سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب:دودو چنيسر -1

ڳالهه: 1

صفحو :1

دودو چنيسر (جلد پهريون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

تاريخ طاهري ۾ ڏنل ڳالهه(1)

]هيءَ روايت  ”تاريخ طاهري“  تصنيف 1030هه/1621ع تان ورتل آهي. هن ڳالهه ۾ ابڙي سمي جي سام جهلڻ، علاؤالدين جي لشڪر سان جنگ ڪرڻ ۽ سومرين جي زمين ۾ پيهي وڃڻ جا خاص ٽاڻا سمايل آهن.   ن- ب[

جڏهن دلوراءِ جي ظلم کان الور وٽان وهندڙ درياءُ سڪي ويو ۽ مٿان پنجاب واري درياءَ جو وهڪرو ڦري سيوهڻ طرف کان ٿيو ته هيءَ سرزمين جا هينئر آباد آهي، سا آباد ٿي ۽ سومرن جا آباد شهر خشڪيءَ سبب ويران ٿيڻ لڳا.

داغ ٿيڻ جي ظلم کان(2) دودو سومرو، دهلي جي شهر ۾ وڃي، سلطان علاؤالدين جي آڏو فريادي ٿيو.  ’سالار‘  نالي بادشاهه جو سپہ سالار وڏي لشڪر سان سومرن تي ڪاهي آيو ۽ اُهي به مرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ٻارن ٻچن کي وڏي عمر جي ڏومن (مڱڻهارن) سان گڏ ابڙي ابڙاڻي ڏي روانا ڪيائون. ابڙو مذڪور، مٿي ذڪر ڪيل سمن جي آزار کان، انهيءَ واقعي جي ڪري جيڪو مٿي بيان ٿيو، ڪڇ ملڪ ڏي ڀڄي ويو ۽ ان ملڪ کي پنهنجو ملڪ بنايو هئائين.

هنن ٻنهي قومن ۽ قبيلن (سومرن ۽ سمن) جي وچ ۾ رسم رواج آهي ته پنهنجي ڳائڻن، جهڙوڪ: ڪٺڙيا(3) ۽ چارڻ، مڱڻهار ۽ ٻارٽ- تن کي گهڻي عزت ڏيندا آهن.

اهل عيال کي رواني ڪرڻ کان پوءِ، سلطان جي لشڪر سان ڪئين ڀيرا

 

 

وڏي جنگ ڏنائون. ساهڙ سلطاني(1) نالي سومرن جي لشڪر جو سپہ سالار جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو ۽ ٻيا ڀڄي ويا. بادشاهه جي لشڪر انهن جي اولاد جو پيڇو ڪيو. (سومرن جي) گادي جي شهر محمد طور کان وٺي ڪڇ ملڪ تائين انهن جي پويان لشڪر ويو. کين جتي رات ٿي پيئي، ته اُتان جي زميندار جي ڊپ کان لشڪرگاهه جي چوڌاري اهڙي ته شاهي کاهي ٿي کوٽيائون جو سلطاني لشڪر جي انهن کوٽايل کاهين مان هرهڪ هينئر هڪ وڏي ڍنڍ ٿي پيئي آهي.

 

 

مطلب ته جڏهن ڪڇ جي سرحد ۾ آيا، ته اُن ملڪ جي حڪمران ابڙي سمي، اهل عيال جي بچاءُ لاءِ سلطاني لشڪر سان اهڙيون ته جنگيون ڪيون، جو نيٺ ميدان ۾ ئي پورو ٿيو .

 

اهي زالون جن ڪڏهن نامحرم جو منهن نه ڏٺو هو، سي گهيري ۾ اچي ويون. سلطاني لشڪر پهچي ويو، انهيءَ لاءِ ته انهن کي قيد ڪري. جڏهن انهن پاڪدامن عورتن کي الله جي مهرباني کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه رهيو، تڏهن حاجت جا هٿ نياز سان خدا جي بارگاهه ۾ کنيائون ۽ استدعا ڪيائون ته:  ’اي خدا! تنهنجي مهرباني جي پناهه کان سواءِ اسان لاءِ ٻيو ڪو اجهو ڪونهي: هن جبل کي حڪم ملي ته هنن بيواهن جي پناهه ٿئي، ته جيئن نامحرمن جي هٿن کان محفوظ رهون ۽ ظالمن جي عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.‘  جيئن ته الله تعاليٰ سڀني کان ويجهو آهي ۽ سڀني دوستن کان وڌيڪ دوست آهي، انهن پاڪدامن عورتن جي دعا مقبول ٿي، ۽ اها ٽڪري هر هنڌان ڏري پئي، هر پاڪدامن عورت انهن ڏارن ۾ پناهه ورتي، ۽ بادشاهه جي سوارن جي پهچڻ تائين، اهي انهن شگافن ۾ اندر پيهي ويون، پر ڪن جي چادرن جا پلئه پٿرن کان ٻاهر رهجي ويا هئا، جو بادشاهه جي لشڪر وارن ڏسي عبرت حاصل ڪئي ۽ موٽي هليا ويا هئا. اڄ تائين ڪڇ ملڪ ۾ اهو جبل ۽ اهي نشان ظاهر بيٺا آهن.

مطلب ته جڏهن سنڌ ۾ سومرن منجهان اهڙو ڪو ماڻهو نه رهيو، جنهن جي دماغ ۾ حڪومت ڪرڻ جو خيال ويٺل هجي، تڏهن سمن پنهنجون ٻيون بستيون درياءَ جي ڪنڌيءَ سان آباد ڪيون.

 

------*-----


(1) ڏسو:  ”تاريخ بلده تهة المعروف بہ تاريخ طاهري“ ، تصنيف سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، تصحيح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1384هه/1964ع، ص 48-50.

(2) وڌيڪ طاقتور پاڻ کان هيڻن کي ٻانهپ جو داغ ڏيندا هئا.

(3) اصل صورتخطي  ’کتريہ‘ . شايد مراد  ’ڪٺڙيا‘  هجي، يعني  ’ڪٺ وارا.‘ 

(1) اصل صورتخطي  ’سهر سلطاني‘ .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org