سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :9

نواب خداداد خان (ثاني)

         تاجپور جي نواب خداداد خان اول جو ڇوٽو ۽ نواب گل محمد خان جو پٽ هو. سنه 1303هه/1886ع تي ڄائو ۽ 1370هه/1950ع ڌاري وفات ڪيائين. سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو ورتائين، خصوصاً تحريڪ خلافت ۾ وڏو بهرو ورتائين. سنڌي شاعريءَ جو پڻ ڪافي ذوق هئس، سندس ديوان قلمي صورت ۾ موجود آهي. ازانسواءِ ٻي علمي ۽ ادبي خدمت پڻ ڪيائين.*

[1840]

هيڻائي ۾ حال، سانگيئڙا آءٌ هڏ نه وساريان

1- من ۾ مارن کي آءٌ نِت ساريان

ڳوڙها ڳلن تان هر دم هاريان

دم دم جن جي مقال

2- ملڻ مارن ري آهيان ماندي

قيدن ۾ هٿ بيوس باندي

ساريندي ٿيم سال

3- ”خداداد“ سوالي هردم سائن

غم وهم ۾ دم دم مائل

روزئون روز زوال.

فير روشن الدين ”روشن“

 

فقير روشن الدين ولد حاجي محمد صوفي فقير سومرو، ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ سنه 1900ع ۾ ڄائو ۽ 1950ع ۾ وفات ڪيائين. نهايت ئي بااخلاق ۽ درويش صفت هو. سندس نثر ۽ نظم ۾ تصنيفون اڃان اڻ ڇپيل حالت ۾ آهن. سڄي هندستان جو سير ڪيائين. ذڪر فڪر چله ڪشي، تصنيف ۽ تاليف سندس آخري دور جا شغل هئا.

[1841]

جوڳي شهر هزاري دا، سانگ بنايس ڀيد چيا ڪر

1- ويکو تنهن دي مورت موهني

مک وچ مرلي رنگ رنگيني

ڪن وچ مُندري ڳل وچ ڪفني

سهڻا سانگ سونهاري دا، ڦِر ڦِر ڦُريندا دليان چاڪر

2- تسان ڪيه ڄاڻو تنهنڪون ساليان

 

مخفي رمزان روز نراليان

         ڀرپور بحر ڪناري دا، ويسا نيڙي ناز دي خاطر

3-         نال نيڻان دي دام گهتيندا

ڪمند زلف وچ قيد ڪريندا

ڦيريان پا ڪي جهٽ جهٽيندا

پريمي روپ پياري دا، بيوس ڪردا برهه بڇا ڪر

4- مخفي مٺڙا ٻول ٻوليندا

رلمل ”روشن“ روح رليندا

ڪوجهيان نال ڪرم ڪريندا

سهڻا ناز نظاري دا، ڪيتس قياس فضل فرما ڪر

[1842]

ذاتي والا سر سنڀال، ناز نفي دا ڪر اثباتي

1- وحدت ڪنون ڪثرت هوئي

ڪثرت وچون وحدت هوئي

سارا برهه بحال، آڻ سمايا وچ صفاتي

2- غوطا مارين غرق جي ٿيوين

ماڻڪ ماڻين اڻلڀ ايوين

ٿئين وچ جذب جمال، سمجهه مارين جي جذبئون جهاتي

3- وچ گهونگٽ دي گهوٽ گذارين

”وَنحَن اَقرب“ پرتون پارين

”قالوا“ والا قول تون پال، ڪنڌ ڪپاوين قربون ڪاتي

4- هادي دا پُر پَٽ پلاوڻ

سيني وچون سنگ سماوڻ

هي رانجهن رلمل نال، ”روشن“ لؤن جا لونءَ لونءَ لاتي

حاجي پير بخش فاروق ”دلريش“

 

حاجي پير بخش ولد رحيم ڏنو فاروقي، 25- رمضان 1314هه/1896ع پنهنجي ڳوٺ فاروق آباد تعلقي بدين ۾ ڄائو. سنڌي، اڙدو ۽ فارسي ۾ ڪلام چيائين ۽ تخلص ”دلريش“ اختيار ڪيائين. سنه 1950ع/ 1370هه ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار بدين-نندي جي رستي تي ٽه-مُنهين کان ميل کن اوڀر طرف آهي. سندس ڪلام مان قافيون هيٺ ڏجن ٿيون.*

[1843]

تون ڪيئن ٿي ڀانئين ڀوري! آءٌ زوري وينديس زوري

1- جيجل‘ جي نه ڇڏيندينءَ ظاهر، آءٌ چوري وينديس چوري
2- ڪين ڇڏينديس پاند پنهونءَ جو، توڙِ ڪوٺين لنگهِي لوري
 

پير پٺيان را يار پنهل جي، هيءَ ڇپر گهمندي ڇوري
4-       ”پيربخش“ چئي ڀائر ڀانيان، ٿر جا جيڪي ٿوري.
 

[1844]

سور سڄڻ جا مون سَٺا ڙي سرتيون، سور سڄڻ جا

1- سڪ انهيءَ سوَ سالم ساڙيا

قرب ڪروڙين ڪُٺا ڙي سرتيون

2- پير فقير امير هزارين

محبت محب جي مُٺا ڙي سرتيون

3- مور نه مام پروڙيم وو پِر جي

ريت ڪهڙيءَ کان رُٺا ڙي سرتيون

4- ”پيربخش“ پرت منجهان را

مينهن وره جا وَٺا ڙي سرتيون

[1845]

خوش ٿي وڄائينديس کڙتال، اُهي راڳ سڻي شل راڻو

1- ساز سڀئي ويو سوڍل ساڙي، ساريندي مون ٿيڙا سال
2- راڻي ٻاجهؤن راڄ انهن کي، هر دم ڀانيان ٿي هڙتال
3- سيج پلنگ تي ساجن ايندو، ڪري ڀلائي پنهنجو ڀال
4- ”پيربخش“ پرچي شال پيارل، ننگ سڃاڻي ننگ پال.
 

[1846]

ذات منجهان ٿي ظاهر آيو، آدم ڏس انسان ميان

عبدي برقعو عشق ڍڪايس، صاحب سر سبحان ميان

1- ٻانهون ٿي پوءِ ٻاجهه ڪيائين، دلبر راز ڌيان ميان
2- ”اَنا احمد بلا ميمي“، شافع جو ڏس شان ميان
3- ”الانسان سر سبحاني“، مومل جو ٿيو مان ميان
4- ”پيربخش“ ٿو پينار سڏائي، ڀَٽ پرين جو ڀان ميان.
 

[1847]

تون ڪوڙو آهين قاضي، جئن برههکي ڄاڻين بازي

1- غير برهه جي بقا نه ڪنهن کي، دم دنيا سازي
2- دين دنيا جا وسلا ويڙهي، غم ڇڏي ٿيا غازي
3- تيڪ الدنيا واجب ڄاڻن، ترڪ اندر دل تازي
4- عشق سوا ايمان نه آهي، تون رنج رهين يا راضي
5- ”پيربخش“ پينار پرين جو، پرت رک تون پازي.
 

وَرند ڀڳت

 

         ڀڳت ورند ڳوٺ فريدآباد ضلعي دادو جو ويٺل هو. سنه 1950ع تائين حيات هو. سندس ٽي قافيون هيٺ شامل ڪجن ٿيون.

[1848]

ڪانگل ادا کڻي وڄ خطڙو خدا جي نالي

هڪ پهر ۾ ڪري وڃ پنڌڙو خدا جي نالي

1- خطڙو کڻي وڃ جاني، ظاهر چئجانءِ زباني

گُهري وٺجانءِ نشآني، ڇلڙو خدا جي نالي

2- هن سير جو سمورو، الله ڏيندءِ اُجورو

منهنجو ڪجانءِ تون پورو، ڪمڙو خدا جي نالي

3- قاصد ادا تون وڃجانءِ، وچ تي گهڙي نه وهجان

ورندي وٺي تون ورجانءِ، تڪڙو خدا جي نالي

4- چوي ٿو ”ورند“ ويچارو، ڦٽيل فريد آباد وارو

اچي منهنجو جيءَ جياريو، جڏڙو خدا جي نالي

 

[1849]

پرين جي پار پانڌي اڄ تون اڏام ڪانگا

ساري ڏجانءِ سنيهو سڪ جو سلام ڪانگا

1- هٿڙا کڻي پنان ٿو درگاه مان دعا هي
ڏسندين نه شل اکين سان دشمن جو دام ڪانگا
2- جيرا بڪيون پڇائي ڪوسا ڪباب قيما
تولاءِ ڪندس تيار مان طرحين طعام ڪانگا
3- پٽ جون وجهي مان واڳون ڏولي تنهنجي لوڏينديس
ان ۾ ڪجانءِ موٽي دل سان آرام ڪانگا
4- ساراه مان سِٽيندس تعريف تو سندي
تنهنجي ثنا صفت جو ٺاهيان ڪلام ڪانگا
5- کولي خدا جي نالي ڪجهه چهنب ساڻ چئجان
پرڙا ڇنڊي پکي تون پهچاءِ پيغام ڪانگا
6- ”ورند“ چوي ورڻ ۾ سستي متان ڪرين تون
جهٽ پٽ وري اڇڻ جو ڏيئي وڃ انجام ڪانگا.
 

[1850]

سِر ۾ سدا وسي ٿو سوداءُ عشق جو

سيني ۾ سل ڪري ٿو تکو تاءُ عشق جو

1- ڪو جو خلل ٿيو آهه پيدا دماغ ۾
اصلي عقل سان ناهي ٺهراءَ عشق جو
2- پرواهه ناهي توڙي قتلام ڪن کڻي
 

عاشق کي ڪو ناهي ڊپ ڊاءُ عشق جو
3-  بدنام بره ڪيڙو وئي ديد لڄ لڏي
     پيڙو جڏهن اکين کي پڙلاءُ عشق جو
4- واڻئي ”ورند“ جي دل ۾ دردن دکايو دونهون
محبت جو مچ ٻري ويو آڙاهه عشق جو.

[1851]

سدا ساه منهنجو سانگي کي ٿو ساري

ورتي دلڙي منهنجي ڏنارن ڌتاري

1- ٻڌان شل ٻاراڻا، امڙ جا اوراڻا

ڏوٿيڙا ڏاڏاڻا، ڏاتر شل ڏيکاري

2- سرندا ساز ٺاهن، ويڙهيچا وڄائن

مٺا راڳ ڳائن، چپن سان چونگاري

3- سهڻي سوز واري، بيتن جي بهاري

هيئين ۾ هيڪاري، آتش ٿي اُٿاري

4- ويڙهيچن لئي واڻيو، ”ورند“ آءِ ويڳاڻو

 

 

فقير محمد

فقير محمد جي هيٺين قافي 50-1935ع واري عرصي ۾ لکيل قافين جي بياض ۾ شامل آهي، يعني ته فقير محمد ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

[1852]

آيو ڍولڻ ڪري سينگار

جنسار سارو سڀ جڳ ٿيو حيرت ۾

1- جادو جوت جمال حقاني، صورت صاف صفا سلطاني
نور آهي نروار، بشر حوران پريون عبرت ۾
2- عطر مشڪ عنبير اوتيائون، لال سرخ لڱين لاتائون
چمن ٿيو هٻڪار، هليو هو ڪو ساري خلقت ۾
3- قدم قدم تؤن ٿيان قرباني، اچڻ جي ڪئي يار احساني
لٿا غم غبار، دوست آئي ٿي فرحت ۾
4- ”فقير محمد“ فڪر فهم ويا، دوست آئي گوندر غم ويا
ٿي دل باغ بهار، جان جُسو جڙيو جمعيت ۾
 

 

محمد تقي شاهه

         محمد تقي شاهه جيلاني، باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. سندس هيٺيون قافيون 50-1935ع واري عرصي ۾ لکيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهن، يعني ته محمد تقي شاهه ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاريائين.

[1853]

ڇڏ ڌندا ڪوڙا ٻيا، هر وقت رهبر کي سنڀار

1- آخر بندا فاني فنا ڇا ڪندي ڪوڙي دنيا
رهه سدائين خوف ۾، رک يار جي تن ۾ تنوار
2- هڪ گهڙي دم سان ويهڻ مَٽ ڀائيان هڪ سال جي
ويهي ڏسين تان ڪَل پوئي سڪ سوز سان ويهي سنڀار
3- عاشق ٿيين ته رک صفائي هر جاءِ ڄاڻج هڪ الله
دوئي وڃائي دور ڪر تان پسين صورت جو سينگار
4- ونحن اقرب وسي رنگ رنگي جو رسي
مڃ ”تقي شاهه“ طور جي ڪر يار جو دل ۾ ديدار
 

[1854]

ڏاڍي موج دريا نون مستي هي

هر رنگ دي وچ وسدي هي

1- لکين آون لکين جاون، هي انت بحر دي بستي هي
2- سار سنڀار رب سب نون ڏيندا، روزئون روز الستي هي
3- آپ نظارا رب انهان نون ڏيندا، جنهان ساري هستي هي
4- سانگا سِر دا ”تقي شاهه“ نه ڪريندا، سودا دست بدستي هي
 

محمد شاهه

محمد شاهه جي هيٺين قافي 50-1935ع ڌاري قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، يعني ته محمد شاهه ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاريائين.

[1855]

باهه بره دي برسر ڀڙڪي

عشق آيا سِر چڙهه ڪي چڙهه ڪي

1- ڪٿان مُلا ڪٿان ول قاضي

ڪٿان رند رضا تي راضي

بازيگر ڪٿ ول بازي

ڏيک تماشا کڙڪي کڙڪي

2- ڪٿ رانجهن سائين چاڪ سڏايا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org