سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :25

[2149]

جنهن سان جيءَ جي جڙ، ڀينر ڀلي ڪري آيو

1.       ڪيچئون ڪوهارو وريو، ڪري ولهيءَ تي وڙ

2. رڙيس ڄام پنهون لئه، ڏونگر ۾ ڏڙهه ڏڙهه

3. باسيم خان ٻروچ لئي، پِراڻيون ۽ پَڙ

4. نيبهه شاهه نصير ڪيو، لڳيس جنهن جي لڙهه.

موسى فقير چنو

موسى فقير چنو اصل ويٺل ڪوٽ چانڊڪي تعلقي گمبٽ جو هو، پر سڄي عم درگاهه نوشهري فيروز جي خذمت ۽ رياضت ۾ گذاريائين. شاه نصير جو مريد هو.

[2150]

تنهنجي حسن ڪيو حيران ميان

ديوان ڪيو دلڙي منهنجي

1. ٽور ٽِلڻ سان مور مڃايئي، خاوند آهين خان ميان

2. ديدن ساڻ دٻايئي دلڙي، ڪجليون هڻن ٻئي ڪانَ ميان

3. ”موسو“ مشتاق قربان ڪري ٿو، ساهه سِري سامان ميان.

 

سيد احمد شاهه

سيد احمد شاهه پٽ علي بخش شاهه، لس ٻيلي جي شهر اُٿل جو رهاڪو هو. مشهور شاعر ڪبير شاهه جي ڀاءُ محمد شاهه جي اولاد مان هو. نالي وارو شاعر ٿيو. احمد شاه، ڪبير شاهه جي باقي خاندان جو اڪيلو شاعر ۽ لس ٻيلي جي وڏن شاعرن مان ڄڻ آخري ڏِيو هو. ڪلام تمام گهڻو چيائين سندس ڪلام تي ڪبير شاهه جو اثر تمام گهڻو آهي. 1930ع کان اڳ وفات ڪيائين.

[2151]

مون کي ملير هر دم ياد، دل هت غم پئي گهاري

دل هت غم پئي گهاري، ساهه سانگين کي ساري

1. پاڪ پڪا هُت پيرون، نِت نت نيون ٿيون نهرون

هينئڙي جون هُني سان هيرون، قلم قضا جو پئي پاري

2. ڌڻ واريين کؤن دم دور، سک ڀانيان مان پئي هت سور

محبت آهيم منظور، واڳ وطن تي رب واري

3. سک سرتين جا ساري، سور مٿي ٻيو آهي سور

پرت سندو پلپل پور، هينئڙو ٿو جَر هاري

4. ماروئڙا منهنجا ملير، دلڙي آهي هتي دلگير

”احمد شاهه“ چئي ڇڏ امير، ويچاريءَ کي واري.

 

اٽل مل ”بينام“

         ديوان اٽل مل پاٽولي پٽ رنگل مل، پير جي ڳوٺ تعلقي خيرپور جو رهاڪو هو. سنه 1940ع ڌاريي وفات ڪري ويو، ان وقت سندس عمر 65 سال هئي. سندس تخلص ”بينام“ هو.

[2152]

وٺي تون رمز رنداني، ڳولي لهه سِرَ منجهاران سِرُ

فاسق ڇو ٿو رُلين رڻ ۾، مڪو گنگا گِيانا ڦِرُ

1. وَلاَ موجود الاّ هُو وَ نَحَن ويجهڙو اٿئي

وَ في اَنفُس تو ۾ آهي حُسن وارو حقيقي تِرُ

2. لاهي خرقو تون جسماني، چشم چانڊاڻ ڪر پنهنجا

وَ هُوَ مَعَڪُم سدا تو سان، پري تو کان ناهي پِرُ

3. وَ نَفَختُ فِيہ من الرّوحِي بيگانو ڇو ٿو ڪوٺائين

لَيسَ فِي الدّارَين اِلاّهُو ڪڍي ڇڏ شڪ وارو شِرُ

4. خَلَقَ الاآدمُ على صورتہٖ ”بينام“ شان تو شاهي

وڃائي وهم ٻانهپ جو اچي هن گهير ۾ تون گِهرُ.

[2153]

رمز رنداني وٺي ڪر پاڻ تن پنهنجو غرق

هر جاءِ حق اثبات آ، ڪر احد احمد جو فرق

1. قلب جي ڪعبي اندر تون پڙهه نمازان نينهن جي

هج هميشه ديد دلبر، عشق جو پُر پي عرق

2. نفيءَ جو نيزو کڻي تون نس کي ماري ڇڏج

مُوتُوا واري مام ۾ ڪر جسم جو جيئري ترڪ

3. عين نِت اظهار آ تون، غين جو نقطو وڃاءِ

فثم وجہ الله ڏس تون غير جو ڦاڙي ورق

4. موج مستيءَ ۾ اچي ”بينام“ تون هستي وڃاءِ

وهم عبدي ڪر ڦٽو، آهي معرفت پنهنجو مرڪ.

خدا بخش ”خاڪي“

فقير خدا بخش ولد حسن بخش فاروقي، سنه 1876ع مطابق 1294 هه۾ درازن ۾ ڄائو. سخي قبول محمد ثاني درازي جو ڏهٽو ۽ طالب هو. فقير خدا بخش 20 رمضان 1379هه مطابق 19 مارچ 1960ع ۾ درازن ۾ وفات ڪئي، جتي هر سال 15-17 رمضان تي ميلو لڳندو آهي.

[2145]

مان آهيان منصور، چوان ٿوڳ انالحق

1. خود خدائي خيال آهيان، مدامي منظور

 

     حلاجي آ حال منهنجو، هرجا حاضر حضور

3.   عشق سراسر سِرّ الاهي، محبت مان مذڪور

4.   بيخود بيسر بحر بيچني، مستيءَ کان مخمور

5. عرش فرش تي اظهر مظهر، ”خاڪي“ نسورو نور.

محمد عمر مڱريو ”احقر“

محمد عمر مڱريو، ويٺل ڳوٺ مڱريا تعلقو خيرپور ميرس سٺو شاعر ۽ ڳائڻو هو. اندازاً ويهه سال کن اڳ وفات ڪيائين.

[2155]

هر جاءِ جلوه گر آ، حُسن و ڪمال تنهنجو

1. جبلن ۽ ماٿرين ۾، صحرا ۽ برپٽن ۾

بحرن برن رڻن ۾، ريتيءَ سندي ذرن ۾

ميدان جهنگلن ۾، ويران وستين ۾

چشمن نين ندين ۾، پاڻي جي وهڪرن ۾

ساري زمين زمن ۾، جاه و جلال تنهنجو

2. شمس و قمر آڀن ۾، ويرن ۽ گرهڻن ۾

آربع ناصرن ۾، آب و هوا اگن ۾

ڪوهِير بادلن ۾، برسات جهڙ ڳڙن ۾

بجلي کنوڻ وڄن ۾، قدرت جي ڪرشمن ۾

چرخو اچي ذهن ۾، مشڪل محال تنهنجو

3. کيتي ۽ باغ بن ۾، سبزي ۽ ساوڪن ۾

گاهن ڪکن پنن ۾، ميون وڻن ٽڻن ۾

پوشاڪ پوپٽن ۾، سورج مکي گلن ۾

رابيل ۽ رتن ۾، سوسن سَر وَ سمن ۾

برگ و گل و چمن ۾، جانب جمال تنهنجو

4. آدم جي بدن ۾، هر جيءُ انس و جن ۾

ڀوتن ديون پرين ۾، جيتن پکين مرن ۾

هر جنس نو ڪُهَن ۾، هر جوان پيرسن ۾

پرپٽ ۽ برچمن ۾، پرواني بلبلن ۾

هرهڪ جي آ لبن ۾، بس قيل و قال تنهنجو

5. مسجد ۽ مندرن ۾، تثليث ۽ بتن ۾

هندو ۽ ٻُڌ سِکن ۾، پنڊت ۽ برهمڻن ۾

مشرڪ ۽ مومنن ۾، رندن ۽ زاهدن ۾

مستن ۽ عاقلن ۾، محفل ۽ انجمن ۾

هرهڪ زبان دهن ۾، قيل و مقال تنهنجو

6. گنگا جي ويندڙن ۾، گوڪل ۽ بندرابن ۾

مٿرا ۽ اجوڌن ۾، زُر تشت ڪِرسچن ۾

 

    يثرب مڪي يمن ۾، بندر جدي عدن ۾

    بلبل بلخ خَتن ۾، نيپال گورکن ۾

سيني اندر سڀن ۾، خالص خيال تنهنجو

7. دارا ۽ ذولقرن ۾، پينو گداگرن ۾

عربن جي مَحملن ۾، مجنون جي برپٽن ۾

سسئي جي ڏونگرن ۾، ڏونگر جي ڏاکڙن ۾

گهيرن گهٽن لڪن ۾، سورن سکن ڏکن ۾

هرهڪ جي تن ۽ من ۾، گهربل وصال تنهنجو

8. گهاريان ٿو گوندرن ۾، سوزو الم سورن ۾

ڀڙڪي ٿي باهه بدن ۾، جيرو جلي جوشن ۾

من ماندو مشڪلن ۾، وهمن ۽ وسوسن ۾

سختي ۽ ڏوجهرن ۾، هاڻي تون رک امن ۾

”احقر“ کي هن ڪٺن ۾، درڪار ڀال تنهنجو.

مولوي محمد صالح مهر

مولوي محمد صالح ولد مصري فقير مهر، ويٺل ڳوٺ نئون آباد تعلقو گهوٽڪي ضلعو سکر. حر ايڪٽ ۾ رپوش هو ۽ جلال الدين خان ٻانڀڻ وٽ وڃي پناهه ورتائين. انهيءَ وقت عبدالمجيد خان ٻانڀڻ تي سندس نظارو ٿيو، جيڪو جلال الدين خان جو ڀائٽيو هو. حر ائڪٽ ختم ٿيڻ تي پير صاحب پاڳارن جي ڳوٺ ۾ جامعه راشديه مدرسي جي ناظم جي حيثيت سان درس تدريس ۾ مشغول رهيو. سنه 1976ع ۾ وفات ڪيائين.

[2156]

اهي ڀي ڏينهڙا ها ڪي سڄڻ مون سان وصالي هو

سهڻي صحبت سڄڻ جي کان نه منهنجو وقت خالي هو

1. بغل ۾ هو سدا سهڻو، هئس مشغول دلبر سان

وڇوڙي ۾ پتو پيو آ، اهو ڪو خواب خيالي هو

2. ڪڏهن ڪاوڙ ڪڏهن رچو، ها محبوب جا ماڻا

اهو گذري زمانو ويو، گويا عالم مثالي هو

3. ڪري هر دور ۾ دنيا نرالا رنگ ظاهر ٿي

جدا اڄ يار سو ٿي ويو، جيڪو هم نوش پيالي هو

4. سمجهه سياڻا سراسر تون، زمانو بي وفا سارو

سڄو سينگار دنيا جو صفا قالي نه حالي هو

5. ملائيندو تو کي مولى، انهيءَ محبوب سان ”صالح“

دکايل دل سندو جيڪو سخي سرتاج والي هو.

 

لطف علي فقير

         لطف علي فقير، ڪوٽ مر محمد تعلقي خيرپور ميرس جو رهاڪو هو.

[2157]

سيرڪنِ سالڪ اُتي، جاتي نافرشتي جو فهم

مُلڪ وحدت ۾ سدا تن قرب وارن جو قدم

1. قلب کي ڪعبو ڪري ڪن سرت مان سالڪ سجود

ترڪ جي تڪبير چئي ڪن عين هستيءَ کي عدم

2. غير کي غازي وڃائي طلب ڪن توحيد جي

ذڪر ذاتي ذوق ۾ ڪن عين هستيءَ کي عدم

3. پيا پچائن پاڻ کي العشق نارالله ۾

ٿا جلائن جُنگ پنهنجو جوش ۾ سارو جسم

4. پي پيالو پرت وارو، مَحو مخموريا وتن

ورد وحدت جو پڙهي ڪن ٻي سڀئي گفتار گم

5. ”لطف“ لاشڪ سي لڙهن ٿا درد جي درياه ۾

عِز ٿيو اعلى انهن جو، عشق ڪيو، جن کي اتم.

 

مظهر لاکو

مظهر فقير لاکو، ڳوٺ لاکا تعلقي گنبٽ جو ويٺل هو. مهدي شاهه جهانيان پوٽي جو مرد ۽ طالب هو. مرشد سان سڪ سبب پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي نالي سان گڏ مهدي شاهه جو نالو به آندائين.

[2158]

آهيون عبديت جي اولٖي

ڳجهي ڳالهه لڌي سون ڳولي

1. احديت اقرار اسان جو، قالو ابلى جي قولٖي

2. پاڻ سڃاتم پاڻ کي ڄاتم، ڀَوَ ڀڃي سڀ ڀولٖي

3. صحي سڃاتم ثابت سِر کي، ٻولڻ وارو ٿو ٻولٖي

4. ”مظهر“ ۾ اٿم نالو ”مهدي“، خيال ڏنم خود کولي.

سيد جڙيل شاهه

سيد جڙيل شاهه اصل دولت پور ضلعي نوابشاهه جو ويٺل هو، پر پوءِ اچي خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾، ڪڏڻ واهه جي ڪپ تي آستانو اڏيائين.

[2159]

 

پاڻ ۾ ڳولج پنهنجي پنهل کي

ڇو ٿي وڃين وڻڪار

1. ونحن ارب اکر انهي جا، ورق پڙهي نه وسار

2. نينهن جنهين کي نيبهه آهي، ٻئي جا ڏينهن ٻه چار

3. جانب ”جڙيل شاهه“ سان، هر دم هر هنڌ ۽ هر وار.

حاجي بچل فقير لغاري

فقير حاجي بچل ولد ابراهيم فقير لغاري ڳوٺ حاجي ڄام علياڻي لغاري لڳ نبي سر روڊ، تعلقو عمرڪوٽ. ستانوي سالن جي عمر ۾ سنه 1979ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجين قافين ۾ پنهنجي ڀاءُ ميوي فقير يا پنهنجي پٽ علي خان جو نالو وڌائين.

[2160] سر حسيني

مون کي ڏونگر ڏاريو ٿو ماري

وو ڪنهن کي ڏان دانهن درد جي

1. ستي ڇڏيائون سيج تي

ويا ڪيچڇي ڪرهه قطاري

2. سڪي جو مون سڱ ڪيو

ٻيا ورق سڀ وساري

3. ”لا تقنطو“ لفظ چيائين

قول پنهنجا پنهون پاري

4. هو جي سونهان ساٿ جا

شال لڳان تن جي لاري

5. اٿم اميد ”علي خان“ چوي

ايندو واڳ ولهيءَ تي واري

[2161]

سندي سورن رات، وڃي وهامي ڪا نه ڪا

1. سنجهي سُتِي سيج تي، ٿي پير کڻي پرڀات

2. چيري چچري جت ويا، ڪُهي ساڻ ڪات

3. مئي سسئي ”ميوو“ چوي، آهن هوت حيات.

 

عبدالقادر فاروقي

ميان عبدالقادر ولد مان يعقوب علي سنه 1915ع ۾ درازا ۾ ڄائو. پوليس کاتي مان جمعداري تان پينشن

ورتائين. سنه 1982ع ۾ درازن ۾ وفات ڪيائين.

[2162]

سوچ سهي ڪر سمجهه سياڻا، ثابت سر سڃاڻ

الانسان سري و اناسره، انهيءَ اکر اهڃاڻ

تون پڌرو پنهل آهين پاڻ

1. من ۾ موج دريا جون لهرون مدامي مهراڻ

تون ۾ واهه تو ۾ ويريون، تو ۾ نيارا نياڻ

2. تون گلابي غنچو گوهر، تو ۾ سرس سرهاڻ

شيرين شڪر ڀي مٽ ناهي، تو ۾ مڻين مٺاڻ

3. پري نهارڻ پلپل پِرکي، سندو ڄٽن ڄاڻ پنهنجي پِر کي پاڻ سڃاڻج، پاڻ ۾ پاڻ پڇان

4. نفس نادان جي ڦني ڦاسي، اهڙو نه ٿي اڻڄاڻ

تو ۾ تير تفنگ ترارون، سمر سڄوئي ساڻ

5. شهر درازين دلبر داتا، ڀاڳيا وسن تنهنجا ڀاڻ

سخي سجاده نشين وڌا ٿي، سِڪ جا سرس سياڻ.

سيد چيزل شاهه

سيد چيزل شاهه ماه جمادالثاني 1332هه ۾ ڄائو ۽ 16 مئي 1984ع مطابق 15 شعبان 1404هه بروز اربعا وفات ڪئي. سندس قافين ۽ بيتن جو مجموعو ”بحرالعميق - رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري“ تازو فيبروري 1987ع ۾ ڇپيو  آهي، جنهن ۾ 186 قافيون، 39 بيت ۽ 2 ٽيهه اکريون شامل آهن. هيٺيون 6 قافيون انهيءَ مجموعي تان ورتل آهن. اڳ ص ص 1356 - 1357 تي سندس مختصر سوانح ۽ ٻه قافيون ڇپيل آهن.

[2163] سر تلنگ

عشق ڪيو اثبات، نفس عقل جون ويون سڀ ڳالهيون

1. پاڻ وڃائي پڌر پياسٖي، جاڏي ڪاڏي عين ٿياسٖي

ڪاڏي وئي ظلمات، نِينهن تنهنجي جون آهن نراليون

2. عشق ڇڏيا سڀ لُڙئي لاهي، هر جاءِ حاضر هڪ اهو آهي

سمجهڻ ساري صفات، خاص انهيءَ جون آهن خياليون

3. پنهنجو پاڻ ۾ سمجهي ڄاتم، ونحن اقرب قول مڃايم

طلب تنهنجي آ تات، جنگ جسم سان پيا ٿا جاليون

4. ”چيزل“ اصلي ناهي اولو، سڪ وارن کان سمجهڻ سولو

عشق وڏي آ آفاتِ اول آخر کؤن اهي تنهنجون چاليون.

 

[2164] سر سهڻي

 

دل ڀارت تون کؤن ڌار، هڪ دم نه جيان مان

روئان زار ڪڍان پار، پيالو زهر پيان مان

1.   لڳي تانگهه تنهنجي سانگ، اُڏايان ڪانگ هتي پئي

پريشان ٿيو خفقان، هاڻي ڪئن ڪان مان

2. ڏينهان رات تنهنجي تات، وائي وات هميشه

هج تون شال ساڏي نال، تنهنجي ڪول ٿيان مان

3. تنهنجا هنڌ ڏسي رند، پيرين پنڌ پڇان پئي

چڪن چاڪ ڦٽ فراق، ڪنهن کي حال ڏان مان

4. تنهنجا ناز هي غماز، ٻڌ تون ساز سورن جا

”چيزل“ ساڻ ملندم ڄاڻ، سِر تي سور کنيا مان.

 

[2165]  سر سهڻي

فنا دنيا گهڙي هڪ آهي، مڏيون مال پرايو آ

1. سمهي سوچي ڏس تون ويهي، ڪاڏي ويا ٿي مِٽ اهيئي

تو کي پرور پاڻ گهرايو آ

2. ڪيڏا سانگا ڪرين ٿو سهيڙي، مال خزانا دنيا ميڙي

تو ناحق نام ڌاريو آ

3. خيال ڪري هي ساعت سڃاڻج، محبت وارا مزا آهي ماڻج

هاڻي وارو يار ورايو آ

4. ”چيزل“ ملڪ مولى جو آهي، اچن ٿا عاشق تو ڏي ڪاهي

تو ته ڪيڏو ڪاف ڪرايو آ.

 

[2166] سر ڪوهياري

اُٿ اور اندر ائٽ سان، ڇڏ تن سمهڻ جو ساءُ

1. تند وجهي انهيءَ تار جي، تون ته پوڻيون او بي اُڻاءِ

ڪرڻو پيو ٿي ڪم گهڻو، اڃا ڪوڙين پئي آ ڪپاه

 

 

2. ويهي وقت وڃايئي، نڪو چِت رکيو تو چاه

سڀ ويٺي ان سُٽ وڃائي، پوءِ ڪندئين هاءِ هاءِ

3. سنهون ڪتيئي ڪينڪي، ٿلهو ٿورو ٺاهه

 

جيڏين سرتين جوڙين اُڻايون، تو نه اُڻيو هڪ پاءُ

4.   ”چيزل“ چور چرخي کي، ٻن سمهڻ کي ڏي پاهه

     هر دم تنهنجا طعنا تائن، تَتيءَ کي نه تپاءِ.

 

[2167] سر سورٺ

تنهنجي عشق ٻاريو آڙاهه، پتنگ ويا اهي ته پچي

1. سڪ کؤن سندرو ٻڌئون ساهي، ڪو نه ٿيو همراه

صدقي ڪيئون سِرڙو اچي

2. مچ ۾ عاشق اچن ٿا ڪاهي، سورن ۾ سڙيو ساه

مانجهي بيٺا مرد مچي

3. ايڏيو بلائون بره بڇايون، رند وٺي ٿيا واه

بهادر ويا اهي ته بچي

4. ”چيزل“ مرشد مولى آهي، ٻڌ وحدت ويساه

اَٿِي اها ڳالهه سچي.

 

[2168]

لهندو سڪ وارن جي سنڀار اسان

سؤ ڏک ته غمن جا آيا بار اسان

1. هڪ ساعت سک جي ڪين ڏٺم

ٻيو سور سڀوئي سر تي سٺم

ٽيون محبت وارا مينهن اُٺم

چوٿون يا ٿيو آهي ڌار اسان.

2. هڪ ڪير ٻڌي اسان جي ڪير ميان

ٻيو قسمت جو آ ڦير ميان

ٽيون ڪاريهر تي پيو پير ميان

چوٿون هار ويو سينگار اسان

3. هڪ امر لکئي ڏهو ڀايان مان

ٻيو ڪنهن کي ڪين ٻڌايان

ٽيون سخت سورن ۾ آهيان مان

چوٿون عشق ڏنا هِن آزار اسان

4. هڪ سرتيون سکر جو سمهڻ ويو

ٻيو کائڻ پيئڻ زهر ٿيو

ٽيون ”چيزل“ روئڻ روز پيو

چوٿون بره ڪيو بيمار اسان.

 

محمد حسن عرف ڇِلڻ فقير

     محمد حسن عرف ڇِلڻ فقير ولد محمد کمڻ راهبِي (1) عمر 85 سال، اڳ رياست خيرپور ۾ سپاهي هو. 31 ورهيه ٿيا جو پينشن تي لٿو. درويش صفت الهه لوڪ آهي، هن وقت خيرپور ۾ رهي ٿو. نظرم ۽ ڪلام چيائين، هيٺيان ڪلام سندس پنهنجي زباني قلمبند ڪيا ويا. پهريون ڪلام ڪن سڄڻن جي گهُر تي سچل جي ڪلام:

 

”ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،

آءٌ جوئي آهيان سوئي آهيانِ.“

جي ڀران چيائين.

 

[2169]

خلق نه سمجهي خيال منهنجي کي

آءٌ جيڪو آهيان تيو آهيان

1. هادي واقف حال منهن جي کي

هادي وٽ احوال منهنجي کي

صاحب سمجهي سوال منهنجي کي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

2. ڪو ڀولو چئي ڪو ڀاڙي چئي

ڪو ڊوهو کوٽو ڊاڙي چئي

ڪو اصلي اُوڏ اَناڙي چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

 

3. ڪو راهَنِ - رَد جو رُليل چئي

ڪو بيشڪ بحد ڀليل چئي

ڪو سخن پٽاڪي ڏُليل چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

4. ڪو اڇو چئي ڪو ڪارو چئي

ڪو ڪرمن ڪريل اڌارو چئي

ڪو پنجتن پاڪ جو بيارو چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

5. ڪو سچو ساڌو سنت چئي

ڪو بيڪارو بي انت چئي

ڪو  پهريون نمبر پنت چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

6. ڪو دُئي - باز دَلو چئي

 

ڪو ”کوٽو آ، هڻ کَلو“چئي

     ڪو ڀاڳَوَند ٿو ڀلو چئي

                            آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

7.   ڪو حرامي چئي ڪو حلالو چئي

ڪو مَن جو ميرو مَلهالو چئي

ڪو هر دم تيرهن تالو چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

 

8. ڪو سامي چئي ڪو شامي چئي

ڪو مُردو مُئل مقامي چئي

ڪو عاشق پاڪ انعامي چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

9. ڪو گرم چئي ڪو سرد چئي

ڪو عورت چئي ڪو مرد چئي

ڪو هر دم ٿو بيدرد چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

10. ڪو عمر جو ٿو سٺ چئي

ڪو ”کڻ هٿ ۾ لٺ“ چئي

ڪو ڪتن جي ٿو چٺ چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

11. ڪو ساٽُو چئي ڪو پاٽُو چئي

ڪو کوهيل کُٿل کاٽُو چئي

ڪو  وري وانگي لاٽو چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

12. ڪو سخي چئي ڪو شوم چئي

ڪو وري ڍڳو ڊومُ چئي

ڪو ٿو شاهِ رُوم چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

13. ڪو مُلان قاضي ذاڪر چئي

ڪو مغروري جو ماڪِر چئي

ڪو شيطاني جو شاڪر چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

14. ڪو شودو چئي ڪو بودو چئي

ڪو نپٽ نڀاڳو نودو چئي

ڪو مرد حقاني دودو چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

15. ڪو بيڪس بيدل سچل چئي

ڪو روحل رتل ڇَتل چئي

ڪو تڙيل طمعي ٿو تتل چئي

 

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

16.  ڪو چور چئي ڪو زور چئي

     نروار نظر ۾ نور چئي

     ڪو مرد موالي مور چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

 

17. ڪو ”ڇِلڻ“ چئي ڪو ڇِلُو چئي

ڪو ٻائو برهمڻ کِلُو چئي

ڪو ڀڳت مهتو ٽِلُو چئي

آءٌ جيڪو آهيان تيڪو آهيان

[2170]

آءٌ فقير منهنجي واري ۾

ته واهريانءِ گلشن ساري ۾

1. نامن تنهنجي جو نوڪر آهيان

جو رهين ٿو روز نظاري ۾

2. قربان تنهنجي مان قدمن تؤن

لوڏيانءِ هندوري هزاري ۾

3. رمزن تنهنجن راهه ڏيکاريو

عشق اُٿاريائين اوتاري ۾

4. ”ڇِلڻ“ ڇيڙي کي مست بنايَوَ

هر دم شڪر گذاري ۾

محمد عثمان ”اديب“

محمد عثمان ولد غلام حسين ميمڻ“ اصل ويٺل ڏيپلو ضلعو ٿرپارڪر، هاڻي رهندڙ ميرپورخاص. تاريخ 17 جولاءِ 1917ع ۾ ڄائو. پنهنجي همت سان رُلي ڏني فائينل ۽ مئٽرڪ امتحان ڏنائين. تپداري ۽ سپروائزنگ تپداري ملازمت مان 1972ع ۾ رٽائر ڪيائين. ٿر جي سگهڙن سان سندس رهاڻيون آهن. بيت، قافيون، نظم گهڻي انداز ۾ چيائين. لوڪ ادب جي سهيڙ ۾ سندس ٽي ڪتابڙا ڇپايل آهن. *

[2171]

وَٺو ديس پنهنجو، آ تون يار موٽي

وڃي ڏوُر ويٺين، وجهي وَرهن جي وِڇوٽي

1. سڄڻ ياد پيئڙا، وَري پيو وِلوڻوُن

منهنجيءَ دلڙي دردن، گهاڻي منجهن گهوٽي

2. ڏُکي ڏِيل منهنجو، پيا سوُر سِرجي

جَنجل جان تي اڄ، آهي جنگ جوٽي

3. وِساري توُن ويٺين، هي پَکڙا پُراڻا

پيا تو کي سارين، ساٿي ۽ ڳوٺي

 

     اوهان پوءِ نه ”عثمان“، ميرا مَٽايا

                   وِ يا ويس وسري، ٿِي لِيرؤن لنگوٽي.

[2172]

آ ته پُنهل پيهي پيهي، تو کي ساري سئي

1. ڌُريان ئي ڌاريان هُئا، ڏير نه هُئا ڏيهي ڏيهي

2. جيڪي ساريان سُپرين، سڄڻ ملن سٖيهي سٖيهي

3. درد مُنهنجي دل جي، ڳالهه ڪريان ڪيهي ڪهي

4. ”آديِبا“ اڄ ان لئي، مون رات ڪَٽي ويهي ويهي.

 

[2173]

اڄ وري واريءَ مٿي، واليءَ ڪيون واهه جؤن وَسوُن

خير سان خوش ٿي گهرن ڏي، رب ٿئي راضي رَسون

1. جي سُڪيون سِيمون سِگهيون سي، ٿيوُن وَري سايون سڄڻ

هاڻي ڏُڪر ويو ڏيهه مان، قادر ڪَٽيون قَلبئون ڪَسوُن

2. ڀاڻ سڀ ڀرجي ويا، ڍورا ڍنڍون پوٺا پوٺا پلر

ريل ڇيلان، کٻيل کيلان، چهَل پَهلان ٿيوُن چَسوُن

3. آهه پَٿيِئي پِڪ ڏني، پنهنجي مُلڪ ڏي مينهنِ وٺا

پاڻ سڀ پَرچي پَکن، پنهنجون هلي پَهرون پَسون

4. مِنهن مُهراڻي وَٺو ۽ ڍَٽ وٺو پٽ پارڪر

وَٽ وٺي ۽ پڻ مِٺي، ٻيو ڏيپلي چارئي ڏسوُن

5. ”عثمان“ سان احسان ٿيا، آيم اڱڻ پرچي پرين

اڄ مليا محبوب من جا، هيج مان تن سان هَسَوُن.

[2174]

عمر ڏس ته مُّنهنجو وَطن اڄ وٺو آ

مون کي مُّلڪ منهنجو، مِٺن کان مِٺو آ

1. سڄي رات وِڄڙين، انهيءَ ڪُنڊ ڪَراريو

وڏي پير جو سُّنهن، مون ويٺي نهاريو

آڳي سج مون ڪڪرن سندو ڪيس ڏٺو آ

2. جِتي مينهن موڪوُن، اُتي مال ماروُ

ڪاهي وڳ ويئڙا، ادا اڄ اوڀاروُ

وَسن تي وري اڄ ڪُڙم ٿيو ڪَٺو آ

3. ڀَريا تَل تَرَايوُن، ۽ سارين سنگهاريوُن

کڻي هٖيل هَليون، پُلر لئي پهنواريون

سدا مون سهيلين، سڳر سر سُٺو آ

4. ”اديبا“ اسان کي توُن ڏي مير موڪل

ٿي ساري سدائين پنهنجي پهر پلپل

آيو اڄ اُنهن کان، چڱو هي چِٺو آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org