ضميمو
[ضميمي ۾ اهي شاعر ڏنا ويا آهن، جن جون
قافيون ڇپائيءَ هلندي مليون، ۽ پنهنجي سلسلي ۾
شامل ٿي نه سگهيا. تنهن ڪري اهي جدا ضميمي طور هيٺ
رکيا ويا آهن.]
پير عبدالحي نقشبندي
پير عبدالحي نقشبندي، مشهور بزرگ پير نصيرالدين
نوشهري واري جو والد، ۽ فقير خوش خير محمد هيسباڻي
جو مرشد هو. تيرهين صدي هجري جي وچ ۾ وفات ڪيائين.
جهوڪ جي بزرگن پير فضل الله شاهه ۽ صديق فقير
سومري سان سندس صحبتون هيون.*
[2123]
واهه بنست بهاري جي، گل کليا گلزاري جي
1. باغ
حسن دا جڏان کليا، ويک حيران هو يا بلبليا
عجب گل اناري حي
2. غنچہ
دهن دي غائب پويا، لشڪر نين سپاهي هويا
چاهه زنخ دي چاري جي
3. وچ
صحن دي ساقي آيا، ساغر دُنگ سامان صراحيا
محبت مينگهه ملهاري جي
4. عاشق
”عبدالحي“ پيارا، جس ني ڪيتا نينہ نظارا
چوطرف چوڌاري جي.
سلطان علي شاهه
سيد سلطان علي شاهه ساڪن شهر نوشهرو، شاهه
نصيرالدين جي سلسلي مان پير صفي الله جو طالب هو.
ماستر ۽ تارڪ درويش هو. سندس هيٺين قافي ”صوفي
ساڃاهه“ ۾ شامل آهي.*
[2124]
حقي حسن جي هٻير، سُهڻين اکين تان صدقي وڃان مان
1. الله
آيو حسن جي اولي، ائين فرمايو شوق جي شعلي
چُميان حُسن جا پير
2. حسن وارن جي حقي دعوى، صاف صفا آهن سهڻا ڪارا
چشم خوني شمشير
3. طرف حسن جي ٺاهه نه ٺاهيان، لکين هزارين مؤن هڪ
چاهيان
هيءَ ڪميني ڪير
منصور ماريا مام اِنهينء ۾، آيا داناءَ دام
اِنهينءَ ۾
بيحد مرد مٿير
5. حسن ”سلطان“ هاديءَ وارو، سِرُّ الاهي نور
نيارو
جنهن ۾ ڦند نه ڦير.
حافظ عمر
حافظ عمر جي هيٺين قافي، فقير غلام علي چيٽي جي
1902ع ۾ لکيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي. يعني
ته حافظ عمر ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.*
[2125]
پرچ پرين لڳ پرور، ڪر تون نظر
ماندي نت يار مري ٿي
1. پرچ،
پرين ڏس پاڻ ڏي، ساهه منهنجي جا سفر
لاهج ڏمر، توريءَ ڪين سري ٿي
2. مُهڙ ڪئي مون ڏي آٿي، دوست پرين دلبر
لڳ ڏاتر، ڳول نه عيب، ڳري ٿي
3. وره وڇوڙي وڍي ڪيا دل منهنجيءَ کي در
هَئي هر هر، ڏسيو پنهنجا ڏوهه ڏري ٿو
4. ”حافظ عمر“ کي مل پرين، ويچاريءَ جا ور
سِڪڙي سٻر، ڪُوڪان روز ڪري ٿي.
جانڻ سونارو
جانڻ سونارو، چوڏهين صدي هجريءَ جي اوائل جو مشهور
شاعر. سندس مولود ۽ قافيون مشهور آهن. هن وقت سندس
ٻالڪا ”سونارن جي ٽولي“ جي نالي سان اُتر سنڌ ۾
مشهور ڳائڻا آهن، جيڪي پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ڳائيندا
آهن. جانڻ سوناري جون 10 قافيون نظر مان گذريون.
[2126]
سگهو موٽ سهڻا، وري آءُ وطن تي
چمان پير تنهنجا، گهمايان اکين تي
1. تولاءِ لڇان ٿي، پانڌي پڇان ٿي
پتنگن وانگي پچان ٿي، ڀڙڪي باهه بدن تي
2. آسروند آهيان، اميدان نه لاهيان
غاليچا هنڌ وڇايان، کٿوري کٽن تي
3. تو کي ٿي ساريان، هڪ پل نه وساريان
گوندر ٿي گذاريان، سيّد آءُ سخن تي
”جانڻ“ ٿو پچاري، سدا روز ساري
والي واڳ واري، پنهوارن پٽن تي.
[2127]
جيڪو مارن جي مون سان ڳالهه ڪري
چمان پير انهن جا نير ڌري
1. ملڪ مارن جو آهي ٿڌو
مان ته ڏينهن ڄمندي ڪو لعل لڌو
تن مارن سان مان ٻول ٻڌو
ٿيندو ننگ شرم کؤن ڪو نه پري
2. ماروئڙن کؤن ڏور ٿيم
سوين سختيون دل ۾ سور ٿيم ايهي حال جا وقف ڏور ٿيم
لکئي قسمت ڪيو آهي پنڌڙو پري
3. جيڪو مارن جو ته پيغام آڻي
سو جيءَ منهنجي ۾ ٿو جاءِ ماڻي سڪي ساهه گهڻو تن
لاءِ تاڻي
منهنجو هر هر پيو ٿو هينئڙو ڳري
4. ملڪ ”جانڻ“ جي ٿيون وڄڙين وسن
مارو مال ڪاهي ٿا ملير اچن
اها آس اميد دل ۾ اٿم
منهنجو لاش عزت سان وطن وري.
[2128]
موهيندڙ محب منهنجي جون عجائب ٻئي اکيون آهن
اصل گهاڙوءَ گهَڙڻ واري منجهن رمزان رکيون آهن.
1. اڏامي باز بحري جان، لغڙ جان ڏين ٿيون لامارا
مارن ٿيون مثل مرغن جي، بازن وانگون بکيون آهن
2. طمنچا تير ٻئي تفنگي، سونهن محبوب جي منهن ۾
ڪري چمڪاٽ بجلين جان، دوناليون ڄڻ دکيون آهن
3. چوي ”جانڻ“ عشاقن کي، هڻي گهوران وجهن گهائي
اهي اتفاق اکڙين جا، سبق تنهن کؤن سکيون آهن
[2129]
نه ته ڪير ڪشالا ڪري، کڻي محبت وڌو من ماري
1. دام زلف جو دل ۾ پائي
گهور ڏئي ويو گهاتو گهائي
تنهنجي ماريس ذوق ذري، انهيءَ سڄڻ موهيس سانور،ي
2. سونهن صنم جي سڀ کؤن سهڻي
بنان ڪاتيءَ آهي ڪهڻي
ڪيئن آڻي عشق آري، آهن ڪٿا عام اُتامر،ي
3. ماٺ ڪيان اچي ما نه موران
توڙي ڏسان کڻي هر هر حوران
من واڪا ٻڌي ور ور وري، جنهن جي عالم لڳا ٿم آسر،ي
4. ”جانڻ“ رمز وڌو جنهن کي ريهي
بس بندي ڪري سا ڪيئن ويهي
ماندي روز مسافر مري، ڪٺل پنهنجي ڪانڌر،ي
[2130]
نه ته ڪير ڪڍي ها ڪاڻ، کڻي نهن نوائي آهيان
1. راتيان ڏينهان تانگهه اوهان جي
بره پڙهايم بانگ اوهان جي
واهه جا وڻيم واکاڻ، پئي سدا تو کي ساريان
2. واعدا ڪيا تو مون سان ويهي
ڪين وسارج سهڻل سيئي
ساڳي ڳالهه سڃاڻ، ڳالهه اها ٿي ڳائيان
3. ڳڻين تو ريءَ ڳاري آهيان
مرض محبت جي ماري آهيان
پنهنجو پسائج پاڻ، پاند ڳچيءَ ڳل پائيان.
4. ”جانڻ“ سان مل جيئري جاني
هيءُ سر ساهه ڪيان قرباني
سڄڻ هجان تو ساڻ، آس اميد نه لاهيان.
[2131]
ماڳ انهيءَ ۾ مرد وڃن ٿا
جاءِ جتي جبرئيل جي ناهه
1. نفي اثبات جو پنڌ پچائي
ڪاهيون اوڏانهن پيو تون ڪاهه
2. جيءَ پنهنجي ۾ جوش جاڳائي
پرهه جي ٻارج بيشڪ باهه
3. نياز نمونو هٿ ڪر هر دم
سينو ڪنهن سان مور نه ساهه
4. ”جانڻ“ تون ڀي جُوءِ انهيءَ ۾
ٿاڻو پنهنجو ٺهه پهه ٺاهه.
[2132]
ڪر ڪر سهڻل هار سينگار آيا
هر صورت وچ دلدار آيا
1. جنهن دا منهن مثل مصحاف آ کان
سر ڪعبا زلف غلاف آ کان
ڪيئي طالب ڪردي طواف آ کان
بن عالم دا سردار آيا
2. ڇپا ذات صنم ٿي صفات آيا
سر احدون احمد بن سادات آيا
وچ محبت دي محلات آيا
چا برهه والا سر بار آيا
3. پا عبدي پاڪ پهران آيا
سارا سير ڪرڻ سلطان آيا
تنهن دي شان مٿون فرقان آيا
ٻڌ دين والي دستار آيا
4. اُڀر ملڪان ملڪ مهتاب آيا
لهه اوندهه ڳئي آفتاب آيا
”جانڻ“ کول نوراني نقاب آيا
آجها عربي ٿي اظهار آيا.
مبارڪ
مبارڪ اتر طرف جو ويٺل هو. سندس هيٺين قافي 20 صدي
عيسوي جي اوائل ۾ لکيل قافين جي هڪ قلمي بياض ۾
شامل آهي، يعني مبارڪ ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي
گذريو.
[2133]
کڻي نين نازڪ کِلي ڏس اسان ڏي
ڇڏي در اوهان جو وڃان يار ڪاڏي
1. ايڏا ناز ماڻا ڇڏ يَوَ ڪنهن سيکاري
اکين ساڻ عاشق وِڌوَ ڪيئن ماري
ڪِيتا ڪِيس ڪيڏا عجب رنگ ساڏي
دوُناليون دلبر اوهان جي چشمن چلائي
سِپَرَ اوٽ عاشق سيني پَرِ سَهائي
سدا فتح اوهان جي ڪيو
جلوه جاڏي
3. اسان جي اوهان اصل کئون غلامي
ڳچيءَ طوق ٻانهون ”مبارڪ“ مدامي
صحيون ننگ سڃاڻي ڪَجو مُهڙ مان ڏي.
[2134]
ڪنہ نون آکان، مئن حال ڏکان دا
1. حال ڏکان دا ڪوئي نهين پڇدا
سڀڪنہ سانگ سُکان دا
2. مئن نماڻي نون تو ڀر ماريا
قهري ڪانُ ڪُکان دا
3. آکي ”مبارڪ“ ڪنہ نون آ کان
دفتر کول ڏکان دا.
آخوند لطف الله
آخوند لطف الله ولد علي محمد کٽياڻ، ڳوٺ درگاهه
شريف حضرت پير صاحب پاڳارو، پير جو ڳوٺ، تعلقي
خيرپور جو ويٺل هو. پير حزب الله شاهه ”تخت ڌڻي“
کيس پاڻ وٽ قاضي مقرر ڪيو هو. اندازً 1922ع ڌاري
وفات ڪيائين.*
[2135]
سير ڪن سالڪ اُتي جِت نا فرشتي جو فهم
ملڪ وحدت ۾ سدا تن قربدارن جو قدم
1. غير کي غازي وڃائي طلب ڪن توحيد جي
ورد وحدت جو پڙهي ڪن ٻي همہ گفتار گم
2. قلب کي ڪعبو ڪري ڪن سرت مان سالڪ سجود
ترڪ جي تڪبير چئي ڪن عين هستي کي عدم
3. پيا پچائن پاڻ کي ”العشق نارالله“ ۾
ٿا جلائن جُنگ پنهنجو جوش ۾ سارو جسم
4. ”لطف“ لاشڪ ٿا لڙهن منجهه لهر لاهوتي سدا
عشق اعلى ڪِيو انهن کي، عزّ ٿيو تن جو اتم.
[2136]
سَٽِ سانگ دنيا جا، لهه دوست دل اندر ۾
ناهي دور تو کؤن دلبر، سلطان تنهنجي سِرَ ۾
1. تو کي غير ڪيو گمراهه، ٻُڏين دئيءَ جي
ڇو درياهه
اثبات ڪر تن الله، پئو نفيءَ جي نهر ۾
2. آ قرب جو سڻ اشارو، تو ۾ دوست جو نظارو
ڇڏ لوڪ ٻئي جو لارو، اٿئي گهوٽ تنهنجي گهر ۾
3. پنهنجو پاڻ کي تون ڄاڻج، ”مُوتُوا“ جي مام ماڻج
ٻيو غير تون نا آڻج، رک يار هڪ نظر ۾
4. ”لطف الله“ حجاب هستي، ڇڏ خادم خود پرستي
وحد جي ماڻ وستي، لُڙهه ”لا“ سندي لَهر ۾.
ميرزا دوست محمد بيگ ”دوست“
ميرزا دوست محمد ولد ميرزا علي بخش، رهندڙ محلو
ٽنڊو آغا اسماعيل شاهه، حيدرآباد شهر. سنه 1862ع ۾
ڄائو ۽ 1930ع ۾ وفات ڪيائين. ان وقت جي مشهور
شاعرن جي سٿ ۾ شمار ٿيندو هو. خاص طور مير
عبدالحسين خان سانگي جي محفل جو خاص ساٿاري هو.
هيٺيون قافيون سندس بياض تان ورتل آهن.*
[2137]
سگهو ورج سڄڻ يار جاني
تو ريءَ رهي ٿي دلڙي ديواني
1. آ درد جدائيءَ جي مچ مچايو
تنهن جي ٽارڻ جو تڏهن نه ٿيو سعيو
ڪو نه رهيو جڏهن وصل جو باني
2. واڳ وطن ڏانهن قادر واري
ماري جياري محبن ڌاري
دوست تنهنجي آهيان آءٌ ٻانهي
3. قرب قريبنم جو ڪر حاصل
وقت اهو ئي ٿيءُ نا غافل
هٿ ٿو هڻين جڏ وئي جواني
4. محب ملڻ جا ڏينهڙا چار
تن مان جي گذريا سي نه وسار
”دوست محمد“ سڄو جڳ فاني.
[2138]
پرين پِرتون پرچ پياريا، مٺا منهنجي جيءَ جا جيارا
1. وڃان ڪربل ڏي آءٌ ڪاهي، جتي شاهه شهيدان آهي
اتي قادر سڀ ڏک لاهي، تتي ٿيئڙم قلب قرارا
2. راهون روز نهاريان، پرين پل پل تي لئي پڪاريان
آءٌ هر دم هنجون هاريان، نت نيڻئون وهن سي نارا
3. مورئون محب نه وسرين، پرين پيارل شال تون پرچين
ڌري قدم تون نوازين، ڏيائين اکڙين منجهه اُتارا
4. دونهان دم دل مان دکن پيا، چوان چاڪ سدا ته چڪن
پيا
ڦٽ ڏينهان رات ڏکن پيا، تن ميٽ اچي سي سارا
5. آهي ”دوست محمد“ سوالي، مٺا محب سندءِ هي موالي
واڳون ان جون ورائين اي والي، ڪري هر دم تنهنجا
نظارا
[2139]
اديون پنهل ڄام منهنجو زوري نيائون
رهنديس ڪين ڀنڀور ۾ آءٌ وينديس اوڏاهون
1. سرتيون سڀئي نا پليو وينديس اِتاهون
جبل جاڙون سڀ سٺم بر جون بلائون
2. ڪاهي ڪرهو ڪيچ ڏي هي ڪٺي ڪٺائون
ڇوري ڇپر ۾ ڇڏي سا سٺي مٺائون
3. چڙهي جبل چوٽيين آيل اُتاهون
ور واجهايو ويڙهي ۾ ڪريان پڇائون
4. ڏيرن ڏوهه نه آءٌ ڏيان ڌريان نائون
سورن سندي سوکڙي سا پلئي پاتائون
5. مرن ماڻهن ماٺ ڪري راتون رنائون
درد جون جڏ ”دوست“ چوي دانهون ٻڌائون.
[2140]
عجب سهڻي سندي صورت حسن ۾ ساڳي سبحاني
ڏسي جنہ کي لڳي ويئي زليخا کي به حيراني
1. ملڪ حورون پشيمان ٿيا ۽ حيران جن و انسان ٿيا
بري بحري پريشان ٿيا، ڏسي سڀ نور نوراني
2. اکيون ڪاريون ڪجل واريون، لڳن دل کي پرين
پياريون
سونهن سرمي سوا ڪاريون، وٺي سي رنگ روحاني
به مُشڪن زلف عنبر جُو، جنين جي بوءِ جي
خوشبو
ڪري حيران سڀ مہ رو، وڌا منجهه دام سڀ جاني
4. لب لعلِ بدخشاني، وا ياقوت رُماني
وجهي دل ”دوست“ حيراني، عجب فرخنده پيشاني.
[2141]
ڌري پرين جي پيرن تي، ڪريان سر ساه قرباني
1. مٺا محبوب متوالا، پيارين پرت جا پيالا
بڇي برهن سندا ڀالا، پسائين يار پيشاني
2. وڇوڙي يار جي ماري، ولهي وسريل ويچاري
اکين تي آءٌ رکان هر دم، چمين سا چاه سان خورم
5. اڱڻ جي مون اچين دلبر، ڪريان مهرون فدا هي سر
ته صدقو ”دوست“ جي هيڪر، مٿي جند جان ٿي جاني.
عبدالله شاهه فتاحي شهيد
عبدالله شاهه فتاحي بن محمد شاهه ڳوٺ احمد پور
تعلقي خيرپور (ميرس) ۾ سنه 1895ع ۾ ڄائو. انگريزي
۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري عربي ۽ فارسي جي
تحصيل ڪيائين. اسلامي تبليغ لاءِ وڏو ڪم ڪيائين ۽
خلافت تحريڪ ۾ وڏو بهرو ورتائين. ڳوٺ اڳڙا ۾
”مدرسة الاصلاح“ ۽ ”انجمن تبليغ اسلام“ جو بنياد
وڌائين، جنهن جي سهاري اڄ تائين ڳوٺ اڳڙا ۾ ”ميلاد
نبوي جو جلسو“ ٿيندو رهي ٿو. 21 رجب 1359هه (21
آگسٽ 1945ع) تي راهه حق ۾ شهيد ٿيو. شاعري ۾ اول
”عبد“ ۽ پوءِ ”شوق“ تخلص ڪيائين. نظم ۽ قافيون
چيائين جيڪي سڀ سلامت رهيون آهن. سندس هڪ قافي
نمون طور هيٺ ڏجي ٿي (1)
[2142]
پرين جي پار جا پانڌي ڀلي آئين ڀلي آئين
مئل جي مڙهه سندا ڪانڌي، ڀلي آئين ڀلي آئين
1. ڀلي آئين، ڀلي آئين، ڀلي آئين ادا قاصد
ڪيهي ڪَلڙي تو آ آندي، ڀلي آئين ڀلي آئين
2. خبر ڏي ڪا قريبن جي سچي ساري سڄڻ ساٿي
جنهن لئي مان هجان ماندي، ڀلي آئين ڀلي آئين
3. هئي ڪا يادگيري يار کي ڀي ڪا مِٺا منهنجي
مون کي سِڪ آهه هيڪاندي، ڀلي آئين ڀلي آئين
4. شمع محفل وصل جو ”شوق“ آ ڏاڍو ڏکويل کي
ملي من ٻانهن سيراندي، ڀلي آئين ڀلي آئين
حافظ محمد اسلم مهيسر
حافظ محمد اسلم ولد حافظ جان محمد مهيسر،
ويٺل ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقو خيرپور. اندازاً 1887ع
ڌاري ڄائو ۽ 1960ع ۾ وفات ڪيائين. مدرسه دارالهدى
ٺيڙهي ۾ فارسي جي تعليم ورتائين. مولود، غزل، بيت
۽ قافيون چيائين.*
[2143]
حسن حضرات بابرڪات ظاهر ذات يزداني
صاف صفات آ درجات منجهه محلات انساني
1. نرالي ناز ۽ غماز ڪيو ممتاز کي شيدا
مثل مجننون ٿيا مفتون هي مضمون عرياني
2. ڪاريون ڪجليون تنهن ۾ تجليون ٻرن بجليون سدئي
سي
نظارا نين آهو عين هجن دن رين لاثاني
3. عجب رخسار واهه انار ٿيا قنڌار کان ڪَرڙا
ڏسي دندان لب لالان ٿئي مرجان قرباني
4. اچي عشاق ٿا مشتاق منجهه ميثاق محبت ۾
ٻڌي آواز ڪيائون نياز بي انداز سبحاني
5. سدا صحبت مدعا محبت اها الفت آهي ”اسلم“
اول فَاذڪرُ بعد اَذڪُر لفظ اظهر آ قرآني.
ميرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي
ميرزا گل حسن ولد مرزا دوست محمد ”دوست“، 1 مارچ
1897ع تي، حيدرآباد شهر جي ٽنڊي آغا اسماعيل شاهه
محلي ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل خيرپور جا رهاڪو هئا ۽
خيرپور جي ميرن وٽ ملازمت ڪندا هئا، جتان کين مير
فتح علي خان پاڻ وٽ حيدرآباد ۾ گهرائي ورتو. فائنل
امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ ۾
ملازمت ڪيائين. ان کانسواءِ مير حاجي نور محمد خان
وٽ به ملازمت ڪندو هو. مير صاحب سان مير منشي جي
حيثيت ۾ ٻه ڀيرا ڪربلا معلى ۽ مشهد به ويو.
انهيءَ زماني کان سندس مضمونن کي اهم حيثيت حاصل
آهي. آخر عمر ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي ملازمت
ڪيائين. سنه 1962ع ۾ وفات ڪيائين.
[2144]
محب مشفق منهن ڏيکار
ڪيئن ويٺئين مُئي کي وساري
1. ناز جا نيزا هڻي دلڙي ڪئي آهي فگار
برهه جا دونهان دکائي تن سڄو ڪيئي بيزار
وئين مٺا ماڻن سان ماري
2. محبت تنهنجي ملڻ لئي هر دم رهان منجهه انتظار
قيد ڪيئي زوري وجهي پيرن ۾ واسينگ وار
ڪير ٻيو تو ري اُتاري
3. هئي وڇوڙي تنهنجي مون کي بي سبب بيمار ڪيو
آتشِ هجرِ صنم هئي جيءُ جگر ساڙي ڇڏيو
خون نيڻن مان پيو هاري
4. شهر مون کي بر لڳي سڪ ٿي رهي تنهنجي سدا
محل محلاتون ۽ گهر مون کي سي زهر ٿيا
تو بنان ڪيئن گل گذاري
5. روز جن لئي هِت رئڻ سي هو رهن هُت بيخبر
تنهنجي دل قابو ڪري ”گل حسن“ ويا سنبري سفر
شال مولى تن کي واري.
محمد خان لاڙڪ
محمد خان ولد ابوالخير لاڙڪ، ويٺل بهار لاڙڪ
تعلقو خيرپور. پهريائين فوج ۾ نوڪري ڪيائين، پوءِ
پرائمري استاد مقرر ٿيو. سنه 1986ع ۾ پنجونجاهه
سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ حساب سان سندس
جنم جو سال 1931ع آهي. سگهڙن سان پڻ سندس ڪچهريون
هيون. شاعريءَ ۾ تخلص ”غريب“ هئس. *
[2145]
منٿ ڪريان مينڌرا، اچ ڪاڪ تي ڪرهو ڪاهي
اچ ڪاڪ تي ڪرهو ڪاهي، ڏوهه ڏمر سڀ لاهي
1. ڍٽ وسئي اي ڍوليا، راڻا رساما ڇڏ تون
ڪر ڪرم ڪو ڪانڌ مُئيءَ تي ڪاڪ ڪاڻياري آهي
2. ٻاجهه ٻاجهارا ڪر ڪا ٻانهيءَ تي، هيءَ آ نماڻي
نار
ريءَ رحم تي راڻل جي ڪو چارو چلڻ جو ناهي
چاهئون چانگل جا پير چمان، جي ولهيءَ ورائين واڳ
دڳ تنهنجي تي داسڙا مان وار وڇايان ٺاهي
4. ڍَٽ ڌڻي ڍڪ ڍول ڍولايون، ”لاڙڪ“ جي لڄپال
سگ اوهان جو سهڻا هيءَ گولي ”غريب“
سڏائي.
[2146]
ڪين اچي ٿو ڪاڪ مان ريءَ راڻي جي رس
ريءَ راڻي جي رس، نا چندن ڏئي چس
1. ماڻو مون سان مينڌرو ڪاڪيون ويو ته ڪري
سرتيون سوڍو سرچائي ڏيو، وارو ڪيو ڪو وس
2. جنهن پَر پرچي جيڏيون ڍاٽي مئيءَ سان ڍول
ان رمز ۾ مون عاجز کي ڏاهيون ڏيو ته ڏس
3. وئي ولهيءَ کان ويل ڇڏائي، جانب لئي نه جاڳيس
ته هوند نه ههڙي هيڻيءَ کي ڪائي لڳي ها ڪس
4. ”لاتقنطوا“ جو ”لاڙڪ“ چئي آهي وڏو آٿت
ڪين ”غريب“ ڪانڌ ڇڏيندو، جانب کي آ جس.
محمد صلاح ڀيو
فقير محمد صلاح ڀيو، ٻٻرلوءِ تعلقي خيرپور ميرس جو
رهاڪو هو، ۽ سچل سائين جو طالب هو.
[2148]
هن ٿڪيءَ تي ٿورا، ڪيا ڪوهيارل ڪيئي
1. لٿي ڪس قلوب تان، پسي پرين پيشاني
اونداهي ويئي
2. لٿا حرف حساب جا، ڀَوَ ڀڳا سڀ ڀولا
پيش پرينءَ جا پيئي
3. پَکي پاڄاڻيءَ جي پرين آيو پاڻئون ڄاڻي
ويا مرض مڙيئي
4. ”محمد صلاح“ چئي ڳڻن ڀرئي جون لکين ڀال ڀلايون
ڳالهه ڪريان ڪيهي.
خضر فقير کهڙو
خضر فقير کهڙو اصل ويٺل ڳوٺ دلاور کهڙو تعلق گنبٽ،
شاهه نصير نوشهرائي سان پرت جو پيچ هئس. ان جي سِڪ
۾ ايتري قدر مشتاق هو جو پنهنجي ڪلام ۾ نالو به
شاهه نصير جو وڌائين. |