڏامندي آهي، هڪڙي همراهه وڃي انهيءَ ٿالهه ۾ نيل کڙڪايا ته نيلي زور سان اچي سوريـِـن جي هڪڙي ڀر تي رُنبـِـجي رهي. اتي لشڪر اچي دودي تي سوڙهه ڪئي. سندس ڀاءُ چنيسر چوڻ لڳو: دودا! پڳ جي پچر ڇڏ! ته اڳيان دودي جواب ڏنو ته: هاڻي پڳ ٻڌي ڇا ڪندين؟ پويان رهجي ڇا ويو آهي؟ اِتي لشڪر وري سوڙهه ڪرڻ لڳو، تڏهن دودو  ’يا علي‘  جي هڪل ماري سورين کان ٻاهر اچي بيٺو. سندس گهوڙي سورين ۾ مري وئي. پوءِ دودي اچي ترار وڌي. سياڻا سڇ چوندا آهن ته:  ’سچ چائجي يار جي واران، ڌُڪو چائجي ڀاءُ جي واران.‘  چنيسر ڀي پنهنجي ڀاءُ جي مدد ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏنو:

 

ننڍي گهاڻا کوڙيا، وڏو ڇـَـليـُـون ڏي
ڪونه ڇڏيونِ پڙ ۾ ڪو داڻو دِلي ڏي.

 

دودي ۽ چنيسر جو حملو ڏسي عالادين ڊپ کان نوَن (9) سوارن سميت مـُـئن ماڻهن ۾ ڇپ ماري پئجي رهيو. اتي دودو- چنيسر کي چوڻ لڳو ته: ادا، لشڪر ٻنهي طرفن جو مارجي ويو، هاڻي پاڻ پٺيان ڇا هلي ڏسون؟ سو آپت ۾ ٻئي ڄڻا گوريون کائي مري ويا. جهڙي وقت هو ٻئي مئا، عالادين اُٿي ڀير تي ڏاڪو ماريو ته  ’مون جنگ فتح ڪئي.‘  هوڏانهن وري دودي جي گهر ۾ ڀير تي ڏؤنڪو لڳو جو انهي رات دودي جي گهر پٽ ڄائو هو ۽ عالادين ڏي ماڻهو پيغام کڻي آيو ته دودي جو پٽ ڪنهن ولايت ويو هو، سو موٽيو آهي، هاڻي پنهنجي پيءُ جو پـَـلؤ وٺڻ لاءِ تيار ٿي آيو آهي. اهو ٻڌي عالادين ڊپ ۾ چيو ته: مون کان لکي وٺو ته جنگ اوهان کٽي، مون هارائي، باقي دودي جو پٽ مونکي ڏيکاريو. دودي جي پٽ کي چاليهه ٻـَـلوتـِـڻون پـَـٽَ جو ٻڌي، هڪڙي ٿالهه ۾ کڻي آيا. جڏهن عالادين ڏٺو ،تڏهن پنهنجي سٿر تي هٿ ماري چوڻ لڳو: هاءِ هاءِ! منهنجي کٽيل جنگ هارجي وئي. اتي ٻالڪي آرس ڀڳي ته چاليهه ٻـَـلوتڻان ٽٽي پيا. پوءِ عالادين پنهنجي گهوڙن تي سوار ٿي موٽيو ته واٽ تي وَنگو وَلهار اچي رسين، جيڪي سؤ ڪوهه جي خبر دودي کي ڏيندا هئا ۽ جنگ کان پـَـهلي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هـَـلي ويا هئا، سي دودي جي خبر ٻڌي ڪاوڙ مان نڪري اچي عالادين کي پهتا ۽ نوَن سوارن سان عالادين کي ماري ڦٽي ڪيونِ. چوندا آهن ته:

 

 

 

 

 ”دودو ڌوڙ چنيسر ڇائي،
هن جي ڪثر هن ۾ آئي.“

 

 

 

 

-----*----

 

 


 

(1) گم = غم

(1) اناءِ = اَڻاءِ، گهـُـراءِ.

(1) واگهو = واچوڙو.

(2) ماٿيلو.

(3) سـِـرواهي = سنجرپور، تعلقي صادق آباد جي ڏکڻ طرف.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org