سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :17

[1989]

تنهنجي لعل لبن لَک مير لُٽيا

وجهي دام زلف ڪيئي گهوٽ گهُٽيا

1-         سلطان سولي سوين چاڙهيا تو

پنهنجا واعدا تن سان نه پاڙيا تو

ڪيئي سوز فراق ۾ ساڙيا تو

پروان شمع کان ڪيئن هٽيا

2- ڏاڍا شمس عطار تي بار بڻيا

صنعان وڌا ڳل جوڙي جڻيا

ايڏا ڪِيس قتل توکي يار وڻيا

ڪيئي ٻهڳڻ تنهنجي ٻول ٻُٽيا

3- ڪهڙا عاشق عيش آرام ڪيا

جيڪي مست حسن جي تاب تَيا

مڙيا ڪين ڪڏهن منصور مڻيا

چوري چقمق چشمن تير چُٽيا

4- ناهن عاشق اوڏا عيدن جا

”علي محمد“ گهايل ديدن جا

ڪهڙا ڪفن دفن شهيد جا

ڪري ڪاڪل قيدي ڪونه ڪيا

 

[1990]

ڏاڍو تايو حسن جي تاب مون کي

تنهنجي بره پڙهايا باب مون کي

1- اها صورت ساڳي سبحاني آ

جنهن جي حورن ۾ حيراني آ

پرين پاڪ تنهنجي پيشاني آ

تنهنجو منهڙو ڏسڻ آ ثواب مون کي

2- موهي مست ڪيو تنهنجي محب مِسي

چريو چور ٿيس لب لعل ڏسي

پيئي فراق تنهنجي ۾ دلڙي ڦَسِي

وسريا کائڻ خوشيون ۽ خواب مون کي

3- تنهنجي ديدن ڀورل آ شهيد ڪيو

منهنجو هوش عقل ڪجهه ڪونه رهيو

ماري عاشقن کي ٿا عيد ڪيو

ڪُهي قرب تنهنجي ڪيو ڪباب مون کي

4- اهو ”علي محمد“ جو عرض اَٿئي

پنهل ڦيرو ڪرڻ مون ڏي فرض اَٿئي

مون کي ماريو جدائي جي مرض اَٿئي

 

وهي روز اکين مان آب مون کي.

 

[1991]

سهڻي ساهڙ ساڻ، ٻول ٻڌا ڪَئِين تار ترڻ جا

1-       عشق جڏهن ڏنس ڏيکاري، سرت سمهڻ جي ويڙس ساري
پاڙيئين قول قرار، ’موتواقبلل‘ يار مرڻ جا

2- سرڪ پياريس ساهڙ سِڪ جي، روح ڇولين ۾ ويڙس ڇڪجي
دلبر جي ديدار، ڳارا دل ۾ وڌيس ڳرڻ جا

3- درد دکايس دل ۾ دونهان، سور سڄڻ جا ٿيڙس سونها
ڪُنن جا ڪڙڪار، واڳن وارا ڪيس ورڻ جا

4- ”علي محمد“ سڏ سڃاڻي، ساهڙ سير ۾ ٿيڙس ساڻي
مهر ڪيس ميهار، قدم ڀري قر ڪرڻ جا.

 

[1992]

ڏسي مين جي مت منجهائي، شاه حسن شهباز

1- موسيٰ طور تي نور ڏسڻلئي، ڪيا ’ارني‘ جا آواز
2- محبت ۾ محمود جي اڳيان، آزيون ڪيون ٿي اياز
3- يوسف ڪارڻ زليخا ماندي، نينهن سيکاريس نياز
4- صفعان ٿيو منجهه صورت سوگهو، ديدون پسي درازا
5- سوريءَ تي منصور کي چاڙهيو، رمز رنديءَ جي راز
6- عاقل ديڳ ۾ جان جلائي، ڏسي زيب النساء جا ناز
7- ”علي محمد“ ڪن عرش تي عاشق، ريءَ پرين پرواز
 

[1993]

سهڻي يار نه خبران پَٺيان، ڳئي سال مُندان سڀ مٽيان

1- ڳيا سِيالا ساوڻ آيا، ول ڦيرا يار نه پايا
اسان رو رو حال وڃايا، ڳڻ ڏينهڙي آڱليان گٺيان
2- مئڪون موت نه ماريا ڄمدي، اَئي بار بِره سر غم دي
ساري راند هَٿوُن ڳَئِي رَمدي، رنگ ٻار هي راڻيان اُٺيان
3- ماهِي يار نه مُنهڙا ڏِکالي، ماريا درد جدائي والي
ٿَئي داغ اندر سڙ ڪالِي، رهيان ڳالِهين دل تي ڪُٺيان
4- ”علي محمد“ دلبر آوي، تئڏِي جانب جهوڪ وساوي
ٿِيون سَلڙي سُڪدي ساوي، جنهان سئه سئه سختيان سَٺيان.
 

[1994]

مئن صوفي هُون سرمست

ميرا ڪونه پڇاني رستا

1-       ناڀ ڪنول سُن دم اُلٽاوان، هيڙدي ڪَنوَل ۾ جوت جڳاوان
         ڀنورَ غفا ۾ درسن پاوان، بادل بِره برستا
2-       ستگر جام پلايا گهوٽا، جنم مرن ڪا ٻنڌن ٽوٽا
عشق پريم ڪا آيا جهوٽا، هر رام ميري سنگ هنستا
3- جڻيا پاڪِي تلڪ لڳايم، اوونگ سوونگ بين بجايم
مشرڪ ٿي محبوب منايم، برهمن بُت پرستا
4- چوٽ گگن ۾ ايسي لاڳي، نس دن بن ۾ ڦرون بيراڳي
ڍونڍ لڌم گهر سانول ساڳي، موهن من ۾ بستا
5- ”علي محمد“ اِي اُلٽي ٻولي، ڪيا ڪجهه جاني خلقت ڀولِي
ڪو سمجهي ساڌو سنت پرولي، شعر بنا گلدستا
 

محمد خان ”غني“

 

محمد خان ”غني“ ولد قاضي محمد دائود، ٽکڙ جي مشهور شاعر حافظ حاجي ”حامد“ جو پوٽو هو. 3 مارچ 1930ع/18- ذوالحج 1320هه تي ٽکڙ ۾ ڄائو. محمد خان غني جي ڄمڻ کان اٺ ڏينهن اڳ ”مخلص“ مرحوم جو کير پياڪ ٻار گذاري ويو هو، تنهنڪري محمد خان غني، مخلص جي گهر ۾ نپنو ۽ پرورش پاتائين. محمد خان غني ٽکڙ ۾ ئي حافظ ”بسمل“ وٽ پڙهيو ۽ سنڌي فائينل امتحان پاس ڪري 1916ع ۾ ماستر مقرر ٿيو. 1924ع ۾ ماستري ڇڏي تپيداري جو امتحان ڏنائين. ليڪن نوڪريءَ بدران صحافت ۽ ادب کي ترجيح ڏنائين. آخرڪار مسلمان اخبار جو تاحيات ايڊيٽر رهيو. سندس شعر نظم، غزل ۽ قافي تي مشتمل آهي. پهرين مارچ 1979ع تي وفات ڪيائين.

 

[1995]

ري ويڙهيچن و هلور، لڙڪ لکين هاريو ٿي هاريان

1- کڻي کوهر تان عمر تو آندي

ڀيڻ ڪرين ڇو بند ۾ باندي

ايڏو ڪر نه ڪلور، پاڻ مُٺي هِت ماريو ٿي ماريان

2- پائر ۾ مون پِرت جا پاتي

تات رکي سا تن ۾ تاتي

نينهن ڪيم ناسور، ڏيل ڏکن ۾ ڏاريو ٿي ڏاريان

3- ڪلف ڪڙا ۽ ڪوٽ زنجيرون

دهشت دڙڪا بار بهيرون

 

مون کي سي منظور، قول ڪيم سي پاريو ٿي پاريان

4-         ساريم سانگ ۽ سانگي سرتيون

وِره ويچاريون منهنجي ورتيون

ڏيهي ڏکي جا ڏور، گهڙيون گهنگهر ۾ گهاريو ٿي گهاريان

5- مند مينهن، جي موٽي آئي

بادل برسي رم جهم لائي

ٿيون تار ترايون تور، ڳڻتيءَ جي جيءَ ڳاريو ٿي ڳاريان

6- ننڊ نِيَس آءٌ عمر اباڻن

پهتيس پنهنجي وڳر وٿاڻن

سانگين پهچي لاٿم سور، ولر ورائي واريون ٿي واريان

7- هليس ڇيلن ڇانگون ڪاهي

ماڳ مڙهي ۾ مال ورائي

جو ڌرُيئون سندم دستور، چاه منجهارئون چاريو ٿي چاريان

8- لوئي اباڻي ڪيئن لڄايان

پَٽ ”غني“ مان ڪيئن هِت پايان

سڻ محمد جو مذڪور، ٻارڻ ۾ سي ٻاريو ٿي ٻاريان.

[1996]

نه ساعت سري تن، جي سهڻي سناريون

نه پر ڪنهن به پرچن جي دلبر ڌُتاريون

1- ويهڻ وِهه انهن کي سمهڻ سور سختي

هليون هوت ڏانهن سڀ ڇڏي هوڏ هستي

پِريَنِ ڏيئي پارانڀا جي پريان پڪاريون

2- سنجهي سور چرندي سُتيون جي سنڀاري

پِرَين کي پوڪاري هنجهون جام هاري

ته آڌي اچي عشق سي ئي اُٿاريون

3- وساري ويهڻ جون نه ڪر جاڙ جاٽون

وٺي جي ورين وَرُ آهي تنهنجون واٽون

نماڻيءَ کڻي نيڻ نئين سج نهاريون

4- اڳيان آهه اوڙاهه، ائون اڪيلي

ٻُڌي منهنجي ٻاڪار ٿي ٻانهن ٻيلي

ٻُڌيون ٻار ۾ تو منجهان تار تاريون

5- مدايون مڻين عيب جن ۾ اپارا

سوا تنهنجي سر تان لٿا سڀ سهارا

اچي عشق تنهنجي اُهي ئي اُجاريون

6- مرڻ ناهه مشڪل، جيئڻ ناهي آسان

وڃن سيئي ويلون پيارا پريشان

”غني“ سان ويهي جي گهڙيون يار گهاريون

[1997]

 

ڪنهن نه ڄاتو قيدياڻي، ڪوٽ ۾ ڪيئن ٿي ڪٽي

ٿي ڪڏهن واري وسائي، ٿي ڪڏهن سِرَ کي سٽي

1-       عمر گذري وئي عمر، آزيون ڪندي منجهه انتظار
         ڪنهن ڪڏهن آهن ڪيا ڪوٽن ڪڙن منجهه ڪي قرا
ساه سرتين سان سِبايئين، جيل ۾ سا ڪيئن جَٽي
2- مون اچڻ کان اڳ انهن سان ڪي سمن ثابت ڪيا
ٻول جن سان ئي ٻڌل، سي ڪينڪي وسري ويا
روز روئي ۽ رڙي، سي روح ۾ ويٺي رٽي
3- جي ڪڪر جي ڪار ٿي، سرتين جي مون کي سار ٿي
هُت وُٺي برسات، هِت منهنجي اکين ۾ لار ٿي
ٿي پُسايان پاڻ کي، دِل ڏک وڌي آهي ڏٺي
4- هِت جيئڻ جنجال آهي ۽ مرڻ مون لئي مرم
هٿ کڻيو هر هر گُهران قادر ڪنان اهڙو ڪرم
من مران مَنَهِن ته مارو لوڙهه منهنجيءَ کي لٽي
5- جي ڪرين تون تاءَ تيزيون، يا عمر آزيون آپر
يا خوشامد ۾ کلين، يا روز ڏيکارين ڏمر
آهه اڻ ٿيڻي ”غني“، جو مُنهن کي مارڻ کان مٽي
 

[1998]

سِر کي سڄڻ تان گهور، ڙي سڌڙيا، سِر کي سڄڻ تان گهور

1- سڪ ڌاران سڀ سڌون اجايون

ڪوهه ڪرين تون وِرهه جون وايون

ڏور ڏکن جي ڏور، ڙي سڌڙيا، ڏور ڏکن جي ڏور

2- ويٺي ڇا لئي وقت وڃائين

ڇو نه ٿو پنهنجي ت تند تپائين

اُٿ ۽ چرخو چور، ڙي سڌڙيا، اُت ۽ چرخو چور

3- ٻئي کي ڪين تون حال ٻُڌائين

هڪڙي سڄڻ سان تون لنئون لائين

حال اُنهيءَ سان اور، ڙي سڌڙيا، حال اُنهيءَ سان اور

4- تون به ”غني“ ڪا منزل ماڻين

پاڻ کي پرين ڏانهن جي تاڻين

ڪنڌ ڪلهن تان ڪور، ڙي سڌڙيا، ڪنڌ ڪلهن تان ڪور

مولوي در محمد ”خاڪ“

مولوي در محمد ”خاڪ“، صديقي قريشي، پاڙو خيالاڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ شهر ڪانڌڙا جو ويٺل هو، تنهنڪري ”ڪانڌلوي“ جي نسبت سان پڻ مشهور ٿيو. سنه 1981ع ۾ وفات ڪيائين. ذڪر فڪر جو صاحب ۽ درويش هو.*

 

[1999]

پاڻ کي پاڻهي پاڻ سڃاڻي، پاڻ پري نه پاڻ کؤن آهه

مون جي مون ۾ مام جا مخفي، ماڻ پري نه ماڻ کؤن آهه

1-       عين ٿي عيني عين سڃاڻي، ساڻ پي نه ساڻ کؤن آهه
طلب جنين کي تاڻ آ تن ۾، تاڻ پري نه تاڻ کؤن آهه
2- ڄاڻ جي ڄاڻين ڄاڻ ٿو ڄاڻين، ڄاڻ پري نه ڄاڻ کؤن آهه
ڀُل نه ڀُلي آ ڀاڻ کي پنهنجي، ڀاڻ پري نه ڀاڻ کؤن آهه
3- رمز سان روئي پيار ريجهائي آڻ پري نه آڻ کؤن آهه
ٻاڻ جي ٻيڻو ٻاڻ ٻريل کي، ٻاڻ پري نه ٻاڻ کؤن آهه
4- ڪاڻ ڪني جي ڪاڻ نه ڪڍبي، ڪاڻ پري نه ڪاڻ کؤن آهه
”خاڪ“ خدائي کاڻ خفي آ، کاڻ پري نه کاڻ کؤن آهه
 

 

دادن فقير سونارو

 

دادن فقير سونارو، تعلقي ميهڙ جي ڪچي ۾ ويٺل هو. گهڻو عرصو راڌڻ شهر ۾ گذاريائين. محمد فقير هيسباڻي جو مريد هو. 71-72 سالن جي عمر ۾ سنه 1981ع ۾ وفات ڪيائين.

[2000]

هنجهڙا هليا ويا ساجهر سويرا

موٽڻ انهن جو ڀاڳن تي ڀيرا

1- هنجهڙا هليا ويا ڪري ڪلهه قطارون

ساڙُون ساڻيهه کي وڃن وساريُون

وڃن ٿا پاڙيون پنهنجا سخن سچارا

2- موٽي چونڊيائون ڇلر ڇڏيائون

لعل لِڪائي لِڪَ ۾ لڏيائون

وڃي ته ڪيائون وطن واهيرا

3- هنجهڙا هليا ويا واپس وطن تي

”دادن“ ديرو انهن دُٻن تي

وڃي ته اُتي يڪا ڪانون ڪانگيرا

[2001]

 

ذرڙي منجهه زراور يار، دلڙي دست ڪري وئين دلبر

1-         ’ڪِينَ‘ منجهائون ڪري اُمارو

ويڙهي ويٺا چندن سارو

زلف مسلسل ڪارا مار

واه واسينگ وسيهر ور ور

2- ڪاڪل سُنبل کان وڌ سهڻا

قرب جي جذب سان ڪوٺين ڪهڻا

قوس ڪماني قبضي دار

ڀؤنر ڀرون ٻئي خوني خنجر

3- سياه چشم لب سرخ لاثاني

گوهر دندان گنج معاني

چاه زنخ جا اونها آر

غب غب ورق مصحفي مظهر

4- خال جا داڻا چُڳندي آئي

سِر تي زلف سياه جي ڦاهي

ماريءَ جا هٿ منجهه شڪار

هِن ڪاڻ عيد ته هُن ڪاڻ محشر

5- سَرو کان وڌ پاڪ پسينو

کليو خوشبودار خزينو

شبنم موتي ملڪ ملها

موءِ مئو روءِ ڏيکارڻ هر هر

6- لکين عقيل عليل اُداسي

پرت وند پر گهور پياسي

فهم ڇڏي ٿيا ڦيريدار

ڪوڙئين تنهنجي ڪوءِ ۾ ڪمتر

7- عشق ڪيا لک ساقم سالم

عشق جي اڳيان ڪيئي عالم

نينهن ڪري ٿيا نِت نروار

ڪنز قدوري منطق مصدر

8- سهڻل! ”دادن“ جو سر ڇاهي

وڍجي اوهان کي گهرج ۾ آهي

تيز تکي کڻ هڻ تلوار

ناهي سڄڻ ڪا هتڙي نهڪر.

 

اسد الله شاهه ”بيخود“*

 

سيد اسدالله شاه ولد سيد اللهه بخش شاه ٽکڙ تعلقي گوني جو ويٺل هو، پوءِ لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ ويٺو. 12- اپريل 1931ع تي ڄائو. سنڌي، فارسي ۽ انگريزي زبانن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ۾ فارسي ۽ انگريزي زبانن تعليم حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ۾ فارسي جو استاد ٿي رهيو. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد محمد خان ”غني“ هو، پوءِ مخدوم ”طالب الموليٰ“ صاحب ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي صحبت ۾ پختہ ڪلام شاعر ٿيو. 24- جولاءِ 1981ع ۾ وفات ڪيائين. پهريائين سندس تخلص ”اسد“ هو، پر پوءِ ”بيخود“ اختيار ڪيائين.

 

[2002]

محبوب منهنجا ماهرو، مون کان ڇو وئين منهڙو مَٽي

1- نيڻين جي نازڪ ناز سان، مشڪي عجيب انداز سان

سينگار جي سو ساز سان، جهٽ پٽ وئين دلڙي جهٽي
2- شهباز تنهنجو عشق ٿيو، چائي چنبن ۾ چُست ويو
هڪڙي ئي تنهن حملي ڇڏيو، چِيري چِٿي، ڦاڙي ڦَٽي
3- سي محفلون سي مجلسون، جن ۾ نه هئي ڪا تون ۽ مون
افسوس دلبر تن سنديون، ڇا کان ڇڏيئي پاڙون پٽي
4- آخر ”اسد“ آيو اجل، مهلت ڏنئين هڪڙو نه پل
ميٽي سندم خاميون خلل، هي لوڙهه شل لالن لٽي.


[2003]

يار نه ڇِن تون ياري، وي

معاف مُٺيءَ جون ڪر تون مدايون

1- وِره تنهنجي ۾ ولها، آءٌ روز وسايان واري، وي
محب ملڻ جي منهنجي مَن تي تان رهي ٿي طاري وي
رايون ويهندي ويهندي وهايون

2- گهوٽ گهڙي ڪا تنهنجي هجر ۾، مون کان نه ٿئي گهاري وي
ساريو صحبت تنهنجي ساجن، رت روئي ڪريان زاري وي
عشق اڙانگي متيون منجهايون

3- محبت تنهنجي محب مُٺي هيءَ، موت کان اڳ ماري وي
دردوندي کي توريءَ دلبر، ڪير ڏئي دلداري وي
موٽ، وڇوڙي واهون وڃايون

4- مُند مِينَهنِ جي موٽي آئي، باغن ۾ ٿي بهاري وي
عيد ملهائي سڀئي ڏسندي، جُهڙ ڦڙ مينگهه ملهاري وي
اکڙيون ”اسد“ جون آهن اُڃايون

[2004]

توسان کڏجي رهڻ، وري ڌار ٿيڻ

نڪي آهي جيئڻ، نڪي آهي مرڻ

1- منهنجي حالت تي جي تون غور ڪرين

نڪي کائين کلين، رڳو سڏڪا ڀرين

منهنجا سور سڻي، ويٺو سور چرين

ڇو ته توئي سيکاريو قرب ڪرڻ

2- اهي ڏينهن ته ڪهڙا ڏينهن هئا

منهنجي من مان نڪرن لڇيو ڦٿڪو

سُر تار سرود جا ويس وجهيو

ڪن ڳائڻ وڄائڻ سوز سڙڻ

4- اهڙو محبت ۾ مجبور آهيان

پنهنجي پاڻ لئي پاڻ ئي پور آهيان

ڪڏهن چهڪ آهيان ڪڏهن چور آهيان

ڪڏهن خوب خوشيون ڪڏهن روڄ راڙڻ

5- اچ رسم رواج جا بند ڀڃون

هڪ ٻئي سان هم آغوش ٿيون

پوءِ ”بيخود“ اهڙا ٿي ته وڃون

نڪي عقل اچڻ، نڪي هوش هجڻ.

[2005]

وکر وهائي نڪتا، ماءُ مُٺيءَ کي ماري

مونک ي وساري ويٺا، سال سوين ٿيم ساري

1- روڪيم روئي تن کي، ڳرهه لڳي ڪيم دانهون

پاند ڳچيءَ ۾ پائي، ٻيئي ٻڌيون مون ٻانهون

ويل نه ويٺا هڪڙي، کيپ کڻي ويا کاري

2- آءٌ ته اٻالي آهيان، چيڙهه ڇتن ۾ پيڙو

ڪپڙا ڪهڙا پائيان هوش حُسن سڀ ويڙو

هاءِ وڇوڙي ويڙا، باه بره جي باري

3- موٽي مندن تي آيا وڻجارا پنهنجي وطن

محب به منهنجا موٽيا تانگهه ڏني آهي تڙن

سرتيون سيارا آيا، پاهه ڪيس آءٌ پاري

4- مون کان مٺو ٿيو تن کي سؤدو سِر ۽ سفر

ڀيٽِ ڀيٽي ٿڪيس ”بيخود“ روز بندر

واڳ انهن جي والي شال وطن تي واري.

[2006]

دلڙِ وِڌي ويچاري، گهورن سان يار گهائي

1- پلپل سڄڻ ٿي ساريان، جر جام روز هاريان

توکي ڪٿي نهاريان، منهنجي هجر هيڪاري

محبوب مت منجهائي

2- سر ساه سچ ته توتان، ڪريان مٺا مان قربان

هڪڙو دفعو ڪرم سان، ڪرين جي قربداري

واڳون وري ورائي

3- منهنجون سڻي صدائون، هي درد مان تون دانهون

آ اي پرين اوراهون، مون هي عمر گذاري

واريون ورهه وسائي

4- جنهن جي ”اسد“ مان ٻانهي، وڇوڙي ويو سو جاني

ناهي سندس ڪو ثاني، هيءَ آهه تات طاري

مولا وري ملائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org