حيات فقير
حيات فقير زنگيجو ڪنڊڙي واري مراد فقير
زنگيجي جي سلسلي مان هو.*
[1926]
عمر وڃي افراد، ڇو بيهود اڪرين وڏائي
1- ساڌ سڏائين ٿين ٿو گياني
رمز رکين ٿو يار حقاني
وچن وساري ٿئين آزاد
2- کايو پيو پيٽ ڀرين ٿو
ساريون راتيون عيش ڪرين ٿو
هڪ دم ڪيَڙُءِ نه ياد
3- ڪڏهن ياد ڪيئي نه سائين
هَي هَي ڪيو ٿو عمر وڃائين
بره بنان ٿين برباد
4- ڪر ياد ”حيات“ هميشہ
من تو سان ٻاجهه ڪري نوشہ
عشق سندو ارشاد
[1927]
ٿا عاشق عيدان ڪن، ڏسيو مُنهن محبوب جو
1- نايو ڪنڌ قلوب ۾، ٿا نمازون پڙهن
2- ونحن اقرب ويجهڙو، پوءِ حد ڪيئن چون
3- جن سڃاتو پاڻ کي، سائين وڏا طالع تن
4- ”حيات“ انهي ڳالهه کي ٿا سالڪ ڪي سمجهن.
[1928]
رکج روزو غير کان، آهين تون سردار
1- ڪڍ ٻيائي من مؤن، چوچُون ڏيئي چار
2- توڙي سڀ نماز ٿئي، هي ڪاريگر جي ڪار
3- محبت جو مهندار ٿي، تون ساڳيو آهين سردار
4- ”حيات“ پرجهه پاڻ ۾، ناهي تو کان ڌار
[1929]
يار سڄڻ ديان لڳيان لئيان
هوش عقل سڀ ڳَئيان ري
1- پريم پيالا مرشد والا، هر دم پيندي پٺيان
2- رهبر يار ڪيتوسي راهي، وڃ ملڪ امن دي پئيان
3- نقش اهو نيشان ڪيتوسي، صاحب وچ سَمئيان
4- يار ”حيات“ دي ويڙهي آيا، ويکڻ آئيان سهيان
لال فقير هيسباڻي
لال فقير هيسباڻي، فقير خير محمد هيسباڻي وارن مان
هو. شهر ڪمال ديري ۾ ڪنهن سان نينهن ٿيس جو مجاز
جي چوٽ ۾ فقير ٿيو.*
[1930]
هَي هَي درد دلڙي هڻي، پيمان ڪئي پورن پئي
1- ٻانهي اصل کان آهيان، ٻيو سڱ نه سينو ساهيان
نابر تهين کؤن ناهيان، جيڪا منهنجي برسر پڻي
2- جانب جدائي جاڙ ڪئي، دردن سورن دل ڌار هئي
روئي سڄڻ مون راڙ ڪئي، جڏ پئي فراقن جي ڦٽي
3- جوشن جڏو جئڙو ڪيو، ڏک سور جو ڏارو ڏيو
هاڻي اچي همراهه ٿيو، گهاريم عمر غم ۾ گهڻي
4- ”لال خان“ لائق ناهي لڇڻ، ڪُسندي ڪچائي آ ڪڇڻ
ٻيا پهه اٿئي ڪهڙا پڇڻ، ڇڏ هئڻ تان هٿڙو کڻي.
فقير نبي بخش عمراڻي
فقير نبي بخش عمراڻي، اُتر سنڌ جو ويٺل هو، سندس
هيٺين قافي، حسين علي شاهه لقماني وارو وڏي لئي
سان چوندو هو.
[1931]
پَوَئي ڪونه قياس غريب جو
ڇا کؤن وتين روح ۾ رُلو
1- ڪاوڙ غصا کڻي ڇوڙجي، مُنهڙو مٺا مون ڏي موڙجي
صدقي وڃان تنهنجي تور تؤن، اهڙا ٽلڻ تون ڪاٿئون
سکيو
2- سڪندي سڄڻ تو لئي سال ٿيا، بِرهين منهنجا اهڙا
حال ٿيا
اهي حال ڏسي ڪر ڀال تون، نه ته اهڙي جيئڻ کان مرڻ
سٺو
3- چوي ”نبي بخش“ آهيان ڦٽي، رک درد منهنجي تي
پَٽِي
ڦٽڙا وڃڻ منهنجا ڇُٽي، جڏهن يار توکي مون ياد ڪيو.
حاميد*
حاميد جي هيٺين قافي، اُتر سنڌ ۾ ڪيل ڪچهرين دوران
قلمبند ڪئي وئي، حاميد گذريل ويجهي دؤر ۾ ٿي گذريو
آهي.
[1932]
دل جو حال ڪنهن کي ٻڌايان، ڪونهي محرم من جو
1- دربار تنهنجي در جا سلطان ڪئين سڪندر
مان ته تنين جي اڳيئون چاڪر ڀي نه چوايان
2- پيرين ته آءٌ نه پڄڻي، قاصد وڃي نه ڪوئي
پيغام پيش پرين ڪنهن جي هٿئون هلايان
3- سر مال ساه صدقو گهر تڙ مٿؤنس گهوريان
جيڪر مليم جاني، سڀ لحظي اندر لٽايان
4- ميثاق کؤن به اڳ هئي ڪا اُن سان روشناسي
”حاميد“ ناتو نينهن جو هوتن سان ڪيئن نباهيان
دائو
هيءَ قافي سنه 1980ع ۾ شهر چنبڙ تعلقي ٽنڊي الهيار
۾ ڪيل ڪچهري ۾ قلمبند ڪئي وئي. ڀانئجي ٿو ته شاعر
’دائو‘ انهيءَ طرف جو هو.
[1933]
رهي بلڪل نٿي دلڙي، جدا جاني کان ڪريان ڪيئن
1- حبيبن جان ۾ جوڙي، هنيو خوني خنجر کوڙي
ڪڍيئون رت جام پُر ٻوڙي، جهلي هٿ سان سَڃيائون
سنڀري
ڏنائون سُر واريان ڪيئن
2- هڻن لئي دل منهنجي ڌاڙو، پرين آيم پڇي پاڙو
هَڪيو هو لوڪ جڳ سارو، پسند پيين اچي آڀري
ڪڍيائون ڪاتي نٽايان ڪيئن
3- ”دائو“ هڻ نينهن جو نعرو، سڻي ڀل لوڪ جڳ سارو
ڪيو آ عشق اُمارو، پئي جو پرت ٿي پڌري
ڏيئي پردا لڪايان ڪيئن
غازي خان*
هيٺين قافي غازي خان جي چيل آهي، جيڪو غالباً ٿر
جي پاسي جو شاعر هو. ويجهي دور ۾ ٿي گذريو آهي.
[1934]
جوڳي ويا ڪنهن ويرا وي، ماء سناسي مِٽ نه ميرا
1- ڪين ڄاڻان سي ڪيڏنهن ويا، ڇيرن سان ڇڳيڙا وي
آيل ڀوري آءٌ نه جيان ٿي، جوش جلايم جيرا وي
2- آڌيءَ اُٿيو هنڌ نهارن، خواب خوشيون ڪن کيرا وي
جوڳي پنهنجا جاٽ سِڌاري، پرت ڀري ويا پيرا وي
3- سمهڻ سامين ڪيئن سيباڻو، آڌيءَ ڏين اُليرا وي
”ڪُن فيڪيون“ جو ڏينهن ڏٺائون، گهاون ڪيڙا گهيرا
وي
احمد آڌر آهه آڙين جو، پنجتن پاڪ ڀليرا وي
نماڻو فقير (مائي رُڪي ٻائي)
مائي رُڪي ٻائي شڪارپور، بيوه ٿيڻ بعد ويراڳ لڳس ۽
درازن ۾ اچي سخي قبول محمد جي مريدياڻي ٿي، درگاه
درازا تي هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪئي. ورهاڱي بعد
ڀارت جي شهر بڙودا ۾ پنهنجو ميخانو اڏيائين. 1962ع
۾ وڏيءَ عمر ۾ چالاڻو ڪيائين.*
[1935]
اديون عشق نه اٿو آسان
پرجهي پايو پير انهي ميدان ۾
1- جيڪا سڪ جو سبق پڙهندي
دنيا کانس ا منهن موڙيندي
طعنا تنڪا سر تي سهندي
جک ماري ڀل سڄو جهان
2- جيڪا عشق سان ناتو رکندي
هوش عقل سا سڀ ڇڏيندي
ڏاج ڏکن جو پلئه پائيندي
ٻيا سڀ لاهي وهم گمان
3- سانگو لاهي سا سِر سٽيندي
”نماڻا“ الله وٽ سرخرو ٿيندي
’آپو‘ وڃائي اندر اجهائي پائيندي
ڏسندي هڪ ڀڳوان.
باب اٺون
موجوده دؤر
(الف)
1960ع کان پوءِ گذاري ويل شاعر
سيد ميران محمد شاهه
سيد ميران محمد شاه ولد سيد زين العابدين شاه، ٽکڙ
جي مشهور شاعر سيد حافظ شاه جو پوٽو هو. سنه 1898ع
۾ ٽکڙ ۾ ڄائو ۽ سنه 1383هه/1963ع ۾ حيدرآباد ۾
وفات ڪيائين. 1924ع ۾ وڪالت پاس ڪيائين. ۽
حيدرآباد ۾ ئي 1926ع کان سياسي سرگرمين ۾ حصو
ورتائين. وڏو عرصو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ٿي رهيو
۽ پوءِ مرڪزي حڪومت ۾ وزير ٿيو. شعر و ادب ۾ شروع
کان دلچسپي هئس، جيڪا آخر تائين هلندي رهي. سندس
ڪلام جي مجموعي ”ڪليات ميران“ ۾ سندس 46 قافيون
شامل آهن.
[1936]
آسا
مانَ مِلان مارن کي، ميان! سِڪ سيني ۾ ٿي سانڍيان
1- پَٽ پٽيهر ڪين پهرينديس الا
تن کان کٿي خوش ڀانيان
2- لال لڏن ٿــا لامن ۾ ليار
پاند وڃي شل سي پايان
3- ڀانيان بنگلا ڀونگين مَٽ ڪِين
ڪِينَ چَمن چِٽ چاهيان
4- بيڏوهــي مان بنــد ۾ باندي
”ميران شاه“ بس پئي آهيان.
[1937]
کنڀات
بوند ڀريا بيزار، نيڻ وهائين ناريون ناريون
1- پِرت پنهوارن سان پَريون جا پيئي
پيڪا پيارا ساريان سيئي
دولت ناه درڪار، اسين پيٽ پُسين تي پاريون پاريون
2- ڪانگ ڪُڻاوا خواب خيالي
فِڪر ۽ فالن خانا خالي
ڪهڙو ڪريان مان ويچار، ڍارو کڻيو ٿا ڍاريون ڍاريون
3- مان ته مارن کي من تان نه ميٽيان
چنگ ۽ چمڙيون چِت سان چيٽيان
مُور نه موٽيا ميهار، هو جهوليون ٿا جهڻڪن جهاريون
جهاريون
4- سار ”ميران شاه“ جي مانَ لهن
اوٺي اباڻا شال اچن
بند لاهينِ بار، کِيان مان کاهڙ جون کاريون ڄاريون
[1938]
برسي بوند هباري وي، ٽڙيا گُل گلابي بلڪل
1- مينهن مندائتا آيا موٽي، سارنگ جي ٿي ساري وي
کنوڻ کِنويو پئي کِليو خوشيءَ مان، ڏي بشارت باري
وي
ايندم يار اڱڻ تي عامل
2- وجد ۾ وجهندو واءُ وصالي، وڻ وليون وڻڪاري وي
گل گلابي ٽهه ٽهه ٽِڙيا، ٽمي ٽيپن سان ٽاري وي
باغ باغيچو ٿيو سڀ گل ڦل
3- چهه چمن ۾ پسبي پلپل، خوب خوي خنڪاري وي
سنبل، سوسن، مگرو، موتيو، توڻي گل اَناري وي
باغ ۾ ڏسبي خوشدل بلڪل
4- دل دکايل کي هن درسن، دم ڏني دلداري وي
اچڻ عجيب جي اڱڻ اسان جي، آهي اميد ٿي جاري وي
ٿيءُ نه ”ميرل شاه“ بيڪس بيدل.
[1939]
حسيني ٽوڙي
سهسين ڀليڪار ڪانگلڙا، جيءَ جيءَ کنياتا آئين
اوتاري
1- ڪانگ! ويجهو ٿي ولهيءَ کي دل سندو چئو داستان
ڳالهيون ڳجهه، راز رمزون، ڪر اڳيان منهنجي عيان
بند لهن بار ڪانگلڙا، گهوٽ گهڙي جي مون سان گذاري
2- ڪانگ! تو قصّو ٻڌايو ڪو قريبن کي تمام
هت عجيبن جي اچڻ جو آندئي ڪهڙو انجام
پائين ڳچيءَ هار ڪانگلڙا، پاري نه مون سان ڪا پرت
پيار
3- ڪانگ! مون مسڪين جي محبوب ڪِي ٿي ڪا مقال
چئو سڪايل جي ڪڏهن سهڻو اچي لهندو سنڀال
ڪهڙا سندس پار ڪانگلڙا، پاري نه مون سان ڪا پرت
پياري
4- ڪانگ! وڃ تون تنهن ولايت، پرينءَ کي پيغام ڏي
حال ”ميران شاه“ جو چئو ڪُرنشون ڪوڙين ڪري
روئج زاروزار ڪانگلڙا، ڪهل اچي ڪا مانَ ڪوهياري.
[1940]
جوڳ
بره ڪيس بدنام، عشق ڏنم آلام
لوڪ لڄايم روئي روئي
1- ڏوه ڏکيءَ جو ٿيڙو ڪهڙو
ڪانُ ڪشي جو هوتن هنيڙو
آئيا انگ اجسام، نور نچويم روئي روئي
2- پنهنجي پنهل سان پيچ جنهن پاتو
جيئڻ انهيءَ جو ناه جياپو
نانءُ نشان ٿيم نيلام، قرب ڪمايل روئي روئي
3- سَرتين مون کي سَوَ سمجهايو
لئون هن لالڻ ساڻ نه لايو
قرب ڪيس قتلام، پِرت پرايم روئي روئي
4- ”مير“ جو منڙو محب مروٽي
گهُورئي هڪڙو وڙس گهوٽي
سرور جي پيش سام، ڳل ڳٽ پايم روئي روئي
[1941]
ڀيروي
گهوٽ ميڏي گهر آيا يار، دلبر درسن آڄ وکايا
1- وَرَه وِره دي مَين پڄائي، سهڻل سخت ستايا يار
جانب ميڏا جيءَ جلايا
2- ميڙيان منٿان ماهِي ڪيتم، گهونگهٽ گُلرو گهايا
يار
ناز اداسين ميڪون نايا
3- حال حبيبان ميڏا ويکا، رحم ته رانجهو کايا يار
”ميران“ ڪُون منهن اَڄ پَسيا
حاجي نور محمد شاهه ”نورل“
سيد نور محمد شاه ”نورل“ ولد اسماعيل شاه مٽياري
سادات، جنوري 1890ع ۾ ڳوٺ موري منگر تعقلي
حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌي، فارسي ۽ عربي ۾ تعليم حاصل
ڪيائين. ڏينهن سومر 12 شوال 1384هه/16 فيبروري
1965ع تي وفات ڪيائين. سندس ڪلام جي چپيل ڪتاب
”ڪليات نورل“ ۾ سندس هڪ سئو (100) قافيون نظر مان
گذريون.*
[1942]
عشق ارڏي جا انڌير، سڻ ته سلئين يار ساري
1- عشق جت اڙٻنگ ارڏي، آڻي لائي اير ڀير
عقل ويچارو انتانهين سِرَ وٺي سِرڪيو سوير
هوش هليو جنگ هاري
2- قرب ڪاسائي ڪهي ڪئين ماريا مانجهي مٿير
ڪي ويچارا ڪرٽ ڪپيا، ڪي چڙهيا سوريءَ سوير
سر سچا سالڪ سينگاري
3- لنؤ لڳي تان لڄ لٿي، گم ٿي حيا حرمت جي هير
شان شاهي ٿيا تباهي، وئي وڏائي واري وير
شاهه گولو ٿي گذاري
4- نينهن ننگ ناموس ٻوڙي بيڌرڪ دم ۾ دلير
ڪر تڪڙ تون ڪيم ”نورل“ پرت پرکي پاءِ پير
نينهن چاڙهيندءِ نظاري
[1943]
مٺو محبوب اڄ مونکي، ويو گُهنڊ گهرو سان گهائي
1- خالق ڀانئي ته ٿي پوري
مون کي جانب سندي جهوري
آهيان جنهن گهوٽ جي گهوري
سڄڻ سوشال لنؤلائي
2- سُکي سڀڪا گذاري گهر
مَتو مون ڪاڻ مَنَ محشر
آرانگي عشق ڪيو اَبتر
رائي رڻ رُڃ ۾ رلائي
3- ڪري ڪُهقاف ۾ ڪيهون
لڪن وجهنديس لکين لِيهون
رڙي روئي ڪري ريهون
پنهل ايندياس پرچائي
4- ”نورل“ نينهن جنهن سان ٿيو نيڙو
لڳس جيءَ جسم سان جهيڙو
اچي ٿئڙس برهه ڀيڙو
لڪن لڳيو سا ليلائي
[1944]
ناز وندن سان ناتو ناتو، پاتو جن سي ٿيا پروانا
1- نازڪ نازن ساڻ نهوڙي، سيني سامهون خنجر کوڙي
پار پٺيءَ نيئي لاتو لاتو، واهه سڄڻ جا شوق سهانا
2- باهه برهه جي پهتر ڀائن، تنهن ۾ ٽپيو جان جلائن
موت مٺو جن ڄاتو ڄاتو، مچ کان ڪين مُڙن مردانا
3- ناز نهوڙيا جيڏيون جيڪي، سُک سمهن وري سِرتيون
سي ڪي
روئن رڙن ڏينهن راتو راتو، دل ڦرائي پوءِ ٿيا
ديوانا
4- ”نورل“ کي ڪيو ناز نماڻو،. محب ڦٽو ڪر تنهن سان
ماڻهو
آهه اوهان لئي آتو آتو، جلوو ڏيکارج ڪو جانا.
[1945]
عشق اسان جو آهي امام، ڪونه سڃاڻون ٻيو چٽ ڄام
1- عشق ڪنان جا آهيون بَردا
اَنتُ نه اُن جو ڄاڻي عام
2- برهه بانڪي جا آهيون بَردا
خدمت وارا خاص خدام
3- مئي پِي مست ٿيون متوالا
محبت واري ماڻيون مام
4- عشق وارن جـــو آه عــلــحدو
سجدو قعدو قيام سلام
5- ڪين ڪڏهن ڪنهن ويل وساريون
”نورمحمد“ نت نينهن جو نام
[1946]
قسمت جا ڏينهن ڪٽي ڪٽي، نِيَرن ۾ نت هيءَ نماڻي
1- عمر آءٌ آهيان جنهن جي، سو مَ مون کان مُنهن
مٽي مٽي
2- مونکي پنهنجي مير ماروءَ جو، ڦوڙائو ٿو ڦٽي
ڦٽي
3- مارو شال ملير ۾ منهنجو، لوڙهه لتن سان لٽي
لٽي
4- ويڙهيچن جي وره وڇوڙي، وڌو ولهيءَ کي وٽي وٽي
5- ڌارين مهندان ڪهڙا دفتر، پورن جا هيءَ پٽي
پٽي
6- ”نورل“ تن نجيبن ڌاران، جاڙ ڇڏي ٿي جٽي جٽي
[1947]
منهنجي ڪنهن پر سَرندي هاڻي
تنهنجي يار سري جي مون کان
1- ٿورا تنهنجا ٿورا ناهن
ڳُڻ ڳڻيو وتان ڳرندي هاڻي
2- تيز تنهنجي ڪيو تَن تهوارون
موٽ مٺا مُئي مرندي هاڻي
3- لا اُبالي سان لَنوءَ لائي
ڪهڙو سک سَنبرندي هاڻي
4- آڳ بَڇِي تو يار اندر کي
وار وصال جي ورندي هاڻي
5- يار جدائي جاڙ جفا ڪئي
ٺارڻ سان ڪيئن ٺرندي هاڻي
6- ساعت سڀڪا سال برابر
”نورل“ ڪيئن نبرندي هاڻي
[1948]
ديدن دلبر جي ديدار، ڪارڻ ڪيڏا ڪرڳل ڪاريا
1- قاصد ڪر احسان اڌر تي، و هلو وڃ دلبر جي در تي
حال حقيقت ڏي هيڪار، ڏينهن ڏکيءَ ڪيئن غم ۾ گهاريا
2- ناز نهوڙيا نيڻ نماڻا، وِره وِهائي ٿيا ويڳاڻا
لاوَس لاڏ ڪيا لاچار، ماڻن محب جي موهي ماريا
3- چشمن جي ڏس اُلٽي ڇالي، اُت اڙيا جت تهر ڪلالي
وڍ ڪُٽ جا جت وڻج واپار، سودي جنهن سِرَ سَوَ لک
ڳاريا
4- ”نورل“ نيڻن جا ڏس رنگ، سِٽيا جن سدائين سارنگ
بادل وانگر بارود بار، لال لڙڪ جن هر هر هاريا
[1949]
عشق ڪري اڳواڻ، ڏوري ڏونگر يار ڏٺوسين
1- سڪ مون کي ڪيو سونهون سڄڻ جو، محبت ڏسيو گس ملڻ
جو
آريءَ جو اُهڃاڻ، عشق اندر اظهار ڏٺوسين
2- قرب ڪشالو ڪيچ ڪرايو، پرتُ پنهل جو پار پسايو
پرين جو پرياڻ، طلب اندر تڪرار ڏٺوسين
3- سانگو لاهي لنگهه تون لانگهو، تڙ طلب جو ناهي
تانگهو
محبت جو مهراڻ، تيز تکيرو تار ڏٺوسين
4- ”نورل“ نينهن نوري نعمت، حاصل هوت ٿئي جنهن
حرمت
ڄار قرب ۾ ڄاڻ، قابو نت ڪوهيار ڏٺوسين
حاجي عبدالستار جان سرهندي
حاجي عبدالستار جان ولد خواجه محمد حسن جان
سرهندي، 1311هه ۾ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم
ٽکڙ ۾ علامه حافظ محمد يوسف وٽ ۽ باقي ٽنڊي
سائينداد ۾ ٿي. ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ تيز فهم هو.
سنڌ جي عالمن ۾ امتيازي حيثيت جو مالڪ ٿيو. گهڻن
اسلامي ملڪن جو سير ڪيائين. سنڌي، اردو، فارسي،
عربي ۽ پشتو ٻولين تي عبور حاصل هئس. تاريخ 17-
سيپٽمبر 1966ع تي وفات ڪيائين. پنهنجو تخلص ”پير“
ڪيائين.*
[1950]
لهه سندم سهڻا سنڀار، نينهن و مون کي نهوڙي
1- قول جي مون سان ڪيا تو، پرت مان پيمان يار
وصل جا واعدا ڪري پوءِ تون وري سي نا وسار
ماريو مون کي وڇوڙي
2- روز شب ويٺي سُتي آ يادگيري تنهنجي يار
دل کي دم دم تنهنجي صورت جي رهي ٿي سار يار
وِره ويو مون کي وڪوڙي
3- آءٌ نه هڪ آهيان اُڃايل عشق ۾ عاجز اپار
منجهه انهي ميدان ماريا بِره بيحد بيشمار
”پير“ جهڙا ڪئين ڪِروڙي
فيض محمد ”فيض“
فيض محمد ”فيض“ ڪيريو، ويٺل ٽنڊو حيدر تعلقو
حيدرآباد، سنڌي اسڪول جو استاد هو. ڪافي غزل ۽
قافيون منظوم ڪيائين. سنه 1968 ۾ وفات ڪيائين.
سندس ڪلام جو ذخيرو اسان جي نظر مان گذريو جنهن ۾
54 غزل ۽ قافيون شامل هيون.*
[1951]
پنهل کڻان ٿي پيرا، دوست ڇڏي ويا ديرا
مئي تان ڀڃي ويا ڀيرا، او منهنجا ٻاروچا ڪو دم
اوري آ
1- جوش جلايم جيرا، غمن ڪيا آهن گهيرا
2- سڄڻ تان صدقي ڪيان، ساهه سسي سَوَ ڀيرا
3- جڙ ته جتن جي جيءَ ۾، ڇاتيءَ منجهه ڇيرا
4- رڙهي هلندا هوت ڏي، ٻانڀڻ جا هي ٻيڙا
5- لٽا ليڙون لڪ ۾، محبتن ريءَ ٿيا ميرا
6- ”فيض محمد“ فضل لاءِ، ڦٽيل ڏئي ٿو ڦيرا
[1952]
ڪات پڇي پيو ڪنڌ، نينهن جو ناحق ورتم نالو
1- هاڙي هڻي هي هيرا موتي، هاڻ پرهيز جي لاهي پوتي
پار پرين جي پنڌ، ڪاف ڪنديس مان ته ڪشالو
2- ڳريو گوشت گوندر غم ۾، هيڻا هڏڙا چنبڙيا چم ۾
سوز سٽيو سنڌ سنڌ، بره بڇيو ڪو بت ۾ ڀالو
3- روه رڱيا مون رت سان روئي، لال ڪيم لڪ ڌوئي
پوئي
رڻ پَٽُ رڃ ۾ رند، آب اکين جي ڪيڙو آلو
4- ”فيض“ نباهيان نينهن جو ناتو، برهه ۾ ڦاسي ٿيس
بِلاتو
پرت جو پيو پيوند، هوت هڻي ويو تن ۾ تالو
[1953]
هي ته تاريخون قيد ڪٽي، چوڙيلن ڏي وينديس چنڊ تي
1- پيهڻ پڇائڻ منهنجو پورهيو
چؤنبرن ۾ مون چرخو چوريون
سامايس مان سَڱر سُٽي
جنم جيڏين سان آندم جنڊ تي
2- ڄَم ته ڄنڊن ۾ ليکون لڳڙيون
سونهن ڪيئن ته سونيون سڳڙيون
ڪيئن ويس ڪري وهان وار وٽي
نٿا نيڻ ورن منهنجا ننڊ تي
3- ٽڪر پاروٿن تي جي پليون
مال مٺايون تن کي مليون
گيهه مليدا گرهه ٻٽي
کائي وهان ڪيئن خشڪن کنڊ تي
4- ”فيض محمد“ سڳڙا ڦيڻا
ٻارين بند ۾ ٻارڻ ٻيڻا
ماڙين ۾ مان مارو مٽي
مور نه وهنديس منتر منڊ تي.
لطف الله ”بدوي“
لطف الله ولد حاجي امام بخش بدوي جو ڏاڏو ميان
محمد بچل ملتان کان اول حيدرآباد ۽ پوءِ شڪارپور ۾
اچي مستقل طور رهيو. 1940ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. نثر
توڙي نظم ۾ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد 85
آهي. تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. ۽ آخر ۾ ليڪچرار
جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. سنڌي ۽ اردو ۾ شاعري
ڪيائين. سندس ڪلام ۾ بيت، غزل، گيت، نظم ۽ قافيون
شامل آهن. تاريخ 19- نومبر 1968ع تي وفات ڪيائين.
[1954]
وِهُه ورهائي ٿا ڏين، ڀاڳ وارا پيءُ وٺي
1- مرد مڙندا ڪين ان کان، زهر کي ڄاڻِي پِيَن
وک وحهن اڳتي وڌي
2- پيش پرين جي پَئِي سي جان نذرانو نِيَن
ڇا مُيَن جي سُڌ نه ٿِي
3- سِر ڏئي سوريءَ تي سَرا، اڌ مئا پيا ٿا جِيَن
پر نه تن جي سِڪَ لٿي
4- ”لطف“ هي وهسن سدائين، ساه جي سُڌ ٻُڌ ويَن
ويهه گهڙي تن وٽ وڃي
[1955]
روز اُڏار ڪانگ، ڪڏهن مسافر ماڳ تي ايندا
1- رئندي تن جي راه نهاريان، ساڙيان سفر جا سانگ
ايندا، دل کي آٿت ڏيندا
2- آتڻ ريءَ عجيبن جيڏيون، مان ڀانيان ڀڙڀانگ
سِر سُڃا آباد ٿيندا
3- جيءَ جگر کي روز ڏنگن ٿا، نينهن پرينءَ جا نانگ
قرب وندا هي ڪس ڪٽيندا
4- حال کان بيحال بنايو، ”لطف“ انهن جا تانگ
ڌار پَئي کان سال سَڱيندا
[1956]
وسرن مون کان ڪين ويڙهيچا، ساه برابر سيڻ
1- قابو هِت مان ڪوٽ ۾ آهيان، هُت ويڙهيچن ويڻ
2- آءٌ اڪيلي ڪنهن سان اوريان، ڀاءَ نه ڪا ڀيڻ
3- مشڪ برابر مون لئي آهي، کائر جي کيهه کيڻ
4- سانگي ساري ”لطف“ ٽمن ٿا، روز نماڻا نيڻ |