شروع ۾ سنڌي ’قافي‘، عربي ’قافيہ‘ يا ’ڪلمة‘ يا
’قصده‘ واري سٽاء ۾ صورت پذير ٿي: يعني ته منڍ
واري سٽ (ٿلهه) توڙي ان بعد ٻين سٽن (مصراعن) جا
قافيا آخر ۾ آندل هئا. ڳائڻ جي لحاظ سان منڍ واري
سٽ مڙني ۾ مکيه هئي، ڇاڪاڻ جو اها هر ’قافي‘ جي
’ڳائڻ
بهرحال 13- صدي هجري (19- صدي عيسوي) واري دور ۾
’قافين ڪلامن‘ ۾ شاعرانه فن ۽ هنرمندي جي لحاظ سان
ڄڻ هڪ انقلاب آيو، ايتري قدر جو ڪن سياڻن ٽن بلڪ
چئن ’قافين‘ جي بندش سان ڪلام جوڙيا. انهيءَ فني
نزاڪتن کي وڌائڻ ۾ ان دور جو هڪ گمنام شاعر حافظ
عبدالله ڪلهوڙو سڀني ۾ يگانو هو (1). هن سندس
منظوم ڪيل قافين جي ٿلهن ۽ مصراعن ۾ جڏهن ٻه قافيا
آندا ته به اهي جدا جدا سٽائن سان آندا، پر اڃان
به اڳتي وک وڌائي هن اهڙيون قافيون منظوم ڪيون جن
جي ٿلهن ۽ مصراعن ۾ ٽي توڙي چار قافيا آندائين.
اهي قافيون سيد فاضل شاهه پنهنجي ڇپايل ڪتاب ۾
آنديون آهن ۽ انهن کي قافي ’ٽيڻي‘ ۽ قافي ’چوڻي‘
جا نالا ڏنا آهن. هيٺ انهن مان هڪ هڪ قافي مثال
طور ڏجي ٿي.
’قافي نظم‘ جنهن ۾ ٽي قافيا آندل
ٿلهه: تنهنجوتن
جمال،
جيءَ کي
جوڙي،
جادو
ڪِيَڙو
1- لکين هزارين حورون پيون، چشمن چوري ڪيون سڀ
چوريون
ڪُٺيون حسن
ڪمال،
ناز
نهوڙي،
تن کي
نِيَڙو
2- نيئي ڌاڙن سان دام وجهي دل، هوت اَچن هٿ موٽي
مشڪل
منهنجي ڇاهي مجال، وِرهه وڪوڙي، وسهج وِيَڙو
3- لُٽيو لاشڪ لات لِساني، زود ذري ۾ بات زباني
موهيو جنهن کي
مقال،
ڪئن منهن
موڙي،
محڪم
ٿِيَڙو
4- عبدالله عاشق پرتئي پارس، وعد وفايون ڪر ڪي
وارث
ٻُڌ سائل جا
سوال،
ڇڏج مَ
ڇوڙي،
پيوند
پِيَڙو
’قافي نظم‘ جنهن ۾ چار قافيا آندل
ٿلهه: جيڏيون ڪارڻ
جن،
مون فال ٿي
پايا،
اڱڻ
آيا
اڄ
اُهيئي
-1
مليا پُنيم مرادون من جيون، طرحين کليون طاقتيون
تَن جيون
تڏهن مانکي
تَن،
ٿورا
لايا،
سانگ سجايا، ٿيم
سڀيئي
2- مجلس محبوبن جي موچاري، هڪ هڪ گفتو سندن هزاري
ڪوڙين ٿا
وَڙڪن،
ڀال مون
ڀانئن،
ساهه سهايا، سهجان
سڀيئي
3- ڏک ڏولاها ڏور ڪيا ڏاتر، لي قريبن قرب منجهان
ڪر
پاڻ اچي
پريَن،
وهن
وڃايا،
وصل
وسايا،
ملڪ
مڙيئي
4- پاريون عبدالله چئي عهد عجيبن، چُبنون ڏيکاريم
حُسن حبيبن
شمس قمر
سهڻن،
گهور سان
گهايا،
نينهن
نمايا،
ٿيا ٻانها
ٻيئي
مٿيون مثال، جنهن جي ٿلهه توڙي مصراعن ۾ ’چار
قافيا‘ آندا ويا آهن، تنهن ۾ ’قافي نظم‘ شاعرانه
هنرمنديءَ جي
لحاظ سان اوج کي پهتو. حافظ عبدالله 1300هه (1883)
۾ جيئرو هو. ڏهن سالن کان پوءِ سيد فاضل شاهه سندس
قافيون پنهنجي ڇپايل ڪتاب ۾ کنيو. ان دؤر کان پوءِ
جي شاعرن مان ٻن جا نالا قابل ذڪر آهن، جن پنهنجين
قافين جي ٿلهن ۽ مصراعن ۾ ٽي قافيا سهڻي سٽاء سان
آندا: هڪ شاعر ’جامِنُ‘ ۽ ٻيو ’پَريل ڀِيل‘، جامين
جي قافي هيٺ ڏجي ٿي:*
ٿلهه: عمر اڄوڪي هي
ويلَ،
مئي کي ٿي
ماري
سڪ ته سانگين جي ڪيا سنڌ
ساڻا
1- عمر مارن تي وڄن جا وارا، کنوڻين لايا
کيل
ٿو تاڙو
تنواري
منهنجي مارن تي ڪيا مينهن
مانڊاڻا
2- هنڌ پٿراڻيون طول وهاڻا، سَوڙيون ڀانيان
سبيل
گهنگهر ٿي
گهاري
مون نه وڻن ٿا تنهنجا
وڇاڻا
3- کائڙ پاسي خوش گذاريان، ٻانهورين سان
ٻيل
ڪنڌيءَ
ڪناري
اُتي ته چاريان وڃي اَجَڙ
اباڻا
4- جيئري جامين چئي ڏسندين ڏوري، مَرڪي ڪنديس
مبيل
واڳري
واري
سانگي سڀئي منهنجي ساهه کي
سيباڻا
جامين جي هن قافيءَ ۾ جيڪي ٽي قافيا آهن، تن جي
بيهڪ حاجي عبدالله جي مٿي ڏنل پهرين قافي ۾ آيل
قافين واري بيهڪ کان نرالي آهي: ٽن سٽن مان وچئين
قافيي وارو فقرو ننڍو ته آخري قافيي واري سٽ ڊگهي
آهي. اها ڪڇ وهٽ ڳائڻ جي ڍار ۽ لئي جي مناسبت سان
ڪيل آهي.
’قافي نظم‘ جي سٽاء ۾ اهڙين اندروني تبديلين سان
قافي جي موسيقي ۾ وڏي وسعت آئي، ۽ قافي جي ڳائڻ ۾
نوان نرالا رنگ پيدا ٿيا، ’الحان‘ کي خاص اهميت
ملي، انهيءَ ڪري عوامي سطح تي به چوڻ لڳا ته ”هن
قافي جو الحان ڪهڙو آهي؟“ اوائلي دؤر ۾ ’سُر‘ ۽
’الحان‘ ساڳي معنيٰ ۾ ’روپ‘ ۽ ’راڳني‘ جا اصطلاح
عام ٿيا. 19- صدي کان وٺي جن سڄاڻ شاعرن ’قافيون‘
جوڙيون، تن هر قافي بابت اهو پڻ ڄاڻايو ته اها
ڪهڙي ‘الحان‘، ’روپ‘ يا ’راڳني‘ ۾ ڳائجي. اهو
انهيءَ ڪري جو ’قافي نظم‘
ڳائڻ لاءِ ئي هو،
يعني ته هر ’قافي‘ هڪ ’مخصوص نظم‘ سان گڏوگڏ
’موسيقي جو روپ‘ پڻ هئي.
قافين ڳائڻ جا انداز:
لفظن جي سٽاء جي لحاظ سان قافي ’نظم جي صنف‘ آهي،
پر آواز ۽ الحان جي انداز سان ’راڳ جي صورت‘ آهي.
سنڌي قافي بنيادي طور تي ’غنائي شعر‘ آهي: يعني
اندر جي آواز جي جهونگار آهي. قافي جو ’منظوم
خاڪو‘ بُت مثال آهي ۽ ’الحان‘ ان جو ساهه آهي. درد
دل وارو ڳائيندڙ، پنهنجي الحان ۽ آلاپن سان قافي ۾
ساهه ڦوڪي ٿو ۽ ان ۾ جان وجهي جاڳائي ٿو. قافي جي
ٿلهه ۽ مصراعن جي سٽاء، تار جي ڀريي يا خالي مان
قافي کڻڻ (شروع ڪرڻ) جي انداز، ۽ ٻولن ۽ آلاپن جي
لاهڻ چاڙهڻ جي مناسبت سان قافي جي ڳائڻ جو نوع
نمونو بدلجي ٿو. هر ڳائيندڙ جو انداز پنهنجو
پنهنجو آهي، ايتري قدر جو جيڪڏهن ٻه ڳائيندڙ ساڳي
قافي سئو کن سالن واري دؤر ۾، سنڌ جا سوين ڳائڻا
ساماڻا، جن مان ڪن پنهنجي اثرائتي آواز ۽ الحان، ۽
تار ۽ لئي جي ڄاڻ سان قافين کي جيئرو ڪري جاڳايو ۽
وڏا رس لاتا (1).
جدا جدا سُنگن ۽ ساٿن جي مخصوص لئي سببان پڻ ڳائڻ
جا انداز نرالا ٿيا، جيئن ته: (الف) شاهه جي راڳ
جون وايون، (ب) مولودن جي شغل واريون قافيون، (ج)
قصن ڪهاڻين سان لاڳو ’ڏَس‘ ۽ بيان واريون قافيون،
(د) صوفي ڪلام، (هه) ناچن ۽ ڀڳتن واري لئي. قافين
ڳائڻ جي انهن اندازن کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته
ڳائيندڙن جي سُنگن ساٿن کان اهڙيون قافيون سندن
خاص لئي ۾ خاص موقعن تي ٻڌجن.
قافين ۾ شاعرانه اسلوب:
مٿي اسان قافين جي اندروني سٽاء (قافيا ۽ انهن جي
تعداد توڙي فقرن ۽ سٽن جي ورڇ ۽ بيهڪ) کي راڳ ۽
لئي جي مناسبت سان بيان ڪيو آهي. تاريخي طور قافين
جي سرجڻ سامائجڻ جو هڪڙو پس منظر اهو آهي، ۽ ٻيو
پس منظر آهي قافين جو شاعرانه اسلوب جنهن ۾ بيان
جي اظهار ۽ معنيٰ جي معيار واريون خوبيون شامل
آهن.
شروع کان وٺي ’شاعري‘ بدران، قافي خاص طرح هر
جوڙيندڙ (شاعر) جي پنهنجي اندر جي سڪ ۽ سوز جي
اظهار جو ذريعو رهي آهي: ڄڻ قافي هر جوڙيندڙ جي
پنهنجي اندر جي جهونگار ۽ لات آهي، ڄڻ اهو سندس
اندر جو ڳالهاءَ ۽ ڳائڻ آهي. سنڌي قافي جي اها ئي
خاص خصوصيت آهي، جيڪا صدين دوران ان جي بقاء جو
سبب
بني آهي. جيڪڏهن ’قافي‘ رڳو هڪ شعري صنف ۽ ذهني
مشق هجي ها ته شايد شعر جون ٻيون اهي صنفون، جن ۾
ذهني ڪوشش ۽ ڪاوش کي وڌيڪ دخل آهي، تن جي غلبي
سببان ’قافي نظم‘ عام مقبول هجڻ بدران ميسارجي وڃي
ها. مثلاً 18-صدي ۾ فارسي غزل جو غلبو ٿيو، جنهن
جي اثر هيٺ ’سنڌي غزل‘ وجود ۾ آيو ۽ ان جي مقبوليت
وڌي. ان تاريخي موڙ تي مير عبدالحسين خان سانگي
پنهنجي درد ڀري دل، اعليٰ شاعرانه ذوق ۽ سنڌي
ٻوليءَ تي پوري دسترس جي ڪري اهو معجزو ڪري
ڏيکاريو جو نئين ’سنڌي غزل‘ تان فارسي رنگ ميٽي ان
کي صاف سهڻو سنڌي لباس ڍڪايائين: يعني ته سنڌي
مَحاڪات ۽ تَشبيهات سان صحيح معنيٰ ۾ ’سنڌي‘ غزل
رائج ڪيائين. پر وڏي ڳالهه ته ان سان گڏوگڏ ’سنڌي
قافين‘ جي روايت کي پڻ زنده ڪيائين جو 1291هه
(1874ع) ۾ پنهنجي قافين جو ڪتاب ’سوز سانگي‘ مرتب
ڪيائين. ’سنڌي قافين‘ جو اهو پهريون ڪتاب هو، جيڪو
مرتب ٿيو. انهيءَ ڪري سنڌي غزل سان گڏوگڏ ’سنڌي
قافي‘ جي انفراديت ۽ اهميت پڻ قائم رهي. جيتوڻيڪ
سانگي پنهنجي قافين ۾ سڪ ۽ سوز وارو سمان قائم
رکيو، پر سنڌ جي ٻين غزل-گو شاعرن، ’فارسي غزل‘ جي
لفظن، اصطلاحن، استعارن ۽ تشبيهن کي پنهنجي ’سنڌي
غزلن‘ ۾ گهڻو استعمال ڪيو، جنهنڪري سنڌي قافي ۾ پڻ
بيان جي اظهار لاءِ ’غزل جي شاعري‘ وارو رنگ شامل
ٿيو. انهيءَ آميزش واري اسلوب جو نمايان مثال
’مفتون‘ (مشهور عالم ۽ حڪيم عبدالغفور همايوني) جو
مشهور ڪلام آهي ته:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا
زندان هزارين، مان نه رڳو
گهڻن ئي شاعرن پنهنجين ڪن قافين کي اهڙي غزل نما
اسلوب ۾ منظوم ڪيو، پر جن ان کي اعليٰ نموني ۾
نباهيو تن ۾ مصري شاهه جا ڪلام توازن ۽ سهڻائيءَ
جي لحاظ سان برک آهن. مثلاً:
ٿلهه: کنيائون کلــي نيڻ گهـــرا گلابي
ڀري ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي
————
ٿلهه: برابر بيخودي جا ڀر پياري يار پيمانا
نيها وسن ئي سدا شل نر، اهڙا محبوب ميخانا
اسلوب جي لحاظ سان، ڪن شاعرن وري مُقفيٰ لفظن ۽
فقرن سان پنهنجين قافين جي سٽن کي سينگاريو آهي.
اهو سلسلو آڳاٽو تيرهين صدي هجري (19- صدي عيسوي)
کان وٺي شروع ٿيو، جو سيد فاضل شاهه سنه 1300هه (
1883ع) ۾ پنهنجي ڇپايل ڪتاب ۾ ڪن شاعرن جون اهڙيون
قافيون شامل ڪيون آهن. مثلاً:
سعدالله جي مقفيٰ لفظن ۽ فقرن واري قافي:
ٿلهه: سهڻا يار، جيءَ جيار،
پنهنجو پاڻ پسايو
نالي واري مصرع: اڱڻ آءُ، وري واءُ سعدالله ساء،
اوهان جو دمادم، تو ريءَ غم، مٺل وهم وڃايو
حافظ عبدالله جي مقفيٰ لفظن ۽ فقرن واري قافي:
ٿلهه: آ عجيب، هوت حبيب، لهه قريب، منهنجي
ڪَر
نالي واري مصرح: عبدالله عيد، ديکي ديد، ري خريد،
ٿيو خادم
سهنج سعيد، جڙيا جديد، لٿا شديد، وچان شَر
قافين ۾ هيءَ صنعت ويندي هن ويجهي پوئين دؤر تائين
عام مقبول رهي. سڀ کان اول محمود فقير کٽياڻ جو
سرائڪي ۾ چيل ڪلام وڏي ذوق سان ڳايو ويو ته:
يار ياقي، ٿي اوطاقي، مئن فراقي ڦِردي
بعد ۾ منٺار فقير راڄڙ جو هيءَ ڪلام وڏي چاهه سان
ڳايو ويو ته:
مون کي معشوق، ماريو ملوڪ، حُسن بندوق هڻڻ سان
هڻي ٿو هُوڪ، دناليون ڌوڪ، ويتر ڪُوڪ ڪرڻ سان
ساڳئي وقت محمد فقير کٽياڻ جو هي ڪلام وڏي رس سان
ڳايو ويو ته:
اُلٽي آر، ٿَئي اظهار، دلبي-دار دلبر دي
قافين ۾ اندروني ترنم وڌائڻ لاءِ ڪن شاعرن ڇم ڇم
ڇيرين جي ڇمڪارن، سازن جي وڄت وارن ٻولن ۽ ڳائڻ جي
تانن، ۽ سانوڻ جي مانڊاڻن وارا الطاف آندا، ته ڪن
وري ٻيون لفظي بندشون ۽ بياني لطافتون پيدا ڪيون.
جڏهن ڪن اڳراڻ شاعرن نئين اسلوب ۽ نئين معنوي رنگ
وارا ڪلام چيا، ته ٻين وري انهن ڪلامن جي ڀراڻ
ڪلام جوڙيا. اهو هڪ وڏو سلسلو آهي، جنهن لاءِ هن
مختصر مقدمي ۾ گنجائش ڪانهي.
اُميد ته ٽن جلدن ۾ سمايل سنڌي قافين ڪلامن جو
هيءُ وڏو ذخيرو، سنڌ جي قافين ڪلامن تي وڌيڪ تحقيق
لاءِ راهه روشن ڪندو.
حيدرآباد سنڌ
17-شعبان
1410هه خادم العلم
15- مارچ 1990ع نبي بخش
باب ڇهون
محمد فقير کٽياڻ، سندس طالب ۽ ٻيا معاصر شاعر
(الف) محمد فقير کٽياڻ، سندس طالب ۽ ٻالڪ
محمد فقير کٽياڻ
محمد خان ولد حيدر خان، ذات کٽياڻ، ڳوٺ بوداڻي
کٽياڻ، تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد ۾ سنه 1876ع ۾
ڄائو. ننڍي هوندي کان وڏي همت ۽ وڏي ذهن وارو هو.
پير صاحبن پاڳارن جو سرويچ مريد هو. فقيرن درويشن
سان خاص صحبتون ڪيائين. فقير ميانداد لغاري تارڪ
جي تنبيہ تي، تارڪ ٿي، توڪل جو ترهو ٻڌائين. پوئين
دؤر ۾ نواب فقير ولي محمد خان لغاري سان، ۽ پوءِ
مخدوم غلام محمد صاحب سان پرت جا پيچ پاتائين. راڳ
فقير جي روحاني خوراڪ هو. رنــدي طريقو اختيار
ڪيائين ۽ طعنن ملامتن جا بــار پنهنجي سر تــي
کنيائين. تاريخ 7- محــرم سنه 1359هه (1939) تي
وفات ڪيائين. سندس ڪلام ”منطوق محمدي“ جي عنوان
سان ڇپيو جنهن ۾ 510 قافيون ڪلام شامل آهن.*
[1733]
تلنگ
سَير جڳو ڪيڙو سڄڻن سانگ، آڏر اوڏاهين قربئون ڪانگ
1- عرض احوال پهائج پِر کي
نينهن جي کاڌي آهيان نانگ
2- ڪانگل چئجئين ڪيچ ڌڻين کي
ڇِني نه ڇڏ جو چوري چانگ
3- راتو ڏينهان روح اندر ۾
طلب اوهان جي آهي تانگ
4- ”محمد“ مست ڪيو متوالو
بِره بهادر واري بانگ
[1734]
ڀيروي
مست پيالو محبت وارو، ”محمد“ پي هنيو نينهن جو
نعرو
1- ”محمد“ آيو عشق اندر ۾، جام جلالي ساڻ
جگر ۾
اثر اکين جي اَلهٽ اوڀاريو
2- ”محمد“ مست ٿيو متوالو، پي پيماني پاڪ پيالو
پيچ پسڻ جي پاڻ پاڳارو
3- ”محمد“ مئي جو ماڳ ملهايو، سرڪ سڪر سان سرس
سوايو
ثابت سمجهي هي سِرُ سارو
4- ”محمد“ مئي جي مستي ماڻي، صاف صفا ٿيو سير
سڃاڻي
منصف موکي مير متارو
[1735]
ڀيروي
مئي مد موري جو مخمور، مرڪي مرد پِيَن منصور
طبل وڄائي شاهنشاهي، مانجهي ٿيا مشهور
1- سر سنڀاهي سوره صادق، سنڀري ٿيا ساڄا
ساز سرود وڄائي هليا، وحدت جا واڄا
ڌڪڙ خنجريون دهل دماما، ٽاهُن ڪِيا ٽاڄا
مرد متا ميدان مدامي، دوئي کان ٿي دور
2- اَنالحق جا هُل هلائي، صاحب سُرت سبحان
تاج ڪلنگي صاف سروپا پهري ٿيا پروان
اُڀري آيا آر اَڏيءَ تي عاشق عاليشان
فالم فوج فقر جي ڪيڙو، حاصل حال حضور
3- عشق حسن جي حملي هَنيَڙو نعرو نينهن نواب
گگن منڊل جي گلشن اندر، گولي راڳ رباب
صوفين سارو سير سهي ڪيو، همدم هوش حساب
بيشڪ ٿيا برحال بهادر، دانَہ ڪنهن دستور
4- مردن مرڪي موج مچائي، محڪم ٿي مختيار
دم قدم اُٺائي اڳتي، اُلٽو ڪن آچار
اُلٽي ٻولي، اُلٽِ چالي، اُلٽ عجب اسرار
احمد واري ميم منوّر ”محمد“ ڪيو مذڪور
[1736]
تلنگ
هيءُ آهي هُو ناهي ناهي، هُو آهي هيءَ ناهي ناهي
1- هِن هُن وچ ۾ فرق نه ڪوئي
چال چشم ڏس چاهي چاهي
2- ڏِسڻ ڏِسڻ ڏيہ ڏسڻ جو
ڏانو رکيو اِهو ڏاهي ڏاهي
3- اکين واري آتش بازي
ڪير قدم ٿو ڪاهي ڪاهي
4- ڄاڻُو ٿي ٿو ڄاڻ کي ڄاڻي
سانگ صفائي لاهي لاهي
5- احمد ”محمد“ احد اهوئي
رويءَ الله ٻيو ڇاهي ڇاهي
[1737]
پوريا
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايان ٿو، ڦيريدار فقير ٿي فالم
1- عشق واري اوقات عجائب، آڙنگ ساڻ الايان ٿو
اظهر ٿي آوازي عالم
2- سُرت نِرت جي شهر بحر ۾، نوبت نينهن وڄايان ٿو
بيشڪ ڀيد بتائي بالم
3- ڳَل پيشوازان پِرتئون پهري، ڇيرن کي ڇمڪايان ٿو
کولي ذوق زُناري ظالم
4- ”محمد“ مطرب واري منصب، ساز سرود سڻايان ٿو
سمجهي سِير صورت جو سالم
[1738]
ڪانرو
هَي هَي هُو هُو هُون هُون هُونگارو
نَفيَ ۽ سِري کان اخفا اشارو
1- ريکب قلب ڪُل گندهارو روحي
گياني گلي ٿيو پنجم پيارو
2- کرج ٿيو نفيءَ ۾ منڌم سِري سر
نکاد اخفا نظر جو نظارو
3- گرام ٽيئي ست سُر به ڇهه راڳ
سرگرم سرودي سمجهه ساز سارو
4- درس دلبرائي ڌُرپد ڌمالون
ڌياني خفي ڌر ڌِيوَت دبارو
5- ترنـّم توحيدي تن من طنبورا
بِگل بِين باجا نگاري نقارو
6- منڌم موج مرڌنگ مريلون مدامي
مٿي ۾ ”محمد“ سرخ سر سوڀارو
[1739]
بهاڳ *
شاهه مردان شير يزدان، قُوّة پروردگار
لافتيٰ اِلا عَلِي لا سَيف اِلا ذوالفقار
1- آخر اول اظهار ٿي، اولي اچي انسان جي
ارشاد سان آباد ڪيو اسلام اعليٰ آشڪار
2- تحليل جو طاهر طبل، تازو هڻي تيار ٿي
توحيد جي تلوار سان، تابع ڪيا تو تاجدار |