لاڙ
جي ڀانن واري روايت
هن روايت هيٺ تعلقي ٽنڊي باگي ۽ تعلقي ساماري مان
مليل نثر توڙي نظم جون پنج (5) ڳالهيون شامل ڪيون
ويون آهن: (1) يوسف ڀان (تعلقو ٽنڊوباگو) جي بياض
مان مليل ’سامي‘ نالي شاعر جي بيتن واري ڳالهه
(2) علي محمد ڀان (تعلقو ٽنڊوباگو) جي ٻڌايل ڳالهه
(3) عبدالله جمالي (تعلقو ٽنڊوباگو) جي ٻڌايل
ڳالهه (4) عرس جمالي (تعلقو ٽنڊوباگو) جي ٻڌايل
ڳالهه (5) عارب ڪپري (تعلقو سامارو) جي کنيل ڳالهه
. انهن مان پهريون ٻه ڳالهيون خود ’ڀانن‘ وٽان
مليون، باقي ٽي ڳالهيون انهن راوين وٽان قلمبند
ڪيون ويون، جن خود ’ڀانن‘ وٽان سکيون يا انهن جي
شاگردن کان سکيون. جيئن عبدالله جمالي، اسماعيل
فقير ڀان (تعلقو ٽنڊوباگو) کان ڳالهه سکي. عبدالله
جماليءَ کان عرس جمالي، ۽ ان کان وري عبدالله ڪپري
ڳالهه سکي.
جيتوڻيڪ ڳالهه جو سلسلو ساڳيو آهي، پر سڀني روايتن
جي بيتن توڙي ٽاڻن ۾ فرق آهي، انهيءَ ڪري اهي
ڳالهيون جداجدا رکيون ويون آهن.
-----*-----
1- يوسف ڀان (تعلقي ٽنڊي باگي) جي بياض مان مليل
’سامي‘ نالي شاعر جي بيتن واري ڳالهه
ُڀان فقيرهڪڙا اصل ويٺل ’شورن جو پتڻ‘ گوني جو،
ديهه هميراهه، تعلقو ٽنڊوباگو، ۽ ٻيا ويٺل ’کاهي
ٻيرو‘ تعلقو ٽنڊوباگو. هيٺ ڏنل ڳاهن وارا بيت علي
محمد جي والد حاجي يوسف ولد الهڏني ڀان (ويٺل
’شورن جو پتڻ‘ ، وفات: سن 1942ع، عمر 65 سال) جي
ڪتاب تان محترم محمد طالب لوهار اُتاريا، جيڪي وري
ڳوٺ خليفن جي مـِـٺي (تعلقو ٽنڊوباگو) ۾ خليفي
محمد هاشم جي اوطاق تي ٿيل ڪچهري ۾ فقير علي محمد
ڀان ۽ سليمان فقير ڀان جي زباني ٻڌايل بيتن سان
اسان ڀيٽيا. علي محمد چيو ته: اسان جا وڏا اها
ڳالهه ڳائيندا هئا ۽ اهي ئي بيت ڳاهن طور چوندا
هئا. بيتن جي سلسلي مان ظاهر آهي ته اهي ’سامي‘
نالي شاعر جا چيل آهن. ن- ب[
هنن بيتن ۾ آيل ٽاڻن ۽ اُهڃاڻن موجب ڳالهه جي
سٽاءَ هن طرح آهي: روپاهه جي حاڪم ڀونگر سومري مرڻ
وقت پڳ وڏي پٽ چنيسر کي ڏني، پر راڄ وارن اها پڳ
ننڍي ڀاءُ دودي کي ٻڌائي. چنيسر ان تان ڪاوڙجي
دهليءَ جي حاڪم عالادين وٽ دانهين ويو، ۽ کيس
روپاهه تي چاڙهي آيو. عالادين، دودي کان ٻاگهيءَ
جي سڱ جي گهر ڪئي، پر دودي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽
جنگ قبولي. دودي، جنگ کان اڳ ٻاگهي ۽ ٻيون سومريون
ڪڇ جي حاڪم ابڙي سمي ڏانهن سامون ڪري اُماڻيون.
دودي پنج ڏينهن جنگ ڪئي. سندس مارجڻ کان پوءِ
عالادين، ابڙي سمي کان سومرين جي گهر ڪئي، پر هن
سامون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ جنگ ڪري سامن خاطر سر
ڏنائين.
بيت
تون رزاق، تون راڄيو، تون رحمان تون راء
تو ڀر هٿ حڪيم ڙي، تو ڀر ڊڄن ڊاء2
واهه وڏائي تو چوان، جئن تون هيڪ الله
ڪنهن پر ڏونگر تو ڪيا، ڪنهن پر گڍن راه
ڪنهن پر تارا تو ڪيا، ڪنهن پر دؤر درياه
سرڄڻهار سرڄيو، سڀ نبيءَ جي نورا.
ڀونگر:
سڻو! راڄ روپاهه جو، جتي ڀونگر پيڙهي - دار
ڀونگر پيڙهيَ پاتشاهه، آهي عاقل عقلدار
سيڄ سٽاڻي سومري، پيو ڏسين ۾ ڏاڪار
اَڏَ چلايو آپڻي، ماڻي سيلي- ڪار.
---
رهي راڄ روپاه ۾، ننگ کٽيو ٿي نام
پيڙهي ڏيان پٽ (کي)، سڻي گنجو گام.
پڳ ٻڌڻ:
پيڙهي ڏيان پٽ کي، ڀونگر چيو ڀو
وائي تنهن وريام جي سڻي سڀڪو
اِن در مٿي اُو سونهي، ٻڌو لوالو.
---
چنيسر چوڙ هڻي، تنهن کي وهاريو وريام
تنهن کي سڀئي سومرا، ٿا ساريو ڪن سلام.
---
(ساريو ڪن سلام ٿا، ڀلو ان جو ڀاڳ)
نايو سر سلطان کي، پـُـرس ٻڌي ٿو پاڳ.
---
نايو سر سلطان کي، او ڪوڙين ڪرنشون ڪن
وِراهَ وظيفا وِترا، طعام ڏياري تن
بگل جي وائي وري، ڪا دودي دمامن.
ڀونگر جو مرڻ:
بگل جي وائي وري، جيڪر ڄاڻين تون
اِذن پني الله جي، ڀونگر گڏيو ڀـُـون
ويندو راڄ روپاهه جو، ٿيندي هاڪا هون.
چنيسر جو ڪاوڙجڻ:
ويندو راڄ روپاهه جو، ڪَ ڪيهيءَ ڀـَـت
واگهه وڙهيا پاڻ ۾، سورهيه وڏيءَ سـَـٿ.
---
واگهه وڙهيا پاڻ ۾، ڪندا هـُـل همير
ٺيپون ڏيندا ٺاڪرا، جنهن تي راه جہ- گير
ڇڏ چنيسر چاڳلا، تون هاٿي هير همير.
---
جيئن جي ڄايم ڏِيڪري، تيئن جي ڄائين پـُـٽ!
وڃيو هٽ وڪامي پاءُ پاءُ ڪتي سـُـٽ.
---
ماءُ چوٽيهه لکڻي، مون کي سندا مَ چوءِ
سر وڍايان سومرين، ڦٽايان راڄ سندوءِ.
---
پيڙهي مٿي پيءُ جي، تون دانهه ويهين ٿو دوس!
مـل
مارائيندين ٻه - پـُـڙا، ٻيا گهڻا ڪرائيندين ڪوس
مـَـل ٿئيج مقابلي مون سين، وهاڻيءَ پرهه
پوشَ.
---
اُٿندي آرڻ ۾، چڙهي ڪيائون چاٽ
ڪري ڀير ڀالن جو، پڳهيا پرڀات
کلندي ٿي کٽَ وڙهي، آئين سڻو سومرڪي ذات.
---
چنيسر موٽي (اچي، پاهون) پڇي ماء
”پس! جنهن پيڙهي نيئي، سو ڪيئن ڪريان ڀاءُ
چڱي چيو نه ڪري، متِ آڇيم ڪا ماءُ!“
---
عالادين آڻ تون، جو دانهه دلي راءُ
’سهر سنڀايم سومري، ڀونگر ڌي ڪيڻاءِ
سا پوني چنڊ پٽاندَرِي جيڪر تو جڳاءِ
دَڙي دودي جهلي، وانڌو رکي وچاءِ.‘
چنيسر جو عالادين ڏانهن وڃڻ:
اي وانڌو وچان جهليو تنهن ڀونگراڻي ڀينءَ
من منجهه رکي مامرو، ڊوڙيو ڊڪيو جيئن
سمهي نه، سامي چوي، اُو رڙهي راتو ڏينهن
مروهُ ڪـُـڻـِـکي مالو، ڀونگراڻي ڀير تيئن
ائين ٿو وڃي تڪڙو، جيئن وسي مندائتو مينهن
پير چمندو پاتشاهه جا،ويندو دليءَ سينءَ.
---
سڻايو سلطان کي، ته ڪن تت نيئي
پوڪاري ٿو پاتشاهه: ’آئين پڇو پرڏيهي!‘
هو پسجي پارکو، همت ’حسن‘ ڪيهي.
---
پر ۾ ڪوٺي پڇيو، ان کي دانهه دلي راء:
آئين اُڪيري گهڻو، ڏيهه ڇڏي ڏوراء
ڪوڏ ڪنهين جي ڪـُـڏئون، عالادين اڳيا؟
---
پر ڏيهان پنڌ ڪري، آيو سنڌ جو ڄام:
جي مون داد نه رسائيين، تان تو تخت حرام.
---
سـِـهر سنڀايم سومري، نار نياڻي نينهن
دڙي دودي جهلي، ڀڙَ ڀولي اُت ڀينءَ.
---
ڏِيئين ايلچي اُمراء، ٻيا خان گهڻا کني- ڪار
پاوَنگ پکرن سين ڏيئين، ٻيا سهسين اُت سالار
دڙي دودو جهل تون، تڙ وڙهي تالار.
---
ڏيئي ايلچي اُمراء، ٻيا هلائيين هزار
شينهن
جهوريندي ٻڪري، مهندان ڪهڙي لڳي وار
هڏ نه ڇڏيندن هيڪڙو، دودو ماري ميلي ڪار.
---
ناريين، ڀيريين، نقرين، وڃي ڪڙڪو ڪوٽ ڪراء
دودو جهلي ديمين سين، وڃي زيرين منجهه جڙاءِ
ڪهڙي ڪندو مڙسن سين، سٻر ٿي سيڻاءِ!
---
ناريين، ڀيرين، نقرين، تو جي فوجن فيل ڦرن
سانگ سومري هٿ ۾، اچي پيو منجهه ڀڙن
مڻيو جن مٿن ۾، ٿو تڳون ڪرائي تن.
---
اگر عالادين کي آمڻ لڳو اِيء
سامهان جنهن سڱ ڪيا، ڪـُـڙ ۾ ڪڙهو جيءُ
تاج ترڪو رُڪ جهر، صحي وِراهبو وِيءُ
عالادين جي ڪاهه:
ڇهه ڇليون عراقي هيون، ٻيا ارڙهن لک اُٺن
پنڌرهن لک
پاتشاهه سين، جن جي ڪلنگيون ڪپارن
ٽيهه هزار هاٿين جا، حاضر وير هلن
ٻارهن هزار ٻانگن جا، خطبا خوب پڙهن
تيرهن هزار تيوَرَن، دائم دخانن
ويهه هزار واڻين جا، حاضر ساڻ هٽن
ارڙنهن هزار اوڏن جا، جي کاهيون خوب کڻن.
---
ڏهه ڇليون سلطان سين، ڇليءَ ڇليءَ ڏهه لک
جتي رٺو لهي، اتي نه ڇڏي ڪک
راڻا راهه ريون ٿيا، جر ڇڏيندا مڇ.
---
ستين ڏينهن، سامي چوي چڙهيو مير متار
تنهن سين لڪا پار لئونسيا، ٻرئو ٻيٽ ٻنگار
تڙ بادل، تڙ چمڪا، ڪٽڪ ڪارونڀار
ساڻ کنيا سلطان ڀـَـڙَ، تن جو پريون لڀي نه پار
سرلو ٿيندو سنڌ تي، ٿيندو ميگهه ملار
پسو تيڪ ترڪ جي، ايڏو جنهن اوطار.
.
دودي کي ڄاڻ:
اچي اڳها وڻن ۾، ڪرڳل ڪيو ڪنڌار
کاهي کڻائي کپ تي، ڦيري ’ڦٽوڻ‘ ڌار
ڊوڙي چئو دودي کي، ستين ڪهڙي سار.
---
پر ڏَر پاتشاهه جا، اچي جـُـنگ جـُـتا
سانڀائي، سامي چوي، اچي پنهنجي دودا ڪج ڪا.
---
چونڊي چاري ڪڍيا دودي ڊوڙائي
ڀاءُ ڀلي ڀـَـڙ چاڙهيا، مون تي چنيسر چائي
آڏا ڏيان انهن کي، آءٌ ٿاڻا ٿيلائي
ور وِنگن جا لاهيان، سينهنِ جيئن ساهي.
---
اتي وري آئيا، سي چاري چار
دودا آڳ الٽي، مٿي مچ مَ ٻار
سامهان موڪل سومرا، تون منٿ مڱڻهار
---
مڱڻهار نه موڪليان، اُو چوندو ڊنو ڊاء
آءٌ ڏيو ٿيان ڏسين ۾، مر جان ڳچي ڳاء
آءٌ مٿي تي مڃيان، جيڪا ڪري الله.
---
سمگيو سلطان ڀڙ ٿو ايلچي چاڙهي
ترڪ اچي ٿو تڪڙو، پانڊو پير ڀري
در دودي دانهيو، اُڀو ارداس ڏي
نالو جنهن جو نظام خان، ڪاغذ ڪڍيو ڏي.
چئي: ’ڪاغذ وانچ ڪنڌار تون، سڱر ساڱائي
سينهن ساماڻي سنڌ ۾، تون وانٽو وچ پائي
صلح ڪر سلطان سين، دودا پاتشاهه پرڻائي.‘
---
مال گهڻئي موڪليان، وِيهانءُ مور نه ڏيان
ڪوڙي مٿي ڪن ڏيئي، آ چڙهيو پاتشاهه
اِيءُ وانڌو وچاء، جهليو تنهن ڀونگراڻي ڀين.
---
سامهون ٿي سلطان سين، دودا هلي ڪر مَ هٺ
تون ڪرڙ جون ڪاٺيون، مهندان ڀورا ٻرئي بٺ
مري ويندين مچ ۾، تون ڪارو ٿي ڪڻٺ.
---
سورهه سيخين سنرا، پتنگ جيئن پچن
اوس اکين سين ديکيو، اُو ڪوڏ قربانيون ڪن
ڏٺي ڏهه ڏير ٿيئي، توڙائين ڪي تن
هي سي عاشق آڳ جا، مٿي مچ ٻرن.
---
پتنگ چائين پاڻ کي، جي تون عاشق آڳ
ميا ملندئي مامرو، ڀيا ڀرندئي ڀاڳ
سار لهندئي سومرا، تو جي وهاڻي پرڀات.
---
سارون سلطانن جون، مٿي سر سڄن
ڄاڻي ڄاڃي ٿي آئيا، اسين ماڃي ٿي ملندن
ڪرڦل ڪؤنر ڪٽارين، ڦوٽا ڦور مهنِ
سوپاريون هٿ سومرين، مر وراهيندا وهسن
ڪوڏ ڍڪايان ڪپڙا، رڻ ۾ رڱي تن.
---
ڪوڏ ڍڪائيندين ڪپڙا، اچي ڪندئي اُور
سانجهي ٿي وَئي سومرا، توکي پهرو پتڻ پور
تون ڪا نيڻ نمت ڪر، جا ڏٺاريان ڏور.
---
چئي: اسان کي انهن ڏانهن، آهي نمت نيڻائي
هاٿي ڏيانس هيڪڙو، سا پڻ منهنجي وڏائي
پاهون موٽي پاتشاهه، سڻي ڳالهه سائي
نه ته کني سين کائي، ان خرسانن کيرون ڪريان
.
---
کيرون خرسانن جون، ام ڇريون آهن سور
ساه پٽيندي سومرا، توکي پهرو پتڻ پور
تون ڪا نيڻ نمت ڪر، جان ڏيٺاريان ڏور.
---
اَٽل عالادين جا مر اَپاريا اچن
اُن کي ماٽا منڌ پياريان، ٻيا شيشا شرابن
چڪندي چيڻوٺي ٿيا، مرُ لالڙيا لڏن
آءٌ ڪوڏ ڍڪايان ڪپڙا، رڻ ۾ رڱي تن.
---
ڪوڏ ڍڪائيندين ڪپڙا، اچي کير کوڙيندئي خان
ڪرايون ڪندَئي قولچا، پانَ ڪندئي پڪوان
ڳٿي ڳاهه ڳٽو ڪيا، تهان پوءِ سٻر سانَ.
---
ڳٿي ڳاهه ڳٽو ڪيان، مون کي چـِـڙ پڻ چڙهي آه
سورهيه سانوڻ مينهن جيان، ٿو وِڄ وراڪا کاءِ
مون کي ڪانهي
پرواهه پاتشاهه جي، آءٌ ڊڄان الله جي ڊاء.
حسن خان جي جنگ:
حسن خان موڪليائون، اڳيان ڪري اُڪير
ڇلي ڳنهي چليو، مانجهي منهمٿ مير
---
تـُـرڪَ تراڙين سين، ان راڻي ڪيو راه
حسن خان ماري ڪري ان جو پورو ڪيائين پساه.
محمود خان جي جنگ:
محمود خان موڪليائون، کؤنسي منجهان کار
ڪاري رات، چيٽ ماهه، هئي ارڙهين آڏتوار
خفيفاڻي کير جي، ٿا پاندپ ڪن پچار
---
ستئي خفيف وڙهيا، هيڪڙي جيئن هلن
محمود خان ماري ڪري، ان جو کنيو کنو خفيفن.
---
ٻئي ڏينهان ٻيگهڙ جي، وانگڙ ڦيري وٽ
هڻيو لاهي هاٿين جا، مٿا جهڙا مٽ
ڪرماڻي ڪاتين جي، وانگڙ ڦيري وٽ
واگهه وڙهيا ويڙهه ۾، ان جون کيرون ڪيئي کرٽ
دودي جي جنگ:
اچي ’اڳياه‘ وڻن ۾، تندن ڏنائون تاڻ
مرد ٿيا مقابلي، وَنڪين لڳي واڻ
هنيا دودي هٿيا، پڙ ۾ پهلواڻ
سوڌو واهيو سومري، کنو منجهه خرَساڻ
.
---
اَٽل عالادين جا، آيا ٽئي ڏينهان ٽـِـلي
تن هڻي هڪل جا ڪئي ڪري جهام جهڙي
دودي کنو کار پڇنڊيو، ڀڳي تن ڀڻي
اوءِ جا پڻي پرڏيهين تي، سا لاٿي لال لـُـڻي.
---
چوٿين ڏينهان
چوڪ ٿيو، اچي ڪوڏور تائون ڪوڪ
اٽل عالادين جا ٿا مارين مير ملوڪ
دودي دعويٰ اڳرو، جتي فوجون جهلين نه ڦوڪ
راڻا ۽ رجبوت، ڀونءِ هڻي ڀـُـڪا ڪيئين.
---
کنا ٻڌي چڙهيا، مٿي ويڙهه وزير
تن سين علم
طوق، انباريون، هئا تيغون، ترڪش، تير
چنچل چوٽيرن کي، چيلو پائن چير
ستي ڄائين سومرا، ڪه ست تنهنجي سير.
---
پنجئين ڏينهن پاتشاهه جو ٿو پڙ ۾ پڙهو ڦري پرياڻ
سنگهاڙي سنئون منهنجو، سومري سين هاڻ
ڪه امير علي آئيو، جنگين جو جـُـواڻ
تنهن ور پسي تاڻ، منهنجا سلطان سڪي ويا.
---
ڀيٽ مڪائين هٿيو، پاڻ سلام نه ڏي
دودو توتي ڏمريو، مانجهي مهڻا ڏي.
---
ڇٽيهه راڄ همير، سورهن پريون سومري
ورهه پنج سؤ پنجهتر کڻي ويٺا وير.
---
طائي، خفيف، کينئرا ۽ ڀونگر ڀينءَ
پـُـٺو پـُـٺيءَ سين نسريا، ڇهه ڀونگر ڇهه ڀينءَ.
---
خفيف ٽي، دودا چار، راڻا راء ڪري
آئي دودا توسين (آئي ڪين ٽري).
---
اچن اُڏامنديون، ڇليون ڇهين ڏينهن
سٿون ڪيندُنِ سومرو، چر مچائي چيهن
---
تن ۾ ست سوُ سوڍا ساهيڙي نو سؤ ڍاٽيڙن
هڏ دودي سين اُڀيا، وڃي پورا پرمارن
---
’ڏيئي‘ ڏمر جو ڪيو، پکر ٿو پائي
اُتي ’اَسيو‘ سوڍو پڙ ۾، سر سالارن لاهي
.
---
’ٻارڻ‘ دودي کي چئي، هت اَڇي ٿي اڇ
سومريون آڳهه ڪر، نه ته گهڻا ٻرندا مچ.
---
دهلين دمامين وڙ ڪندي، ڀاڳ ڪريندي سڏ
وڃي مٿو ڍڪيو، ٻارڻ ٻانـِـهين گڏ
---
وڃان مٿو ڍڪيو، آهيم ڌڻين سندي هاج
نه ته ڀڃان امرائن جا سلطانا ساج.
---
ٻارڻ ٻانهيان آئيو، کونچا خان کڻي
.
---
سو وڙهيو ٻاهتر آمراءُ سين، تيرهن تـِـر پائي
اڪير جيون اکڙيون، ٿو وڪڙيون واهي.
---
ٻارڻ ٻارهن ٻيلئين، ڪاهي جيئن آيو
هو ڀڃي ڪوٽ ڪنگرا، ڀڙ ڀالن ڊاهيو.
---
ستئين ڏينهان سڏ ڪري، ڀلي پڇيو ڀاڳ
ماري ماريان ڪيترا، هتي ڪٽڪ رت اجهاڳ!
ستي مٿي سا پـُـرس! تون دانهه ويهارج داڳ
ڪج تيڏانهن پنڌڙو، ڏاڏا اَجهو لئي آڳ.
سومريون، ابڙي ڏانهن موڪلڻ:
ڪيهر ڪڇ ڌڻي ابڙو آهي
الله خاطر اُڀيندو مٿو منڊائي
سهڄڻ سندو سومرئين، او نيندو نباهي.
---
نج نياپو ڏج تون، منهنجو مرڪي محمود ڀاڳ
ته: سلام تو ڏي سومري، ابڙا! لنگهايا گهڻو اَپار
اچن نياڻيون نڱيون، جهلج تون جهونجهار.
---
جان ڪو ساڻيهه ۾ سک ٿئي، وري اچن ماڻَ
هـُـت ويهي آڇ الله جي، ڏج ابڙي کي اهڃاڻ.
---
ڪنوارين ڪرڳل جو ڪيو، نڪرندي ڏيها
رُنو ملڪ ماڻوهين، ساري اِنڊَ مٿا.
---
هو ابڙو اَڀـَـڳُ هو ڏونگرئي ڏيهه ٻيو
هيءُ جوڻيجاڻو جڳَ، جو سرڻين سوٺا نه سهي.
---
جوڻيجا پائي جنڊ، راجا ٻڏين ريڻ ۾
پيو پسين پاڻيءَ ۾، هي سڄو ئي چنڊ.
---
(پسي ساٿ، ماءُ کان مـُـهـُـڙ پڇيو آهي)
هيءُ سرڱو ساٿڙو، ڪنين جو آهي؟
---
ست بنيادا سومرا، همير جي چئجن
تني سندا ڳڀرو، مليو مـُـهڙ اچن.
---
ماءُ ته مـُـهڙ ڄام کي، اُڀي ڏي آسيس
جي م پاناي سومريون، راڻا ڪج مَ رِيس
---
آءٌ په سندو ابڙي، آهيان واسئون مٿي واٽ
جت سيچاڻو ٿو
سنبهي، اُت ڪا جهرڪ جهليندو جهاٽ
قوت مٿي پنهنجي ماءُ! آءٌ چلي ڏيندس چوٽ.
---
روئي رِڻ اُکتيون، ڪڇن ڪلها ٻار
---
دبو چاڻا سون جا، هـُـونِ آڏاڻيا اَرٽ
آڳهه ماڻينديون ابڙي، وڏي ڪنهن ورٽ.
---
ڀاڳ ڀلائي ٻولي تون ڪٻ جهڙ ڪيرت ڳاهه
سيباڻي سمي کي، مٺي ماکيءَ سا
سر سين آهينم سومريون، هوءِ آنديون جي الله.
---
سر سين آهينم سومريون، جي سرڻيون ڏيان سي
ته سورج سنئون نه اڀري، ڌرتي ڌاڃ نه ڏي.
---
ايڪ دمامون جهوريان، ٻيا ڀوري ڪريان ڀـُـڪ
توڻي ٻيو ترڪ، جو ساڻ گڏي سلطان کي.
دودي جو مارجڻ:
ستين ڏينهان، ’سامي‘ چوي، اچي متس آر
اُنس مـَـلڪ الله جي: دودا تنهنجي وار
هنيئين هاتي کي هيڪڙي، خنجر منجهان خار
پاتو دودي سومري ٽي ڀيرا ڪٽار
” ڪـُـکان ڪٽارو نڱيو، تنهن کي نڙيان ئي ڌار
شير شهادت رسيو، جنهن کي حورن ٻڌا هار.
---
اَڊاهيا ڊهن سي، کر جا کڏ کڻي
پاڻهي نه ته کڏ ۾ دودا! ڪير ڪري.
---
ڀلي ڪري وڍيو، مٿو سندئي راء
ڪانه ويهاري تو جيئن ڪا ڀيڻ ٽنگوٽي ڇانء.
---
تو جي ڪيا پانهنجا سنگهاڙي ساڻ
دودي ڪيون داويون، پر ۾ ڪري پرياڻ
ڪونه ڪڇان آڻي وڃي ڪڏائي ڪهڪاڻ.
---
خوني کر کپايو، جنهن ڏر ڏنوسين ڏک
سيڄ چاڙهيو سومرو، مر سمهي ڪري سک.
---
مـُـهڙ مرندي ملهائيا، سما سڀ نوتيار
پانڊَپَ رکيا پڙ ۾، پورا پنڌرهن هزار.
---
مهڙ مئو ته ڀلو ٿيو، پر ڀلو ٿيو ڀاس
جنهن سوا لک واٽيو سيڻي ڍنڍ سيڻاس.
---
ٿو پؤڻ کڻائي، آري جهليو اڏ
پؤڻ کڻايو پٽ ۾ ٿو ڪري سالارن سڏ.
---
ڪيو سانگ سنڌ ۾، آرڻ واري آڄ
وڍي سر سنگين جا، ڪيائون توهارين کاڄ.
ابڙي کان سامن جي گهر:
عهدل اُٿي هليو، جنبي جود جوان
تنهن آڏو اچي ابڙي کي ڏنو نسنگ نيشان:
حال حقيقت وانچ تون، سچ ٻولي سلطان
سهرُون ڏي سلطان کي، ته ڪـَـڇان لهي ڪاڻ
پاهون موٽي پاتشاهه، ڏيهه ڏئي تو ڏان
.
---
سهرون ڏيان سومريون، ڏيهه گهران جي ڏات
توڙائين ڪ تيک مل، ناته جاڙيجاڻي ذات.
---
آڇ مَ عالادين کي، سندا تيڪين طعان
سمند عالي سلطان سين، ڪير جهلي ڪهڪاڻ
ڪين رهندين ڪڇ ۾، تون جاڙيجا جواڻ!
---
جيئن کيريون تيئن ڇٽ، جيئن ڏونگر تيئن هاٿيا
اميراڻا ڳاڀرو، واگهيان نه گهٽ.
---
ڇٽين ڇـِـهه نه ڪو، ساچا جي سلطان
گهوڙين، گهوٽين، گينوَرين، پسان نه پرو ڪو.
---
ابڙي اُڊڪايا، ڀڙِي پئي ڀئي
هڪڙا سري پهتا
سنڌ کي، ٻيا ڪـَـڇان ڪالهه ڪهي
جنگي گهڻا جهوريندو، جيئن ماٽي منجهه مهي.
---
’عالادين آيو، عالادين آيو‘
هڪ سـُـن به سنايو
نغاري ڪئي ڌُڌ مـُـڌ
گهوٽا ڀئي بنايو
ڪسنب ڪورنب محرم ڪوٺاه ڀلو
عهد اڙيڪو اوهاء ڀلو
چمڪيو ٻيجل چڙهيو
جيئن دهليءَ ڪو درياه ڀلو.
---
گهنگهور پڙي تيري باغ بخاري ڪون
نه آهي اڙي هاٿي همير هير
چمڪيو ٻيجليو چڙهيو
جيئن دهلي ڪو درياه ڀلو
.
---
رهي رڻ منڊل جيئن، ان ڪٽڪ پاس ڪيا
ڦـِـٺ عالادين ڦلندي، جنهن سين ڀونگر ڀل ڪيا
.
---
ابڙي اُڊڪايا، ڀڙ ڀٽي ڀئي
”رَب هـَـبلي اُمتي“ ، چڙهيو ڄام چئي
سمي سانگ کنئي، سرڻين جو تڏهن سک ٿيو.
---
دو لکان ڪي مصري، ان جو پنج لکو پڙهيار
پيئي هئي پٽ ۾، تيرهن ڏينهن تراڙ.
---
اٿي عهدل اُپاڙيو، کنو کڻي خان
مٿو تنهنجو وڍيان، ابڙاڻي اخوان!
---
ڏي مَ اوڀالا ابڙي، عهدي آءٌ، مَ ڀـُـل
کارون ڏسيو خان جئن، ويٺو پاڻ مَ مل.
---
اُڪنڊ ٿوري ابڙي، ته نينهن اسان جو ناه
سلطاناڻو سڏ ٿيو، وڃبو تنهن ويلاه.
---
ٻوريون ڪيون پاڻ ۾، سپڙ ۽ سالار
مڙهي ڪڙ مناڻيائون، ڪڙهيا ڪا نيات ڌار
.
---
سرهيت، سالڪ چئي، وٺي ڪيائون وات
پاسنگ پئي پورا ٿيا، رڻ ۾ رهي رات.
---
ٿيٻو ٿنڀ ٿيو، ابڙي پاس اُٽل
تنهن عقري، مڏهل، طالب ٽيئي ملهايا.
---
سمون هٿ سومري، وڃي پڙ پڙهيار پيو
---
اٿي عهدل هليو، جنبي جود جوان
تنهن کي
سامهون آيو شينهن جئن، مهندان جاڙيجو جوان.
---
ڇـَـهل ڇـَـليون ماريون، مهمٽ موٽائي
تـُـرڪ سـُـچيتو تيڪ سين، اڃا ڪو آهي؟
---
اڄ به مٿي ابڙي، چڙهي ڪيائون چاءُ
ڪوڏان ڊوڙيا ڪيترا، وڇٽيا ڪنهن واهه
سمي پڇاڙيا سينهن جيئن، پٽ جهلي پاهه.
---
ابڙاڻي اخوان ڀڙ، او ٿو گجي گجڻ راء
ان ڪيئي ڪونڌ نچائيا سومرين وٽاء
ڳجهن ڳاراڃو ڪيو رڻ ۾ پسي راء
تن مهمٽ اُتي ماريو، تنهن سورهه ڏنو ساهه
اِي قضائون ڪريم جون، ٿو ڪري پاڻ الله.
---
هيءُ ڪر ڳل ڪير، آپي اُلير
جاڙيجاڻي جنگ ۾ ڀالي نڪو ڀير.
---
نيلي گهوڙي ابڙو ۽ ماڃٺئو مهمٽ
جاڙيجاڻي جنگ ۾ ٿو ڪاجهو ٻري ڪٽڪ.
---
هوڏانهن هڪ جيئن ابڙو، هوڏانهن ستر سالار
وڙهيا هاڪاري پاڻ ۾، ماڙي هيٺ مڇار.
---
پکر پاتي ٽنهي کي، ڇليون ٻه ماري ور
.
---
لڳا عهدل ابڙي نئون ويهون ڏهه گهاء
ڪؤنر ڪنڌ ورائيو، اڃان کڻي ٿو پساهه.
ابڙي جو مارجڻ:
اچو اچو سومريون، منهنجي لنگهو سر مٿان
جي مون جيئري
نه ڏنيون، سي مئي سٿريون (ڏيان).
---
تڪيا سڀ تڪيام، تو ري تڪيو ناه ڪو
هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، جهجها جاڙ هنيام.
---
اُتم سر سندو تو مـُـئي پڃاڻان
تو ڀران سلطانان، ٿو جانان ڀريو نڪري.
---
پسر پواڙا جي گهڙيا، پنجاهين پئي
سر وڍيائون سنڌ ۾، ڪٺائون ڪهي.
لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله.
----*----
|