سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 6

 

 

2- علي محمد فقير ڀان (تعلقو ٽنڊوباگو) جي ٻڌايل ڳالهه

 

ُهيٺ ڏنل نثر واري ڳالهه جا ٽاڻا فقير علي محمد ڀان پٽ حاجي محمد يوسف ڀان، ويٺل شورن جو پتڻ، وفات: سن 1942ع (عمر 65 سال ۾) جي زباني، ڳوٺ خليفن جي مٺي (تعلقو ٽنڊوباگو) ۾ خليفي محمد هاشم جي اوطاق تي ٿيل ڪچهري ۾ قلمبند ڪيا ويا.    ن- ب[

ڪنهن زماني ۾، محمد طور تي سومرن بادشاهن جو راڄ هلندڙ هو. اِنهن سومرن جي پـُـريءَ مان  ”ڀونگر“  نالي بادشاهه ساماڻو. سندس گهر ۾ هڪ ڏاڏي پوٽي هئي، ۽ ٻي سوڍي هئي. ڏاڏي پوٽيءَ مان کيس اولاد هڪ پٽ نالي  ’چنيسر‘  ۽ هڪڙي ڌيءَ نالي  ’ٻاگهي‘  هئا، ۽ سوڍيءَ مان فقط هڪڙو پٽ  ’دودو‘  هئس. چنيسر ۽ ٻاگهي سڳا ڀيڻ ڀاءُ هئا.

دودو نهايت بهادر هو، جنهنڪري سڏبوئي  ’پنجاهيو‘  هو. سندس روزاني جو اِهو دستور هو ته صبح جو سويل، سج اُڀرڻ کان اڳي، پنهنجي گهوڙي تي چڙهي شڪار تي هليو ويندو هو. ٻنپهرن ڌاري واپس موٽي اچي پنهنجي محلات ۾ آرام ڪندو هو، ۽ پوءِ وري شڪار تي ويندو هو، ۽ سج لڙيي موٽندو هو. چنيسر ۽ دودي جي پڻ هڪٻئي ۾ نهايت گهڻي محبت هئي، ۽ دودو پڻ چنيسر جي وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ تمام گهڻي عزت ڪندو هو.

 

ڀونگر بادشاهه پنهنجي جيئري ويچار ڪيو ته منهنجي مئي پڄاڻان، سومرن ۾ ڇٽ تان ضرور جهيڙو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته دودو ۽ چنيسر ٻئي جوان مڙس ۽ بهادر  آهن. پوءِ ضرور ڪي دودي جو پاسو کڻندا ته ڪي وري چنيسر جو طرف ڇڪيندا، اِنهيءَ ڇڪتاڻ ڪري ضرور سومرن جي راڄ ۾ ڏڦير پوندو ۽ بادشاهي هٿان ويندن، اِنهيءَ ڪري ڇو نه پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اِنهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪري ڇڏجي. اِهو پهه پچائي سومرن جا سمورا راڄ پاڻ وٽ سڏايائين. دلي طرح سان ڀونگر جي مرضي دودي تي هئي، اِنهيءَ ڪري هن پنهنجو خيال دودي تي ڏيکاريو، پر راڄ وارن سندس اِها ڳالهه رڳو اِنهيءَ ڪري نه مڃي جو دودو سوڍيءَ پيٽان هو ۽ چنيسر ڏاڏي پوٽيءَ پيٽان، ۽ وڏي ڳالهه اِها ته چنيسر دودي کان عمر ۾ به وڏو هو. نيٺ هڻندي ڌڻندي فيصلو اِهو بيٺو ته چنيسر کٽ تي ويهندو. يڪدم ڀير تي ڏؤنڪو لڳو: ڀير تي ڏؤنڪو ٽن موقعن تي لڳندو هو، هڪ تڏهن جڏهن پاڳارو بادشاهه مري، ٻيو تڏهن جڏهن ڪو نئون بادشاهه تخت تي ويهي، ۽ ٽيون تڏهن جڏهن ڪو غنيم ملڪ تي چڙهي اچي. دودي جي ڪن تي جڏهن اِنهيءَ ڪمهلي ڀير جو  آواز پيو تڏهن حيران ٿي ويو، سو شڪار ڇڏي يڪدم درٻار ۾ گهوڙي سوڌو هليو آيو. ڏسي ته چنيسر کٽ تي ويٺو آهي، ۽ پيءُ ڀونگر، هيٺ راڄ وارن سان گڏ ويٺو آهي. پيءُ کي هيٺ ويٺل ڏسي دودو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. پر ڀونگر اُنهيءَ مهل حڪم ڏنس ته: هاڻي بادشاهه چنيسر آهي، کيس سلام ڪر! دودي پيءُ جي حڪم موجب چنيسر کي سلام ڪيو. اِهو ڏيک ڏسي، ڀونگر راڄ وارن کي چيو ته: منهنجو خيال آهي ته چنيسر ۽ دودي کي گڏي تخت تي ويهارجي. پيرانديءَ کان دودو ويهندو، ۽ سيراندي کان چنيسر. اِئين ڪرڻ سان ٻئي ڀائر مـِـٺ محبت سان راڄ هلائي سگهندا. راڄ وارن ڀونگر جو دودي تي گهڻو خيال ڏسي، سندس اِها ڳالهه قبول ڪئي.

 

ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڀونگر گذاري ويو. حقيقت ۾ دودي کي پيءُ جو فيصلو وڻيو ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته سندس مقابلي ۾ چنيسر جي طاقت ۽ همت ڪجهه به ڪانه هئي، پر لاچار هو، جو سمورن راڄ وارن سومرن جو اِهو گڏيل فيصلو هو. انهيءَ ڪري هن دل ۾ خيال ڪيو ته جيئن سومرن سندس حق کسيو آهي، تيئن گهٽ ۾ گهٽ کين ويڙهائي ته ڇڏجي. سو هو ڇا ڪندو هو جو جڏهن  درٻار ختم ٿي ويندي هئي، ۽ چنيسر اندر ويندو هو، تڏهن هي ٻه چار سومرا ساڻ ڪري، ويهي اُنهن جا ڪن ڀريندو هو: اِنهيءَ جو نتيجو اِهو نڪتو جو ٿوري ئي وقت ۾ سومرا هڪٻئي ۾ وڙهڻ لڳا. پر ڪن دانائن اُنهن کي سمجهايو ته اجايو چريا ٿيا آهيو، ڳالهه کي سمجهو، بادشاهه پاڻ کي هڪٻئي ۾ ويڙهائين پيا، هاڻي پاڻ به کين ويڙهايون ٿا، گهر ۾ لڳل هوندن ته پاڻهي ڪل پوندين.

 

 

 

هڪڙي ڏينهن دودو شڪار تي ويو. ماڻهن اِهو وجهه پئي ڳوليو، سو يڪدم ٻه چار ماڻهو گڏجي دربار ۾ آيا. چنيسر کي سلام ڪري چيائون ته: اسين پرانهين ولايت مان آيا آهيون، اسان جون هي ٻه ترارون هڪ کپُ ۾ وجهي ڏي. چنيسر هنن کان ترارون ۽ کپُ وٺي، ٻئي ترارون گڏي، کپَ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻه ترارون هڪ کپ ۾ ڪٿي ٿيون ماپن! گهڻوئي زور لاتائين پر وريو ڪي ڪين. چنيسر جو اِهو حال ڏسي،  سڀئي کلڻ لڳا. تنهن تي چنيسر کي وڌيڪ ڪاوڙ آئي، مڙس زور وارو هو سو وٺي جو زور ڏنائين ته کپ ڀڄي پيو. اِنهيءَ تي وري به هي کلڻ لڳا. چنيسر ڪاوڙجي کانئن پڇيو ته: ڇو ٿا کلو؟ چيائونس ته: توسان به اِها حالت آهي جو هڪ تخت آهي، ۽ ٻه ڄڻا ويهڻ وارا. بادشاهه تون آهين، باقي دودو ته ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي، اُهو ٻين سومرن سان گڏجي هيٺ ٿي ويهي. چنيسر سڄي ڳالهه ٻڌي ويچار ۾ پئجي ويو، چئي: ڳالهه سچي ٿا ڪريو، پر دودو ڪاوڙيو ته اُن سان منهن ڪير ڏيندو؟ سومرن چيس: اِنهيءَ ڳالهه کان تون ڇٽين، اسين پاڻهي دودي کي پڄنداسين. اِنهيءَ ڀرتي تي چنيسر پير پختا ڪيا، ۽ فيصلو ڪيائين ته دودو راڄ وارن سان گڏ هيٺ ويهندو ۽ کٽ تي اڪيلو پاڻ ويهندو.

 

 

ٻنپهرن ڌاري دودو پنهنجن پنجاهه سورهيه ساٿين سان گڏ درٻار ۾ آيو. ڏسي ته درٻار جو ڦرڪو ڦريو پيو آهي: چنيسر سڄي کٽ والاريو ويٺو آهي. چنيسر کي چيائين ته: ادا، جاءِ ڏي ته ويهان، چنيسر رکائي سان وراڻيس ته: ڀائرن سان گڏ هيٺ ٿي ويهه. دودو اِهو ٻڌي ڪاوڙيو، چئي: ادا، اِهو ته راڄ وارن ۽ بابي جن گڏجي فيصلو ڪيو هو ته آءٌ توسان گڏجي کٽ تي ويهندس. چنيسر وراڻيو ته: دودا، بابو چريو هو جو اهو فيصلو ڪيو هئائين. چنيسر جو اِهو جواب ٻڌي دودو ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو ۽ کيس ٻانهن کان وٺي اُڇل ڏنائينس ته وڃي ڇت سان لڳو. دودي جا پنجاهه ساٿي يڪدم ترارون ڪڍي بيهي رهيا، اِهو حال ڏسي ٻين دربار ۾ ويٺل سومرن ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيا. پوءِ دودو دستور موجب کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي، واپس هليو ويو.

 

چنيسر درٻار مان اُٿي، سڌو پنهنجي ماءُ وٽ ويو، کيس سڄي حقيقت کان واقف ڪيائين. ماڻس سموري ڳالهه ٻڌي کلي ڏنو. چنيسر پڇيس ته: امان، تون کلين ڇو ٿي؟ ماڻس وراڻي ڏنس ته: پٽ چنيسر، کلان اِنهيءَ ڪري ٿي جو اڄوڪي سڄي ڳالهه ۾ تنهنجو ڏوهه ڪونهي، تون ڊڄڻو آهين، انهيءَ ڪري جو جڏهن تون مون کي پيٽ ۾ هئين تڏهن مون کي ڌيءَ جو وارو هو، پر قدرت سان تون ڄائين. ماءُ جي اِها چٿر ٻڌي، چنيسر آپي کان ٻاهر نڪري ويو، چئي: آءٌ سمورا سومرا مارائيندس. تنهن تي ماڻس صلاح ڏنس ته: دهلي وڃي عالادين کي دانهن ڏي ته ڀونگر بادشاهه جي ڌيءَ توکي سڱ ڏيڻ لاءِ وٺي ٿي آيس پر دودي سومري روڪي ڇڏي آهي. اها ڳالهه چنيسر کي دل سان لڳي، سو يڪدم دهلي ڏانهن وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. چنيسر جي انهيءَ سنبت جي خبر ٻاگهيءَ کي پئي، جنهن دودي کي چيو ته: تون ماڻهو موڪلي چنيسر کي روڪ. دودي، ٻاگهي جي چوڻ موجب ڪيو، پر چنيسر سندس ڳالهه ئي ڪانه ٻڌي، چئي: دودو پاڻ ايندو ته به نه ورندس، هاڻي بادشاهي کٽ کيس سونهين، آءٌ وڙهي وٺندوسانس. اِهو جواب ٻڌي، دودي چيو ته: دودي کي مارڻ لاءِ ڪي مڙس گهرجن، باقي چنيسر جي مارڻ جهڙو آءٌ به ڪونه آهيان. پوءِ کٽ تي ويٺو ۽ سڄو راڄ سنڀاليائين.

چنيسر سفر ڪندو اچي دهلي کان نڪتو. اُتي دستور هو ته جيڪڏهن ڪو سوالي شاهي گهنڊ وڄائي، ۽ اُن جو جواب نه ملي ته وري ٻيهر ڇهن مهينن کان پوءِ وڄائي. چنيسر به گهنڊ وڄايو، پر ڪنهن ڪونه ٻڌس. دل ۾ چيائين ته  ڇهن مهينن تائين ڪير انتظار ڪري. سو ڪاوڙجي اهڙو ته زور سان گهنڊ وڄايائين جو گهنڊ ڀڄي پيو. بادشاهه کي خبر پئي ته ڪنهن سوالي لک روپئي جو گهنڊ ڀڃي ڇڏيو آهي. ويچار ڪيائين ته اهڙو بهادر ۽ زور وارو مڙس ڪهڙو هوندو، جنهن هڪ ئي ڌڪ سان گهنڊ ڀڃي ڇڏيو آهي. حڪم ڪيائين ته يڪدم سواليءَ کي حاضر ڪريو. حڪم جي تعميل ٿي. عالادين پڇيس ته: تون هن ملڪ جو ته ڪونه آهين، ڪٿان آيو آهين؟ چنيسر وراڻيو ته: سنڌ مان آيو آهيان، توتي تخت حرام آهي، جيڪڏهن مون سان گڏجي سنڌ تي نه ڪاهيندين! عالادين چيس ته: تو اچڻ سان مون تي تخت حرام ڪيو آهي، اڳتي هلي الائجي ڪهڙا ڪيس ڪرائيندين، ۽ ٻيو ته آءٌ بنان سبب سنڌ تي ڇو ڪاهيان؟ چنيسر چيس ته: منهنجي پيءُ ڀونگر جي وصيت هئي ته منهنجي ڀيڻ ٻاگهي جو سڱ توکي ڏيان. هاڻي منهنجي ڀيڻ لائق اچي ٿي آهي، ۽ مون پنهنجي پيءُ جي وصيت پوري ڪرڻ ٿي چاهي، پر دودي روڪي ڇڏي. هاڻي تون وٺ پنهنجو سڱ ۽ مون کي ڏيار ڇٽُ. عالادين چيس ته: آءٌ توکي اَمير اُمراء ۽ هزارين لشڪر گڏي ٿو ڏيان، تون وڃي دودي کي قيد ڪري مون کي ٻاگهي جو سڱ ڏيار ۽ تون پنهنجو ڇٽ حاصل ڪر. چنيسر وراڻيس ته: اي عالادين! دودي کي مارڻ لاءِ مڻيا گهرجي، اُهو مڙس مڻيادار آءٌ فقط توکي ٿو سمجهان. دودي کي جيڪا مڻيا ماريندي سا رڳو تنهنجي پيشاني ۾ آهي. نيٺ گهڻي خيال ۽ ويچار کان پوءِ عالادين خود سنڌ تي چڙهڻ جو فيصلو ڪيو.

 

 

 

 

عالادين به پنهنجو لشڪر وٺي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. سندس لشڪر ۾ ڇهه ڇليون عراقي گهوڙا، ارڙهن لک اُٺ، پنڌرهن لک سپاهي، ٽيهه هزار هاٿي، تيرهن هزار تيورا جيڪي هٿيار پنوهار ٺاهين، ويهه هزار واڻيا جن لشڪر لاءِ هٽ ٿي کوليا ۽ ارڙهن هزار اوڏ شامل هئا، جيڪي لشڪر لاءِ کاهين کڻڻ جو ڪم ڪندا هئا. ڏهه ڇليون لشڪر خاص بادشاهه سان هو، ۽ هرهڪ ڇليءَ ۾ ڏهه لک سپاهي هئا. ٻارهن هزار ٻانگا هئا جيڪي ٻانگون ڏيندا، خطبا پڙهندا ٿي هليا. لشڪر جتي رات جو منزل ٿي ڪئي اتي ڪک به سلامت نٿي بچيو.

 

ستين ڏينهن عالادين جي لشڪر اچي  ”اڳياهه“  وٽ منزل ڪئي، ۽ اتي چوڌاري کاهيون کوٽائي ويهي رهيو. دشمن جو لشڪر روپاهه کي ويجهو اچي پهتو هو ته خابرن اِها خبر وڃي دودي کي ٻڌائي، جيڪو آرام سان کٽ تي ستو پيو هو. سڄي خبر ٻڌي، دودي چيو ته: چنيسر جيڪڏهن عالادين کي چاڙهي آيو آهي ته ڀلي آيو جيءُ آيو. پوءِ چار ماڻهو چونڊي، اُنهن هٿان عالادين ڏانهن نياپو موڪليائين ته: جي سر جو خير گهرو ٿا ته پنهنجي ملڪ موٽي هليا وڃو، نه ته ائين سڌو ڪندو سانوَ جيئن لوهي سيخن کي سيڪ ڏئي سڌو ڪبو آهي. اهي چارئي قاصد سورهيه مڙس هئا، پر عالادين جي لشڪر وٽ پهچي دل جهلي نه سگهيا، همراهن تي دهشت چڙهي ويئي. موٽي اچي دودي کي ٻڌايائون ته: دودا! باهه ٻري پيئي آهي، هنن سان پڄڻ جي حاجت ڪانهي. مناسب آهي ته مڱڻهارن هٿان پيغام موڪل. اهي ئي سلامتيءَ سان عالادين تائين وڃي رسندا ۽ ڳالهائي سگهندا. ٻيو جيڪو به ويندو، سو دهلجي ويندو ۽ دهشت کان ڳالهائي به ڪونه سگهندو. دودي وراڻيو ته: حيف هجي توهان جي سورهيائي تي، جو اوهين ٿا مون کي اها صلاح ڏيو! جيڪڏهن آءٌ ائين ڪريان ته پوءِ عالادين سمجهندو ته دودو ڊنو آهي.

هوڏانهن عالادين وري پنهنجي ايلچي  ”نظام خان“  جي هٿان هڪڙو خط دودي ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ لکيائين ته: دودا، عالادين سان صلح تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ٻاگهيءَ جو سڱ ڏيندين. جواب ۾ دودي چوائي موڪليس ته: عالادين: تون ڪوڙي ڪنين ٻڌي ڳالهه تي چڙهي آيو آهين، اڳرائي تو ڪئي آهي، تنهنڪري مقابلو ڪنداسين. تنهن هوندي به جي تون صلح جي آڇ ڪرين ٿو ته پوءِ آءٌ سوکڙيون پاکڙيون گهڻيون ڏيندوسئين، باقي ٻاگهيءَ جو سڱ مرندي مري ويندس، ڪونه ڏيندس. عالادين جي ايلچي نظام خان، دودي جي ڳالهه ٻڌي کيس وراڻي ڏني ته: دودا، سلطان جي سامهون نه ٿيءُ، ڇو جو هن جو لشڪر آڙاهه آهي، جنهن ۾ تون ۽ تنهنجو لشڪر ڪرڙ جي ڪاٺين وانگر ٻري ويندو، ۽ توکي سلطان سان جنگ ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونه رسندو. دودي جواب ڏنس ته: منهنجو لشڪر به پتنگ وانگر مچ ۾ ٽپي پوڻ لاءِ آتو آهي. جيڪڏهن عالادين  ”ڀونگراڻي ڀونءَ“  ۾ چڱي نيت سان پير پاتو آهي ته پوءِ منهنجو مهمان ٿي رهندو، سڀ سومرا سندن خدمت ۾ حاضر رهندا. هرهڪ سپاهيءَ کي شراب جو مٽ ۽ ڳاڙهو وڳو مهماني طور ڏيندس، خود سلطان کي هڪڙو هاٿي خزاني سان لڏيل ملندو. ٻيءَ حالت ۾ کـَـني سان سندس مهماني ڪندس. عالادين پنهنجي بي انتها لشڪر جو ڊپ ڏياري دودي کي صلح ڪرڻ تي راضي ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر دودي سندس ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ جنگ لڙڻ قبول ڪيائين. نيٺ عالادين پنهنجي هڪڙي صوبي حسن خان کي دودي تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مقابلي ۾ سومرا به سنڀري ميدان ۾ آيا. ترڪن پنهنجي ترارن جا گهڻيئي تاءَ ڏيکاريا، پر آخرڪار سومرن هٿان حسن خان ۽ سندس سمورو لشڪر مارجي ويو. حسن خان کان پوءِ محمود خان پنهنجي لشڪر سان سومرن تي حملو ڪيو. جنهن جي مقابلي ۾ دودي جي طرفان ست خفيف آيا. اِها چيٽ مهيني جي ارڙهين تاريخ هئي، چؤطرف اوندهه انڌوڪار هئي. خفيفن رات جي پيٽ ۾ حملو ڪري محمودخان جي لشڪر کي ماري کپائي ناس ڪري ڇڏيو.

 

 

 

 

عالادين پنهنجي لشڪر جي اِنهيءَ نموني ۾ تباهي ٿيندي ڏسي، پنهنجي سڄي لشڪر سميت دودي تي چڙهيو. سندس مقابلي ۾ دودو آيو. سانده چار ڏينهن جنگ هلي، جنهن ۾ دودي ۽ سندس ساٿين عالادين جو لکين لشڪر ماري ڇڏيو. اِها حالت ڏسي عالادين، چنيسر کي چيو ته: چنيسر، هتي آڻي تو مون  کي موت جي منهن ۾ وڌو آهي.... جيڪڏهن ائين جنگ هلندي رهي ته سومرا اسان سڀني کي ماري پورو ڪري ڇڏيندا. هاڻي ڪا اهڙي اٽڪل ڏس جنهن سان جنگ کٽون، نه ته آءٌ ٿو موٽان. چنيسر بازي هٿان ويندي ڏسي چيس ته: عالادين! اُتاوَلو نه ٿيءُ، بازي تون کٽيو بيٺو آهين، باقي اٽڪل آءٌ توکي ٿو ڏسيان، اُها هيءَ آهي ته دودو جنهن هاٿي تي چڙهي جنگ ۾ اچي ٿو، سو يا ته کانئس کسجي، يا ته وري مارجي، ڇاڪاڻ ته مڻيا هاٿي ۾ به آهي. پوءِ اٽڪل ڪري رڻ ميدان ۾ کاهي کڻائي، ان ۾ ڀالا بڙڇيون کوڙائي ڇڏيائون. صبح جو دودو هاٿي تي چڙهي ان جاءِ تي پهتو ته هاٿي سوڌو وڃي کاهي ۾ ڪريو. ڀالا آرپار لنگهي وين، تڏهن ٻئي مئا.

 

پوءِ عالادين، ٻاگهيءَ جي ٻانهن وٺڻ لاءِ ابڙي تي ڪاهيو. پهريائين ابڙي جي پٽ جنگ ڪئي ۽ مارجي ويو. پوءِ ابڙو خود عالادين جي لشڪر ۾ ڪاهي پيو ۽ وڙهندي مارجي ويو. باقي وڃي سومريون بچيون، تن جو روڄ راڙهو ٻڌي، ابڙي جي تنجڻن واري پٽ ڏونگر راءِ سٽ ڏئي تنجڻ ڇني وڌا. سومرين الله کي عرض ڪيو. سندن عرض اگهاڻو، ڌرتي ڦاٽي، سومريون راڻيون ان ۾ پيهي ويون.

چنيسر جڏهن ڏٺو ته هاڻي سڀ سومرا مارجي ويا، منجهائن ڪوبه ڪونه بچيو، تڏهن اُهو به ترار کڻي عالادين جي لشڪر ۾ ڪاهي پيو ۽ وڙهندي مارجي ويو. هوڏانهن عالادين به وڃي ٿورن ماڻهن سان رهيو، سو پشيمان ٿي دلي ڏانهن موٽي ويو.

 

----*----

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org