نيڻين ننڊ نه اچي ٿي رات ڏينهان
جڳ ۾ جانب ريءَ پئي جاڙ جيان
سختيون سهان ڪريان روز ريهان
واهيان آب اکين مان سخت گرم
4- لکيو روز ازل کان لوح قلم
هڪڙو درد ستم ٻيو رنج الم
دل ۾ ماتم غم ”فدا“ جان زخم
اچي ڪر ته ڪوهيارل پنهنجو ڪرم
[2022]
جاني حال اٿم حيراني
1- توکان سوا سک ڪيئن اچي ٿو
مچ محبت جو دل ۾ مچي ٿو
دائم دل ديواني
2- ڪين ڪٺل جو قياس پوئي ٿو
خوف خدا جو ڪونه ٿيئي ٿو
واه ڪيئي ويراني
3- خلق خوا جي توتي چري آهه
خجل اڳيان تو حور پري آهه
لاشڪ تون لاثاني
4- ڏس ته زماني ۾ ڪانه وفا آهه
حسن تي ڪنهن جي ڪونه بقا آهه
آهي دنيا هيءَ فاني
5- يار ”فدا“ سان ڪين ملين ٿو
سيني لڳي سهڻا ڪين کِلين ٿو
جان توتان قرباني
[2023]
سڄي رات سورن جي ويٺي وهاڻي
نه ڪئي ڪا قريبن قرب جي ڪهاڻي
1- پڇيو ڪين دلبر ته ڪيئن رات گذري
اسان جي مٿان ڪهڙي هيهات گذري
لنگهيو صبح ڪهڙو ۽ ڪيئن ٿي سُمهاڻي
2- وصل جا صنم قول پنهنجا تون پارج
جڏيءَ کي جدائيءَ ۾ هرگز نه مارج
مرن ڏينهن هڪ ٻيا، مگر مان ڏهاڻي
3- سڄڻ سور تنهنجا مون پلپل ٿا مارن
سندءِ ناز نخرا وري دل ڌنارن
نزاڪت ٻي تنهنجي تي ماري
شهاڻي
4- تنهنجي محب محبت ۾ هي حال ٿيڙم
ريس دل ڦرائي پتو ڪونه پيڙم
ڇڏي در اوهان جو ڪيان ڪيئن هاڻي
5- ڏسان سخت ترشيءَ نٿو دل کان تنهنجي
نه بيمار بلڪل ڪو بسمل کان تنهنجي
نه سٽ تنهنجي دل جو پٿر ڪا پهاڻي
6- نه رُس روز اچ ريجهه راڻن اسان سان
اچي ويهه سهڻل سياڻل اسان سان
”فدا“ سان به ڪر ڪا رمز ۾ رهاڻي
(ب) موجود شاعر
مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“
مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولي“ ولد جناب
مخدوم غلام محمد رحه، هالا نوان مخدومن جي خاندان
مان حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جي پيڙهي جو
سجاده نشين آهي. آچر ڏينهن تاريخ 9- محرم 1338هه
(19- آڪتوبر 1914ع) تي ڄاوا. ديني خواه دنيوي
تعليم حاصل ڪيائون. اردو ۽ فارسي تي به دسترس اٿن.
سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ۾ منظوم ڪلام چيو اٿن جيڪو
بهار طالب، رباعيات طالب، ڪچڪول، ڇپر ۾ ڇڙيون ۽
ديوان طالب الموليٰ مجموعن جي صورت ۾ ڇپيل آهي.
علم ادب جي ترقيءَ ۾ سندن ڪوششون قابل قدر آهن.
بزم طالب الموليٰ- ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ادبي انجمنون
سندن همت افزائي جو مرهونِ منت آهن.
موجوده دور ۾ مخدوم ”طالب الموليٰ“ قافين (ڪافين)
جي صنف جو سرواڻ آهي. سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”ڪافي“
هن صنف بابت پهريون علمي ڪتاب هو جيڪو سنه 1960ع ۾
مرتب ٿيو ۽ سنه 1962ع ۾ بزم طالب الموليٰ، شاخ
هالا طرفان شايع ٿيو. ان ۾ ”ڪافي“ تي مختلف نگاهن
کان مفيد بحث ٿيل آهي.
”طالب الموليٰ“ سنڌي قافين جي روايت کي قائم رکيو
آهي ۽ پڻ ان ۾ نوان رنگ ڀريا آهن. سندس ڪلام کان
ٻيا شاعر متاثر ٿيا آهن. هن صاحب اندازاً پنجن سون
کان وڌيڪ قافيون منظم ڪيون آهن، جن مان هيٺيون
قافيون جيڪي خود سندن پنهنجيون پسنديده آهن سي
نموني طور ڏجن ٿيون.
[2024]
کنڀات
تنهنجي لَکن جي لوڏ، هرهر ماريو مشتاقن کي
1- بيگانن جي جانب جيءَ کان، ٻهڳڻ تنهنجا
ٻوڏ
2- لاکيڻا ڪو لطف ڪجائين، اسين سندءِ ڄڻ اوڏ
3- دمدم دلبر موهيو موهِن، تنهنجا لاڏ ۽ ڪوڏ
4- ”طالب الموليٰ“ وٽ نه اچڻ جي، حاڪم ڇڏ تون هوڏ
(6- مئي، 1981ع، حيدرآباد)
[2025]
کنڀات
منهنجون اکيون ڀرپور، جلويدار سندءِ جلون سان
1- هن جي نگاهن واري مستي، مست ڪيون منظور
2- ساقي جي ناهي اڄ ضرورت، تنهنجو ڪافي حضور
3- غم الم سڀ دور ٿي ويڙا، مُورهون ٿيون مسرور
4- دلبر تن ۾ ويٺو آهي، دلبر کان نه هو دور
5- ”طالب المولي“ محبت ۾ سي، مست مگن مخمور
(22- مارچ 1980ع، هالا)
[2025]
ڌناسري
تنهنجو وات گلاب، طعنا تنڪا مهڻا مٺايون
1- امرت ڌارا کان وڌ آهي تنهنجي لبن جو لعاب
جو ٿو وڃائي جيءَ جون جڏايون
2- چئو سهنا جو چوڻو هجيئي، سڀڪي آهه صواب
تو جاني جون وهوا وايون
3- تنهنجا گوهر کان وڌ گفتا، جملن ڪونه جواب
ڀڻڪي ڀڻڪي جي ۾ جايون
4- ماکيان مصريان مٺڙو مٺڙو، تنهنجو خاص خطاب
شاخ نباتون پڻ شرمايون
5- مئل دليون جهٽ پٽ ۾ جيارين، آهين فيض-مآب
سڏ ته سڄڻ ڪي ڳجهه ڳالهايون
6- ڪاوڙ مان به حي چپ ٿو چورين، ته به ڏين عزت آب
”طالب“ ڪينءَ ڪري شڪر ادايون
(6- آگسٽ، 1982ع، لنڊن)
[2027]
ڪوهياري
اوري اوري آءُ، اوري آءُ، اوريان اهنج اندر جا
1- دنيا وارن مان ويو، صحبت وارو ساءُ
2- ڪيئي وَرهه وري ويا، سهڻا لَهُه ڪو سماءُ
3- جئن تون وئين ته نه ورئين، وريئي ڪهڙو واءُ
4- سڀڪو سڏائي سير ٿو، ڪونه پچاري پاءُ
5- حاڪم هيڻِيَ تي ڀلا، تڪڙو ڪر نه تاءُ
6- طالبَ موليٰ سان پرين، پنهنجو ڪر پرچاءُ
(16- مارچ 1933ع،
[2028]
ڀيروي
عشق ته اصلئون لا مذهب، هر مذهب ۾ ويٺو آهي
1- هرڪو هُن کي پنهنجو سمجهي، شام صبوح ۽
روز شپ
2- ڪنهن کي ڪائي خبر نه آهي، ڇا هي انجو حسب
نسب
3- ٿرن برن ۾ هر هنڌ حاضر، خالي ان کان نه هر مڪتب
4- طالب موليٰ عشق اويڙو، چاهي نه هرگز عيش طرب
(12- اپريل 1980ع هالا)
[2029]
تلنگ
عشق ته لا مذهب، پوءِ به رهي ٿو هر مذهب ۾
1- ڪونه ڏکوئي ڪنهن جي دل کي، ڪونه ڪري ڪو غضب
2- شاهَنِ تي به ٿو حڪم هلائي، عالي اٿس منصب
3- حنفي مالڪي حنبلي هرڪو کائي عجب
4- طالب موليٰ عشق سيکاري، اعليٰ خوب ادب
(16- اپريل 1980ع، هالا)
[2030]
ڌناسري
پنهنجو مَٽُ تون پاڻ، لائقَ فائقَ يارَ لاثاني
تنهنجو جتي ۾ ڪو پير نه پائي، هو ٿو ٻڌايان ڳائي
وڄائي
سونهه سندا سرواڻ
چنڊ جهڙو جي توکي سمجهن، ۽ وري ان تي واقعي وسهن
اُهي آهن اڻ ڄاڻ
جنهن ڏي اکڙئون کڻي ٿو کُپائي، ساري عمر ويٺو
واجهائي
ٻهڳڻ تنهنجا ٻاڻَ
ملڪ ساري جا ماڻهو مٺڙا، سهڻا سهڻا سٺڙا سٺڙا
اچؤ مڃن اِت آڻَ
”طالبُ موليٰ“ تنهنجو آهي، تنهنجو آهي ٻئي جو ناهي
ڪج ڪا وٽمِ وراڻَ
(5- ڊسمبر 1982ع، هالا)
[2031]
ڪوهياري
چوڏهيءَ جو ڇا چنڊ، هڪ جهڙو تون هردم آهين
دمدم دل کي يار هڻي ٿو، محبت وارو منڊ
2- تنهنجي عشق جو آهه اندر ۾، سهڻا سهڻو
سمنڊ
3- تنهنجي پگهر جي بوءِ ڀلاري، سُرهو نه وڌ
سرکنڊ
4- ”طالب الموليٰ“ اصلئون آهي، ڏاڍو عشق
اَهنڊ
(30- آڪٽوبر 1981ع،
هالا)
[2032]
تلنگ
عطا ٿيون اسان کي لکين لااباليون
خود ئي خود رکون ٿا صفا خود خياليون
1- يقيناً اسين پاڻ نا سمجهه ناهيون
ڏسڻ ۾ مگر ڏاڍا البيلا آهيون
بظاهر ته آهن چرين واريون چاليون
2- اچي پاڻ مان پئي ڀَلي بوءِ ان جي
خيالن ۾ آهي خبر خوءِ ان جي
ڳُجهان ڳجهه هميشہ جنين سان ٿا جاليون
3- حقيقت ۾ هَر وقت انسان آهيون
ڪي سمجهن ٿا هر دم ته نادان آهيون
وڏي هوندي آهن متان خورد ساليون
4- هي ”الحاجِي ٻلحاجِي“ الزام آهن
فضول ۽ نِڪما اِهي نام آهن
اهي چيزون سمجهون ٿا بي اعتداليون
5- نه مخدومي پيري جي محتاجي آهي
طبيعت انهن کان اصل آجي آهي
انهي رمز بخشون بِنهه بي زواليون
6- اسين رندمي نوش مستانا محڪم
نشي نينهن واري سان همذات هردم
ٻُڌي ٻانهون ساقي ڏين، پُر پياليون
7- اي ”طالب“ اسان جو آ مولائي مشرب
بحمدلله آهي محّبت ئي منصب
رُڳي ان ۾ آهن برهه جون بحاليون
(31- مارچ 1973ع، مري)
[2033]
مانجهه
منهنجو سنيهو ڏي وڃي پانڌي پرينءَ پيرائتو
چئجئين ته جيڪي ٿو چوان سو سڀ اٿئي ساکائتو
1- تنهنجون ئي تهدل تاتيون، مون سان جو لئون تو
لاتيون
دردر به پاتم جهاتيون، هي ڪم ڪيم ڪارائتو
2- تنهنجي پچر مان ڪينءَ ڇڏيان، اهڙي اندر ۾ ڇو
اڏيان
توکي سڏي ويٺو سڏيان، ور ور ڏيو وارائتو
3- رمزون ڪي رک رنجور سان، ڪنهن دلبري دستور سان
ملندو ته رهه مجبور سان، محبوب ٿي مانائتو
ڀيڻي ڪا منهنجي ڀر ٿجان، ۽ ڏَنُ نه ڪو مون کي ڏجان
توساڻ گڏ هردم هجان، آهين سڄڻ آسائتو
5- هئي هئي وڇوڙو ڇو وڻيئي، اينهين ڪرڻ دل
ڪِنَ چيئي
مون ۾ کڻي اوڳڻ ڏٺئي، ته به تون ته هُئين
قربانيون
6- دم دم سڄڻ مهمانَ جان، ڪاڳڻ ڪجئين سچ ٿو چوان
هڪ ڀيرڙو توسان ملان، موٽج سٺا مهلائتو
7- اڄ لڙڪ پيا لالڻ لڙي، دلڙي جو سورن ۾ سڙي
اچ ويهه ڪا مون وٽ گهڙي، گوهر پرين گوشائتو
8- سهڻل چوان ٿو دل جهلي، توساڻ سل حجّت هلي
محبوبَ من توکان مِلي، ڪو وجهه وڏو وصلائتو
9- دردن جي آهين تون دوا، تنهنجي ئي هٿُ منهنجي
شفا
ڪا سارَ لهه جلدي مٺا، ورُجان وَري وقتائتو
10- مان عيبدار آهيان اُهو، جنهن جو نه ڪِٿ مقدار
ڪو
پر لڙهه سنُءِ آءٌ لڳو، عاشقُ ڪجئين آبائتو
11- ناهيان ڪميڻو ڪنهن به پَيُ، تنهنجي ڇڏيندس
ڪانه ڀَرُ
ڪا پوئواري يار ڪر، نرمل آهيان نسلائتو
12- هي ”طالب الموليٰ“ نه ڇڏ، سو پنهنجي گوڏي ساڻ
گڏ
عاشقَ سندءِ کي يار اڏ، دلبر نه ٿِج ديرائتو
(26- فيبروري 1973ع، اسلام آباد)
[2034]
گنڌاري
جيڪي بره ۾ بيپرواهه دليون
اهي آهن شاهنشاهه دليون
1- جيڪي دردن جي ٿيون چاٽَ چکن
جيڪي سوز فراق کي سانڍي رکن
جيڪي ڪونه لڀن منجهان ڪيئي لکن
اهي اڪنڊيون عالي جاهه دليون
2- جيڪي عالِمَ پاڻهي سڏائن ٿا
جيڪي زوريءَ پاڻُ وڻائن ٿا
جيڪي پنهنجو پاڻُ پڏائن ٿا
سي گهرِ گهرِ ڪن گهمراهه دليون
3- جيڪي پورن ۾ پيون روز پچن
جيڪي برهه جي باهه ۾ ڌار ڌڳن
جيڪي دردن جو درمان نه ڪن
سي سهڻن جو ٿيون ساهه دليون
4- جتي مخدومي جا نام رڳي
جتي پيري فقيري دام رڳي
جتي زهد ورع الزام رڳي
اتي ڪونهن حق آگاهه دليون
5- مون جن ۾ خلقي خوءِ ڏٺي
مون جن ۾ برهه جي بوءِ ڏٺي
مون جن ۾ ريا جي نه روءِ ڏٺي
اهي دلبر جون دلخواهه دليون
6- جيڪي ورهه سڳوري جا ٿي ويا
جيڪي نرمل واري نينهن نيا
جيڪي هردم پِرَ جي پيش پيا
پوءِ تن جون ٿيون درگاهه دليون
7- جيڪي محبت ۾ ٿيون مست مچي
جيڪي ”طالب الموليٰ“ ڪن نه ڪچي
والله چوان ٿو سچ به سچي
اهي ڪن ٿيون ڪونه گناهه دليون
(17- آڪٽوبر 1972ع، ڪراچي)
[2035]
ڪوهياري
موٽي موٽي آءُ، موٽي آءُ
محبت واري ماڳ تي
1- لابارا به لهي ويا، وريو واءُ سُواءُ
2- ايندين ته مون وٽ اي پرين، سهڻو آهِه سِٽاءُ
3- اچ تون وصلَ حبيب جا، غم گوندري کي کاءُ
4- تنهنجي اچڻ جو ذهن ۾، پوي پئو پڙلاءُ
5- تنهنجي نازڪ نينهن جو، نرمل مون ۾ نماءُ
6- روز ڏسان دل ٿي چوي، لالڻ تنهنجو لقاءُ
7- مون کي اچي پئومون منجهان، سانول تنهنجو ساءُ
8- ”طالب موليٰ“ کي فقط، سهڻا تنهنجو سَماءُ
(16- اپريل 1987ع هالا)
علي گوهر فقير
علي گوهر فقير بن فولاد فقير شر، ڳوٺ مينگهو فقير
شر تعلقو ٺري ميرواه ۾ 1918ع ۾ ڄائو. پنهنجي نر
نامور رندي رمز رکندڙ فولاد فقير (وفات) 10 جون
1927ع) جي مسند کي سهڻو ڪري سينگاريو اٿس. صوفي
طريقو رکندڙ سمجهه ۾ ڄاڻ وارو فقير آهي. ڇهه سئو
کن ڪلام ۽ ٽي هزار کن بيت ۽ مثنوي اشعار چيا اٿس.
جن ۾ اعليٰ فڪر ۽ انوکي خيال جا نڪتا سمايل آهن،
جيئن ته:
”موج مستي عشق جي آ ڪل سوالن جو جواب“
فقير خير محمد جو ڪلام هو ته:
پڃري آدم وچ آ ڪيون ڦاٿون، هويون مرغ هوائي دا
فقير غلام حيدر ان ڀران ڪلام چيو ته:
پڃري آدم دي آپي آيس، ڪيتم سير الاهي دا
علي گوهر فقير چيو آهي ته:
[2036]
پڃري آدم دا مالڪ مئن هو، ماريم طبل خدائي دا
1- لامڪان دا تخت بنايم، ڪرسي ررش نون پڇين ٺهوايم
2- وحدت ڪثت ڏونهين رلايم، ذاتي ذوق ضيائي دا
ڪرسي عرش تي ڪيتم قرارا، شن ميڏا هي شاهي دا
3- مام منصور نون مئن مرايا، شمس الحق دا مئن پوش
لهوايا
خاص خليلي مئن باغ بنايا، بانگ ميڏي بادشاهي دا
4- ”علي گوهر“ نالا پڇين ڌرايم، ”الست بربکّم“ اول
الايم
اپڻي طاعت ڪيتي منايم، شرف ميڏا شهنشاهي دا
محمد اسحاق ”اُداسي“
حاجي ميان محمد اسحاق ويٺل هالا نوان، سنه 1300هه
۾ ڄائو. هفتيوار همدرد اخبار جو ايڊيٽر حاجي محمود
خادم سندس پٽ آهي، جنهن سندس ڪلام جو انتخاب چپايو
هو. سندس ٻه ڪلام هيٺ ڏجن ٿا*.
[2037]
تنهنجي حُسن وِڌس حيران ڪري
آءُ اڱڻ پرين احسان ڪري
1- تنهنجا زلف سياهي مار مثل، واري وار ڪيا تو هار
مثل
ابرو ڏنگا تلوار مثل، مزگان هنيا تو ڪان ڪري
2- سهڻو سرس سهڻا سينگار سندءِ، آهن عيب عجب اسرار
سندءِ
لب شهد شڪر گفتار سندءِ، لک موهي اتنهنجي لسان ڪري
3- آهين سهڻن جو سردار به تون، سڀ صوبن جو سالار
به تون
منڍ مڙني جو مهندار به تون، توکي رب سڏايو سلطان
ڪري
4- يٰسين، طٰہٰ ۾ شان سندءِ، ٿيو شاهد شہ قرآن
سندءِ
تعريف ڪندڙ سبحان سندءِ ڇا صفت نست نادان ڪري
5- ”اسحاق“ اُداسي آهه سندءِ، شب روز ثناگر شاه
سندءِ
سو سوالي منجهه درگاه سندءِ، تنهن کي درسن جو ڏيو
دان ڪري.
[2038]
واهر ڪر ميهار مُٺيءَ سان، تار تکيءَ مان تار اچي
1- لالڻ لهرن لوڏي آهيان، هوت ڪريو هن پار اچي
2- ڪر ڳل ڪوچ ڪُنن جا ڪڙڪا، انهن منجهان اوڪار اچي
3- واڳن وير وارايس ويتر، مدد ٿيو مختيار اچي
4- اوکيءَ ۾ اسحاق عاصيءَ کي، مشفق مُنهن ڏيکار
اچي
محمد اسماعيل ”قاسم“ پلي
فقير محمد اسماعيل ولد محمد سلطان پلي، 1891ع ڌاري
ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي تعلقي عمر ڪوٽ ضلعي
ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس ابتدائي زندگي سير شڪار، فقر
فقيري، مُراقبن ۽ گوشه نشيني ۾ گذري، سنڌي ۽ فارسي
زبانن تي عبور حاصل اٿس. ملتان جي سهروردي سلسلي
جو معتقد ۽ پيروڪار رهيو، بيت، قافيون، مولود
وغيره چيائين. شعر ۾ ”اسماعيل“ ۽ ”قاسم“ تخلص طور
آندائين.
[2039]
ڇا قدرت جي ڪجي بات ميان
ڪڏهن ڏينهن هجي ڪڏهن رات ميان
1- نه يار آهي دلدار اُهي، نه محب مٺا منٺار آهي
نڪي غور وارا غمخوار اُهي، هئي هئي هئا جي حيات
ميان
2- نه باغ اُهي نه بڪار اُهي، نه گلُ اُهي نه
گلزار اُهي
نڪي سير وارا سيار اُهي، ويئڙا وڏي ڪنهن ولات ميان
3- نه ساز اُهي نه آواز اُهي، نه ناز وندن جا ناز
اُهي
نڪي رمز وارن جا راز اُهي نڪي نفي ۽ اثبات ميان
4- نه عِلم اُهي نه عَلام اُهي، نه قرب وارن جا
ڪلام اُهي
نڪي سِڪ وارن جا سلام اُهي، وڃي نسنگ رهيا نقلات
ميان
5- ”قاسم“ ڪئين هِت خان هئا، وهواه وڏا جن شان هئا
ڇڏي ماڳ هليا مهمان هئا، خالص رهي امحلات ميان
نواب عرض محمد خان
نواب عرض محمد خان ولد علي محمد خان ثاني تاجپوري
سنه 1310هه ۾ ڄائو.
[2040]
منهنجي لٿي ڪاڻ جيڏيون ڙي
پنهل آيو مون گهر پيهي پيهي الا
1- هيس اصل کؤن ٻانهي ٻاروچن
سک سياپو مون نا هوتن
ڪيئون ڪرم پاڻ جيڏيون ڙي
آءٌ ته هيس اڳهين جيهي تيهي الا
2- آئي پنهون جي عيدون ڦيڙيون
بادل برسي بوندون پيڙيون
ٿيون خوشيون هاڻ جيڏيون ڙي
ڳالهه ڪريان تن ڪيهي ڪيهي الا
3- ”عرض محمد“ جي لڙههل لڳس
ڇڏي ڀنڀور کي ڀينر ڀڳيس
اهڙي ان اهڃاڻ جيڏيون ڙي
موليٰ ملايا سيئي سيئي الا
[2041]
مئن تان پيش رانجهي دي پَئِي آن
تسان سڻو سهيليان سَهيان
1- مئن رانجهن دي راجهن ميڏا، هُن مئن تسان ڪنون
ڳَئِيئان
2- کيڙا ڀيڙا مُول نه ڀاوي، تنهن دي روز ازل ڪَنون
نَهِيئان
3- جهوڪ شهر وچ رانجهن رهدا، تنهن ديان ڳالهان
ڪران مئن ڪيهيان
4- ”عرض“ قبول ”محمد“ ڪِيتِي، تڏهن خيال اِهين وچ
ٿَئِيئان. |