سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :11

[1873]

تون ساجن رسينم سُڃَ ۾، ٻي ڪانهي ڀوريءَ جي ڀَوا

ڇُوتا ٿيس ڇپر ۾، مرون کِنيم ماه

 

1-       هيڪلي ٿيس هاڙهي ۾، تون آري اوري آءُ
2- جَت ڇڏي ويم جوءِ ۾، ٻيو ساڻم ڪونهي تو سواءِ
3- آهي اڳيان اونادهي اوجهرو، ڪرئين سوڙهي منجهه سُهاءُ
4- ڏسي ڄٽائون ”ڄام“ جون، وارئين وصل جو تون واءُ
 

[1874]

کيڙو کر نه وڻي، مَن اندر ماهي، رانجهن تو سڀ راهي

 

1- ڪڙي ٿيس ڪُڙم ۾، سورن سامائي
2- جيڏيون! ٺريم جندڙو، لُکَ سڄڻ تو لائي
3- سؤنڪي ساڙي آيهان، نه ته ڏيهن ۾ ڏاهي
4- هِتي هُتي ”ڄام“ چوي، ويچارن واهِي
 

[1875]

حاڪم هوت پنهونءَ سان منهنجي حجت ڪانه هلي هلي

آءٌ نماڻي وتان ويڳاڻي، پايان ٿي پاند پلي پلي

1- دل اندر ۾ دکن دونهان، سور ڪري ويو سڄڻ سونهان
لوڪ ستا پوءِ لڳن لونهان، جيڏيون جي جلي جلي
2- ساجن ريءَ ڪيئن سيج وڇايان، پره ڦٽيءَ جو پير پڇايان
مڙئي ميارون مان ڏي ٿي ڀانيان، گوندر پيم گلي گلي
3- پاڻان اچي پير ڀري، هيءَ سِر وجهان صدقو ڪري
ڀوري جو ڪو ڀاڳ وري، موليٰ شال ملي ملي
4- هت ڇڏي ويم رڻ ۾ راهي، ڪيئن پڄان هاڻي ڪيچ ۾ ڪاهي
ذات زوراور تنهنجي آهي، ”چانڊيي“ جي نه چلي چلي.

حاجي مراد خان چانڊيو

حاجي مراد خان چانڊيو، تعلقي بدين ۾ ڳوٺ احمد خان چانڊئي جي ڀرسان رهندڙ هو. هر سال حج تي ويندو هو ۽ سنه 1954ع ۾ حج ڪندي وفات ڪيائين. ڪافي تعداد ۾ ڪلام چيائين.*

[1876]

ڀينر شال بندر تي، منهنجا وري اچن وڻجارا

سامونڊين جي سڪ اندر ۾، ڪپڙا اوڍيم ڪارا

1- جهازن جوکو رسيو، سڙهه ڀڄي پين سارا
 

ڇولين ۾ ڇاتيون ڇاتين سان، هو ونجهن بنا ويچارا
2-       کڻي کتوري جي هليا، هو مشڪ عطر موچارا
         لهن جتي لنگر ڪريو، منهنجا واسن پٽ پيارا
3-       نصرمن الله پڙهندي هڻندي نڪتا نارا
وما ان الله طاقت الله، اُڀ ۾ شاهد تارا
4- ”حاجي مراد چانديو“ چوي، اڱڻ سُڃا اوتارا
ڏسي پاٿاريون پرين جون، مان نيڻين وهايان نارا

مدد علي جتوئي

فقير مدد علي جتوئي، ڳوٺ ٿَرڙي، ڇُٽو تعلقي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. هڪ سئو ورهين جي وڏي عمر ۾ سنه 1955ع ڌاري وفات ڪيائين. پير ناصرالدين دودائيءَ واري جو طالب هو. سندس چاليهه قافيون نظر مان گذريون جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

[1877]

چوان حال ڪنهن کي ڏکيا دم گذاريان

پون پُور پليل وطن ڪيئن وساريان

1- اديون ديس منهنجي کنوڻيون کِنون ٿيون

پنهواريون پَٽن تي ويڳاڻيون وتن ٿيون

مون کي ياد پِيڙا، آيل جا اوراڻا

2- ڏسي ملڪ اباڻو ڏورئون دل ڇڪي ٿي

مون کي تار تَن جي جيءَ ۾ جُکي ٿي

سانڍڻ سور ٿِيڙا، جهوريءَ ۾ جهونگاريان

3- ٿڌي هير ٿر ڏَهون اُٺي جي اچي ٿي

بسِي بُوءِ تنهن جي منهنجي دل پچي ٿي

پلئه مون جو پئڙيون سُرن جون سنگهاران

4- ”مددعلي“ مارن کي ٿو ساهڙو سنڀاري

ايندو مير مرسل پَکي هِن پنهواري

ٻڌي حال تنهنجو اڱڻ مان ٻهاريان

[1878]

چشمن جي چمڪار، عاشق قتل ڪرايا

1- مَن منهنجي کي ڪَئي مخموري، دلبر جي ديدار
2- محبت وارا مُل نه ترسن، تاب ڏسن تڪرار
3- سورهيه سانگ رکن ڪيئن سِر جو، نينهن ڪري نروار
4- ”مدد علي“ جهڙا مستانا، حُسن هڻي ڪيا هزار
 

[1879]

دنيا ساري خواب خيال، جيئڻ حياتي آهي جنجال

 

چٽڪو چاه اِهو چل پل، حاضر ناظر حق سان هل چل
                  سالڪ دم جي رکن سنڀال

2-       ڪثرت ڪُوڙ آهي ڪل بازي، کڻن گوءِ اُتي ڪي غازي
                  مجوسين کي ناهي مجال

3- سپنو آهي سنسار سمورو، پُرجهي خيال رکج تون پورو
طلسم جا ڀڃ طالب تال

4- ”مددعلي“ تو حيدر حامي، خلل خطرا ويڙا خامي
عاشق کي ڏين درد ڌمال

 

[1880]

کيت ملڻ جون خبران، نينهن سڻايم نَيون

ايندم آباڻا عمر، دردن وينديون دَيون

1- سانگ وِيَتن جي سِڪَ ۾، نيڻين وهن نَيون
سنگارن کي ساريون، ڳڻتين ڪيم ڳَيون
2- هُت مارُو مان هٿ هيئن، قسمت ڪارون ڪَيون
جهانگيڙن جي جَل ۾ ڪنديس روهه رَيون
3- پانڌي هَٿِ پنهواريون، ڪين مُنجن ٿا چَيون
سنگت ساهيڙيون مون کؤن وسري ڪينِ وَيون
4- ”مدد علي“ مارن ڏي، هَل تون هامَ هنيون
ويڙهيچن سان وايون، آهن سِر سان سنيون.
 

[1881]

عشق سُتي نون آڻ جڳايا، شڪر ٿيوسِي سفر سجايا

1- شوق نه شامل نال شريعت، حاصل ڪردا حال حقيقت
مُول نه رکندا مال مصيبت، تانگهه اصل وي تهدل تايا
2- حُسن حلاج تي ڪيتا حملا، شاه منصور ٻَڌا هُڻ شملا
رمز حقيقت ماريس رَملا، تڏان سُري چڙهڻ دا ڪيتس سعيا
3- جڻيا ڳل صُنعان دي جڙيا، ڪيف نينان دي قابو ڪڙيا
دين ڪفر چا وحدت وَڙيا، ڇچوڙ ڏتس ڪل روپي لايا
4- ”مدد علي“ سمجهه ”مُوتوا“ معنيٰ، معنيٰ دي اندر هيئي معنيٰ
جوڙ جسم وچ جاڳهه جانا، هرجا اپڻا حڪم هلايا
 

[1882]

بِره ڪريندا جِٿ برسات

وچ جنبش دي هويا جڳ سارا

1- فوج حسن دي ڪري جنگ جاري، تاب سهڻ دا نهين تڪراري
بار بِره دا بيحد باري، ’اُزن اُزن‘ ڪري جڏان آفات
ٿيون سلامي سڪندر دارا

2- سير صفاتي صحيح تون سڃاڻين، غير خيال نظر نه آڻين
طالب ٿي ٻئي طرف نه ڄاڻين، آ ڪرين تون اِها تسلات
نينهن کڙا اڄ ماري نعرا

3- ”مددعلي“ رک شوق شهانا، ’هُوحق‘ سمجهي ’مُوتوا‘ معنيٰ
ٿيءَ منوصر چَوَنِي مردانا، آپ نفي ڪر ٿي اثبات
’الانساني‘ سمجهه اشارا

 

لَکڻ شاهه

 

سيد عزيز علي شاه، روهڙيءَ جي ڪوٽائي سيدن مان هئو. اوائل ۾ پنهنجي زمينداري جي ڪرت سنڀاليائين پر پوءِ سندس لاڙو فقيريءَ ڏانهن ٿيو. 56 سالن جي عمر ۾ 9- رجب 1374هه/15- مارچ 1955ع تي وفات ڪيائين.*

 

[1884]

دلبر دلڙي درس لٽي وئين

گهورن سان ڪيئي ڇو غمناڪ

1- مون ٿي ڀانيو هيئن نه ٿيندو

هوت هيڻيءَ وٽ هردم هوندو

ڏاڍي ڪري ويا ڏير مذاق

2- پنهنجي پنهل جي آهيان ٻانهي

در در تنهن لئي ڦران ديواني

نيڻ وسن ٿا جئن مِينهن ماڪ

3- ڪوڪان ڪريان ٿي ڪاڻ ڪوهيارل

لاءِ وندر ۾ پنهنجي پيارل

دانهن ٻڌي ايندو هادي حق پاڪ

4- لطف ”لکڻ“ سان پرين ڪر پنهنجو

طالب ناهي تو ري ڪنهن جو

محب مري ٿو هي مشتاق

[1884]

رات سو راڻل رسي ويو، ڪاڪ ڪري ڪاري اديون

1- دل کي ويو دلبر هڻي، اڄ قهر ڪٽاري اديون
سک ناهي مون ساه کي، اي دوست ديداري اديون
2- مون ٿي ڀانيو مون گڏ هوندو، سڄي عمر ساري اديون
ڪيئن وساري هو ته ويٺو هيءَ ولهي ويچاري اديون
3- مٽ نه ڀانيان ميڌري جو ڪا مورت موچاري اديون
اڱڻ آسروند جي اچ، ٿيان صدقي سؤ واري اديون
4- منهن موڙي مون کان ويو ڪري بيحد يبزاري اديون
آءٌ ته پنهنجي خان جي هيس پورهيت پياري اديون
5- ”لکڻ“ تي لطف جي آهي سدا سرداري اديون
شل وارث وڙولهي سان ڪندو سوڍو ستاري اديون
 

سيد محمد عالم شاه ”عالم“

         سيد محمد عالم شاهه ”عالم“ ولد سيد حاجي غلام شاهه ٽکڙ جي مشهور شاعر سيد حاجي حافظ شاه جو ڀائيٽو هو. 20 جمادل الاول 1306هه ۾ ٽکڙ ۾ ڄائو، ۽ 20 مئي 1374هه/1955ع تي وفات ڪيائين. سنڌ مدرسةالسلام ڪراچي ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين ۽ عربي جي تعليم علامہ اسدالله شاهه ٽکڙائي کان ورتائين.*

[1885]

هليا جنگ جوڳي، سي نروار نانگا

لتاڙي لنگهيا لڪ لڪيون ۽ لانگها

1- نه ٻولين ڪنهن سان، ٻڌن ڪانه ڪنهن جي

رکن ڪانه پرواه پَرائي نه پنهنجي

ڇنا سڱ سامين، سِياڪا ۽ سانگا

2- وڌائون بک بگري، ڪشيائون ڪمر

رميا راهه رڃ جي نه کنيئون سڃ سمر

چڙهي چوٽ، ٿِيَڙا ڏسڻ کان مهانگا

3- شريعت سندا شمس، تارا طريقت

سندا معرفت مهر، هادي حقيقت

وڃي توڙ پهتا تري تار تانگها

4- اٿي ڳول ان لئي، ڳليون ڳوٺ ”عالم“

سدا صاف صحبت، سونهين تن جي سالم

انهن کان سکج عشق جا انگ اڙانگا

[1886]

هوت هلي هڪوار، آ تون مون ڏي مَهرون موڙي

1- جانب تنهنجي جدائي جهوريو

هن گهنگهر ۾ گهارڻ گهوريو

لهج سماءَ سڌ سار، وره وڏا مون وڌا وڇوڙي

2- عين اهي جڏهن نيڻ ڏٺا مون

سوز منجهان تڏهن سور سٺا مون

ان کان پوءِ آزار، عشق آرن کان ڇڏيس الوڙي

3- درشن تنهنجو دلبر ڪِيڙَم

هاڻي اچي هي هاڃو پِيڙم

بره وجهي هي بار، ورن ونگن ۾ وڌيس وڪوڙي

4- ”عالم“ ڏي اي عجيب اچيجا

ونگ وجهي پوءِ ڪِيم وڃيجا

 

ڪيم مئن کي مار، نانگي نينہ نيوم نهوڙي.

[1887]

تو سوا جيءَ جا جيار، زهر ڀانيان زندگي

1-       گهور جي گهايل سان گڏجي، ڪا گهڙي گوهر گذار
         جي ڪيئي وعدا، وري سي پرت مان پيمان پار
آ هلي هڪوار جاني

2- موٽ مئيءَ جا محب هاڻي، عشق ڪيس عاز اپار
جي ڪيئي وعدا، وري سي پرت مان پيمان پار
آ هلي هڪوار جاني

3- آهي ”عالم“ وات وائي، راتو ڏينهن پرين پچار
سيگهه مان سانول لهو تنهن جي سَما ڪا سڌ ۽ سار
ڪيس فراقن هاڻ فاني

 

خدابخش فقير عباسي ”خاڪسار“

 

فقير خدابخش ولد الاهي بخش عباسي، درويش شاعر نانڪ يوسف جي ڏهٽاڻ مان هو. سخي قبول محمد ثاني جو طالب هو. سنه 1955ع ۾ وفات ڪيائين.*

[1888]

ڏي خبر ميان خابرو، منهنجا پرين ايندا ڪڏهن

1- راتيان ڏينهان رڙندي وتان، سڪ سوز ۾ سڙندي ورتان
ڳڻتين اندر ڳرندي وتان، مون کي مٺل ملندا ڪڏهن
2- شور پايو منجهه اکين، ڏاڍي ظلم سان ٿا ڏسن
گهايو سڄڻ جي گُهور اِن، سچ چئو الا کلندا ڪڏهن
3- ڪڏهن نه ڪئي مون قيل و قال، ٻيڻو ڏئي يوا مون جنجال
سڪندي گذاريم ڪيئي سال، وارث وري ورندا ڪڏهن
4- ”خدابخش“ تي من رحم ڪن، ڪنهن مهر سان مون سان ملن
’حُسين‘ ۽ ’حيدر‘ ’حسن‘، منهنجي اڱڻ ٽلندا ڪڏهن
 

[1889]

پسيوسين درازين اسرار

1- بيک بشري پائي جڳ ۾، پاڻ ڪيو اظهار

2- تکي تاب تجلي جنهن جي سج چنڊ شرمسار

3- ساڻ ڏسڻ جي قيد ڪري ٿو، جانب جلويدار

4- توڙي نڪار ڳل لائي ٿو، بره بڇي هڪوار

5- ”خاڪسار“ پائي عشق جي الفي، بره ڪيو اختيار

[1890]

 

عشق اڱڻ مان جي آيو ري، باه بره وسايو ري

1-         محبوب آ پرين ڪمان ميان

هڻي تير ڪيو حيران ميان

صاف سيني ۾ سٽڪايو ري

2- عشق رکيو جڏهن پلٽ جو رايو

ساڻ عقل جي هوش گنوايو

محبت مچ مچايو ري

3- بات بره جي مون جي پڇو ٿيون

سر اڏي تي پيو نه پسو ٿيون

عام نه ڪنهن انت پايو ري

4- ”خاڪسار“ خاڪي نام ڌرايم

پريم جو پاڻي ستگر پياريم

ازلئون جنهن مون نوازيو ري

[1891]

درد تنهنجي دلدار، ساري ساه سڪايو، ڳڻتين ڳاريو

1- ڪاڻ سچڻ تو واٽون نهاريان

راتيان ڏينهان گوندر گذاريان

وئين مٺا منٺار، دونهين درد دکايو، جيئڙو جلايو

2- شب روز اها ئي آس اٿم

ٻولي ٻي نه وات اٿم

قربئون قربدار، جانب مکڙو ويکايو، مئيءَ کي جياريو

3- دعا ڪريو جيڏيون، مٺو واڳ واري

پلپل جنهن کي دلڙي سنڀاري

مهر ڪري مڻيار، اچي اهو عرض اگهايو، ڳچيءَ ڳل لايو

4- ”خاڪسار“ آهي در تو سدائي

سوز عشق جي ڪري گدائي

ساقي رب قرار، پيالو پرت پياريو، قلب اجاريو

[1892]

اَٿي گذر جو مڪان، اي من موڳا سمجهي پير ڌر

1- چاڪرن جو چاڪر ٿي گذار، تون ڪا گهڙي مهمان
2- عمر وڃايئي افراد ساري، پوءِ ٿيندين پشيمان
3- ٽوڙي عهد الله جا، موه ۾ ٿئين غلطان
4- ڦاهي لاهي ڦِڪل جي، وٺ تون گروءَ گيان
5- نيٺ هي گهر خاڪ ٿي، سار تون اصل مڪان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org