سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 20

ناڙي (بلوچستان) طرف جي روايت

هن روايت هيٺ علاقي ڀاڳ - ناڙي (بلوچستان) ۾ هلندڙ ٻه ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن: (1) محمد فريد ٻـُـرڙي جي ٻڌايل ڳالهه، ۽ (2) ڌڻي بخش ٻٻر جي کنيل ڳالهه. جيئن ته هي ڳالهيون سنڌ واري روايت مطابق آهن، تنهنڪري هتي ٻنهي ڳالهين مان فقط ڪي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ قلمبند ڪيا ويا آهن ته جيئن ڳالهه جو سلسلو ۽ سٽاء نروار ٿئي.

محمد فريد ٻرڙي اها ڳالهه غلام علي ٻرڙي کان سکي، پر جيئن ته اُن کي اڌوري ڳالهه ايندڙ هئي، تنهنڪري محمد فريد پڻ اڻپوري ڳالهه سکي ۽ ٻڌائي. البت ڌڻي بخش ٻٻر جو پيءُ محمد فاضل سربستي ڳالهه کڻندو هو، مگر خود ڌڻي بخش ڳالهه جا ڪي خاص ٽاڻا ياد ڪيا، جيڪي هتي شامل ڪيا ويا آهن.


 

 

1- محمد فريد ٻرڙي (ناڙي، بلوچستان) جي ٻڌايل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه محمد فريد ٻرڙي، تاريخ 1- جنوري 1969ع تي، مير شاهنواز خان شاهعلياڻي جمالي جي اوطاق، واقع  ’بيرون‘  تي ٿيل ڪچهري ۾ ٻڌائي. چيائين ته مون کي غلام علي ٻرڙي هيءَ ڳالهه سيکاري، ۽ اهو به ابڙي وٽ سامن جي وڃڻ واري واقعي تائين ڳالهه ڪندو هو، کيس وڌيڪ ڳالهه ياد نه هئي. غلام علي ٽي سال اڳ (1966ع) ۾ وفات ڪئي. کيس عالادين جي اچڻ ۽ ننگر ۽ دودي جي جنگين جا بيت ياد هئا. هتي ڳالهه جي سٽاء جا فقط ڪي ٽاڻا قلمبند ڪيا ويا آهن. ن - ب[

ڳالهه جي شروعات

اول نانء الله جو، جيء ۾ رکيو جن
تنهن تؤن محمد مصطفيٰ مڃيو مومنن
رازق ٿو روزي ڏئي، ٻڌڻهار ٻـُـڌن
بندو بندي کي نا ڏئي، هؤرو لڳي نه هڏ
سارهه سچي جي ڪجي، جنهن جا چار ئي چٽ چلن
هاڻي ننڍي وڏي وائي وات ۾ ٿا ڪلمون پاڪ پڙهن.

 

(ان بعد شهباز قلندر جي تعريف، ان کان پوءِ وچ واري رهيل ڳالهه). دودي چنيسر ڏي ميڙ سنباهي. گهوڙيون گهرائي، انهن تي سونا سنج وجهي، ننگر کي ڏنائين ته وڃي چنيسر کي پرچائي وٺي اچي:

ٻولاهيون ته ٻـَـهيڙيـُـون دودو گهوڙيون گهرائي
ڪن پڇ تن گهوڙين جا ميندي سان رڱائي
هيٺؤن لالان لاک جون، مٿان جنهور جڙائي
هاڻي ميڙ مـُـنجي ٿو ڀاءُ ڏي، ننگر سنباهي.

 

 

دودي، چنيسر جي يار جاڙي ڏي پڻ خط لکيو ته ننگر سان گڏجي عالادين ۽ چنيسر ڏي وڃي:

 

جاڙي جي ته ڪـِـهور دودل ماڻهو مـُـڪو آ
وڃي ڀانَ اُٿاريو ته جاڙا جنگي آءُ
رکي طنبور تريءَ تي بسم الله پڙهيا
ڏوجهو محمد شاهه تي ڪلمون پاڪ پڙهياء
ٽيجهي تي ٽاهـُـو ڪري جاڙو اُٿيو آه
چوٿون چئن يارن کي جنهن به ياد ڪيو آه
پنجون پنجن تنن جي هٿ داوَن وڌو آ
ڇهون ڇوهه وڳهه تي جاڙل ڪيو آ
ستون سلام دودل جي اچي جاڙي ورتو آهه.

 

آخري بيت

سومريون، ابڙي ڏانهن سام پئي ويون. ابڙي کين وڏي تعظيم ڏيئي، جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ عالادين سان جنگ جو اعلان ڪيائين:

 

 

 

سندرا ٻڌي سومريون، هليون چوٽا ڇوڙي
رڙنديون وڃن راڄ ۾ جيڪي ويل وڏيون وؤڙي
وڃي ته ابڙي خان اڳيؤن بيٺيون ٻانهان ڇوڙي
اتي ابڙو خان ني گهوران پيو گهوري
سدا آيؤ سومريون، جيءَ ۾ جايون جوڙي
هاڻي هڻنداسين عالادين کي خوب کنا کوڙي.

 

 

(محمد فريد ٻرڙي چيو ته غلام علي به انهي ٽاڻي تائين ڳالهه ڪندو هو، کيس اڳتي ڳالهه ڪانه ايندي هئي.)

 

 

____*____


 

2- ڌڻي بخش ٻٻر (ڀاڳ - ناڙي، بلوچستان)

جي کنيل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه ڌڻي بخش ٻٻر، ويٺل  ’باغ - هيڊ‘ ، تاريخ
1- جنوري 1969ع تي مير شاهنواز خان شاهعلياڻي جمالي جي اوطاق واقع  ’بيرون‘ ، تعلقو نصير آباد، ۾  ’راڻي جي سـُـر‘  مان کنئي. هيءَ روايت اڻپوري آهي، ۽ جيتري ڳالهه ڌڻي بخش کي ياد هئي اوتري لـِـکايائين. چيائين ته: ناڙي ۾ لعل بخش ڪنڀر رهندڙ  ”مير پور بيبي واري“  کي هيءَ ڳالهه سڄي ياد هئي. منهنجو پيءُ محمد فاضل ان کان ڳالهه سکيو. ان وقت آءٌ پڙهندو هوس، ٻه ڏينهن پنهنجي پيءُ کان ايتري ڳالهه سکيم جيتري مونکي ياد آهي. ن - ب
[

رات وهامي ڏينهن ٿيو اڀريو تارو
خونـِـي خط خلل جا، در وڳهه آيو
پڙهي پروانا ڀاءُ جا دودل وانچايو
دودو چئي دُوسوء کي ننگر نهاري ڏيو.
                                   ---

ننگر ساڻ پنجاهه جي ڏاهـِـي راند ڪري
موٽ ننگر سومرا! توکي چاچل ڪوٺايو.

 

ننگر خط پڙهي ماٺ ڪري بيهي رهيو، تڏهن سنگتين چيس ته:

کيڏندي ڪڏندي بيهي وئين، خط ڇا خبر ڏين؟

تڏهن ننگر جواب ڏنو ته:

 

 

 

 

خط اباڻي پار جا، پڙهيا چاچي جن
چاچو منجندم ميڙ تي، اُت قادر جي ڪرمن.

 

 

تڏهن ننگر جا يار ننگر کي چوڻ لڳا:

ڇڏ تڪڙ سومرا ادا، جيتر وار سڪن
اهڙين ويرين سامهين سڌا تير هڻون
سوڀان هٿ ڌڻيءَ جي، جنهن کي ڏئي ڏاتار.

 

ننگر پيءُ جو خط ڦاڙي ڇڏيو. پنجاهه گهوڙا گهريائين. پوءِ گهر ويو موڪلائڻ ته ٻاگهي طعنو ڏنس:

ٻاگهي ڏنس ميهڻو طعنو تپائي
ڪانئر! ٻاريـُـئي ڪانڪا، ڇوهه رکيئي ڇوڪر.

 

اتي ننگر ڪاوڙ مان جواب ڏنس:

ڪـُـونهٽ ڪنڌ مٿي ڪري ننگر ڳالهايو
ڄائيندي رن مري وڃين ها، راڄ تو رُلايو
هاڻي مڙس ڏيندو سانء سومرو نه ته آهين ڀـُـونڊاري جي ڀـُـونڊ
(1)

 

ننگر جي ماءُ ٻڌو ته ننگر، عالادين سان جنگ لاءِ ٿو وڃي، سا دانهون ڪندي آئي:

ٻڌو ماءُ ننگر جي ريهه ڪري راڻي
وني تنهن جي ونواهه ۾ پئي نه پاڻي
دودا ادا سومرا، سڃ نه ڪر هاڻـِـي
ناٺي ماريندين ننڍڙو، تنهنجي ولهي ٿيندي نياڻي.

 

ننگر ماءُ کي جواب ڏنو.

ڪـُـونهٽ ڪنڌ مٿي ڪري ننگر ڳالهايو
امان! ٻه لاوان ڏيندينءِ تون ٽين لان ڏيندو ابو.

 

ننگر پنجاهه يارن سان دهليءَ ڏي روانو ٿيو:

ساري حضرت شاهه کي نر هنيو نعرو
پهرينءَ منزل سومرو، وڃي والي واهه لٿو
ڏُوجهي منزل سومرو وڃي  ’باڪي‘  پهتو.

 

ننگر روانو ٿيو ته پويان دودي مڱڻهارن کي حڪم ڏنو هو ته ڍڍ وڄايو. دودي جو پٽ مـُـنگر شادي تي ٻاهر ويو هو. شهر ۾ اچي ته ڪوٽ جي چئني ڪنڊن تي ڍڍ پئي وڄي. تڏهن دودي کان پڇيائين ته:

دودا ابا سومرا! ڪيڏو ڪچ ڪيئي پار
هڏ ڏوکي ٻيو ڪونڪو، جنهن پاڻي ڍڪ ڏنو
وينداسين گڏ گـَـدارَ ۾ هـُـت سؤٽ به سؤٽن تي.(1)

 

ترڪ سپهه سالار، عالادين طرفان پالڪي تي چڙهي آيو:

ساري حضرت شاهه کي نر هنيو نعرو
مغلن وائي وات ۾ هڻ هڻ هونگان ڏين
سومرن وائي وات ۾ ڌاڌان ڌاڌان ڪن
مغلن وائي وات ۾ پاڻي پاڻي ڪن
سومرن وائي وات ۾ هڻ هڻ هونگان ڏين
پنجاهه ماريائون پڙ تي، ٻيا پوئتي ڀڄن.

 

جيڪي ڀڄي ويا تن وڃي عالادين کي ٻڌايو:

هڪ جيڏا هڪ سرتا، هڪا چال چلن
سومرن وائي وات ۾ پاڻي پاڻي ڪن
ڀڄين ته اها مهل اٿئي، نه ته هٿين تخت وٺن.

 

 

 

 

 

چنيسر، عالادين کي چيو ته: اهي ٻه ڪي دايا آهن، پر جي ننگر منگر آهن ته خط لکونِ ته ٻاگهي جو سڱ ڏين. خاطي کان آڏو ننگر منگر پڇيو:

 

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، آهين ڪنهن دوار
چئي: ذات جو آهيان مغل خاطي، خط کنيو وڃان
خط عالادين بادشاهه جو پهچايان دودي جي درٻار.

 

ننگر ۽ منگر کيس خط جو جواب ڏنو ته: اسين پاڻ اينداسون پوءِ جان سڱ يا جنگ! پوءِ ننگر ۽ منگر، عالادين جي لشڪر ۾ آيا. کين مانڌل وزير مليو، جنهن کين سڃاڻي چيو:

پٽ چنيسر ڄام جا، پٽ دودي داناهه
پيچ سڃاتم پڳ جو ننگر تنهنجو نانءُ.

 

تڏهن ننگر جواب ڏنو ته:

ٻيو ته ماريندم ڪونڪو، چاچا ماريندم تون
ڪاٿي بابل جو طنبو، ڪاٿي بابل جي جاءِ؟

 

مانڌل چيو ته: اهو ڪارو طنبو چنيسر جو. ننگر دوسو مڱڻهار موڪليو، چنيسر کي دوسو چيو ته: ننگر کي چاچي پالي شينهن ڪيو آهي، سو ميڙ ٿيو اچئي. ننگر آيو، پر چنيسر ساڻس نه ڳالهايو. ننگر موٽي آيو. ان بعد عالادين جي آڏو گڏيا. عالادين چنيسر جي چئي لڳي ٻاگهي جو سڱ گهريو. تڏهن ننگر وراڻيس ته:

اسان آيا آهيون، توئي اسان کي پرڻاءِ
جيڪي بچنئي اسان کان سي وڳهه نيئي پرڻاءِ.

 

ننگر ۽ منگر اتان ڪاوڙجي نڪتا، پوء جنگ لڳي. پهرين مانڌل وزير ۽ گلبيگ وزير جو لشڪر چڙهيو:

ساري حضرت شاهه کي نر هنيو نعرو
سومرن وائي وات ۾ هڻ هڻ هونگان ڏين
مغلن وائي وات ۾ پاڻي پاڻي ڪن.
وڃي ڪپيائون ڪنڌ مانڌل جو، پهرين چوٽ چڙهن.

 

ان بعد کين اُڙد وڪوڙي ويا. چنيسر به اچي بيٺو:

ساري حضرت شاهه کي ننگر ڳالهايو
سوڀان هٿ ڌڻيءَ جي، جنهن کي ڏاتار ڏياري.
                                      ---

ٽپهري سج چڙهي آيو ننگر ڏينهن پڄن.

آخر ننگر وڙهندي وڙهندي جنگ جي ميدان ۾ ڪري پيو. گلبيگ وزير پاڻي آڻي ڏنس پر ان وقت ننگر جا ٺپ ٺري ويا. پوءِ منگر به پنهنجي سؤٽ سان گڏ شهيد ٿيو. چنيسر ٻئي لاشا کڻائي وڳهه ڏي آيو. چنيسر کان عالادين دودي بابت پڇيو. چنيسر چيو ته:

مڙس آ مـُـني جيترو، سينو جنهن جو چوکٽ
دودي چڙهيي کؤن پوئتي وڻ ڇڏيندء واء
ڀڄين ته مهل اها اٿئي، نه ته گهٽي ڪڍندءِ ساهه.

 

مشهور آهي ته  ”ٻن ٻاگهي، ٻن ٻاگهي جا ٻار.“

 

 

 

 

سامون ابڙي ڏي ويون. سندس پٽ سامهون آيو ته سومريون بيهي رهيون ته اسين پردي واريون، نه اينديونسين. ڇوڪرو وري ويو. ابڙي چيس ته: ابا، منهن ورائي پـُـٺ ڏي ڪر ۽ چئونِ ته:  ’ڀيڻون، هن حال ۾آيو آهيان.‘  پوءِ سومريون آيون. ابڙي جي ماءُ پرهيزگار ۽ عابد هئي، وضوء سان تند ڪتي لوئي ٺاهي هئائين. جنگ تي چڙهڻ مهل اُها ابڙي کي ڏنائين ته جيئن تير ڀالو اثر نه ڪريس. هڪ دفعو، ٻيو دفعو ۽ ٽيون دفعو فتح ڪري آيو. تڏهن سومرين مان يا ڪنهن ٻانهي چيو ته: اسان جا ويندا هئا ته وري ڪونه ايندا هئا. پوءِ ابڙي لوئي لاهي ماءُ کي ڏني ۽ چيائين ته  ”سر ڏني کان سواءِ سوڀ نه ٿيندي.“  پوءِ ابڙو ماريو. ان تي بيت آهي ته:

 

 ”هو ساهو سير، پر مستوراتن ماريو.“

____*____


 

تعلقي وارهه جي گرگيجن جي روايت

بهادر ميربحر (تعلقو قنبر) جي کنيل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه اصل ۾ تعلقي وارهه جي گرگيجن جي کنيل ڳالهه مطابق آهي. راوي بهادر ميربحر جي روايت جو سلسلو گرگيجن تائين پهچي ٿو. هيءَ ڳالهه بهادر ميربحر، ويٺل آتڻ، تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي [موجوده ضلعي قنبر شهدادڪوٽ[ جي زباني تاريخ 12 اپريل 1970ع تي قلمبند ڪئي وئي. اُن وقت سندس عمر 78 سال هئي. چيائين ته: آءٌ ننڍو نينگر هئس، جو هيءَ ڳالهه سنجر گـُـرگيج  (۽ سندس ساٿي)، راڻي جي سـُـر مان کڻندو هو. سنجر جي اُن وقت ڳاڙهي ڏاڙهي هئي ۽ عمر سٺ سال کن هئي. سنجر کان پنهون مير بحر (ويٺل ڳوٺ ٻير،تعلقو قنبر) سکيو ۽ پنهون کان لطيف ميربحر (ويٺل محبوب جو بنگلو، تعلقو ميرو خان) سکيو، لطيف کان آءٌ ۽ منهنجو ڀاءُ دوس سکياسون. دوس اڳواڻ هو، جيڪو 1968ع ۾ گذاري ويو. اسان کان هڪ ته هيءَ ڳالهه قنبر جي هـَـڪڙن سکي ۽ هينئر مينهـَـل هڪڙو ڳالهه کڻي ٿو. ٻيو اسان کان هيءَ ڳالهه غلام رسول ابڙي (ويٺل کنڊو، تعلقو وارهه) سکي، جو پڻ هينئر ڳالهه کڻي پيو. سـَـنجر کان وٺي اڄ تائين اسين سڀ راڻي جي سـُـر مان ڳالهه کڻون. اڳواڻ يڪتاري تي ۽ جهـِـيلي ٿالهي تي هوندو.

 

 

 

 

هن ڳالهه جي منڍ ۾ ساراهه وارا ٻه بيت  ’سوڍر‘  ذات جي ڪنهن سگهڙ جا چيل آهن. اڳتي ٻيا ساراهه وارا بيت آڳاٽن بيتن جو عڪس آهن. هيٺ ٻيا ڳالهه وارا بيت ڪٿي ناقص آهن جو بهادر کي اصل بيت صحيح ثابت ياد نه هئا. ن - ب[

 

اول نام الله جو، جيءُ ۾ رکيم جن
تنهن ئون محمد مصطفيٰ مڃيو مومنن
ڇٽندا سڀ ايمان سان جي ڪلمون پاڪ پڙهن.
                                      ---

هر نوان هاري نوان، نوان ٿيم ناڙا
وَهـُـو سڀ وهي ويا، بچيا جـَـڙن جا جوڙا
سـَـنُ پيو، ساڃهه وئي، ٿا گجن گولاڙا
هيبت هندن تؤن لٿي، ٽهڪن ٿا ٽيڙا
لـَـب کائي ويو لوڪ کي، (نٿا پـُـرس رکن پاڙا)
ڪونهي سخي ڳوٺ ۾ جو ڍڪي اُگهاڙا
تنهين پڃاڻا، الائي ڪهڙو سـَـنُ  ’سوڍر‘  چئي.
                                      ---

اول نانءُ الله جو، ٻانهان ٻيءَ نه لڳ
لڳ ڀلي جي آسري، جنهن پر ڇـُـٽي جڳ.
                                      ---

ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار
مڙس ويرياڻي ننڊڙي، زال ويري سينگار
سانوڻ سـُـوا نه مري، مري نه هاريءَ ڏاند
ڳوٺ، وڏيرو نه مري، پوي ڪو مَ ڏڪار.
                                      ---

سنڌ لـُـڏي سومرا، جڏ ستو ڀونگر راءِ
مـِـڙي اچو ڀائرو، ويهي ڪـَـيئوُن ويچار
سڀ مڙي آيا سومرا، دودي جي به اڳياء
چون: پڳ دودي داناء جي، ويو چنيسر جو ڇا!
                                      ---

 

اُتي دودي داناء تن کي، وير ڏني ورندي
ته پڳ چنيسر مير جي، تنهن کي ٻڌايو.
                                      ---

 

اتي دودي داناهه، چنيسر کي گهرايو آ
اچي دودي داناء جي چنيسر آڏو بيٺو آ
ته دودي داناء تنهن کي وير ڏني ورندي
ته پڳ چنيسر مير جي تنهن کي مڙي ٻڌايو
چئي: گهڙي ترسو ڀائرو ته مان ٿي جاءِ اچان.

 

تڏهن چيائون ته: هن کي عقل اهو آهي. اِهو ملڪ ڪيئن هلائيندو! پڳ دودي داناءَ کي ٻڌايو. پڳ دودي کي ٻڌايائون. ڀير تي ڏؤنڪو لڳو. چنيسر ٻانهيءَ کان پڇيو ته: اِهو هـُـل ڪهڙو آهي؟ ٻانهيءَ چيو ته: پڳ دودي کي ٻڌائي اٿن. اتي چنيسر کي ماڻس چيو ته:

ابا! اڳي هيونسون ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيونسون ٽي
ويهي  ’وڳهه‘  در تي، پوڻيون اُڻيون ٽي
جـُـڙي ويهون جوين جان، ٽيئي ٺهون آپر.

 

چنيسر اتي ڪاوڙجي، رُسي دهليءَ وڃڻ لاءِ چڙهيو:

 ’رسي هليو راڄ کؤن، ته هن کي ڪنهن نه ورايو.‘

 

 

 

پوءِ چنيسر وڃي دهلي پهتو. چوڏهن ورهيه کيس اتي ٿي ويا. راڪـَـسُ ماريائين تڏهن بادشاهه گهرايس. ڪـَـن پـُـڇ ڏيکاريائين، تڏهن بادشاهه وري سندس ٻيهر آزمودو ڪيو. هي تيل ميٽ ڪري وهنجڻ ويو. آڏو مڪنو هاٿي ڇوڙيائون. چنيسر کي تسري هٿ ۾ هئي، هنيائين جو هاٿيءَ کي ته سـُـونڍ وٽان، بت مان ٻـِـسٽ ٻاهر پڇ کان نڪري ويس ۽ هاٿي مري پيو. ٽيون آزمودو سندس اهو ٿيو جو شينهن ۽ شينهڻ اچي شهر جي ٻاهران شاهي ٻاغ ۾ گهڙيا. پوءِ چنيسر شينهن کي ماريو. چنيسر جا اهي انصاف ڏسي به عالادين بادشاهه، چنيسر جي پاران سنڌ تي نه چڙهيو. پوءِ چنيسر، سلطان کي پنهنجي ڀيڻ ٻاگهي جو سڱ باسي، راضي ڪري دهليءَ مان چاڙهيو.

 

چنيسر، بادشاهه کي سنڌ تي چاڙهي آيو ۽ اچي بـَـڪار ۾ لٿو. بادشاهه، چنيسر کي چيو ته: اول ڀاءُ ڏي چوائي موڪل، جي هو صلح قبولي ته جنگ نه ٿئي. چنيسر خط لکيو:

رات منجهارئون ڏينهن ٿيو، اُڀريو ئي تارو
ته خوني خط خلل جو، در وڳهه آيو
دايـُـون در مانديون ٿيون، ٻانهين ٻاڏايو
اتي وزير دودل راءِ جي ڳمـِـي ڳالهايو.

 

چيائين ته: چنيسر جي گهرواري مائي مريم ڏي چوائي موڪليو ته پٽس ننگر کي موڪلي ته وڃي پڻس کي جواب پهچائي.

اتي مريم ماءُ ننگر جي، ڏني دودي کي ورندي
ته ننگر اٿم ننڍڙو، تنهن جي وڃڻ ناهه وَهـِـي
هو تان وڳهه واهه ۾ پيو ڏائـِـي راند ڪري
هجي تنهنجي مرضي ته وٺ اُتان آڻائي.

 

تڏهن دودي داناهه ڀانَ کي پڻس وارو خط ڏيئي چيو ته وٺي ننگر کي آءُ. ڀانَ وڃي خط ننگر جي هٿ ۾ ڏنو. خط پڙهي ڪپڙن کڻڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ته يارن چيس ته:

سـُـتت ڇڏي ٿي ڏاهي، ڇا ٿا خط چون؟ (1)

تڏهن دودي سندس پيءُ چنيسر جو خط، جيڪو ننگر ڏانهن موڪليو، سو يارن کي پڙهي ٻڌايائين ۽ چيائين ته:

ابو لڳي ويو آهي پڳ تان، وڃي دليءَ دانهين ٿيو
چاڙهي عالادين کي اچي منجهه بڪار لٿو
تنهن کي ننگر مير نيئي بڪار ۾ ملندو
مان ڀيڙو ٿيان لڄن سان، مون کي جڳ چڱو چوندو.

 

تڏهن يارن چيس ته:

اهو عالادين هيڪڙو، ڀل چڙهيا چالهيه اچن
ته به اسان نه ڇڏيونس. ننگر آيو ۽:
اچي دودي داناهه جو ڪيائين سڄي هٿ سلام
اتڪي دودي داناء نـِـي، وير ڏنيس ورندي
ته ادو لڳي ويو پڳ تؤن وڃي دليءَ دانهين ٿيو.

 

هاڻي ننگر! تون چڙهي ويهه تخت تي ته آءٌ دلي وڃي ڀاءُ کي پرچايان.

 

 

 

 

اتي ننگر مير نـِـي، وير ڏني ورندي
ته ننڍن هوندي وڏا وڃن، مونکي ڪير چڱو چوندا
مـِـٺي ميڙ پـُـٽ جي، مان کڻي ٿو وڃان
جي ابو پرتو مون مڻين ته مان جيئرو ايندو سانءِ
نه ته ورندي ميت وڳهه ڏي، ويا ڪين ورن.
اتي دودي داناء ٿي وير ڏني وندي:

 

 

ته ٽي لاوان ڏئي اچوس. لاوان ڏياري لاهيوُن آيس، اچڻ ساڻ پنهنجا گهوڙا گهرايائين.

رکي سنج گهوڙن تي، رهبر ٿيو راهي.

سؤٽ مـُـنگر آڏو بيٺو هو، تنهن ڀانَ کان پڇيو ته: ڪهڙا دهل ٿا وڄن؟ چيائين ته: ننگر ٿو وڃي پيءُ کي پهائڻ. تڏهن وڃي  ”گونگي ٿر“  ۾ گس جو اڳ جهليائين ته هن دڙي کان ضرور مٽيندو. جڏهن اتان لنگهيو ته مـُـنگر سڏ ڪيس. سؤٽ جو سڏ ٻڌي موٽي پيو. چيائين ته: تون ننڍڙو آن، موٽي وڃ! چيائين ته: موٽندس ڪين. پوءِ منگر کي به پاڻ سان ڪيائين. وڃي بڪار ۾ لٿا. بڪار جو بادشاهه دلو راءِ هو، تنهن کي وڃي خبر ڪيائون ته دودو اچي لٿو آ. تڏهن دلو راءِ چيو ته: دودي ڏي وڃان، جو عالادين جو لشڪر روزانو ڦـُـر ڪيو ٿو وڃي، تنهن کان بچائي.

دلو راءِ راهه وٺي هليو پيرين پيادو
اچي ننگر مير جو، ڪيائين سڄي هٿ سلام.

 

تڏهن ننگر چيس ته:

ڪيڏو تون بادشاهه آن، ٿو هلين پيرين پيادو!
چي: ڦورن عالادين جي، مان سان ڪين گهٽايو
ڦـُـر معافي ڪر سومرا، منهنجو اٿئي نانءُ الله
وڏوهر ڌيءُ پاهنجي، مان توکي ڏيوايو
تنهن کي آڏو ننگر مير، وير ڏني ورندي
ته مان ڀانيو بادشاهه آن، توکي عقل ئي ذرو ناهه
وڏوهر ڌيءَ تنهنجي، مان ڀيڻ ڪري ڀانيان
ڦـُـر معافي ڪيانءِ سڄڻا! منهنجو ڏاڙهيءَ وعدو آ.

 

ننگر اتي پنج ڄڻا پنهنجي ساٿين مان چاڙهي موڪليا ته وڃي گهٽ گهيڙ جهلين، متان ڦـُـر وارا ايندا هجن. تڏهن عالادين سان وڃي خبر ڪيائون ته: دودو بڪار ۾ آيو اٿئي، اتي عالادين چنيسر کي گهرائي ورتو ۽ چيائينس:

سل سچي ڪر ڳالهڙي، ته ڪيهو آيو آ؟
چئي: مان هتڙي تو سان، مانکي خبر ناهه.

 

چيائين ته: سئو ڄڻو چاڙهي مـُـنج، جي سڀ مارجي ويا ته پوءِ ڄاڻج ته دودو آيو آهي. اهي سئو سپاهي چڙهيا ۽ اچي ننگر وارن وٽ پهتا.

جابـُـون گهوڙا جن جا، پڇ زمين گسن
نيلا، ٻولاها، نقرا، پويون پير نه ڏين
اچن پيا آڪڙ مؤن، ڪنهن ڏي ڪين ڏسن
ٽوپيون سلطانن جون، نرڙئون هيٺ گسن
مولهيا جوانن جا، مـُـهرا مير ٻڌن
گڏين يار ننگر جا، پيا خبرون خان پڇن:
ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، آهيو ڪير جوان؟
چئي ڦورو عالادين جا، وڃون بڪار ڦرڻ.

 

تڏهن ننگر چيو:

گهڻا ڏينهن بڪار جي، اوهان ڦـُـر پئي ڦـُـري آ
هتئون نـَـر نبري هلو، پوءِ ڀل بڪار ڦريو.
                                      ---

 

 

 

 

پـَـستو ٻولي جن جي، سنڌي سي نه سمجهن
گڏين يار ننگر جا، پيا  ’علي علي‘  ڪن
جئن وڏ- ڦڙيو واڪا ڪري، بوندان بس نه ڪن:
پستو وئي ٿن وسري، صاف سنڌي پيا ڪن
پنجاهه مـَـرن پڙ تي، پنجاهه پوءِ ڀڄن
وڃي عالادين وٽ، پهتا ئي آهن.

 

 

تڏهن آڏو عالادين چين ته:

ڪڍو ڦـُـر بڪار جي، مر پيا ڏيهه ڏسن.

تڏهن ورندي ڏنائون ته:

ٻـَـن ڏيئون بڪار کي، ٻن بڪار ڌڻين
هنيو اٿئي کڙو ککر ۾، جنهن جا ڏينڀو ڏور ڏنگن
اسان ۾ بيهندئي ڪينڪي، تو ۾ اکيون اٿن
(1)
پـَـٽ طنبو پانهنجا، نه ته صبوح خان وڃن

 

چيائون ته: تون طنبو اڄ ئي پٽ نه ته صبح سان اسين توکي اتي ڇڏي هليا وينداسون.

اتي ننگر مير ني، يارن کي به چيو:
ته هيڪر ابل يار جو، هلو ته منهن ڏسون.

 

پوءِ ننگر ۽ مـُـنگر پنجاهه يارن سان چڙهيا ۽:

اچي تـِـمـِـر وزير جو ڪيائون سڄي هٿ سلام
ته هو سلام وٺي ٿو ڪونڪو، ڪري ٿو به ڪلام:
تو جهڙا نينگرا، مون ڪـُـٺا ڪونڌ جوان
جي لنگهي اچي بادشاهه، ته به آرس ڀڃان ڪانه.
                                          ---

تنهن کي ننگر مير نـِـي، وير ڏني ورندي
وڃان ٿو ميڙ ابل ڏي، ڪندو خير خدا.

 

اتان جي ورياسون ته:

ائين ماريندو سانءِ، جئن ڪنگ ڪڍي ڪـُـرڙي.

ائين چئي اڳتي وڌيا ۽ ٻيو سلام اچي مانڌن مير کي ڪيائون.

اچي مانڌن مير جو ڪيائين سـُـنگ سلام
تان سلام وٺي ڪينڪي، چپ ٿي رهيو آ.

 

يارن کي چيائين ته:

ماٺ ڪريو ته مـُـڙي وڃي اهو دودو اٿوَ پاڻ.

 

ننگر هن کي ڇڏي اڳتي وڌيو ۽ عطر مير جو اچي سلام ڪيائين:

اچي عطر مير جو، ڪيائين سڄي هٿ سلام
تنهن ڀي ننگر مير کئون خبر پڇي آ
ته ڪير آهين،ڪاڏي وڃين، آهين ڪير جوان؟
                                      ---

چئي: ڀائٽيو دودي راوَ جو، پٽ چنيسر ڄام
منٿي آيو آهيان ميڙ ٿي، پيءُ کي پهايان
ڏي ڪو ڏس اَبل جو ته ڪهڙو طنبو آ؟

 

تڏهن عطر چيس ته:

پڻهين جو يار  ’نظر‘  ٿـِـي، خبر تنهن کي آ

تڏهن ننگر وڃي نظر بيگ کي مليو:

 

 

 

 

ته وڃي نظر مير جو، ڪيائين سـُـنگ سلام
اتي نظر مير نـِـي، هن کي کلي ڀاڪر وڌو آ
چئي: جيءُ آئين منهنجا ڀائٽيا، جيءُ آئين جاني
پٽ چنيسر ڄام جو، ننگر تنهنجو آ نانءُ
پيچ سڃاتومانءِ پڳ جو، تون پٽ چنيسر ڄام
خبر ڏي مانکي ته پرڻيل آهين يا ڪنوارو؟
چئي: نڪي پرڻيل آهيان، نڪي ڪنوارو
منهنجا وڳهه ڪوٽ ۾ ٿا ٽاهـُـو دهل وڄن
چنڊئون چوٿينءَ رات جي، منهنجا پرڻي جا آنجام
ٽي لاوان لهي آيس، چار اَبو ڏيندو.
اتي نظر بيگ نـِـي ورندي ڏني آ
ابا! هن جون ڳالهيون مان سان، ٽـُـڪيو نه ٽرندو
(1)

 

 

تنهن کوُن ماٺ ڪري موٽي وڃ. تڏهن ننگر چيو ته:

دانـَـهه اچي در تئون، هتان ڪيئن اُٿلان
هيڪر ابل يار جو، وڃي ٿومنهن ڏسان
اٿئي نانءُ الله جو، مونکي سونهون ڏي سلطان.

 

تڏهن نظر بيگ سونهون ڏنس.

سونهون وٺي سلطان کان، گهوٽ چڙهيو گهوڙي
ته چنيسر طنبوءَ ڇانوَ ۾، پيو ڍاري راند ڪري
جان نهاري پوئتي ته پـُـٽ کي ڏٺائين
ڏسي پـُـٽ کي ائون، طنبوءَ منجهه لنگهيو.
                                      ---

اتي ننگر مير نـِـي، يارن کي به چيو:
ته هلون ٿا ميڙ ابل ڏي، ادب ساڻ هلو.
                                      ---

تڏ ٻانهون ٻڌي رومال ۾، هي پيرين پنڌ هليا
وڃي چنيسر ڄام جي پيرن تي به پيا.

 

اتي ننگر ڳالهايو، چئي:

ابا! نانءُ الله جو، منهنجو ڪنن سان ٻڌجان
مان جا وڳهه ڪوٽ ۾ ٿا ٽاهو دهل وڄن
ٽي لاوان لهي آيس، چار هلي ڏجانءِ
مانکي وڳهه ڪوٽ ۾ هلي پيءُ ٿي پرڻاءِ
دودي جهڙا ڀائڙا ڪانه ڄڻيندءِ ماءُ
اٿئي ننڍو ڀاءُ نـِـي، چڱي تون به ڪجانءِ.

 

مٿان چنيسر چيو ته:

دودو ننڍو ڀاءُ هو، مان سان چڱي ڪانه ڪيئين
مٿان ننگر مير کي ورندي ڪانه ڏنئين.

 

ايترو چئي سمهي رهيو، جيئن ننگر ڳالهايس تيئن زور گهو گهرو هڻي. تڏهن:

ساري کنو کپ مؤن، ننگر ڪڍيو آ
چئي: سڏ ڏي منهنجا سڄڻ، نه ته کنو نڪتو آ
تڏهن ٽپو ڏيئي کٽ تؤن وڃي پري پيو آ
چئي، ڪير آن ڇوڪرا، ٿو ڪنهن کي سڏ ڪرين.

 

تڏهن ننگر چيس ته:

ڇا زال کي ٻيو مڙس ڏيئي ٿو مان کؤن پڇين!

                                                                ---

 

 

 

 

پٽ تنهنجو آهيان پڌرو، ننگر اٿم نالو
مان کي وڳهه ڪوٽ ۾، هلي پيءُ ٿي پرڻاءِ.

 

 

اتي چنيسر، ننگر کي ڀاڪر پاتو:

چمي کنيائين چـُـوڻِ تي، پـُـٽ الله آندو آن(1)
پٽ! ڦـِـري ٿي پيءُ ڏُونهه، توکي جڳ چڱو چوندا
سونُ تنهنجي سر تي، مان ڀي مڙهايان.

 

تڏهن ننگر چيس ته:

سون منهنجي سر تي، ڏِسُ اڳئي مڙهيل آ
هلي وڳهه ڪوٽ تي، مونکي پيءُ ٿي پرڻاءِ
اتي چنيسر مير نـِـي، وير ڏني ورندي
ته دودو ننڍو ڀاءُ هو، مان سان چڱي ڪانه ڪيئين
جيتر آيس جاءِ تي، تيتر ٻڌائين پڳ مٿاء
جوءِ پـِـئي جاڙون ڪيون، مهڻا ڏنم ماءُ:
ته ڊڊا ڊاکر وڪڻي، تون ڌڻ رڍن جو ڌار
ماڻهين ماهيڙو ڪري، ڀل دودي جي درٻار
چرخا چندن عاج جا، تون سيوهڻ مؤن گهڙاء
ويهي وڳهه در تي، پـُـوڻيون اُڻيون ٽي.
                                          ---

تڏهن رُسي هليس راڄ مؤن، مونکي ڪنهن نه ورايو
چوڏهن ورهيه دليءَ ۾، مون سان ڪين چڙهيو بادشاهه
راڪاس ماري در تي، لاٿم دليءَ ڊاء
شينهڻ شينهن باغ ۾، اچي وِراڌا
هاٿي ڇڙيو رائـُـڙو، تنهن کي گهوٽ! وهايم گهاء
ماري تنهن هاٿيءَ کي، اچي ڪيم سلام
اهي انصاف ڏسي، ته به ڪين چڙهيو بادشاهه
سڱ باسي سلطان کي، چاڙهي آندو مانوَ
هاڻي سڱ ڏيو ٻاگهيءَ جو، ته پڳ جي دعويٰ ڪيان.

 

اتي ننگر جواب ڏنس:

اتي ننگر مير نـِـي، تنهن کي ورندي ڏني آ
ته ٻيون سڀ چڱيون ڪئـِـي پر ڪـَـچـِـي هي ڪياء
سومرا وڳهه ڪوٽ جي، ڪنهن کي ڪـُـتي نه ڏيندا
هڻندءِ هنبارين ۾، لڳيءَ نه لـُـڏندا

 

تڏهن چنيسر دڙڪو ڏنس ان تي ننگر وراڻي ڏني:

هڪ جيڏو، هڪ سرتو، اسان کي ماري ڪير
آڏو عالادين جي، ڍونڍ ڪنداسين ڍير
ڊڄان ٿو ڊاءِ خداءِ جي، نه ته ٻئي پٽيانءِ ڪن.

 

پوءِ ننگر مير اچي يارن کي چيو ته: هن کي ڇڏيو، هلو عالاين بادشاهه ڏي ته ساڻس سڌو ڳالهايون.

 

 

 

 

تڏ وڃي عالادين جو، ڪيائين سـُـنگ سلام
کٻي هٿ سلام جو جواب ننگر ڏنو آ
ڪير آهين ڇوڪرا، ڏين ٿوکٻي هٿ سلام؟
چئي: سائـُـو آهيان سومرو، اٿئي ننگر منهنجو نانءُ
پٽ چنيسر ڄام جو، ڀائٽيو دودل راء
مـِـنٿي آيو آهيانءِ ميڙ ٿي، مونکي پيءُ ڏي پـَـهاءِ.
                                          ---

 

اتي عالادين نـِـي ماڻهو اُٿاريو، وٺي چنيسر آ
اجهو چنيسر آئيو، عالادين اڳياءِ.

 

تڏهن چنيسر کي عالادين چيو ته:

تو نـِـي دهليءَ شهر ۾ مان سان ڪيڏا ڪوڙ ڪيا
ته نڪي پرڻيو آهيان، نڪي منهنجو وياء.

 

پر هي ڇوڪرو چوي ٿو ته:

پٽ آهيان چنيسر ڄام جو، ڀائٽيو دودل راء.

تڏهن چنيسر عالادين کي چيو ته:

آءٌ نڪي پرڻيو آهيان، ۽ نڪي اٿم وياءُ
دايو آهي دودل جو، ڀيٽ مـُـڪـِـي ٿـَـم ڀاءُ
ڏسي لشڪر سلطان جو، آهي ڇوڪر سـُـڪو ساهه
هي اُڃ مرندو آئيو، وٺيو منهنجو نانء.
                                          ---

تنهن کي ننگر مير ني، آڏو وير ڏني ورندي:
ته مکڻ سونهي مگهيان، ڌؤنرو سونهي مٽ
اصل لوهارن جو، تو پڌري ڪئي ٽـَـڪ
(1)
پيڙهي وڃايئي پانهنجي، ٿو جوٺا مارين جک.
                                      ---

اتي عالادين کي وري ننگر چيو آ:
ته مان ليکي بادشاهه آن، پر توکي عقل ذروئي ناهه
ڪيڏو تخت دليءَ جو، تون ڇڏي آيو آن!
اچئي ٻيو بادشاهه، ڪـَـريئي در دليءَ سوگها
اهل ماڻيندوئي اهو، هن لوٺيي جو ويندئي ڇا.

 

اتي عالادين، ننگر کي وٺي کڻي پنهنجي ڀرسان وهاريو، ۽ چيائين ته: تون بيشڪ بادشاهي بنياد مان آهين، ۽ سچ ٿو چوين. اتي چنيسر چيو ته: ٻيلي، بادشاهه وڃي گڏ ويٺا ۽ مان پيو ڇوري کودڙي وانگر هين گان، هاڻي ڪا ٽل ڪريان. تڏهن عالادين کي ڪـَـن ۾ چيائين ته: ڀلو ٿيو جو ننگر توسان پرچي سرچي ويٺو آهي. هاڻي سڱ گهري پنهنجو ڪري ڇڏ. اتي عالادين ننگر کي چيو ته:

ڀائر پرچو پاڻ ۾، ابا! منهنجو وڃي ڇا
سڱ ٻاگهيءَ جو تون ڏي، ته مان اُرد اُٿلايان
تنهن تي ننگر مير نـِـي، اڳيؤن ڳـَـهـِـي ڳالهايو
تـُـرڪ ڪميڻيءَ ذات جا، تون اوڇو نه ڳالهاءِ
جيڪي اچن ميڙ ٿـِـي، تن کؤن هيئن نه سڱ ڇڪاءِ
سومرا وڳهه ڪوٽ جي ڪنهن کي ڪتي به نه ڏينداءِ
پر جيڪي ڇڏيئي جاءِ تي، اول هي پنجاهه اتان پرڻاءِ
وڏوهر ڌي پنهنجي، منهنجي هن مـُـنگر کي پرڻاءِ
جيڪا ڇڏيـَـئه اُتهين، سا منهنجي محمد کي پرڻاءِ
جيڪا آندءِ ساڻ نـِـي، سا دودل کي پرڻاءِ
سڱ سڱ تي ٿو ٺهي، اڃان ڏجانءِ ماءُ
مان ڀي ناٺي تنهنجو، پوءِ اهڙا ويڻ هلاءِ.

 

 

 

 

 

اتي عالادين ڪاوڙيو:

 

ڏمر ڏيهه ڏٺو، هي عالادي آهي
هي اَوَلا ٿو ويڻ هلي، تنهن کي ڪو ماري
تڏ کنا خانن ڪڍيا، بيٺا چؤڌاري چائي
ته کنو ننگر هٿ ۾، سورهيه ڏني سٽ
تڏ اٿي عالادي ڀڳو، جنهن کـِـڙڪـِـي ڇڏي کٽ
پـَـٽ پٽولا پـَـٽ جا، وڍيائين ڳاڙهي کٽ
ڪاهي پيو ڪٽڪن ۾، جئن بانشو ۽ بحري
آڏو عالادي جي، اچي ڍونڍ ڪيائين ڍير.
                                      ---

اتي عالادين نـِـي وير ڏني ورندي
ڪڍ چنيسر پٽ کي، آندو اٿئي خلل جو کانڌو
تڏ پيءُ ڀڄي پـُـٽ ڏهون، وير ڏني ورندي
ته ويڻ ويڻ جي پوئتون، توکي ڪيڏو وهم لڳو
جهڙو بادشاهه تون آهين، تهڙو ننگر ڀي آهي.

 

اتي ننگر ڀانيو ته پيءُ اچي مان ڏهون پرتو آهي:

ريهي ننگر کي آندائين پنهنجي طنبوءَ تي
آڻي شيشا دنگ شراب جا ٿو تن کـِـي پياري
ته ريءَ نشي نادان ٿيا، پـَـئي پـَـٽ رهيا
هول ڪنگول جنگ جا، هن کان سڀ لاٿائين.

 

پوءِ تيل ميٽ ملائي، هنن کي چيائين ته: ابا! اوهين وڃي وهنجي اچو. پوءِ وڃي عالادين کي چيائين ته: هاڻي خالي هٿين ٿا وهنجنئي، لشڪر کي چاڙهه.

اتي ننگر مير کي وٺي ويهه ويا
نـَـوَ ويهان نـَـوَ ڌڪڙا، جوان سـِـر تي سٺا.

 

اتي ننگر ۽ مـُـنگر کي ماري وڌائون. پوءِ وڃي عالادي کي ٻڌايائون ته  ’ننگر ۽ منگر مارجي ويا.‘  تڏهن عالادي سٿر تي هٿ هنيو ۽ چنيسر کي چيائين ته:

ننگر جهڙا پٽڙا، ڪانه ڄڻيندءِ ماء
سارو لشڪر مري وڃي ها، پر ننگر نه مارجي ها
هاڻي کڻ ميت پنهنجي، نيئي وڳهه پهچاءِ.

 

تڏهن چنيسر تيار ٿيو:

ڪارو پاتائين ويس، ڪاري پاتائين ٽوپي
وٺي واڳ اُٺن جي، هي رهبر ٿيو راهي
ٻئي ڏينهن تي اچي وڳهه نڪتو آ
آڌيءَ رات جو اچي هن در کڙڪايو آ
اندرون دودي داناهه نـِـي هڪل ڏني آ
ته جان ننگر آن، جان محمد آيو آن.

 

محمد لس ٻيلي شڪار تي ويو هو ۽ سندس اچڻ جو پـِـڻ هـَـواڻو هو. تڏهن چنيسر ورندي ڏني:

وڏو ڀاء تنهنجو، چنيسر منهنجو نانءُ
ننگر منگر ماريا، مان کڻي آيو سانءِ.

 

اتي دودي دانهن ڪئي ته:

وڃي خان ننگر جي، ڪوٺي ٻـُـڌي دانهن.

اندر حويليءَ ۾ به اها دانهن ٻڌائون، تڏهن:

 

 

 

 

چوٽا چوٽيلين ڇوڙيا، ٿيون ڳـُـتون اُڊيڙين
ريـِـهه پئي آ راڻين ۾، ٿيون اڀيون اوسارين.
وَنـِـي خان ننگر جي سا هوڏهون آئي آ
ڀاءُ ڏي ويئي ڪينڪي، وڃي ننگر گڏ ستي آ
جانچيو ڏسن کڻي ته راڻيءَ ناهي ساهه.
ننگر منگر ماريا، تيئن راڻي خان ننگر
سگهرو لڏي ويو سومرو، وڳهه وَيل لڳو.

 

 

لاش دفن ڪري موٽي آيا ته دودي وڃي چنيسر کي ڀاڪر وجهي چيو ته:

ادا! ننگر منگر ماريا، الله ڏيندو ٻيا
پڳ پيڙهي توکي ڏيان پنهنجي هٿ هلاءِ.

 

اتي چنيسر چيو ته:

سڱ ڏي ٻاگهيءَ جو ته وڃي اتي اڇلايان.

تڏهن دودي هٿ هڻي چيس ته: جي اڳي ڪي سومرن سڱ ڏنا آهن ته مان به ڏيان. اوڏ کي سڏائي پڇو. اوڏ کي سڏايائون، جنهن اچي چيو ته:

دودا! اڳهن ڏنائون ڪونڪو، هاڻي تنهنجي مٿئون آئي آ.

پوءِ ڏين جان نه ڏين! تڏهن دودي چيو ته:

اڳهن ڏنائون ڪينڪي، هاڻي مان ڪيئن ڏيان
ٿو ڊڄان ڊاءِ خداءِ جي، نه ته ٻئي ڪن پٽيان.

 

تڏهن چنيسر چيس ته:

گهوڙا عالادين جا ٿنڀن ٻڌايان
تڏهن مان خوش ٿيان، جڏهن توکي واڳ ڏيان.

 

تنهن تي دودي جواب ڏنو ته:

دودو داڳي ٻين کي، دودي داڳي ڪير
سـَـٽي سـَـرواهين سان، ڍونڍ ڪندو سانءِ ڍير.

 

چنيسر اهو جواب ٻڌي موٽيو.

هـُـت محمد ماراڪن ۾ ٿو نـَـريون ڀڃي نر
سانـَـهن سـِـڱ سنوان ڪري، ڏنگن لاهي وَر
محمد ڀي لس ٻيلي ۾ نيئي شينهن ورايو آ.

 

شينهن سان اٺ پهر جنگ ڏنائين پر مارڻ جي وجهه ۾ نه پيو اچيس. آخر شينهن کي ماريائين.

اتي ماري شينهن کي، وري پوئتي نهاريائين
ته هڪ يار به نه ڏٺائين، تڏهن ننگر ساريائين.

 

يعني دل ۾ چيائين ته آءٌ ته شينهن جي پٺيان پيس، ٻيو ڪوبه ڪونه آيو. جي ننگر هت هجي ها ته مان جي پويان لڳو اچي ها. جڏهن موٽي منزل تي تنبوءَ ۾ آيو ته دل ۾ چيائين ته: اڄ مون ڀاءُ ننگر ساريو آهي، لاشڪ خير ڪونهي. اچي ننڊ ۾ ستو ته اتي پيو خواب لهي ته: ڀانئيان خير وڳهه ڏي ناهه. اتي ڇرڪ ڀري اٿيو، يارن پڇيس ته چيائين ته: ستو پيو هوس ننڊ ۾، ۽ خواب لڌم ته ڀانئـيان ته خير وڳهه ڏي ناهه، هلو ته موٽي هلون.

پهرين منزل کنيائين، اچي وچ تي لٿو آ
ٻي منزل کڻي ڪري، اچي وڳهه لٿو آ.

 

اتي لهي پيو ته آڏو سندس يار هاسي جو سالو پريان پئي آيو، تنهن سڏ ڏنس ته: هاسي جو وهانء آهي توکي سڏڻ آيو آهيان، هل. محمد هن کي چيو ته: تون هل ته مان ننگر کي ڏسيو اچان ٿو. پوءِ يارن کي چيائين ته: جي وڳهه هلياسون ۽ ڪو ويل لڳل هوندو ته يار جو وهانء رهجي ويندو، تنهنڪري هاڻي هلون ٿا مقام تي: اهڙي ڪا ڳالهه هوندي ته خبر پئجي ويندي. تڏهن:

 

 

 

 

اچي مجاور کي محمد سڏ ڪيو آه
ته هي نوان لوڙهه ڪنهن جا، ڪهڙا سومرا ها
اتي مجاور پٽڪو کڻي سٽيو آ
ته ننگر منگر ماريا، ٽـِـين راڻي خان ننگر
سگهرو لڏي ويو سومرو، وڳهه ڪوٽ منجها.
                                      ---

 

ڪيهان قلب جون ڪري پيو ٿو دانهون درد منجها
ايتري مهلت ٿو گهران وڃي هاسو پرڻايان.
                                          ---

اتي وري گهوڙي تي وٺي خان چڙهيو آ
اچي هاسي مير وٽ محمد پهتو آ
اتي هاسي مير ڀـِـي اچي ڀاڪر وڌو آ.

 

تڏهن سائس کي چيائين ته:

ادا سائس! نام خدا جي منهنجي پـِـيئري کي نجاءِ
داڻو پاڻي گاهڙو، تنهن کي جال ڏجاءِ.

 

اهو پيئرو گهوڙو هو ننگر جو، اتي سئيس ڏٺو ته گهوڙي کي رت جا ٽيپا پيا اکين مان وهن.

تڏهن سئيس اچي ڪچهري ۾ پٽڪو سٽيو آ
ته گهوڙو نڪي کائي گاهه نڪي پئي پاڻي
اکين منجهؤن رت ڦڙا پيئرو ٿو روئي
ڪو جو ويل وڳهه ۾ ڀانيان پيئري ڏٺو آ.

 

تڏهن محمد دل ۾ چيو ته متان هاسي کي شڪ پوي، سو چيائين ته: مـَـک مـَـهي چڪ هنيو آ تڏهن ٿو رت وهيس، ٻيو مڙئي خير آ. چاچي دودي مان کي چيو ته يار هاسي کي پرڻائي پوءِ وري اچي ننگر کي پرڻاءِ. پوءِ ڪچهريءَ مان ڪنهن وير اڪيلو اٿي گهوڙي وٽ آيو ۽ ڀاڪر ڳچيءَ ۾ پائي چيائين ته: مونکي خوار نه ڪر، ايتري مهلت ڏي جو اڄ رات هاسو پرڻائي وٺان. باقي

ننگر سندي باهڙي مونکي هينئڙي منجهه ٻري
هلي لشڪر وچ ۾ توکي گهاڻو کوڙايان
ٻـَـڌان رڪ ميدان ۾، توکي ڇاڻي ڇـَـل ڏيان.

 

اتي هاسو به ٽولي سوڌو اچي نڪتو. گهوڙي هانهـُـر به ڪئي ۽ داڻو به چـِـنائين. هاسي ڏٺو ته گهوڙو خوش آ، سئيس ڪوڙ هنيو آ، پوءِ وري آيا. پرڻي ويل هاسي جا مائٽ چون ته مگهٽ ٻڌي ۽ ويڏي پڙهن، پر هاسو چوي ته اها پر نه ڪندس، جيئن محمد چوندو اُئين ڪندس. پوءِ هاسي جي ماءُ آئي محمد وٽ ۽ چيائين ته: رڳو مـُـگهٽ مٿي تي رکئينس، باقي جيئن وڻيئي تيئن ڪرينس. تڏهن محمد چيو ته: راڄ ٿو رنج ٿئي رڳو مـُـگهٽ رک، پوءِ لائون ڏيئي، هاسو هيٺ لهي آيو. رات جو کنو وچ تي رکي ستو. زال چيس ته:

نڪا ڪاڻي مان آهيان، نڪو ڪوجهو تون.

آسن اميدن جي مـُـهـِـڙي رات آهي، تو پٺي ڇو ڏني آهي؟ هاسي چيو ته:

جن سان کيڏيم راندڙي، سي ڪـُـونهٽ ڪسي ويا.

 

 

 

 

گمان پيو هئس جو هو وهانءَ تي نه آيا. محمد هيٺ هڪلون پيو ڏئي ۽ چـَـڪر راند (تلوار ڦيرائڻ) پيو کيڏي. هاسو ڪنوار ڇڏي لٿو ۽ ڀڳو آيو هن ڏي، ۽ اچي ڀاڪر وڌائينس. چيائين ته: ڪو جو ويل وڳهه ۾ لڳل آ جو تون ننڊ مان اٿيو، جوش مان چڪر راند پيو کيڏين! محمد چيو ته: ڪو ويل ڪونهي. مون خواب لڌو ته شينهن سان ٿو وڙهان، سو هڪلون ڏنم ۽ چڪر راند ڪيم. ائين دلاسو ڏيئي هاسي کي مٿي موڪليائين. صبوح جو ڪچهري لاتائون. هوڏانهن دودي خط موڪليو هاسي ڏي ته محمد به مون وٽ ڪونه پهتو، تون پيو وهانء ڪرين، ۽ هيڏانهن ڪـُـونهٽ ڪسي ويا. خط آڻيندڙ ڀان خط کڻي، ٻاهران اچي دنبورو وڄايو ته آواز محمد جي ڪنن تي پيو، سو ريهه ڪري کٽ تان وڃي پٽ تي ڪريو.

 

ريهه ڪري کٽ تان وڃي پري ڪـِـريو آ
هاسي سندي ماء سا ڀـِـي ڀڄندي آئي آ
 ’روئڻ ڪم رنن جو‘ ، هاسي کي ماءُ چيو آ
ٿڃ بخشيندي سانءِ تڏهن جڏهن ننگر جو وير وٺين.

 

تڏهن هاسو وڃي مسجد ۾ بيهي رهيو ۽ چيائين ته: جيڪو منهنجو ڀاءُ ٿئي سو مسلمان ٿئي!

 ”چار سؤ سوڍن جا اچي مسلمين ٿيا“

اتي سندس وني ڊوڙي اچي چيس ته: مان کي ڪاڏي ٿو ڪرين؟ ان کي جواب ڏنائين ته:

سائو پيڪا تنهنجا، مان توکي اوڏهن اماڻيان!
چئي: اوڏهن وينديس ڪينڪي، جاڏي تون تاڏي مان.

 

دنبوري واري سڄي ڳالهه سئوز مان ڪئي، جنهن کي هاسي پنهنجي جاگير انعام ڏيئي کڻي ٽپڙ کنيا. يارن کي سمجهايائين ته: جڏهن وڳهه کي ويجها ٿيو ۽ آءٌ پاڻي گهران ته اسان کي پاڻي ڏجؤ، پر محمد کي نشو ڏجو جيئن نشي ۾ رهي ۽ کيس تڪليف نه پهچي. پوءِ ان وقت محمد کي نشو ڏنائون ۽ هاسي کيس ڏوليءَ ۾ کڻايو. ڏولي اندر حويلي ۾ اماڻي، پاڻ دودي ڏي ڪچهري ڏانهن هليو. کيس ڏسي دودي ريهه ڪئي. تڏهن هاسي چيو ته:

روئڻ ڪم رنن جو، تو نه جوڙ جڳاءِ
ڦوڪ ته لڳي باهه، جي کٽن سي کائن.

 

دودي چيس ته: تون اچي تخت سنڀال جو آءٌ اڳ ۾ ٿو وڙهان. پوءِ پڇيائينس ته: محمد ڪونه آيو؟ هاسي چيس ته: محمد آندو اٿم، اندر حويلي ۾ آهي، باقي ننڍن هوندي وڏا چڙهن، سو ڪونه جڳائي.

تڏ ساري حضرت شاهه کي هاسو هليو آ
مـُـهڙيـِـن منزل ڪري اچي بڪار ۾ لٿو آ
ٻي مـَـنزل کڻي اچي لشڪر ۾ لٿو آ
لشڪر ۾ لهي کڻي تـنبو کوڙيو آ.

 

جيڪو اچي سو ڏسي ته ڪارو طنبو لڳو پيو آهي. وڃي عالادين کي ٻڌايائون ته دودو اچي ويو آهي. عالادين چنيسر کي گهرايو ته:

ڪارو تـنبو آ سومري جو، دودو جنگ تي آيو آ؟

چنيسر چيو ته: دودو ڪونهي، هاسو واڻيو ننگر جو يار آيو آهي، اهو ڇا ڪندو. سومرو ڪونه آيو آهي. پنج سو لشڪر جا ڏي ته ماري اچنس ۽ سري ڪپي آڻي توکي ڏين.

بگل وڳو جنگ جو، هاسي جي ڪن تي پيو آ
اتي هاسي نـِـي يارن کي چيو ته اُٿو، بگل وڳو آ
ساري حضرت شاهه کي هاسو پهرين چوٽ چڙهيو.

 

نه ڇڏيائين پنجن ئي سوَن مؤن ڪو هڪڙو پوئتي. اتي چنيسر کي وري عالادين گهرايو ته: تو چيو ته واڻيو آ، هي ته پنجن سوَن سپاهين مان هڪ به نه موٽيو. چنيسر چيو ته: ڀڄي ويا هوندا، ڪري ڇهه سؤ موڪل ته ٻـُـهاري وٺنس. وري ڇهه سؤ آيا، جيڪي ويڙهي ويس ته:

 

 

 

 

وري هي سورهيه سنڀري جنگ تي اُٿيو آ
نه ڇڏيائين ڪو هڪڙو جو پوئتي موٽيو آ.

 

 

هيءُ ٻه چوٽون وڙهيو ته هوڏانهن محمد به وڳهه ۾ هوشيار ٿيو.

اچي دودي داناهه کي محمد چيو آ
ته مان ڀي وڃان ٿو جيڏي هاسو ويو آ.

 

دودي چيو ته: ابا! تون ننڍو آن، تخت سنڀال ته مان وڃان. محمد چيو ته:

چاچا! ننڍن ويٺي وڏا ڪيئن چڙهندا
ننگر سندي باهه مونکي هنئڙي ٻري آ.

 

تڏهن دودي چيو ته: باقي تون هڪڙو آن، تون ڀي ويندين ته پوءِ هي ننگ ڪنهن وٽ ڦـِـٽي ڪنداسون؟ تڏهن محمد چيو ته: صـُـوبا ٿو ڏسيانءِ، ڪاڇيلو اٿئي نواب جنهن جي نـَـوَ لک جي ڪـَـنڊِي آهي. دودي چيو ته: اهو نه. تڏهن چيائين ته:

اوڍر اٿئي ذات جو، اُڍو جنهن جو نانء.

دودي چيو ته: نه، ڇوها ۽ طوفان ايندا، اوڍر ڪٿي جهليندو! تڏهن محمد وري چيو ته:

ابڙو اٿئي ذات جو، اَبـُـل جنهن جو نانء.

تڏهن دودي چيو ته: هاءِ هاءِ ابا، جو تو اَبـُـل جو نالو کنيو. اهو مڙس برابر آهي، جو اڃا نئين رِيهه لٿي اٿس. اسان روجهه ماريو، پچائـِـي ٿي ته وچان شـِـيخ کنيو هليو ويو. اهو بيشڪ سامـُـون جهليندو، پر تون اول وڃي سڀني صوبن کي ملي پڪ ڪري آءٌ.

پوءِ محمد اول آيو ڪاڇيلي نواب وٽ ته: سامون جهل. چيائين ته: مونکي طاقت ناهي، عالادين جو لشڪر آيو ته منهنجون ڪـَـنڊيون وڍجي مـُـهڙ ئي ديڳين جو ٻارڻ ٿي وينديون. پوءِ آيو اوڍر وٽ. تنهن چيو ته: آءٌ سامون نه جهليندس. پوءِ آيو ابڙي وٽ. آڌي رات جو اچي گهنڊ وڄايائين ته:

ابڙي اندرؤن ڪوٽ مان هڪل ڏني آ
ته ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڇاهي تنهنجو نانء؟

 

محمد چيو ته:

دودي مون کي موڪليو، تو ڏي ميڙ ڪري
سامون جهل اسان جون، جو اسين وڃون جنگ تي.

 

تڏهن ابڙي چيو ته: ڀلي اچن سومريون، منهنجا سـِـر ڀي ننگ مٿان قربان آهن. نياڻيون ڀلي پيڪين اچن. ابڙي کان ماءُ پڇيو ته: ڪير هو؟ ابڙي چيو ته: سومرو هو، چيائين ته سامون جهل، مان چيو ته مان ڪيئن جهليان. تڏهن ماءُ چيس ته: مان توکي بنا وضوء ٿڃ نه ڏني، تو ڪيئن جواب ڏنو؟ پـِـيهڻيون اسين ڪنديونسين. ٻـُـهاري اسين ڪڍنديونسين، ڀلي اچن جيءُ اچن.

هيڏانهن محمد اچي دودي کي چيو ته: ابڙي سامون جهليون. هاڻي منهنجي الاتوهر اٿئي.

ساري حضرت شاهه کي رهبر ٿيو راهي
مـُـهڙينء منزل کڻي ڪري اچي بڪار منجهه لٿو
ٻيءَ منزل کڻي اچي لشڪر ۾ لٿو آ.

 

 

 

 

 

لشڪر ۾ لهي تـنبو کوڙيائين. عالادين چنيسر کي آڻايو، کانئس پڇيائين ته: ڪهڙو سومرو آيو آهي؟ چنيسر چيو ته: منهنجو پٽ ۽ ننگر جو ڀاءُ آهي، پر هي ننگر کؤن گهٽ آهي. پنج سؤ لشڪر جا مـُـنج ته جهٽ پٽ گهوٽي ايندس. هاسي کي به خبر ڪانه پوندي. بگل وڳو ته هاسي ۽ محمد کي خبر پئجي ويئي. محمد هڪل ڏني جيڪا وڃي هاسي جي ڪن تي پيئي. اتي ٻئي اچي هڪ ٻئي کي گڏيا. پنجن سـَـون ته هنن ٻنهي جي ڊِهه ئي نه جهلي. سپاهين ڀڄي اچي عالادين کي ڄاڻ ڪيو. وري ڇهه سؤ ٻيا موڪليائين. پر چنيسر کي عالادين گهرايو ته محمد چنيسر کي ويندي ڏٺو ۽ هاسي کي چيائين ته: ابو وڃي ٿو، آءٌ وڃي ملانس. هاسي چيس ته: نه ملينس، اهو دشمن آهي، آءٌ ماريندوسانس. محمد کيس مڃائي انهيءَ ڳالهه تان لاٿو. پوءِ ڇهه سؤ ماريائون، تڏهن وري ست سؤ چڙهيا. اهي به ماريائون. پوءِ عالادين چنيسر کي چيو ته: هي لشڪر کٽائيندا، ڪا اٽڪل ڪر جو هي مرن. چنيسر چيس ته: هاسي ڏي نه ويندس، باقي پٽ ڏي وڃان ٿو. کيس ريهي ريبي ڪا تجويز ڪندس. چنيسر محمد وٽ آيو ۽ چيائينس ته:

 

رضا هئي رب جي اَمـُـر ائين هو
جو ننگر منگر ماريا، هاڻي خير آ.

 

مان خير ڪري توسان هلان ٿو، پر مون وٽ ماني کائو. هاسي محمد کي جهليو، پر محمد چيو ته: ابو آيو آهي. سو ٻئي گڏجي چنيسر جي طنبو تي ويا. جتي هنن کي شراب پياري، نشي ۾ سمهاريائين ۽ هنن جا هول ڪنگول لهرائي ڇڏيائين. ميٽ تيل ملائي ڇڏيائين. اٿيا ته چنيسر چين ته: وهنجي اچو. هي وهنجڻ ويا ته پويان عالادين کي وڃي ٻڌايائين ته: محمد کي چيلهه ۾ ڌڪ آ، سو چاڙهي تي مٿي نه چڙهي سگهندو. جڏهن تڙ لاءِ هيٺ لهي ته پوءِ پويان ڦري اچي گرز هڻنس. پوءِ لشڪر چوڌاري ڦري ويو ۽ گرز هنيائونس. محمد مٿي اُسري نه سگهيو. اڙد کين ويڙهي ويو ۽ ٻئي مڙس مارجي ويا.

پوءِ عالادين چنيسر کي چيو ته: لاشا کڻي وڳهه پهچاءِ. تڏهن چنيسر چيو ته: هاڻي ويندس ته دودو مونکي ماريندو، سو

 ”آءٌ وڳهه ويندوسئين ڪينڪي.“

پوءِ عالادين خط لکي دودي ڏي موڪليو ته: محمد ۽ هاسو مارجي ويا، سندن لاشن گهرائڻ جو بندوبست ڪر! دودي ماڻهو موڪلي لاشا آڻايا. پوءِ دودي چيو ته: سامون ڪيئن ابڙي ڏي موڪليان؟ تڏهن ٻاگهي پٽڪو ٻڌو ۽ سامون وٺي ابڙي ڏي هلي.

مـُـهڙيؤن ويلو وڃي اوڍر وٽ پيو.

وري اتان اسـُـريا. جڏهن ابڙي جي شهر کي ويجهو ويا ته ابڙي ڀاءُ کي موڪليو ته وڃي سامـُـن کي آڳهه ٿيء، سو سنبري سرما وجهي، پٽڪا ٻڌي اڳتي هليو. کيس ڏسي ٻاگهي چيو ته: هي جو هار سينگار ڪيو اسان جو عاشق بنيو ٿو اچي يا سامون جهلڻ ٿو اچي، موٽو پوئتي! ابڙي جي ڀاءُ موٽي اچي ڳالهه ڪئي. ابڙي پڇيس ته ان کي چيائين ته: آيون نه، موٽي ٿيون وڃن. ابڙي چيس ته: انهن ڪپڙن ۾ وئين، تو ڪين ڄاتو. پوءِ ابڙو ڪارو ويس ڪري چڙهيو ۽ اکيون ڍاري،  ’امان مايون‘  ڪري وڃي کين ورايو ۽ پنهنجي حويليءَ ۾ آندائين. هنن کي وهاري، پاڻ يڪدم چڙهيو ته متان دودو اڳ ۾ چڙهي. دودي وٽ آيو، چيائين ته: سامون پنهنجي جاءِ تي آهن، خاطري ڪر. دودي چيو ته: تون تخت سنڀال ته آءٌ چڙهان. ابڙي چيو ته: اڳ ۾ آءٌ چڙهندس. پوءِ ابڙو چڙهيو.

سنڀالي سبحان کي ابڙو جنگ تي چڙهيو آ
مـُـهڙين منزل کڻي، وڃي بڪار منجهه لٿو
ٻي منزل کڻي وڃي لشڪر ۾ لٿو آ
لهي لشڪر وچ ۾ طنبو کوڙيائين.

 

تـنبو کوڙيو سمهيو پيو آهي. صبوح جو اٿن ته ڏسن ته ڪارو طـنبو کتو پيو آ. عالادين کي وڃي چيائون ته: هاڻ دودو پاڻ آيو اٿئي. اتي چنيسر کي عالادين گهرايو ته هي ڪهڙو سومرو آيو آ؟ چئي.

 

 

 

 

جڏهن دودو چڙهندو ته هي وڻ ڇڏيندءِ واءِ
مرون ماڳ مٽائي ٻئي ديس ٻجهندا
ڇپر سڀ ڇيتون ٿين، سمونڊ مڇ ڏڪندا
تڏ مس مس ڀاءُ دودي جا هاواڻا پوندا.

 

 

هي آيو آهي ابڙو. ست سؤ لشڪر جا موڪل ته ماري اچنس. ست سؤ لشڪر جا ويا، سي ابڙي ماري چٽ ڪري ڇڏيا. وري ٻيا ست سؤ ماريائين. پوءِ چنيسر چيو ته: انهيءَ کي مان پاڻ ٿو پڄان. پوءِ چنيسر وڃي پاسو وٺي ڪنهن ٽل سان ابڙي کي ماريو. اتي چنيسر دودي کي خط لکيو آ ته: هي به مارجي ويئي، جان ڇڏ وڳهه کي يا سڱ ڏي. اتي اوڍر به دودي وٽ آيو آ ۽ چيائين ته: دودا! تون ويٺو هـُـج، اڃان اسان چوٽ ڏينداسين. شؤنقو سوڍو، اوڍر جو يار هو، تنهن چيس ته: تون ٿو وڃين ته مان به هلان ٿو توسان.

مـُـهڙي منزل کڻي ڪري اچي بڪار منجهه لٿا
ٻي منزل کڻي ڪري اچي لشڪر منجهه لٿا.

 

صبوح جو ڏٺائون ته ڪارو تنبو کتو پيو آ. عالادين چنيسر کان پڇيو ته: هي ڪهڙو سومرو آيو آ؟ چنيسر چيو ته: هي هڪڙو اوڍر آ ۽ ٻيو هڪ ٺـَـڪـُـر(1) آ. تنهنجو پٽ سالار جو چوي پيو ته دودو اچي ته مان وڙهان، تنهن کي گهراءِ ته انهن تي چڙهي، باقي هي لشڪر ڪونه ماريندن. سالار کي بادشاهه گهرايو، سو چڙهيو، تنهنجو اڳ ورتو شئونقي ته پاسو ڏيئي هٽي ويو. وري وڃي اوڍر اڳ ورتس ته وري لڪي ڀڄي وڃي پنهنجي طنبوءَ ۾ پهتو. هنن ٻنهي لشڪر ماري ڇڏيو. عالادين سالار کي گهرايو ته چيائين: مون چرچو ساڻن ڪيو، وري ٿو چڙهان ۽ اجهو ٿو ماريانِ. ست سؤ لشڪر وٺي چڙهيو:

شؤنقي تنهن سالار کي ڏورئون ڏٺو آ.

ته مـُـهڙ مل ٿيو پيو اچي. ويجهو آيو ته وري لشڪر ۾ گم ٿي ويو. نيٺ ڳولي شؤنقي اچي اڳ ورتس، تڏهن (شؤنقي کي) چيائين ته: تون منهنجو مـَـٽ ناهين. ائين چئي گـُـسايائين ته اوڍر اچي اڳ ورتس.

سـِـري تنهن سالار جي کاڌو لامارو

سالار ماريائون ۽ لشڪر به سڄو ماريائون. عالادين چنيسر کي گهرايو. چنيسر چيو ته: ڇهه سؤ لشڪر ڏي ته هاڻي مان پاڻ وڙهندس. پوءِ چنيسر چوريءَ سان اٽڪل ڪري وڙهيو ۽ ٻنهي کي ماريائين.

عالادين دودي ڏي خط موڪليو ته هي ٻئي به مارجي ويا، پنهنجو بندوبست ڪر. اتي دودي پنهنجي سامونڊي گهوڙي سنڀرائي، جا اُڏامندي هئي. ٽي ڏينهن دودي جنگ ڏني. گهوڙي اُڏامي ۽ دودو ماڻهن جون سـِـريون لاهي، شام جو اچي گهر لهي. چنيسر عالادين کي ساڻ ڪري وڃي جهنگ ۾ پاسيرو وهندو هو. دودو طنبو تي لکي آيس ته هاڻي تنهنجو مهمان آهيان. عالادين چنيسر کان پڇيو. چنيسر چيو ته: اٽڪل کان سواءِ دودي سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي، هاڻي گهوڙيءَ جو ٿانُ ٺهراءِ، جهڙو اُن گهوڙيءَ جو آهي، تنهن ۾ کير ۽ گاهه وجهاءِ. چوڌاري سـُـوريون ٺهراءِ، جيڪي سـَـنهيون اَنگهـُـن سان هجن. گهوڙي جڏهن ٿانَ تي ڀـُـلـِـي اچي لهندي ته اَنگهون چڙهي پوندس ۽ گهوڙي ۽ دودو ٻئي مرندا.

عالادين ٿانُ ٺهرايو. دودو جنگ تي چڙهيو، جنگ ڪندو آيو. اتي آيو ته گهوڙي ٿانُ ڏٺو، اُڃ هئس، سو گهوڙي سڌو ٿانَ تي آئي ته سـُـوريون گهوڙي ۽ دودي ٻنهي مان لنگهي ويون. ڏينهن جو ڏٺائون پر عالادين جي لشڪر مان ڪوبه ويجهو نه پيو وڃيس. پوءِ ٽئين ڏينهن ڪانء اچي مٿان ويٺس تڏهن پڪ ٿين ته دودو مارجي ويو.

 

 

 

 

عالادين دودي جي لاش کي لهرايو ۽ مٿان گهوڙا ٽپايائين. پوءِ عالادين اچي دودي جي لاش کي ٿڏو هنيو، تڏهن چنيسر کي جوش اچي ويو. اچي جو لشڪر ۾ پيو ته سڄو لشڪر ماري ڇڏيائين. عالادين باقي وڃي اٺن ماڻهن سان بچيو. پوءِ چنيسر چيس ته: توسان وعدو اٿم، سو هل ته هلي ٻاگهي ڏيانءِ. ٻاگهي به ايستائين سامون وٺي وڳهه ڪوٽ ۾ اچي ويٺي، ڇو جو ابڙو مارجي ويو هو ۽ ڀاڻس جي آسري تي نه ويٺي. هي نـَـوَ ڄڻا (اٺ عالادين وارا ۽ نائون چنيسر) آيا وڳهه ڪوٽ تي ۽ اچي در کڙڪايائون. اندران ٻاگهي هڪل ڪري چيو ته: جي عالادين آهين ته هلي اوطاق ڀيڙو ٿيءُ! اڃا اسان جو هڪ سومرو حيات آهي، اهو جنگ ڏيندو، صبح ساڻ ايندو. اهو محمد جو پٽ ڀونگر ٻارڙو آهي.

 

ٻاگهي ڇا ڪيو جو سڀني عورتن کي مردانا ڪپڙا ڏياري (پهرائي)، پوءِ ڪوٽ جي ٻانهين ڀڃائي، اتان قطار ڪرائي، اچي اوطاق آڏو لنگهايائين ۽ ائين ڦيرن تي ڦيرا ڏنائون جو ڄڻ لشڪر کـُـٽي ئي نه پيو. عالادين چنيسر کان پڇيو ته: جنهن جو ايڏو لشڪر سو ڪير؟ چنيسر چيو ته: ان جي مونکي به خبر ناهي، اهو لشڪر اسان ٻنهي کي ماريندو. پوءِ چوايائون ته: سومري کي چئو  ته اچي اسان سان ڪچهري ڪري. اندران جواب ۾ چيائون ته: آڻ مڃيو، سندس ڪانچَ ٿا موڪليون، ان جي هيٺان لنگهو ته پوءِ اچي ڪچهري ڪري. ڪانچ آندائون، هي سڀ ان لانگ جي هيٺان لنگهيا. پوءِ ڀونگر ٻارڙي کي آڻي آڏو بيهاريائون. تڏهن عالادين وارن چيو ته: بلي! هن جي ٿا آڻ مڃيون. تڏهن ٻارڙي ڪر موڙي ٻنڌڻ ڇني وڌا. تڏهن چيائون ته بيشڪ هي به اسان کي ماري ها.

پوءِ عالادين دهلي ڏانهن موٽيو. چنيسر به ساڻن گڏ هو. واٽ تي زالن پئي پاڻي ڀريو، تن چيو ته: لانگ هيٺان لنگهيو، آڻ مڃيو، جيئرو پيو وڃين! پوءِ انهيءَ طعني کان نـَـوَ ئي ڄڻا گوري کائي مئا.

 

 

____*____


 

 

(1) ڀونڊاري جي ڀونڊ = گهريتڙي.

(1) گدار = اُڙد، جنگ.

(1) ڏاهي (سگهڙ ائين اچار ڪيو) معنيٰ ڏائي راند.

(1) اسان تي حملو ڪيائون ته روڪجي ڪين بيهندا ۽ وڃي ٻاهر چڙهندا، هنن جي اسان تي اک ئي ڪانه ٿي ٻڏي، پر نظر تو ۾ اٿن.

(1) ٽـُـڪيو = وڍيو، يعني ته چنيسر جيڪي ڳالهيون مون سان ڪيون آهن، تنهن مان سمجهان ٿو ته اهو وڍيل ويري مڙندو ڪونه.

(1) چـُـوڻ = چـُـوڙ = چيلهه

(1) يعني ذات پڌري ڪئي اٿئي.

(1) ٺڪـُـر = واڻيو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org