سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: دودو چنيسر

باب: 1

صفحو : 2

 

 

تحفة الڪرام ۾ ڏنل ڳالهه(1)

 

]هيءَ روايت  ”تحفة الڪرام“  (تصنيف 1182هه) تان ورتل آهي، جيڪا مصنف علي شير قانع ساڳي  ’تاريخ طاهري‘  واري روايت تان نقل ڪئي آهي، البت پنهنجي طرفان معمولي اختصار کان ڪم ورتائين. سندس روايت موجب تميم قبيلي جو ڪو اڳواڻ، سلطان علاؤالدين وٽ فرياد کڻي ويو هو.  ن- ب[

قصو ڪوتاهه - جڏهن دلوراءِ جي ظلم کان مهراڻ جو پاڻي سيوستان جي پاسي کان وهڻ لڳو، ۽ هي زمينون جيڪي هاڻي آباد آهن، سي آباد ٿيڻ لڳيون، تڏهن سومرن جي زمين خشڪيءَ سبب ويران ٿيڻ لڳي. هوڏانهن ڏنڀ جي ظلم ۽ زال جي کسجڻ ڪري، تميمي (جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو) دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاؤالدين جي دربار ۾ دانهن کڻي ويو، جنهن تي ڪن (تاريخ نويسن) جي چوڻ موجب سلطان پاڻ، ۽ ڪن جي چوڻ موجب سالار خان نالي سندس سپہ سالار، سومرن تي ڪاهي آيو. سومرا، چارڻ قوم کي - جنهن کي ٻئي قومون وڏي تعظيم ڏينديون هيون. منٿ ڪري، (پنهنجو) اهل عيال ابڙي نالي ابڙاڻي سمي ڏانهن ڪڇ موڪلي، پاڻ سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا، ۽ جڏهن بادشاهي لشڪر انهيءَ قوم جي مٿان اچي طوفاني بلا وانگر ڪڙڪيو، تڏهن سخت جنگ ڪيائون.

 

سومرا قوم جو سردار  ”سپڙ“  سومرو، شاهي لشڪر جي غازين جي خونخوار ترار جو لقمو ٿي ويو، ٻين کي محمد طور شهر ۾ رهڻ جي طاقت نه رهي، ۽ لاچار ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا. بادشاهي لشڪر پڻ سندن زالن ۽ ٻارن جي پويان ڪڇ ڏانهن يلغار ڪئي، ۽ جتي به رات رهيا ٿي، اتي دشمن جي راتاهي جي ڀؤ کان لشڪر جي چوڌاري کاهي کوٽيائون ٿي - اڄ انهن کاهين مان گهڻيون، اونهان دريا ٿي پيون آهن. ڪڇ پهچڻ تي ابڙي  سمي، سومرن جي عيال اطفال مٿان، سلطاني لشڪر سان ڪيئي جنگيون ڪيون.

 

سومرين ماين جي زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو احوال:

چون ٿا ته انهي ڀاڄڙ ۾ سومرن جي اولاد مان ڪي پاڪدامن نينگريون، همراهن کان ڇڄي، شاهي فوج جي چنبي ۾ اچي ڦاٿيون، ۽ خدا ڏانهن متوجهه ٿيون. جڏهن فوج کين پڪڙڻ لاءِ ويجهي پهتي، تڏهن اهي پاڪدامن نينگريون، بچڻ جو آسرو لاهي، قادر ڪارساز جي درگاهه ۾ ٻاڏائي، وٺي انهيءَ جبل ڏانهن ڀڳيون، جنهن ۾ لڪل هيون. قضا الاهي، اهو جبل ڦاٽي پيو ۽ انهن پردي-  وندين کي، جن ڪڏهن به ڪنهن نامحرم جو منهن نه ڏٺو هو- لشڪر جي هٿ کان بچائي، پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏنائين. سندن چادرن جون ڪنڊون، عبرت ۽ يادگار واسطي ٻاهر رهجي ويون - اها جاءِ، انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين، ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي.

قصو مختصر - سومرا قوم کان پوءِ سما قوم نڪري هن زمين جي وارث ٿي، ۽ جيئن ته سلطاني لشڪر جي آمد سببان  ’محمد طور‘  شهر ويران ۽ برباد ٿي ويو هو، تنهنڪري ساموئي ۽ ٻيا نوان ڳوٺ آباد ڪري، محمدطور شهر کي - جو درڪ جي پرڳڻي ۾ هو - منحوس سمجهي ڇڏي ڏنائون.

 

----*----

 


 

 

 

 

ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي بيتن ۾ ڏنل اهڃاڻن مطابق ڳالهه

 

 

]ميين شاهه عنات جي ڪلام ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي رسالي ۾ ڪن مشهور شاعرن جا دودي- چنيسر جي ڳالهه بابت چيل بيت ملن ٿا، جن ۾ هن ڳالهه جا ڪي اهم ٽاڻا ۽ اهڃاڻ سمايل آهن. اهي بيت هن ڳالهه تي آڳاٽا شاهد آهن.    ن - ب[

 

عالادين بادشاه يارهن لک لشڪر وٺي دودي سومري تي ڪاهي آيو. دودي، عالادين سان جنگ ڪئي ۽ سومريون سامون ڪري اَبڙي سمي ڏانهن ڏياري موڪليون. اهي سامون پهريائين ابڙي جوڻيجاڻي وٽ پهتيون، جنهن عالادين جي ڊپ کان سامون نه جهليون. پوءِ اهي سامون ڪڇ جي هڪ حاڪم ابڙي سمي ڏانهن ويون، جنهن سامون جهليون. عالادين سامون هٿ ڪرڻ لاءِ ابڙي سمي تي ڪاهيو. ابڙي سمي کي صلاح ڏنائون ته هو سلطان عالادين سان صلح ڪري ۽ سومريون سندس حوالي ڪري، پر هن سامون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ عالادين سان جنگ ڪئي. ابڙو سمو ڪڇ جو جاڙيجو سردار هو. ابڙي سمي سامن خاطر سر ڏنو. هو وڏو سورهيه ۽ سخي هو. جهڙي ريت  ’ٻيلي‘  ۾  ’سپڙ‘  جي سخاوت مشهور هئي، تيئن ڪڇ ۾ ابڙي سمي جي سخا به مشهور هئي. سومرن ۾ باقي هڪ نينگر ڏونگر راءِ وڃي بچيو، تنهن به سامون عالادين کي نه ڏنيون.

عالادين يارهن لک لشڪر سان دودي تي ڪاهيو:

چڙهن چونڪيون جنهن سين، ڪارهن لک ڪروڙ
پرو پيڳن ناهه ڪو، جليبي جسوڙ
دودو تان نه دهليو، ڏَير پسي ڏوڙ
مالڻ چوءِ، مٿير جي هلي آئي هروڙ
گهڙيو ڪارڻ گهور، سرڻيون جهلي سـُـوَڙو.


 

(ميين شاهه عنات جي رسالي

مان  ”مالڻ“  نالي شاعر جو بيت)

دودي سامون موڪليون جيڪي اول ابڙي جوڻيجاڻي وٽ آيون پر هن عالادين جي ڊپ کان نه جهليون، پوءِ ابڙي سمي سام جهلي:

عالادين آئيو، کڻي ڇل ڇڳير
ڪهين ڪين همٿئو، ڪانَ جهليندو ڪير
سمي اُٿي سام کنئي،ابڙي ڪئو اُٺ- پير
هو مهاين مير، پر مستوراتن مارئو.

 

(شاهه جو رسالو)

عالادين جي ابڙي سمي کان سامون کسڻ لاءِ ڪاهه:

ٿر ڏونگر جي وچ ۾، منهن ڪيو اچن جي
ڪٿي سمون ابڙو، سرڻيون جنهن ڳري!
سو مر موٽائي ڏي، مڇڻ اُڇل عيراقين نه سهي.

 

(شاهه عنات)

عالادين آئيو، تنهن جي هاٿي هاڪ هنئي
ڀڳو ڪوٽ ڪفار جو، پيئي ڀـُـڄَ ڀئي
آرڻ ٻڌي ابڙي، رڻ ۾ رُڪ رَئي
تيغن تاءُ، طيب چئي، سگهي ڪونه سهي
رَب هب لي اُمتي، چڙهيو ڄام چئي
سمي سام کنئي، سرڻن جو سک ٿئو.

 

 

 

(طيب جو بيت: شاهه جو رسالو)

 

سمي سامون جهليون، ٿو عالادين اچي
سانگيون سائـُـن هٿ ۾، مر اوراهون اچي
جانڪيتان، يوسف چئي، اُن وٽ اهڙو رنگ رچي
الا! شال بچي، عالم اِن اُڇل کان.

 

(يوسف جو بيت: ميين شاهه عنات جو ڪلام)

ابڙي سمي کي سلطان (عالادين) سان صلح ڪرڻ جي صلاح:

ڪڍي گهلَ گهران، صلح ڪر سلطان سين
ته تون تنہ دران، ڏهاڻئو ڏاڻ لهين.

 

(شاهه جو رسالو)

ابڙي جاڙيجي سمي سامون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ عالادين سان جنگ ڪيائين:

سر تان سرڻيون نه ڏيان، جي هميراڻا ٻار
مون وٽ مهائين گهڻا، تون ڪر ٺاڪر ٺار
اُبيٺو، عنات چئي، ڳنهي جاڙيجو يار
رڻمل رب اُهار، ٿو سمون سونهريون هڻي.

 

(شاهه عنات)

گجي ڏي گوڙيون، در ڇلين ڳر سرڻيين،
ڏسي هڏ نه ڏهسيو، ڏ ر ڏَيرُ ڏوڙيون
سي لاکي نه لوڙيون، جي تو اجهي اَبڙا.

 

(شاهه عنات)

ابڙي سمي جاڙيجي عالادين سان جنگ ڪئي:

 

 

ابڙا آيون تو ڳري، سي سائو سرڻيون پس
آڳهه اڙين آهيين، تو جاڙيجا جس
آيا عيراقين چڙهي تن تـُـرڪن ناهي ترس
اڳيان ڪنؤرن ڪـِـلو وارئو جني منهن ۾ مس
هڻيو هوڻينگن کي، لاهين قطب چوءِ ڪس
سمون ڄام سرس، ات هڻي مٿيرو مصريون.

 

 

(قطب شاهه)

ابڙي سمي جي سورهيائي ۽ سخاوت:

جو ڇليون پسي نه ڇڪئو، تنہ واکاڻئو وِکَ
لڏي ڪين، لطيف چئي، لکنِ اڳيان لک
پير نه موڙي پاهنجو، تکي پيئي تک
سرڻن ڏي نه سکَ، هڪل سين هالار ڌڻي.

 

(شاهه جو رسالو)

سرڻن جا سوٺا سهي، وسيلو وِلهين
لڏي ڪين، لطيف چئي، اڳيان لال لکن
جت ڪوڙين ڪين ڪڇن، اُت پاٻوهي پڌرو.

 

(شاهه جو رسالو)

سمون تن سڏ ڪري، جن تي وڏو وير
اُٿي ته آجي ٿيان، پائي پاڳوڙي پير
تورِيءَ ٻيو ڪير، سرڻن جا سوٺا سهي.

 

(شاهه جو رسالو)

ابڙو اڳاهن ۾، سپڙ جيئن ٻيلي
سي پٽ ڪنہ نه پوئڻا، پوريا، جي ٿو ڀڙ ڀيلي
سڄڻ سانوڻ مينہ جيئن، رِڃون ٿو ريلي
اچن جي ويلي، تن بور بخشي ڀٽ - ڌڻي.

 

 

 

 

(شاهه جو رسالو)

 

سما تو سر ڇٽ، نا ته پاڳارا پرس ٻئا
ڳهڻ تنهنجي ڳڃڙي، اچي جال جڳٽ
جـَـن جيهائي پٽ، تن تيهائي بکيا.

 

(شاهه جو رسالو)

سومرن مان باقي ڏونگر راءَ بچيو، تنهن به سامون ڏيڻ کان انڪار ڪيو:

ٻئن مڙني ڏنيون، ڏي نه ڏونگر راء
اڻ ڏِٺين آڏو ڦري، ڏٺيون ڏي ڪئاء
لوڙيون لک مٿاء، اِن مٿيري موٽائيون.

 

(شاهه جو رسالو)

 

----*---


 

(1) ڏسو  ”تحفة الڪرام“  تصنيف: مير علي شير قانع ٺٽوي، مترجم: مخدوم اميراحمد، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ، سن 1957ع، ص 119- 120.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org