سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :12

غلام رسول ڦل

 

         ميان غلام رسول ڦل ويٺل ڳوٺ ڦُل وڌا جو، سُڌ ٻڌ وارو شاعر ۽ سگهڙ هو. ويجهي پوئين دور ۾ ٿي گذريو آهي. سندس هيٺين قافي خود سندس پنهنجي زباني 1955ع ۾ قلمبند ڪئي وئي.

[1893]

ڏيو مبارڪ جيڏيون، آ ساجن لڌي سر

ڪالهاڪون ٿو ڪانگ لَوِي، اک ڦَري ٿي ڦار

1- اڱڻ ٻهاريان اکين سين اڄ محب مٺا منٺار
سِڪي سنڀالي ساه گهڻو ئي، ويٺي ڳڻيان وار
2- اچڻ وڃڻ جي ٺاه اسان وٽ محبن ڪا ته ميار
خوش هجن شال سدائين، ڪيو الله توهار
3- الله ڪندو جو اڱڻ تي ايندا، ٿيندا باغ بهار
ياد پون ٿا جيڏيون مون کي جانب جا جنسار
4- محب اچي پوءِ اچي ته ملجؤ سرس ڪري سينگار
لائق آهي لالڻ منهنجو مون ۾ عيب اپار
5- ”ڦل“ ادا هي ڦارون ڦٽي ڪر، پڇ نه پوٿيدار
”غلام رسول“ توکان جانب ڌڻي نه ڪندو ڌار

گلو مياڻو

 

گلو مياڻو، ويٺل جهُن تعلقو ڏيپلو، بيتن جو مشهور شاعر هو. پاڪستان کان ڪجهه وقت پوءِ (1956ع ۾) وفات ڪيائين سڄڻ جي سڪ ۽ محبت ۾ ڪي قافيون به جوڙيائين جن مان هڪ هٿ ڏجي ٿي.*

 

[1894]

ڦٽو سک سيءَ جو ڪري ڇا ڪنواري

نکٽ مون نهاريا سوڍا رات ساري

1- ڪي ڏينهن ڪاڪ تي حڪم مون هلايو

سوا مينڌري مرد جي ٻيو ڪونه آيو

جاني مون جدا ٿيو ويٺيس ٿي ويچاري

2- مهمان ٿي مون وٽ الله ڪارڻ ايندين

قدم تون ڪاڪ تي پلنگ پير ڏيندين

ور نه ڪر وڃڻ جي ترتئون تياري

3- بخش ڪر بنديءَ کي گناهه سڀ ”گلو“ چئي

 

مارين ٿيون مينڌرا ميارون مئي کي

                  آءٌ سوڍا صلح ڪريون لهي سڀ لاچاري

مير حسن چانڊيو

         حاجي مير حسن چانڊيو، ڳوٺ ٻيلائي لڳ قنبر ۾ سنه 1901ع ڌاري ڄائو. سندس چيل ڪلام ۽ معجزا مشهور آهن. سنه 1956ع ۾ وفات ڪيائين.

 

[1895]

اوري آڻ الله، منهنجي مارن کي

تن سانگيڙن ته سنگهارن کي

1- ڏاڍا مينهن وٺا، ٿيا گاه سُٺا

مارُ مون نه ڏٺا، منهنجا محب مٺا

ڦريون ڃوڳ ڦٽا، کنڀيون کاڄ کٽا

پيرون پاند ڏٺم ته پنهوارن کي

2- ڇيلا ليلا ڇُڙن، ٿرن منجهه چَرن

سانڀرَ ساز وڄن، ٻيلي پاس ٻجهن

بَڙا منجهه برن، نخرا ناز ڪرن

بخشين ڌڻ ته ڌني ڌڻ وارن کي

3- ڪري قرب ڪريم، ڏڻي پاڪ ڌرم

باري منهنجو ڀرم، رک شان شرم

وڃي غم الم، سوين سور ستم

ملي حق ته ”حسن“ چئي حق وارن کي

 

[1896]

دو ناليون دوست ديدن جو، هڻي مسڪين ماريو ٿا

1- کڻي اکڙيون نهوڙي وَئين، خجر آبرن جا کوڙي وَئين
وري مُنهن محب موڙي وَئين، ڏئي ڏک ڏور گهاريو ٿا
2- عجب اکڙين ڪجل پائي، عطر لالي لبن لائي
وجهي تڏ گهور سان گهائي، ڪُهڻ جا ڪيس ڪاريو ٿا
3- روشن رخ ماه ڪنعاني، عجائب پاڪ پيشاني
ڏسي جند جان ٿئي فاني، جڏهن نازئون نهاريون ٿا
4- ”حسن“ هر جاءِ هاڪاري، چوان چؤطرف چوڌا

بڇي آتش بره باري، اندر آڙاهه ٻاريو ٿا

خليفو غلام الله

 

         خليفو غلام الله ڪلهوڙو، ڳوٺ چؤدري تعلقي واره جو ويٺل هو. هڪ سئو ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ سيپٽمبر 1956ع ۾ وفات ڪيائين. فارسيءَ ۾ ڪافي دسترس هيس. سندس ٻه منظوم ڪتاب “نقش سليماني“ ۽ ”يوسف ذليخا“ ڇپائيءَ جي ابتدائي دور ۾ ويڙهي مل کٽڻ مل تاجر ڪتب ليٿو پريس لاڙڪاڻي مان شايع ڪرايا. شعر ۾ تخلص ”غلام“ ڪيائين. سندس 17 ڪلام نظر مان نڪتا، جن مان ڪي نموني طور ڏجن ٿا.

[1897]

ٻيو ڪو سال نا سمجهي، سڄڻ جو شان شاهاڻو

جني لاتو تني ڄاتو، گهمايو عشق جن گهاڻو

1- اچن اوٿر تهين اعليٰ، بلندي بي بيان بالا
ڪري سَوَ تخت سو تالان، ڀلائي جنهن ڪيا ڀاڻو
2- مچي ويو درد دل اندر، جڏهن جو سُر ساماڻو
ٻري ويا جگر جيءَ جيرا، ڪوريءَ جو خيال سڀ کاڻو

3- وئي هستي تني هوڏا، هئا جي قرب جا ڪوڏيا
لکين لَهسان ڏسن لوڏا، سهڻو تن ساء سيباڻو
4- سوين سلطان تنهن ساڙيا، هئا جي هوشوَر هاڙهيا
سوريءَ جي سيج تي چاڙهيا، پِسي جيئن جنڊ ۾ داڻو
5- ڪيئي ”غلام“ ٿي اگولا، مب معشوق جا ڳولا
رڻن ۾ ٿيا وڃي رولا، ڇڏي مستي دنيا ماڻو.
 

[1898]

مان نه لالڻ لائق تنهن وري، ميان لا

هُو جا وِڌڙئي سونَ سَرِي

1- زر زيور زينتي زيب جا، ميان لا

ڪَيان ڳهڻن ڳالهه ڳري
سَرتيون سونيون وو سِنڌ ڦُل، ميان لا

دُريون بينسر بين بري
2- سُنهنِ مالهان سونيون سنگهران، ميان لا

مُنڊيون مينا زيب زري
سؤ سؤ سنگهران وو ساريان، ميان لا

تنهن ڪر موهيل وئي ته مري
3- غرض نه ڪڍيم غير جي، ميان لا

تو ئي ساجن مان نه سري
 

گولي هيءَ نه ”غلام“ چوي، ميان لا

گولي دل جي دوست دري
 

[1899]

ڪوهياري جي ڪاڻ، وتان ڏونگر ڏوريندي

ٻاروچي جي ڪاح، وتان وندر وؤڙيندي

1- ڪيچئون آيم وو قسمت سان، ميان لا
جند جانِ جانب تان مان گهوريندي

2- راءِ ڏڻي هيڙو راڄ جو، ميان لا
ڇاکـــؤن سِڪ نه سڄڻ جــي سوريندي

3- راتيان ڏينهان ٿيم سُر سڄي جو، ميان لا
تک تار وتان تڪ توريندي

4- گولي ٿيءَ ته ”غلام“ چوي، ميان لا
وت چاڪ سڄڻ جا تون چوريندي.

[1900]

جُکن ٿا جيرا، منهنجا تن محبن لئي

1- جيءُ جُسو ۽ جانِ سڀ، ٻوٽيون ٿيا ٻيرا
2- هينئڙو منجهه حيراني جي، ڏئي ڀؤنرن وانگي ڀيرا
3- ڦٽن پَلُوڻا ڪيا، پچي پيا پيرا
4- ”غلام“ هن گوليءَ کي، نينهن ڪيا نيرا.

مولوي غلام رسول جتوئي

 

مولوي غلام رسول جتوئي، محراب پور ضلعي خيرپور ۾ 1897ع ڌاري ڄائو. عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. وڏو زميندار هو. ديني خير جي ڪمن ۾ گهڻو حصو وٺندو هو. سندس ٺهرايل مسجد ۽ مدرسو محرابپور ۾ موجود آهي. سنه 1957 ڌاري وفات ڪيائين. سندس چيل مولود ۽ خطبا مشهور آهن.

[1901]

محتاج آهي سڀڪو انسان عشق جو

پروان جان پياسي، قربان عشق جو

1- طالب سچا خدائي، سيني جي ڪن صفائي

ويٺا پڙهن سدائي، قرآن عشق جو

2- لقمان جي دوائي، ڪهڙي ڪندي شفائي

جنهن کي آهي سدائي، خفخان عشق جو

 

         منصور جهڙا ڪاهي، آيا حي عشق ڦاهي

                  پرکا اصل کؤن آهي، ميزان عشق جو

4-       لوهر مثل نماڻا، سورن جا سهه وڏاڻا

سيني کي ڪر سياڻا، سَنداڻ عشق جو

5- سچ ٿو چوي ”جتوئي“، محرابپور ۾ روئي

چشمان لڳي ڪوئي، سِر ڪانُ عشق جو.

[1902]

جاليان ڪيئن هتي هاڻ هوت بنا

پائي پيچ پنهل ويو سو ڪيئن ڇِنان

1- ڇڏي ڇپر ويو مون ڇوريءَ کي

وٺي نال نه ويو ندوريءَ کي

رولي بر ۾ ويو مون ڀوريءَ کي

روندي راتيان ڏينهان رومال ڀنان

2- ڪاهي ڪيچ پنهل ڏي وينديس مان

روئي رند پنهل جا پڇائينديس مان

وڃي ووڙي ورڙو لهنديس مان

ڊڄان ڪين پٿر جي پنڌ ڪنان

3- چڙهي چوٽ جبل تي نهارينديس

ڪري پنهل پنهل مان پڪارينديس

هڻي پاڻ پٿر تي مارينديس

ٿي سونُ ڇوان جي پساه پُنان

4- جهلي جهوليءَ پائي ”جتوئي“ نڌر

ڏک سور ڏولاوا غم گوندر

تقدير کي موڙي ڪير بشر

وس ڪونه ڪنهن جو ڏاتار ڏنا

[1903]

اڙائين دل نه ها دلبر ته ڇو سختيون سهان ها مان

تنهنجو درد نه هجي ها دل ۾ ته ڇو دانهون ڪيان ها مان

1- اوهان جي انهن سورن جي هجي ها جي خبر مان کي
ننڍيئي پاڻ کي پاڻهي ماري جيڪر ڇڏيان ها مان
2- خدا جي واسطي مان کي تڙايو ڪين ها تڪڙو
گهڙي کن من تنهنجي در تي مسافر ٿي رهان ها مان
3- نهاريو ناز مؤن مان ڏي نماڻا نيڻ کڻي هيڪر
روئي اکڙين جي پاڻي سان قدم تنهنجا ڌئان ها مان
4- محرابپور ۾ اچين جي تون، ”جتوئي“ کان لڪين توڙؤن
اندر جا سور هي سختيون، سڄڻ توکي چوان ها مان.
 

[1904]

عمر ادا مارن جي جدائي ٿي ماري

 

الله شال منهنجي وطن واڳ واري

1-        عمر! تنهنجون ماڙيون، وجهن ساه ساڙين

                  ويڙهيچن جون واڙيون، ڏاتر شل ڏيکاري
2-       مارو شال ايندا، وٺي نال نيندا

ڇوريءَ کي ڇڏيندا، وسئون نا وساري
3- سانگين ساڻ وينديس، هتي ڪين رهنديس

روئي حال چونديس، بيڪن کي پڪاري
4- مارن لاءِ رڙان ٿي، جهوريءَ ۾ جهران ٿي

ڳڻتيءَ ۾ ڳران ٿي، سانگيڙا مون ساري
 

[1905]

اديون باهه ڀنڀور کي ڏينديس مان

ڪاهي ڪيچ پنهل ڏي وينديس مان

1- رهان هِت ڪيئن مون ضرور وڃان

گهر گهاٽ ڪري ويو گهوٽ سُڃان

حق پاڪ ۾ آهي مون اميد اڃان

وڃي محب پنهل کي ملنديس مان

2- ڏير ويا ڏاڍو ظلم ڪري

وٺي ور ته پنهل ويا يار پري

منهنجي سڄڻ بنان ساعت ڪين سري

ٿي جوڳڻ جبل وؤڙينديس مان

3- ڏير منهنجا ڪي ڏيڻَ هئا

وٺي ور ته سڄڻ منهنجو ساه ويا

اؤکا ڏونگر ڏورڻ پيش پيا

ڪري پنڌڙو پير ڦٽينديس مان

4- لکيا مون لئي اصل کؤن لوح قلم

ڏک سور ڏولاوا درد الم

محرابپور ۾ هئي موليٰ جو قسم

آخر نيٺ نڀاڳي لوڙينديس مان

خليفو محمد امين ”درس“

خليفو محمد امين عــرف محمد قابل ولد محمد ڇٽل درس، ذات پلــي، ڳوٺ سگهــه تعلقــي کپري ۾ تاريخ 9- سيپٽمبر 1907ع تي ڄائو، ۽ 5- آڪٽوبر 1957ع تي وفات ڪيائين.

[1906]

بيوفائي ڪئي بلوچن، نيئون پنهون ٻئي پار کي

هل ته دل ڳولي ڏسون، تنهن ڪاف منجهه ڪوهيار کي

1- کڻ پنهل جو پير پيادي، پرت پٺ جي ڪل وساري
اُپڙ تان اوڏي ٿيئين، پهچين پرينءَ جي پار کي
 

وقت واجب ڇو وڃائين، وڃ لهي واڪا ڪندي
         حب لنگهي هاڙي اندر، هو ڪو هڻج هوتار کي
3-       ڏي ولاڙون ويڙهه ۾، ويجهي وندر اٿئي اڳيان
         ڳولي ڳهلي ڳوٺ ڳليون، وؤڙ تون ولهار کي
4- مصطفيٰ ”محمد امين“ سان راهه منجهه ٿيندو رفيق
سو سڻي ايندو سگهو، جو سڏ ڪيم سرڪار کي.
 

[1907]

نينهن نسورو نانگ نپٽ آهه، عشق اَلائي آهي ڪير

1- بره بلا آهي بيحد باري، ماري مُلان ڪاتب قاري
سينو ساڻس ساهي ڪير

2- اهو مسافر جنهن وٽ ايندو، عقل حياءَ نهوڙي ويندو
رات انهيءَ کي راهي ڪير

3- بيشڪ بره بڇي بيماري، سمجهه وڃائي سرت به ساري
آفت ان کي لاهي ڪير

4- ”درس“ جو دنيا دين وڃايو، عشق آرانگي جاءِ آڙايو
ورهه جون وايون واهي ڪير

 

[1908]

قرب ۾ ٿي قيد قابو، ڪنڌ نه ڪاتي کان ڪڍاءِ

پرت جي پڙ ۾ اچي پوءِ پير پٺتي ڪيم پاءِ

1- وٺ نفي اثبات کي، اقرار ڪر، انڪار ڇڏي

اور ’الالله‘ اندر ۾، ورق ويسر جا وڃاءِ
2- کڻ خفيءَ جو کوڙ خيمون، ڇڏ جلي کي بالجهرَ

ورد جو واحد وظيفو، سو اسم اعظم آلاءِ
3- رک اماره سان نه آرو، وسوسا سڀئي وسار

لذتن ۽ نعمتن کان نفس نادان کي سڪاءِ
4- مير ملتاني مِٺي توحيد جي تلقين ڪئي

هاشمي حضرت ’حسن‘ جي ”درس“ بيعت دل سان لاءِ.
 

[1909]

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا

زندان هزارين مان نه رڳو

1- تنهنجي در تي ڪيئي سلطان اچن

ڇڏيو شان مراتب شاه نمن

ڇا قيصر ڪسريٰ شاه هجن

خاقان هزارين مان نه رڳو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org