سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 14

ٻاهڙ مير طرف جي روايت

فقير عبدالستار مهر (ضلعو ٻاهڙ مير) جي ٻڌايل ڳالهه

[هي ڳالهه اسان 13-14 ڊسمبر 1974ع تي فقير عبدالستار مهر کان، ڪچهري ڳوٺ گلو پتافي تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ ٻڌي قلمبند ڪئي. فقير عبدالستار پٽ بـِـيڌي جو، پاڙو  ”صـَـحبـُـوجو“  مهر، عمر اٽڪل ستر سال، اصل  ”هـَـوُ واري تـَـڙ“  (ڏهرڪي کان ٻائيتاليهه ڪوهه اوڀر) ۾ ڄائو نپنو، ۽ پوءِ 1918ع کان 1965ع تائين وڃي سندس ناناڻن ۾ ڳوٺ جوراناڏو“  تـَـرائي (تعلقو سـِـئو، ضلعو ٻاهڙمير) ۾ رهيو. ٻٽيهن سالن جي عمر جو هو جو هي ڳالهه سگهڙ بچل پٽ علي پاڙو چهڙو مهر (ويٺل تڙ ڀـَـڏُرو، ڳوٺ  ”نـُـوري جو ڀـُـرج“ ، تعلقو پوڪرڻ) کان سکيائين. ان وقت اها ڳالهه جيسلمير طرف  ”گمنا مهر“  ۽  ”چـُـهڙا مهر“  قبيلن واري ملڪ ۾ هلندي هئي. پڻ مڱرين، جهنجهن، ڪـَـلـَـرن، ڪـُـهـِـرين (قبيلن) ۾ جيسلمير طرف هلندڙ هئي. سگهڙ احمد چهڙو مهر ويٺل  ”سرڪاري تڙ“  (رحيم يار خان کان چاليهه ڪوهه اوڀر جيسلمير جي حد ۾) ڪچهري جو مور هو ۽ ڳالهه کڻندو هو. پيراڻو گمنو مهر، مـَـڪو گمنو مهر، اڪبر گمنو مهر ۽ رائڌڻ مهر، ويٺل منڊائو تڙ (ضلعو جيسلمير) ڳالهه کڻندا هئا. رائڌڻ وڏو ڪويسر هو. پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا ۽ انهيءَ ڪري واڄو ڪونه ڪندا هئا. اڪبر پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪئي ۽ پيراڻو ۽ مڪو پنج ڇهه سال ٿيا جو گذاري ويا. راوي عبدالستار صحبوجو مهر پڻ پير صاحب پاڳاري جي جماعت جو، انهيءَ ڪري بنا واڄي جي ڪچهري ۾ ويهي ڳالهه ڪري. هينئر ويٺل ريتي ۽ ڏهرڪي جي وچ ۾، سانگي ماڻهو، ميرپور ۽ اٻاوڙن تعلقن ۾ وَس سانگي ويهي. کيس پنهنجو ڳويون، جن تي گذر ڪري. ن - ب[

وڏو دودو پٽ ڀونگر راء جو هو، جيڪو وڳهه ڪوٽ جو بادشاهه هو. اڳين ۽ وچين جي وچ واري وقت ۾ ڄائو:

 اڳينءَ وچينءَ وچ ۾ ٻانگي ڏني ٻانگ
سـَـتَ ڀـَـتيليءَ سومـِـرِي، ڄايو دودو ڄام.

 

اڃان ٻارڙو هو جو وڏي قـُـوت ۽ سگهه وارو:

جـِـندرو کير رو، مڻ مصري کاءِ.(1)
سـِـڪندي ڏينهن لهي، رئندي رات وِهاء.

 

 

 

 

 

دودو وڏو ٿيو ته پهلوان ٿي ساماڻو. ڦـُـليو نالي ڀونگر راوَ جو ميهار هو، تنهن کي چيائون ۽ هڪ مينهن دودي جي کير لاءِ جهليائون. دودو پنهنجي کير واري مينهن ڪلهي تي کڻي وڃي باغن ۽ ٻنين ۾ چاري ايندو هو. ڀيل ٿي ته ماڻهو حيران ٿيا، آخر پير ڏسي پڪ ڪيائون ته ڪو ماڻهو ٿو مينهن کڻي اچي. پوءِ انهن جاين تي باهه جا مچ ڪري ڇڏيائون. دودو مينهن کڻي آيو. باهه تي جو هٿ سيڪيائين ته ان جو اثر ٿيو ۽ مينهن کنيائين پر ان جي هڪ کـُـرنڊِي پويان گهلبي آئي. صبوح جو راهڪ آيا ۽ اهو ليڪو وٺي ڀونگر راوَ جي ڀاڻ تي آيا ۽ بادشاهه کي فرياد ڪري چيائون ته: تو اسان جي ڀيل ڪرائي آهي، اسين ڪيڏانهن وڃون! پوءِ ڀونگر راوَ انهيءَ ڳالهه جي دودي کي منع ڪئي، پر دودو نه رهيو. غريبن جي ڀيل ٿيڻ لڳي، جنهن تان ڀونگر راوَ، دودي کي ديس نيڪالي ڏني:

 

سڻي ڳالهڙي پيءُ جي دودو تپي ٿئڙو رُڪ
گهوٽ ٻـَـڌندي مولهيو ڪـِـيو مٿان ڏينهن مـُـڙِڪ.(1)

 

پوءِ پيء کي چيائين ته:

تو ماريو ڌَماچـِـي سينهڙو، مون ماريو سـِـڪر جـِـنُ
ڪا جا آهي ڪاوڙ من ۾، اچي ڀونگر ڀالو ڳـِـنُ.

 

دودو پوءِ ٻه ڪـُـتا پاڻ سان وٺي روانو ٿيو. سـِـڪر جن کي تازو ماريو هئائين. سج لٿو ته اُن جـِـن جي ماء آڏو آيس ۽ ڊوهه ڪري چيائين ته: ابا! آءٌ تنهنجي ماسي، تون مون وٽ هلي ٽـِـڪ. دودو سياڻو هو، صحيح ڪري ويو. سو چيائينس:

هـِـت مانجـُـون ماسـِـيون، رِڻ ۾ راڻيون ڪانههِ(2)
ڪالهه جو ڪاري ڪـَـنين، متان هجين سـِـڪـِـر جـِـن جي ماء!

 

دودو پوءِ اڳتي ويو ۽ رات جو ڦليي ميهار جي ڀاڻ تي پهتو. ڏسي ته ڦليو ننڊ ستو پيو آهي، ڀرسان ٻـِـرَ مان نانگ نڪري، ڪَـرَ کڻي مٿس ٿو اچي ته ڦليي جي پاسي سان رکيل کنو سامهون ٿو ٿئيس ۽ نانگ وري ٻر ۾ لڪي ٿو وڃي. اهو لقاء ڏٺائين. ڦليو جاڳيو ته دودي کي چيائين ته: ڀونگر راوَ توکي ديس نيڪالي ڏني آهي، تون هليو وڃ. دودي چيو ته: آءٌ وڃان ٿو پر مونکي کنو ڏي. ڦليي چيو ته: پنهنجي ڪهاڙي مونکي ڏي ۽ کنو تون کڻ. اڳتي درياهه تي ويو ته ميربحر پتڻ ڇڏي ويا هئا. ڀونگر راوَ، ڦليي توڙي مير بحرن ڏي لکيو ته: دودي جي مدد نه ڪجو. پوءِ دودي کني جي چهنب درياء ۾ ڏني ته پاڻي جاءِ ڏني ۽ دودو اُڪري ويو. آڏو جهنگ ۾ ڪيهر شينهن ۽ شينهڻ هئا. دودو سڌو انهيءَ واٽ سان ويو. شينهڻ ڏسي شينهن کي چيو ته: هي جو سڌو ٿو اچي، سو ڪو زوراور آهي، ڀڄ ته ڀڄون. انهيءَ تي شينهن چيو ته:

تون ڀڄ ڀڄڻي، مان ڪيئن ڀڄان، ڪيهر نانء سندوم
سينگـَـنِ جي سٿ ۾ ويڻ ڪيئن لهندوم.

 

اتي دودي شينهن کي هڪل ڪئي ته:

اٿي پٽ گدڙ گدڙيءَ جا، آءُ کني جي گهاء.

تڏهن شينهن چيس ته: اچ ته ڀاڪرين وڙهون ته خبر پوي. باقي جي تو کنو هنيو ته آءٌ مري ويندس، ۽ جي مان چنبو هنيو ته تون مري ويندين. پوءِ ڀاڪرين پيا:

اچي گينوَر اڙيا پاڻ ۾، قادر! ڪـُـستي نهار.

هنن کي وڙهندي ڏسي مٿان ڳجهن اچي لامارا ڏنا:

ڳاڙهه - ڳليون ڳر جهڙيون، لڏي لامان ڪن:
ڪا کائون آکوڏا سينهن سندا، ڪا دودي سندا انگ.(1)

 

پوءِ دودي زور ڏيئي شينهن کي ماريو ۽ ٽي ٽڪرا ڪري، ٻه ٽڪرا ٻن ڪتن کي اڇلي ڏنائين.

دودل شڪار کيڏيو ڀاڱو ٽي ڪري
ٻه ڏي سـَـنگيـَـن کي، ٽيجهو پاڻ گهري.(2)

 

 

 

 

 

پوءِ دودو اتان هلندي اچي دلو راءِ جي بادشاهيءَ ۾ نڪتو. اتي هڪ گرڙ پک ايندو هو ۽ ماڻهو ماريندو هو. دودي ڏٺو ته دلو راءِ جي ڪڙمي ڪماند کي پاڻي پئي ڏنو، پر مٿي تي ٽانڊن جو ٿالهه رکيو هئس ته جيئن گرڙ پک نه کائيس. دودي ويجهو اچي احوال ورتس ۽ چيائينس ته: ڳنا وڍي آءُ. ڪڙمي ويو دودي لاءِ ڪماند وڍڻ، پويان گرڙ پک دودي تي لـُـوهه ڪئي. دودي ترار ڪڍي ٺڪاء ڪرايس ته گرڙ پک مري پيو، پر ڌڪ لڳڻ سبب ترار ۾ ڪـَـڪر پئجي ويو. مئل پکي کي اتي ڇڏي دودو پاڻ ويو لوهار کان ترار جو ڪڪر ڪڍائڻ. اڳيان هڪ انڌو لوهار گڏيس، جنهن چيس ته: ٻيلي! آءٌ آهيان نابين، جي منهنجون اکيون ٿين ته پوءِ توکي ترار جو ڪڪر ڪڍي ڏيندس ۽ ڌيءَ به پرڻائيندس. دودي اها ڳالهه ٻڌي کنو کنيو ۽ ان کي پاڻي هڻي لوهار جي اکين کي هنيو ته خدا جي قدرت سان ان جون اکيون سڄيون ٿي پيون. پوءِ لوهار کيس ترار جو ڪڪر ڪڍي ڏنو ۽ وعدي موجب ڌيءُ به پرڻايائينس، جنهن مان کيس چنيسر پٽ ڄائو.

 

هوڏانهن ڪڙمي سمورو احوال وڃي دلو راءِ کي ٻڌايو ته هڪ مسافر گرڙ پک کي ماريو آهي ۽ هاڻي ويو آهي لوهار ڏانهن ترار جو ڪڪر ڪڍائڻ. ان تي دلوراءِ ماڻهو موڪلي دودي کي گهرايو ۽ خوش ٿي کيس ڌيءَ جو سڱ ڏنائين.

پويان ڀونگر سان گجرن جنگ ڏني ته ٻاگهي جو سڱ ڏي. اها جنگ چار پنج سال هلي، انهيءَ وچ ۾ ڀونگر وفات ڪري ويو. ٻاگهي، ڦـُـليي ميهار کي ڀڄايو ته وڃي وددي کي ڄاڻ ڪر ته اچي هتي منهن ڏئي نه ته گجر سندس (ٻاگهي جي) ٻانهن وٺي ويندا. ڦليو ميهار ڪاهي جڏهن دودي وٽ پهتو ته ان وقت دودو ڪچهري ۾ ويٺو هو ۽ پريان ڦليي کي ايندو ڏٺائين. ڦليي کيس ويڻ ڏنا هئا ۽ وٿاڻ تي ٽڪڻ به ڪونه ڏنو هئائين، سو دودي اها ڳالهه ياد ڪري، پري کان ئي چيس:

ٻاٻاڻا ڦـُـليا، ويڻ نه وساريج
دودي ڀانءِ سنڌ ۾، تون سڌر ماڳ چتاءِ.

 

ڦليي ميهار چيو ته:

جر نه ٿئي ڪنگرين(1) ، راءِ نه ڳنڍي ويڻ
پاڻي رڱ رچي، مـَـڏِ ڪـَـجي سيڻ
(2)
گولي نيندا گـُـوجرا، چوندا دودي ڀيڻ.

 

تڏهن دودو اها ڳالهه ٻڌي وڃڻ لاءِ سنڀريو. کيس ڊوهه ڪري جهليائون ته جيئن نه وڃي، پر هو ان ڊوهه کان بچي ويو. وڃڻ وقت چيائين ته: آءٌ وڃان ٿو، جي پٽ ڄمي ته نانءُ رکجوس دودو. پوءِ دلو راءِ جي ڌيءَ مان پٽ ڄائو، جنهن جو نالو دودو رکيائون.

دودي ملڪ پهچي اچي گجرن سان جنگ ڏني، جيڪا ٻارنهن سال هلي. جنگ ۾ وڙهندي ٻئي ڌريون هڪ ٽڪر هيٺان هئا ته مٿان ڇپ ڪري پيئي ۽ دودو انهيءَ ڇپ جي هيٺان اچي ويو. دودي زور لڳايو پر ٽڪر هيٺان نڪري نه سگهيو. تڏهن چيائين ته ٻاگهي کي سڏيو. ٻاگهي آئي تنهن کيس ڇپ جي هيٺان ڪڍيو، پر چيائين ته: سڀاڻي ماڻهو توکي مهڻا ڏيندا ته ضائفان توکي ڪڍيو. اتي دودي کي خار آئي، تنهن وٺي هيٺ ٽپ ڏنو ۽ مري ويو. پوءِ ٻاگهي پنهنجن ڀائٽين ڏانهن ماڻهو موڪليو ته اچي راڄ سنڀاليو.

ڪاغذ ڪاري اکرين ٿي ٻاگهي چٽائي
پيڙهـَـي پنهنجي پيءُ جي اچي ڪؤنر نباهي.

 

ٻاگهي جي ڀائٽين کي جڏهن نياپو پهتو ته آيا. ماڻهن سندن وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، پوءِ گڏجي گوجرن کي ماريائون.

 

 

 

 

ٻاگهي ڀائيٽن کي ٿي پلنگيون پائي
پٽ پٽيهل بافـتا ٿي ويڙهو وڇائي
ننڍي گهاڻو مـَـنـِـيو، وڏو ڀاڪر ڀري
ننڍا وڏا گوجرا ٿي پيڙايو تيل ڪري.

 

 

گجرن کان جنگ کٽيائون. هاڻي ٿيو پڳ جو سڏ. سڀ راڄ وارا گڏجي چنيسر کي پيا پڳ ٻڌائين، تڏهن چنيسر چيو ته:

سـَـٿ نه وِکيرجو ڀائرو، پڇي اچان امان کان
آهي ڏينهن وڏي ڏيندي ڪا ڀلي صلاح.

 

چنيسر ويو ماءُ کان پڇڻ، پويان سـَـٿ (راڄ) وارن چيو ته:

مـَـهـُـر ٻڌي هوند پاڳڙي، پوءِ پڇي ماء
چنا پٽ لوهار جا ڳـَـئـِـي ڳالهه هٿاء.

 

چنيسر گهر وڃي جڏهن پڳ ٻڌائڻ وارو حال اوريو، تڏهن سندس زال چيو ته:

چاچي! منهنجي ڪانڌ کي ڪو اَرٽ گهڙائي ڏي
اڳ هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٿيونسين ٽي.
اڳياڙي جو ڪتيون اڌ سير، پوياڙي جو پاءُ
کٽيو پنهنجي پـُـٽ جو گهر ويٺي ئي کاء.

 

ماڻس کي مٿس ڪاوڙ آئي، تنهن وري چيس ته:

نـِـڪري سـَـپُ ٻـُـهيڙ مان ڪو کاء چنيسر کي(1)
چـَـليو چاڪرو نه سونهين، تون دودي جي درٻار.
دهل ڀڃائي دانگيون ڪر ڀالا ڀڃي ٻار
گهوڙا ٻيڙا وڪڻي ڌڻ رڍن جو ڌار
ماءُ مهيڙ ولوڙي، تون گڏيو گهيٽا چار(1)
ايندا ويندا ڏسن آهي دودي جو به ڌرار.

 

ماءُ ۽ زال جا اهي مهڻا ٻڌي، چنيسر کي ڪاوڙ آئي، سو چيائين ته:

ويهيو رنان ماٺ ڪري، ٻـَـوندا ڏيو نه مون(2)
ڪـُـو پا هوندا ڪرسين تي، هتي راڄ نه هوندو سومريون.(3)

 

وري حيدر کي مخاطب ٿي چيائين ته:

چاچا حيدر! تون دودي کي سمجهائي ڏي
پيڙهي منهنجي پيءُ جي تون پڳ مونکي ڏيرائي ڏي.

 

ان تي حيدر چيس ته:

توکي ميڙان منٿان گهڻيون، پڻ وڏيون ڪيون راڄن
دودو ڏوهٽو دلوراء جو، سو تيرهين پيڙهي راء
چنيسر پٽ لوهاري جو، ٿو موٽيو پڇي ماء
هاڻي چوٿون ڀاڱو سنڌ ۾، گهر ويٺو انعام کاء.

 

چنيسر چيو:

چوٿين ڀاڱي آءٌ نه پـَـران، مون سان ٻيل گهڻي
ويندس در دليءَ جي ايندس فوج کڻي
ڪوٺا بنگلا آءٌ ڳنهان، طري پاڳ هڻي.(4)

 

اتي حيدر کي به چنيسر تي ڪاوڙ آئي، تنهن چيس ته:

 

 

 

 

نانو تنهنجو ٽـَـڪـُـون تاڻي، تون طلبين پاڳ(2)
هو در دليءَ جو، ڇڪ گهوڙي جي واڳ.

 

 

سڦلي زال چنيسر جي، تنهن جو هوش ويو هليو، سا مڙس کي  ’ادا ادا‘  پئي ڪري ۽ چوي ته: گهوڙيون جهنگن مان آڻيو ته هتان ٽپڙ کڻي هلون!

سڦلي سمجهه ڦٽي ڪئي، مهڻا ڏي ماء
پڳ ٻهڙي ٻولاهي جهنگؤن ورائي آ ء
ويهڻ وڳهه ڪوٽ ۾ هاڻي چنا ڪين جڳاء.

 

اتي چنيسر ويو دودي وٽ ۽ چيائينس ته:

دودا وڏي ديمَ سان ڏاڍ ڪرين ٿو مون
حق ته آهي منهنجو موڙي نين ٿو تون
(3)
دودا! ڀائر پاڻ ۾ ادا وڙهي پونداسون.

 

اتي دودي چيو:

چنا پٽ لوهاريءَ جا، ٽارو پاڳ پوئاءِ(4)
ويهين ته وزير ٿي، نه ته واڳ وهيلو آءُ.
(5)

 

تنهن تي چنيسر چيو ته:

رڱ رڱيندس رت سان وڳهه سندن ڀـُـون
ٻيهي تڙ روپاهه تي، راڄ نه ڪندُون تون.
                                      ---

اتي ڪاوڙجي ڪارو ٿيو چڙهيو چنيسر راء
وِڳڙيو ديوَ وڳهه جو جهليو نه اچي جاءِ
موجن جي مهراڻ جو هو گلمن تي غوغاء
طعنن ۽ تـُـنڪن کان ڀالين ٽنگائيندس ڀاء
ثابت شهر وڳهه ۾ ٻرڻ نه ڏيندس باهه.

 

پوءِ ڪاوڙ مان اٿي گهوڙن جا تنگ ڪشيائين ته گهوڙا ماري وڌائين. هوڏانهن دودي پڳ کٽ تي رکي، پنهنجي ڌيءَ  ’ڪـُـنداهـِـي‘  کي چيو ته: ڪاڪي کي وٺي آءُ ته اچي پڳ ٻڌي.

ڪري دعويٰ ڪـُـنداهي، اچي ورتي گهوڙي واڳ
چاچا! رٺو وڃين، آهين ڪهڙي اڀاڳ
نؤ لکي آ صاحبي جو تون اُٿي نباهه.

 

چنيسر جواب ڏنس:

ڀلا آئين ڀاتريجي، ڪنہ پر ڪـُـنداهي
وڃي پڇ پيءُ کان ته پهلي ڪنہ لائي
دودو چڙهي ديماڪ سان، ڪو چنيسر گاهي!
مون تو جيڏي پنهنجي ٻاڏائيندي ڇڏي ٻائي.

 

پوءِ چنيسر چڙهي ٿيو دهلي روانو. دهلي شهر ۾ ان وقت هڪ راڪاس ايندو هو، جيڪو ماڻهو کائيندو هو. چنيسر جنهن مائي وٽ وڃي رهيو، ان رات ان جي پٽ جي شادي هئي ۽ هوڏانهن راڪاس جو به ماڻهو کائڻ جو وارو ان گهر جو هو. دودي وارو کنو چنيسر وٽ هو، سو جڏهن راڪاس آيو ته ان سان ان کي ماري وڌائين. حسڻ گاهي چيو ته: اهو راڪاس مون ماريو آهي. چيائونس ته: ڀلا ان جي ڪا نشاني ڏي. چنيسر اڳ ۾ ٿي نشاني طور راڪاس جا ڪن پڇ وڍي کڻي آيو هو، تنهنڪري چيائين ته:

 

 

 

 

وڙهندي ان ويريءَ سان، مونکي ويهون ورهيه ٿيو
ڪاپارئون ڪـَـن کـِـڙيا، ڪيٿي پڇ رهيو.

 

 

هوڏانهن مڪنو هاٿي ڇڙيو، تنهن تي حسڻ کي چيائون ته: اُن کي منهن ڏي، جو چوين ٿو ته راڪاس کي ماريو اٿم. حسڻ گاهي وڃي گهوڙن جي لڏ ۾ لڪو. چنيسر ان مهل تيل ميٽ کنيو تڙ ڪرڻ پئي ويو. تاسري ۾ تيل پيل هو، ۽ اها هٿ ۾ هئس. تنهن تي چيائونس ته:

تاسـِـريان تو تيل مليو آهي، پهريون وَهي ٿو پٽ(1)
هاٿي ڇٽو آهي راءُ رو، ڀـڄ ته مارجين ٿو ڄٽ.

 

چنيسر چيو ته:

سنڌ نه ڏُلي سومرا، جيئي دودو ڀاءُ
جي مران هاٿي هٿاءِ، ته پاپ اِتاهين ڪٽجي.
                                      ---

تاسريان تيل مليو، پهريون وهي ٿو پٽ
آهيان ڄام ڄامن جو، مانکي سڏين ڄٽ!

 

چنيسر چيو ته:  ”هٿيار اهو جو هٿ ۾.“  مڪنو هاٿي جو سامهون آيس ته اها تيل واري تاسري اڇلائي هنيائينس، جيڪا نرڙ مان لنگهي پويان نڪتي ويئي ۽ هاٿي مري پيو.

ڪاهي گهوڙي وارو گهمي، سـِـر ٻڌي سوڀار
عالادين پڇاڻيو ڪير آهي سردار؟

 

وزير، عالادين کي جواب ڏنو ته:

هڪ سما ٻيا سومرا، ٿا ننگر راڄ رهن
وِجهون سونيون سنگهران سينهن کي، ٿا ورنهه کيڏائن
تني منجهؤن اتي آئيو، ٿا  ’چني‘  نانء چون.

 

عالادين پوءِ چنيسر کي سلام تي گهرايو. چنيسر جڏهن سلام تي ويو تڏهن هن، عالادين کي ڪوڙي دانهن ڏني:

نو ڄڻيون نوَ سوَ سهرون هيون ٻاگهي سان ٻايون
انگ نه اوڍياؤن ڪپڙو، پرس نه ڀيٽئون نار
مون پئي آنديون تولاءِ، سي دودل جهٽ جهليون.

 

تنهن تي عالادين حڪم ڏنو ته:

گهوڙا لک چـُـڻي ڏيو ڄام چنيسر کي
جهيڙي کي جهانجهرا ٻه ٽي حلقا هاٿين هلايو
سومريون سلطان کي اچي بيٺي ملايو.

 

عالادين چنيسر کان دودي جا پار پڇيا، جنهن تي چنيسر ٻڌايس ته:

سڻ ته ڏيان پار، توکي دودل يار جا
قد جنهن جو ڪاڃڻ جيڏو، مٿو جنهنجو مٽ
ٻانهون جنهن جون ٿوڻيون، سينو ڇپر کٽ
اچي بيهي اڌ ۾ جڏهن سانـَـهه نه جهليندا سٽ
دودو وڏي ديم سان لـَـکُ نه لائق ڄام
جي سيجهين سومري، ته چڙهه عالادين پاڻ
(1)

 

چنيسر جي واتان دودي بابت اهي ڳالهيون ٻڌي، عالادين وري پنهنجي وزير مانڌن مير کان پڇيو، جنهن چيس ته:

 

 

 

 

نيمڪ کاوان تنهنجو پاڻ گهمان ٿو وڪيل(1)
اڳيان ٻجهن هڪ سهتا ٻيا سومرا، ائين ڀانيان ڪاڙهيو پين کير
لوهي ائين وَهائيندا جيئن جر ندي ۽ نير.(2)

 

 

نکيو نالي سوار، جنهن اهي سڀ ڳالهيون بيٺي ٻڌيون، تنهن وچ ۾ چيو ته: مونکي پنجاهه سوار ڏيو ته آءٌ دودي کي قيد ڪري ٿو اچان.

نڪ وڍيندي چپ، چپ سميتو سميت ڪن
وڃي چئجو عالادين مغل کي اهي دودي جا آهن ڪم.

 

اتي عالادين لشڪر وٺي چڙهيو. عالادين ساڻ جيڪو لشڪر هو ان جا پار هن طرح آهن.

تيرهن لک موچين جا، ڳلي ٽانڪو ڪن
چوڏنهن لک ڪورين جا، ٽاڻي تند اُڻن
پندرهن لک پخالين جا، پاڻي پنڌ ڀرن
سورهن لک لوهارن جا، رڪ تپي، لوهه ڌَنئي
ڌان ڌان ڌَئين ڌَئين ڌَوڻيون ڪن
ننڍي وڏي وائي وات ۾ پيا دودو دودو ڪن.

 

جڏهن عالادين لشڪر وٺي نڪتو ته چنيسر خط لکي اماڻيو ته عالادين فوج چاڙهي آهي، سومريون ڪوٽ مان ڪڍي وڃجانءِ. خط پهچڻ تي ٻاگهي سوا لک وارو هار لنگهي کي ڏنو ته ابڙي کي وڃي ڏي ته اولان(3) جهلي. لنگهو هار وٺي ابڙي ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن اتي پهتو ته ڏٺائين ته سٿ ويٺي هئي، تڏهن چيائين:

اچي کـِـڙو منگتو چاوَٺَ ڏيئي لت
ڪيهو اوهان ۾ ابڙو، آهي ڪل سونهري سٿ.

 

ويٺلن جواب ڏنو ته:

اوهان سڏيو ابڙو، اسان سڏيون اَلفاڻي
الفاڻي اڳ هئا هي ڪـُـوپن سندو ڪوٽ
اول ته اسين جهلينداسين، تون منگتا پاهون موٽ.

 

منگتو پوئتي ڪونه موٽيو، ڇو ته هن کي ابڙي ڏانهن وڃڻو هو. منگتو جڏهن ابڙي وٽ پهتو. ان مهل ابڙي نماز پئي پڙهي. سلام واري منگتي ڏانهن ڏٺائين ته منگتو ڏندڻجي ويو.

ڀلو سڃاتو ابڙو، مون ڀاڳ سميتو ڀير
چڱو سڃاتو ابڙو، صحيح سڃاتم سير
لڳي ٿـَـمَ گهـَـران هاڻي اجهامڻ اوکي ٿي.

 

پوءِ منگتي ٻاگهيءَ جو نياپو ۽ هار ابڙي کي ڏنو. ابڙي هار نه ورتو ۽ جواب ڏنائين ته:

ڳوري لاهه نه ڳهڻو، تاڪـَـڙ پوءِ نه تون(1)
اسان ڀڄڻ ميهڻو، شال نه ڀـَـڄي ڀـُـون.

 

تڏهن ابڙي جي ڌيءَ چيو ته:

مَ اَبا! مَ ابڙا! مَ اولان ڏي، مڪڙ ماريندا
ٿوري گهڻي ڏينهڙين لـِـنڀو لائيندا.(2)

 

يعني اولان نه جهل. اتي وري ابڙي جي جوءِ چيو ته:

 

 

 

 

مـَـرُ مـَـرن، مـَـرُ مارجن، مر پئي روئان ڪانڌ
جيئڻ ٿوري ڏينهڙين ڪچي لـَـمينَ پاند.
(1)

 

 

هوڏانهن چنيسر واري لکيل خط جو دودي هن ريت جواب ڏنو، جو سونو ماڻهو ٺهرائي ان جون ٻانهون ٻڌائي، سـُـونک ڪري ڏنائين، ۽ پيغام مڪائين ته:

وڃي چئجو عالادين کي هي پاڻ دودو آهي.
                                      ---

نه مڪائين گهوڙو، نه مڪائين هاٿيڙو، نه پاڻ جـُـهاري ڏي(2)
اهڙيون ڏاتاريون ڏيهاڙي دودو ڏومن کي ڏي.

 

وزير صلاح ڏني عالادين کي ته: هي ڀائر آهن، سومريون ڪين ملندءِ، تنهنڪري سٺي صلاح اها آهي ته تون پوئتي موٽ!

لـَـڪـُـڻ لوهـِـيڙي جي آندي عاج وَڻاءِ
ڪاٺي ڄام چنيسر جي لڌو لکو سواء.

 

لک سوا اهو سـُـونک (سوکڙي، رشوت) چنيسر وزيرن کي ڏنو، تڏهن وري اهو لشڪر وڳهه ڪوٽ ڏانهن چڙهيو. لشڪر کي اڳيان دودي جو ڌنار  ”رِڇـِـيو پنهوار“  گڏيو، جيڪو مڻ جو ڍيرو ڪتيندو هو، ۽ پنجاهه ڦـَـر ڪانبي ۾ وجهي، وڻ وڍي اهو به جهولي ۾ وجهي ڇڏيندو هو ته ڦر پيا کائيندا هئا. رڇـِـيو پنهوار عالادين جي لشڪر سان وڙهيو ۽ گهڻو ڪٽڪ ماريائين. لشڪر اڳتي هليو ته اڳيان دودي جا ٻه ڌنار  ’ڍَڪڻ‘  ۽  ’وڙهڻ‘  هئا، جن مان هڪ پرڻيو پئي. جڏهن لشڪر ويجهو آيو ته:

ڍَڪڻ چيو وڙهڻ کي، آءُ ادي جا شير!
وِهانء ويندءِ واپـِـري ،ماڻهو ڳڻيندءِ پير.
(3)

 

جڏهن عالادين جي فوج وڳهه کي ويجهي آئي ته سومريون وڳهه ڪوٽ مان نڪتيون. رام- ڏيہ ذات جو، تنهن جڏهن انهن کي ويجهو ايندو ڏٺو ته ڀانيائين ته مون ڏي ٿيون اچن، تنهن کين پاڻ ڏي اچڻ کان منع ڪئي. اتي ٻاگهيءَ چيو:

نـَـو ڄڻيون نـَـوَ سؤ آهي ٻاگهل سان ٻائي(1)
ڇا ڪـِـرڙي تي ڪٽڪي، ڇا ماڪوڙي گهائي
سنڌ ڄـُـلي ڙي رام - ڏيا ڪا توتي آئي
اسان ڪيو آڳهه ابڙو، تو ڇو وائي وڃائي.

 

هوڏانهن ابڙي سومرين جي لاءِ هڪ ڌار آتڻ ٺهرائي ڇڏيو، ۽ سندس ڀائٽي سٻڙ کي چيائين ته: تون سومرين واري آتڻ ۾ متان وڃين. انهيءَ تي سٻڙ ڪاوڙجي پري ڪو باغ هوس اتي هليو ويو. عالادين چنيسر کان پڇيو ته: ڀلا ڏي خبر تون پرڻئين، توکي ڪو اولاد؟ چنيسر جواب ڏنو ته:

نڪو آءٌ پرڻيس، نڪو منهنجو وياءُ.

ڍَڪڻ ۽ وڙَهڻ کان پوءِ، ننگر ۽ منگر چڙهيا، سي فوجون ماريندا پئي آيا. تڏهن مانڌن مير وزير کانئن پڇيو:

فوج ٿا ماريو راوَ جي!
ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، ڪهڙي جات جوان؟

 

جواب ڏنائون ته:

سنڌي آهيون سومرا، وڳهه ڪوٽ جا وريام.

ننگر جواب ڏنو ته:

پٽ آهيان چنيسر راوَ جو ننگر منهنجو نانء.

 

 

 

 

تڏهن مانڌن مير وزير، عالادين کي چيو ته: هيءُ ته چنيسر جو پٽ آهي جيڪو فوج پيو ماري، هوڏانهن چنيسر چيو هو ته آءٌ پرڻيو ئي ڪونه آهيان. ان تي چنيسر چيو:

 

نڪو مان پرڻيس، نڪو منهنجو وياء
ڊڄندو ڊپ وچان ٿو اولو ڳنهي اڳياء.

 

اتي ننگر به اچي اوڏو ٿيو. تڏهن چنيسر ڪنهن ڏاڍي مڙس کي بڇ ڪئي ته تون حملو ڪرينس. تڏهن ننگر چيو ته:

گدڙ بڇ نه سـِـينهن تي، بابا تون ڀي اوري آءُ
آءُ ته کيڏون پـَـلٿي پاڻ ۾ عالادين اڳياء.

 

اتي چنيسر عالادين کي چيو ته: تون ٻاگهي جو سڱ گهرينس. عالادين ننگر کان سڱ گهريو. تڏهن ننگر جواب ڏنس ته:

اوڇا اوڇي ذات جا اوڇو نه ڳالهاءِ
تون سالو، آءٌ ڀيڻويو، اهو وَرُ جڳاءِ.

 

تنهن تي چنيسر، ننگر کي چيو ته:

ننگر، نبابن سان تون چـَـرچـَـر نه ڳالهاءِ
لهي گهوڙي تان هٿ ٻڌي، ڪر عالادين کي سلام.

 

ننگر جواب ڏنو ته:

تون آهين خانو قبلو، ابا توکي ڇا چوان
سلام نه ڪندس ڪڏهن، اهڙي ترڪ کي سلام
ڪيوم دودي ڄام کي جيڪو آهي وڳهه جو وريام.

 

اتي ننگر دودي ڏانهن ماڻهو اماڻيو:

ننگر ماڻهو موڪليو، ٻاٻي ڏيج سلام
ڀيٽ نه سـَـرتو راڄيو، سڱ مڱي ٿو سلطان.
(1)

 

دودي کي ننگر جو نياپو پهتو، تڏهن چيائين ته: راڏو ڀاڳ اسان وٽ وڏي ڄمار جو آهي، ان کان پڇو ته: سومري ڪنهن ترڪ کي ڏني آهي.

وڃي پڇو راڏو ڀاڳ کان پاڳون ۽ پيڙهيون
آهي اڳئين جـُـڳ جو، کريون ڏيندو خبرون.

 

راڏو ڀاڳ کان پڇيائون ته ان جواب ڏنو ته:

ٻارهن دودا، تيرهين ڀينءَ، ايتا مون سنڀريا(2)
ٻين مڙني ڏنيون، ڏني نه ڀونگر راء
هاڻي دودي وسون ڪيون سومريون، ٿو ڏيهاڙي ڏومن کي ڏي.

اتي دودي، عالادين کي پانهون پيغام موڪليو ته:

اوهان ترڪ، اسان سومرا، اها جوڙ نه جڳاء
سانگ مٿي ۾ سومريون، جو کٽي سو کاءِ.
(3)

 

هوڏانهن ننگر، عالادين جي لشڪر سان ويڙهه ڪري واپس وڳہ ڏانهن وريو ته ان وقت سالڪن (يا ٻانهـِـي) دودي جي ڌيءَ کي چيو پئي ته:

ڌيء ته دودي داناء جي، تون وينگس لاه نه وَلا
ننگر ماراڪن ۾ نريون ڀڃي نر
سانـَـهنِ سڱ سڌا ڪري، ڏنگن لاهي ور.

 

ننگر فتح ڪري وڳهه ڪوٽ ۾ آيو، ان مهل ٻانهي دودي جي ڌي کي لوڏيو ويٺي. تڏهن دودي جي ڌيء چيس ته:

 

 

 

 

هندوري هيبت گهڻي، منهنجي کٽ کائي جهوٽا
ٻانهي! عالادين آئيو، جيڪر شهر وڳهه وچا.

 

 

تڏهن ٻانهي ٻاهر نڪتي. پريان ايندڙ ننگر کي سڃاتائين ۽ چيائين:

نڪي عالادين آئيو، ڪيڙو خير خدا
سونا ڪنگڻ ٻانهن ۾، ڪنن ۾ لـُـڙڪا
سون برابر سومرو، وني! ور به تنهنجو آ.
                                      ---

لـَـڙڪـِـي پئي لغامن ۾، قابو ڪيس ڪڙا
الله لاڙي آندو، دلي منجهؤن داناء.
(1)

 

دودي جي زال کي کير ڏنو هئائون ۽ چيائون ته جي کير رت ٿئي ته ڀانئجو ته مارجي ويا. پوءِ جڏهن ننگر ۽ منگر چڙهيا ۽ عالادين جي لشڪر سان وڙهندي مارجي ويا، تڏهن کير رت ٿي ويو. دودي جي زال اهو ڏسي وڃي دودي کي اٿاريو، ۽ چيائين:

ننگر منگر ماريا، هاڻي سـُـتـُـون ڪهڙي ساءِ؟

دودي جواب ڏنس ته:

قلعي ڀؤ ته ڪـَـهري رات وِهاڻي، ڏينهن اُڳي
اسان جي ۽ عالادين جي ٻيا ڳالـِـهين ڳائيندا ڪي.
(2)

 

پوءِ دودو چڙهيو. سندس گهوڙي پـَـرَ ڪري اڏامندي هئي، سو جڏهن ويڙهه تي گهوڙي اڏامڻ لڳي ته گهمري سان هزارين پئي ماري، چنيسر کي گهوڙيءَ جي عادت معلوم هئي، تڏهن عالادين کي چيائين ته: ڀالا کوڙايو، پوءِ ٿالهه وڄايو. ڇو ته انهيءَ آواز تي دودي جي گهوڙي داڻي تي لهندي. عالادين جي لشڪر وارن ائين ڪيو. دودي کي اها خبر پئي، سو چنيسر کي چوائي موڪليائين ته: چغلي هنئي اٿئي، پر هاڻي عالادين کي وِهار ته مـَـٽ ٿيون. چنيسر، عالادين کي ڪونه وهاريو، پر ان جي جاءِ تي مانڌن مير ويٺو. گهوڙي لٿي ۽ دودي ترار هنئي ته مانڌن جي سسي وڃي پري پئي. دودي کي ترار لڳي ته چنيسر وڃي ڀاڪر وڌس. اتي سگهڙ چوي ٿو ته:

مانڌن مير وزير جي سسي ڪلر پئي
ڀالن مونجهو ڪيو، ويا آهن گهاء گهڙي.
                                      ---

ڪوڙا پٽ لوهار جا، ڪوڙا ڀاڪر نه پاءِ
لـچ چنيسر لعنتي، لـُـڻي سـِـري لاه
سومريون تو وَسـُـون ڪيون، وڃي وڳهه ڪوٽ وساءِ.
(1)

 

دودو مئو ته اتي عالادين تاب رکيو ۽ چنيسر کي چيائين ته سومريون ڏي. اتي چنيسر جون اکيون هارجي ويون ۽ غم ۾ پيلو ٿي ويو. عالادين چيو ته:

دودو اسان ماريو، ڏَسُ سـَـلـَـههُ سومرين(2)

چنيسر ٿو جواب ڏي ته بجيراء (ڀاٽي) اوهان جو ڀاءُ ڦاهي کائي مئو (ڀاٽي ۽ ترڪ ڀاءُ ڄڻ شجري ۾) جو ڪاوڙجي ويو پوءِ ڦاهي کاڌائين. پر دودو ائين ڪونه مئو:

ڦاهي کائي ڪونه مئو، جئن مئو بجيراءُ
چوڏهن چنڊ ڳـَـهيو هو، دودو منهنجو ڀاءُ.
(3)

 

 

 

 

 

اتي چنيسر پنهنجا ٻيلي سنڀاريا، عالادين کي جواب ڏنائين ته سومريون ڪونه ٿو ڏيان.

 

مـِـڙي سـِـڙي ٻيليئڙو! ٿيو هيڪانڌا اَئـِـين يار
پـِـڙ ۾ پنجاهين جون سسيون ڌارو ڌار
دودو ماريو سومرو، آئي اسان جي وار.

 

چنيسر پنهنجن ساٿين سميت عالادين سان وڙهيو ۽ عالادين جو ٻيو سڀ لشڪر ماريائين باقي عالادين سان ڏهه هزار وڃي بچيا. چنيسر پاڻ به مارجي ويو. پوءِ عالادين فوج وٺي ابڙي ڏانهن چڙهيو. ابڙي کي خبر پئي ته عالادين ڪاهيو پيو اچي، تڏهن سٻڙ ڏانهن ماڻهو اماڻيائين:

ابڙي ماڻهو موڪليو سوڌو سٻڙ ڏاهُ
مون گهر مـَـنـَـهن کوڙيو، واڳ وهيلو آءُ.
(1)

 

سٻڙ کي نياپو پهتو تڏهن چيائين ته:

نه ڪا اُڪنڊ ابڙي، حـُـب اسان ئي ناهه
ٻاٻي ماڻهو موڪليو ته وڃڻ انهيءَ وهاءِ.

 

پوءِ سٻڙ گهوڙو سينگاري اچي ٻاگهي جي آتڻ مان ڪڍيو. اتي ٻاگهي چيو ته:

ابو ڀانيان ابڙو، سٻڙ ڀانيان ڀاء
دودو ڇڏيم سنڌ ۾ آيس ادل مٿاء.

 

سٻڙ جواب ڏنو ته:

ابو تنهنجو ابڙو، سٻڙ تنهنجو ڀاء
هوندا جاڙيجا جـُـوءِ  ته ڏسي پوءِ ڏينداء.

 

ٻاگهي چيو ته:

نڪو جاڙيجا جوءِ ، هيکـَـلـَـڙيـِـن اسين.

سٻڙ جواب ڏنس ته:

جهجها جاڙيجا جـُـوءِ  اجهي آياسون
سومريون سلطانن کي سمجهي ڏينداسون.
                                      ---

مـَـري نه ڀانئج من ۾، تون ٻاگهي نه ڀانئج هيئن
هي مـُـڇ ملهندا مئا، سڀان پار ڪڍندين ڪيئن؟

 

ٻاگهي چيو ته هيئن پار ڪڍنديس:

ماء جنهن جي مـَـٽـِـلي، پيء جني جو گهاڻُ
هـِـڪڙي ڌَمـَـڪي گـِـيهه ڪيا دلي خراسان.

 

پوءِ سٻڙ لڙائي ڏني. هوڏانهن سالار نالي عالادين جي فوج جو سپهه سالار پنج هزار لشڪر سان سٻڙ کي سامهون ٿيو، باقي پنج هزار لشڪر ابڙي تي چڙهيو. سٻڙ پنجاهه ڄڻن سان هو ۽ هوڏانهن پنج هزار هئا. اتي سگهڙ ٿو چوي:

هـُـنـَـن مٿي ۾ ڪيو ڙَيـُـون، سٻڙ مٿي ۾ وار(1)
ڌَنڌَرَ ۾ دونهان ٿيا، اُڇليا ڪنڌ ڪپار
ايڏي منجهه انڌار، ٿو سمون ساري سومريون.
                                      ---

سٻڙ ۽ سالار، لٿا پورا پاڻ ۾.

 

 

 

 

پوءِ سٻڙ، عالادين جي لشڪر سان وڙهندي ماريو. هوڏانهن پنج هزار فوج ابڙي تي چڙهي. ابڙو به وڙهندي ماريو. عالادين به باقي وڃي اَٺن ڄڻن سان رهيو. اتي ننگر جي گهر واري کي پٽ ڄائو، نالو رکيائونس ڏونگر راء. ڇٺي ڪيائون ۽ دهل دماما وڳا. عالادين دهل دمامن جا آواز ٻڌا، سو پڇيائين ته اهو ڇا آهي؟ تڏهن چيائونس ته: اهو ڏونگر راء جو طبل وڳو آهي، هاڻي اهو ٿو چڙهي:

 

ٻيا مـِـڙئي ڏيـِـن، ڏئي نه ڏونگر راءُ
اڻ ڏٺئين آڏو ڦري، ڏٺيون ڏيندو ڪاءُ.

 

اتي عالادين وارن قول ڪيا ته اسان جنگ ڇڏي، پر اسان کي ڏونگر راء جي آڏو ڪريو. پوءِ ٻانهي ڏونگر راءِ کي هنجهه ۾ کڻي آئي. عالادين وارن جڏهن ننڍڙو ڏونگر راء ڏٺو تڏهن چيائون ته: اسان کٽي راند هارائي ويٺاسون! ان مهل ٻار جو لـُـڇيو ته ٻنڌڻا ٽـُـٽي پيا، ايڏو زور ان ننڍڙي ٻارڙي ۾ به هو. پوءِ عالادين اٺن ڄڻن سان پوئتي موٽيو.

 

 

-----*----


 

 

(1) جندرو = ٻه دلا، کير رو = کير جو (يعني ايترو کير رڳو ڪـُـٽيءَ لاءِ).

(1) پٽڪو ايڏو وڏو هوس جو صبوح جو ٻڌڻ شروع ڪيائين ته سڄو پٽڪو ٻڌندي ڏينهن مـُـڙي ويو.

(2) مانجون = منهنجون، ڪانهه = ڪٿي - ڪيئن.

(1) ڪا = ڪ، يا، آکوڏا = دوڏا اکين جا.

(2) سنگين کي = سنگتين کي = ٻن ساٿي ڪتن کي.

(1) جر نه ٿئي ڪنگرين = ڀونگر مئو.

(2) مڏ = جورو - جورو سيڻن کي ڏجي يا پنهنجا سيڻ ڪجن.

(1) ٻهيڙ = ٻوڙو.

(1) ٻي روايت، گولو ٿي گذار.

(2) ٻوندا = مهڻا.

(3) يعني ٻيا ڪوپا اچي هتي تخت تي ويهندا.

(4) پڳ طري سان هڻي اچي هٿ ڪندس.

(2) ٽـَـڪـُـون تـَـاڻي = لوهه جون ٽڪون ٺاهي.

(3) نين = نئين، نيڻ.

(4) يعني پويان ٽارو اٿئي.

(5) يعني واڳ وارن سوارن سان ڀلي جلدي جنگ لاءِ اچ.

(1) وڃي ٿو هارجي.

(1) سيجهين = سمجهائين، مطيع ڪرين.

(1) سومرن نوڪرن مٿان.

(2) لوهي = رت.

(3) اولان ۽ سامون (واحد سام)

(1) تون تڪڙ ۾ نه پئو.

(2) ٽڪو لائيندا.

(1) ڪچين لامن ۾ پاند آهي.

(2) سلام ڪري.

(3) واپري = گذري.

(1) ٻائي = ٻايون.

(1) ڀيٽ = پئسا، نذرانو.

(2) ايتا = ايترا.

(3) ترارين جي وچ ۾ آهن.

(1) راوي جي زباني ائين معلوم ٿيو جو ڄڻ چوي ٿو ته:  ’دَرِي منجهؤن داناء‘ .

(2) ڳالهين = ڳالهيون (محاورو).

(1) يعني تنهنجي وس آهن (غالباً صحيح ته تو وٿون ڪيون = وٿون ڪري ڏنيون).

(2) ڪهڙي واٽ سان ويون - سـَـلـَـههُ = گهيڙ.

(3) ڳـَـهيو هو = وڙهيو هو.

(1) مـَـنـَـهن کوڙڻ = شادي جو منهن کوڙڻ يعني سومريون اسان وٽ آهن ۽ هو پرڻجڻ ٿا اچن، يعني واڳ سان يڪدم چڙهي اچ. ٻي پڙهڻي  ”واگهه! وهلو آءُ“.

(1) ڪيوَڙيون = رڪ جا ٽوپ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org