باب ستون
14- صدي هجري جي وچين دور جا شاعر
ميون محمد علي پٺاڻ
ميون محمد علي پٺاڻ، عالم ۽ استاد هو.
ساماري تعلقي ۾ ڪاميابي سان مدرسو هلايائين.
پاڪستان کان اڳ وفات ڪيائين. سنڌي ۾ ’صاحب ديوان‘
شاعر هو، ۽ پڻ فارسي ۾ سندس غزل چيل آهن. سنڌي ۽
سرائڪي ۾ چيل سندس ستانوي کن قافيون نظر مان
گذريون جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.*
[1797]
بره بيشڪ بي بيان، بره باتيون ڪنهن نه ڄاتيون
1- محبتي ميدان ۾ ڪو پير پائي پهلوان
اُت هٿيارن جي نه حاجت ٿيا ڪُسي قربان جُوان
ڪنڌ جهليائون قرب ڪاتيون
2- عشق جي امواج ۾ کائج مَ تون غوطو گمان
سچ رکي لنگهه سير ثابت وڃ تري طالب طوفان
ڪر نه ڀاتون ڀات باتيون
3- بره جي بازار ۾ ٿي بي عقل ۽ بي زبان
ڪهه نه ڪنهن سان قرب ڳالهيون ٿيون ذرو ظاهر زيان
لَئُه لساني تون نه لاتيون
4- وِره جي وادي اندر وڃ مُڇ ڪري جند جان مان
”لن تنالو البر“ باسج ”محمد علي“ منجهه هن مڪان
ٿيون ٿين ضايع ذواتيون
[1796]
سورٺ
اِنهين حسن جي هُٻڪار، گرم بازار ڪَئي
1- زلفن مان ٿِي زينت ظاهر، رنگ ڀرئي رخسار
عجب جهلڪار ڪَئِي
2- لعل لبن مان هِيرا هاري، دُرعدن اَنوار
گوهر گفتار ڪَئِي
3- آبرو سيف ڪَما نڪَش ڪُنڊڙن، تيز کڻي تلوار
سيني سُٽڪار ڪَئي
4- ”محمد علي“ موهيو مون کي، ڪري سڄڻ سينگار
چَشم چمڪار ڪَئي.
[1799]
نقطي ناز، مست ڪياسون
1- مَنَ جو مرغ ٿيو سو قابو
جنهن کي لڳا لَک بِره جا باز
2- واه وَڻي محبوبن ماڻو
نينهن وارن جا وڻن نياز
3- بِره ڪري ٿو بانڪا بَردا
سرڪش سُره تير انداز
4- مَنهن محراب ”محمد علي“
پڙهه پِرت مان نينهن نما.
[1800]
سورٺ
دلبر دامَ، وڌا جي دل کي
1- سالَ ڀايان هڪ ساعت تورِي
ناهي صبر سُک آرام
2- بي پرواهيون ڪر نه پيارا
طلعت تنهنجي جڏهن آه تمام
3- روبرو تو قول ڪَيا جي
سي پرين تون پاڙ انجام
4- ”محمد علي“ مَست ڦِري ٿو
هر صبح هر شب هر شام
[1801]
پيلو
آيو اڄ يار گهر منهنجي، ڪِئم صدبار شڪرانا
1- ڪيئم جي دوست لئي دانهون، جِڪس آيو سڻي آهون
پرين اَچي پُور ڪِئا پاهُون، ويا سڀ سور آرمانا
2- هنيم هٿ دوست جي دامن، بدن ٿيو باغ گل گلشن
کليا سُنبل سَمن سوسن، عهب رنگ روپ ريحانا
3- جنت جايون سندم سڀ ٿيون، اکين عيدون اِلاهي
ڪِيون
وِره وايون وڃڻ کي ويون، لکان ڪنهن ڏانهن پروانا
4- ”محمد علي“ سان مَهرُو، ٿيو خوش سو کلي خوشبو
رقيبن جو سِيّہ رنگ رُو، سِر تان طبل طعنا
[1802]
سارنگ
رُت بهاري آئي ووميان، حسن هُڳا ٿئو گُل گُل گُل ۾
1- گل ٽِڙئا هر جا هنڌ هنڌ، هُوڪ حسن ڪِي حنائي وو
ميان
نينهن نالا ته ڏِس بُل بُل بُل ۾
2- ناز بُوبَن نوان ناز ڏيکارئا، رنگ رنگ رمز
رَلائي وو ميان
اَهلِ چمن پيا هُل هُل هُل ۾
3- سنبل سهجئون زلف سينگارئا، چؤڏس چشم نمائي وو
ميان
ڪيف ڏٺم وري ڪُل ڪُل ڪُل ۾
4- شُغل اِنهينءَ ۾ ”محمدعلي“ آهي نور خُدائي وو
ميان
ڀَومَ ڀور تون ڀُل ڀُل ڀُلَ ۾
[1803]
سُرڪَ سِگهي ڏي ساقي وو ميان
پي پيمانا
ٿيون مستانا
1- مَست پيالو مَيخاني مند جو
جام ڀري ڏي جانان وو ميان
2- مَئي محبوبي سُرڪَ سَوائِي
مرد گهرن مردانا وو ميان
3- ڇا ڪندا وري عام اَسان کي
مَر تان هڻن لک طعنا ووميان
4- معلوم مئي جي ”محمدعلي“
ڪر مُغن کان مَعنا وو ميان
[1804]
لوڙائو
ڪاڪَلَ آڻ ڪانگا، پار پِرن جي پَهي پَهِي
1- يار پِرين وڃ تون ڪانگا، سڀ ڇڏي هِت سر جا
سانگا
رات اُتان آ رَهِي رَهِي
2- سڀ سڀئي سُورُ سڻائج، ٻانهون ٻڌي هي حال ٻڌائج
ڪج ڪشالا ڪَهِي ڪَهِي
3- پوئتي وَرڻ جي وارج وائي، واري وصل جي ڏج
واڌائي
سُڌ سڻائج صحي صحي
4- خبر کيانتَل اَهڙي آندي، ”محمد علي“ ڪر دل نا
ماندِي
ٺاهه ڪري ايندا ٺَهِي ٺَهِي
[1805]
نياپا نِي ميان قاصد، سِگهيرا سي سُڻا سڄڻن
1- هَئِي جَڙ جان ۾ جاني، ڦِران مستان مستاني
دُواري دُرس ديواني، سدا دلڙي اندر دردن
2- ڏسي آ روبرو ڏيهي، گهڙي پَل ڪا وٽن ويهي
سُڻي ڪا ڳالهه ڪج ٽيهي، چوي جيئڻ محب مَن موهن
3- بلاشڪ بِره ڪِي باندي، نه آهي وره کان واندي
ملڻ ريءَ ٿي مري ماندي، رهي بلڪل نه ننڊ نيڻن*
4- ”محمد علي“ سين مِل تون، اڱڻ عاشق سندي ٽِل تون
چڱيري ريت سان رِل تون، ٿيان واندي ڪَناوِرهَن.
[1806]
ڀيروي
جي مون سان موليٰ ڪَهين ٺاهه ٺَهي
ته ڪُہ ڪريان چَرخو چوري
1- ڪين ڪَتي مَر وتي البيلِي، ڇو اُٿي وري
صبح سَويلي
ڪير تنهين کي ڪَهي
2- آتڻ ڪَتي سا ڪيئن ديواني، جنهن جو سوداگر
دلبر جاني
سا پري کان پَهي
جنهين تي فضل ٿين ري ٿورِي
3- سڀني سُهڻو سو سوداگر، نجهري نماڻي جي اچي جيڪر
رات ريجهي راول رهي
ته آءُ ڪيئن پهچان پرين جي ٿورِي
4- مُشڪ ملي سا ”محمد علي“، دامن عليءَ جي جنهن
ڪنهن جهلي
لائق سو ڪَر لهي
بلاشڪ اَچي عاصين سين اوري
[1807]
جن جي هٿان وئڙا پرين، تن کي پڇو سڏ سور جي
1- هينئڙو ٻڌم ٻاڌاڻ ۾
ڏاڍي قرب جي ڪاڻ ۾
اسان پرين پاڻ ۾
دوستي ڏاڍي دستور جي
2- جانب بنان جيڪي جيان
سڀ سور ٿي پل ۾ پيان
هي دک درد ڪنهن کي چوان
ماهيت انهي مذڪور جي
3- ڪيچين ڪهي مون کي بات ڪا
سرتيون پروڙيم ڪانه ڪا
ڀانيم ڪندا وارث وفا
ڪل نه پيم ڪلور جي
4- ”محمد علي“ چئي واڳون وريون
آيا پرين اکڙيون اڙيون
دک درد جون جيڪي دريون
پرين ڏٺي ويون پور جي
[1808]
آسا
وي لُٽي يار اساڏي دلڙي، محبين ڪيتا اسانو مستانا
وي
1- ناز غمان نهوڙ چانيتي، نيٺ محبوبان مِلڙي
ڇوڙ زليخان شان سهانا وي
2- ’الف‘ اشارا مشڪل سارا، رمز ڳجهي آ رَلڙي
ٻيٺا کول نقاب نهانا وي
3- ويک ”محمد علي“ مَ تجلي، وسر ڳئي خوش کِلڙي |