ڪٿ صاحب لولاڪ ٿي آيا
ڪٿ انالحق پاڪ الايا
ڪٿ ول سوري لڙڪي لڙڪي
3- آيا آدم ادا ڪر ڪي اولاد
پاڪر ڳل وچ خاڪي چولا
بيشڪ ڏيک تون ڀن ڪر ڀولا
ونحن اقرب پڙهه ڪي پڙهه ڪي
4- احمد ڪنون بن احمد آيا
سِر ”محمد شاهه“ نام ڌرايا
امر نهي سب کول سڻايا
ڪٿ مهر ڪٿ دڙڪي دڙڪي
مير غلام حسين ”ضعيف“
مير غلام حسين ولد مير عبدالله خان ٽالپر، پنهنجي
ڳوٺ ٽنڊي مير غلام حسين شهر حيدرآباد ۾ 1905ع ۾
ڄائو ۽ 16- مئي 1951ع تي وفات ڪيائين. قافين ۾
پنهنجو تخلص ”ضعيف“ ڪم آندائين.
[1856]
قابو ڪوٽن آهيان بند ڙي اديون
سڙي سورن ۾ سنڌ سنڌ ڙي اديون
1- منهنجا مارو ڪٿي ۽ ماڳ ڪٿي
اهي چوڙيلين جا چاڳ ڪٿي
ملان مارن سان اهرا ڀاڳ ڪٿي
منهنجو قسمت نايو ڪنڌ ڙي اديون
2- منهنجي مارن ڏي آهن مينهن وٺا
مون ته سختيون ۽ سُور ڏاڍا ڏٺا
هتي ڦوڳ ڦلاريا ٿيا ميوا مٺا
ٿيون جام خوشيون هر هنڌ ڙي اديون
3- نڪي ماڙين ۾ خوش گهاريان ٿي
نڪي مارو عمر مان وساريان ٿي
پنهنجا قول اڳوڻا پاريان ٿي
ڏسان کيٽ وڃي ڀريا بند ڙي اديون
4- ڏسي ”ضعيف“ کڻي مون کي آندئي ادا
ڇني مارن کان ڪيئي ڌار جدا
ڪين بخشيندئي اهڙو ظلم خدا
ڏي موڪل وڃان پيرين پنڌ ڙي اديون
صوفي محمد بخش ڦرڙو
صوفي محمد بخش ولد ميان علي محمد ذات
ڦَرڙو، خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري جي ڀرسان هڪ ڳوٺڙي ۾
اندازاً 1889ع ڌاري ڄائو. فقيري اختيار ڪرڻ کان
پوءِ تلقين ۾ تربيت مولوي عبدالغفور ”مفتون“ کان
ورتائين. مجاهدي ۽ رياضت جو صاحب هو. تاريخ 22-
ذوالقعد 1371هه/14- آگسٽ 1952ع تي وفات ڪيائين.*
[1857]
روپ بروو/ڪوهياري/آسا
نينهن منهنجو آهي ناز، تخت هزاري جو مالڪ آهيان
هر جاءِ عشق منهنجو اثبات، بِره باري ٿو رنگ
رسايان
1- لکين نالا پاڻ سڏايان، جلال جمال پاڻ ئي آهيان
احمد توڙون آدم ذات، وصل وصالي اصل آهيان
2- هيڏي هوڏي هڪ ئي آهيان، ٿي ملان قاضي بازي
لايان
’انالحق‘ ذات صفات، اعظم اعليٰ منصور آهيان
3- عيسيٰ موسيٰ طُور تجليٰ، ٿي ابراهيم آراهه
سمايان
يعقوب ٿي وسايم برسات، يوسف زليخان ساڳيو آهيان
4- ظالم ٻوليون ڪيئي آلايان، ينطق واري ريجهه
ريجهايان
ڏينهان راتو رات، ”محمد“ خودمختيار آهيان
[1858]
روپ ڌناسري
هر مظهر آهيان اظهار، ڇپن ڇپا سينگار ڪريان ٿو
1- بِره بيرنگي رنگ بنايم، ڪُلي آهيان سردار
2- اول آخر ظاهر باطن، ’ڪُن‘ ڪيم اسرار
3- ’الانسان سري وانا سره‘ قربئون ڪيم قرار
4- ”محمد“ اسم ذاتي صفاتي، آيو بر بحر بازار
[1859]
صورت سڀ سبحان، عالم ليکي آدمي
1- موج بره جي برسر آئي
’لا‘ لنگهي وڃي صورت سَمائي
جان جسم ۾ ’نحن‘ وائي
ڪعبو منجهه قُرآن
2- مان منجهئون ’مان‘، مان جو ٿيڙو
وِره ويراڳي جانب جِيَڙو
نينهن نرالو ڪنهن ڪنهن ڪيڙو
دائم دل دڪان
3- ”محمد“ بي نا ٻولي ٻولج
ڀولِي ٻيئي ڪنهن تون نا ڀولج
جُوءِ اندرَ ۾ جامي جهولج
جوڳي جِيءَ جهان
[1860]
ڪِينَ ڀانئين بِره بهاري، جاڳڻ ۾ ڪن ڪِينَ تياري
1- ساجهر ويڙا ’ڪينَ‘ ۾ ڪاهي
ڪِين پسندا پِرت پياري
2- ڪِينَ پياريــن ڪِنَ جيــاريــن
ڪِينَ جالِين جيءَ جياري
3- ’ڪِينَ‘ ۾ ”محمد“ ڪِينَ وياسي
ڪِين ڪَئِي سِ ڪِينَ گُذاري
[1861]
ٿيوان صَدق صنم تيڏي آوَڻ تؤن
اِهين بسم الله الاوڻ تؤن
1- ’اَنا احمد بلاميمي‘، لحمڪ لحمي دم قدمي
’ڪُل يؤمن هُوَ في شان‘، چالي چال چلاوڻ
تؤن
2- ڇوڙ ’اناسرهُ‘ جانب ڄُليا، شاهي والا چالا چليا
مظلومي وچڍ ويرڻ وَليا، نيزي نينهن نڀاوڻ
تؤن
3- ”محمد“ امام عشاقي والي، ”سُرّ‘ ڪون صاف ساڻن
والي
پير نه بچتي چاوڻ والي، ڳيچ انالحق ڳاوڻ
تؤن
مير نثار حسين ”نثار“
مير نثار حسين خان ولد مير دوست محمد خان، سنڌي ۽
سرائڪي جو سٺو شاعر هو، وٽس ڳائڻا ۽ فقير هر وقت
موجود هوندا هئا. سنه 1952ع ۾ وفات ڪيائين.
[1862]
نينهن مڙوئي نور، ماڳ مٽيءَ تي ان جو ناهي
1- ذات ۾ آهي ذات سمايل، آهي صفت کان دور
ناهي خبر اهو اصلي ڇاهي
2- حال حلاجي جنهن جو آهي، سوئي ٿيو منظور
قرب ۾ آيو ڪامل ڪاهي
3- نينهن ”نثار“ نهوڙِ نيهي، محب ڪري مسرور
سوز وارن کي بيٺو ساهي
غلام علي ”مسرور“
غلام علي ”مسرور“، شڪارپور جي بدوي
خاندان ۾ 1893ع ۾ ڄائو. انگريزي پڙهندو هو جو
صوفين جي سنگت جو مٿس اثر پيو ۽ پڙهڻ ڇڏي قادر بخش
”بيدل“ جي درگاه تي اچي ويٺو. مائٽن جي زور ڀرڻ تي
وري پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ 1910ع ۾ فائنل امتحان پاس
ڪري، تپيداري جي ٽريننگ حاصل ڪيائين. ٽريننگ واري
زماني ۾ ٽنڊي جهانيان جي صوفي درويش قطب شاه سان
به سندس عقيدت ٿي. نوڪريءَ واري وقت ۾ به راڳ
ويراڳ ۽ صوفين جي سنگت سندس روحاني غذا هئي. 19-
آگسٽ 1953ع تي ٽنڊي آدم جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾
وفات ڪيائين.*
[1863]
عرض اٿئون جو تڙجي نڪتو، شوم تڏهن شيطان ٿيو
هوڏ هڻايس هاڄي ۾، جو ننديل نافرمان ٿيو
1- جنهن ۾ ڏمرجي ڏيهه ڏڻي، سو غلفت ۾ غلطان ٿيو
جنهن تي راز رباني، سوئي سالڪ سُرت سبحان ٿيو
2- اشرف صورت آدم واري، اعليٰ ان جو شان ٿيو
توڙِ پيدا پاڻ ڪيو، ته به آگي جو احسان ٿيو
3- موحد وارو مشرب اعليٰ مردن جو ميدان ٿيو
سانگو سر جو ڪيئن ڪري جو سورهيه سو سلطان ٿيو
4- ڪين ڇڏيو ”مسرور“ ادب کي، آخر تان انسان ٿيو
”الانسان سري وانا سره“ توڙي سر سبحان ٿيو.
ڪرم شاهه
سيد ڪرم شاه، ڳوٺ ٻُرڙا (لڳ ڪرن) تعلقي شڪارپور جو
ويٺل هو. فارسيءَ ۾ تحصيل ٿيل هئس. پنجاه سالن جي
ڄمار ۾ سنه 52-1953ع/72-1373هه ڌاري وفات ڪيائين.
سندس مولود مشهور آهن.
[1864]
ڏاڍي مارن جي آ اُڪير مون کي
رهنيديس ڪين هڻو توڙي تير مون کي
1- ويو ملڪ اباڻو آهه وڻي
سِڪ وطن پنهنجي جي آهه گهڻي
ڏسان شال اکيين آهيان جن جي ڄڻي
هر دم ياد اٿم ته ملير مون کي
2- تنهنجي ڪوٽن ۾ آهي جيءَ جُکي
ناهي ساعت هڪڙي ساهَ سُکي
ريءَ مارن جي ٿي آ دلڙي دُکي
وڻيا جهانگيرن جا جهنگ جهير مون کي
3- مارو ياد اٿم صبح شام عمر
ڀانيان زهر تنهنجا ٿي طعام عمر
آهيان سام تو وٽ ادا ڄام عمر
ڪيو قيد رڳو تقدير مون کي
4- ڪيان راتيان ڏينهان توکي آزي ٿي
ڏسي حال ’ڪرم‘ جو قاضي ٿي
سگهو رخصت ڏي مون کي راضي ٿي
ڪڍ بند منجهارؤن امير مون کي.
مولابخش ڀٽو ”مسڪين“
مولابخش ولد عبدالمجيد ڀٽو تخلص مسڪين، شڪارپور ۾
1892ع ۾ ڄائو. فائنل امتحان پاس ڪري سول ڪورٽ ۾
عريضي نويس ٿيو. گهڻو عرصو جيڪب آباد ۾ گذاريائين.
آخري عمر ۾ عبادت ۽ تصنيف تاليف ۾ وقت صرف ڪيائين.
سندس تصنيفات مان حقوق الوالدين، سوره يوسف ۽
ياسين جا تفصيل قابل ذڪر آهن. 24- سيپٽمبر 1953ع
تي وفات ڪيائين.
[1865]
اسين خاڪي خاص سڏايون ٿا، ڀول نه ٻيو ڪو ڀانيون ٿا
1- فاذڪروني اذڪرڪم، وحدت وک وڌايون ٿا
2- الفت واري اوڍي الفي، ناچو نينهه نچايون ٿا
3- مخفي من جي مام پروڙي، رمز سان روح ريجهايون ٿا
4- ”مسڪين“ پنهنجون پسي خطائون، نيڻن نير وهايون
ٿا
[1866]
جڏهن بره جو بانگو ڏئي ٿو بانگ ميان
تڏهن وسري وڃن ٿا ٻيا سڀئي سانگ ميان
1- بره جي بازار ۾ جيڪي اچن ٿا
ڏسي تماشا مست ٿين ٿا
لُنگ ورائي سي لانگ ميان
2- آفسون الاهي عشق پڙهائي
مڙد مڙيئي ٿو مطيع ڪرائي
جيئن نانگا ڦاسائن ٿا نانگ ميان
3- سرڪي چکي آهي جن جام وصل جي
ڪل نه پوي ٿي تن کي نماز نفل جي
توڙي طلب رکن ٿا تانگ ميان
4- عاشق اصلئون رهن اُداسي
”مسڪين“ ملڻ لئي پلپل پياسي
ڪوڙين اڏائن ٿا ڪانگ ميان
لطف علي ٽالپر
فقير لطف علي ولد مير خان ٽالپر، ڳوٺ ٽالپر وڏا
تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. اندازاً
1305 هجري ڌاري ڄائو ۽ 25 صفر 1375هجري/1945ع ۾
وفات ڪيائين. سگهڙ پائي جو گُن وٽس گهڻو هو. سندس
150 سنڌي ۽ سرائڪي قافيون نظر مان گذريون.
[1867]
روپ ڪوهياري
ويا پراهين پنڌ تي جوڳيڙا جائي
1- ڏنئون ڏاج ڏکن جو، هي سورن سامائي
2- دردن داغ اندر ۾ ڪيو ساهڙو سودائي
3- جهڄڻ جهوري آئيو، سرتيون سدائي
4- ”لطف“ ڪيچي آئيو، لٿي جانب جدائي
[1868]
روپ مانجهه
آيل آديسين جا مون کي پلپل پون پور
پلپل پون پور، ساه اندر ۾ سور
1- غازي ويا گرنار ۾، ڏَس جَنين جو ڏور
2- دوست ڏڻيءَ جا دادلا، اُهي حاصل منجهه حضور
3- سانڍيا هئڙم ساه ۾، مِٺن جا مذڪور
4- ”لطف“ ساري هنجهون هاري، درد گهڻي دستور
[1869]
روپ مانجهه
ڪالهه پرينءَ ڏي قاصد مڪم، ڪانه خبر اڄ آئي
ورنهه سندي مون وائي
1- هر ڪا پنهنجي وڳر وٿاڻين، ڪانهي سورن ڀائي
2- چري چرخو چور اندر ۾، تو ويهي عمر وڃائي
3- ٿيس اُداسڻ عشق تنهنجي ۾ جوڳياڻي جائي
4- ”لطف“ خريدي حُسن بزار ۾، برهين بين وڄائي
[1870]
روپ راڻو
ٿين ڏهاڳڻ ڏيهه ۾، ڪيئن رُٺين راڻي
1- سوڍا تنهنجي سِڪَ ۾ آتڻ اُجهاڻا
باغ وليون سب ڪاڪ جون ڪَنوَر ڪوماڻا
هيئن نه گهرجن مينڌرا مومل سان ماڻا
پئي کِهه کٽن تي، ٿيا پلنگ پراڻا
3- ڍوليا والي ڍٽ جا سوڍل سياڻا
معاف ڪندين مسڪين تؤن رسڻ رنجاڻا
4- ”لطف“ گاديون ڪين وڻن، وهه ٿيا وهاڻا
سمهڻ سُک نه آئيو پرين پڄاڻا
حاجي ڄام چانڊيو
ڄام خان پٽ رحيم خان چانڊيو، ويٺل ڪڍڻ، ضلعو
حيدرآباد سنه 1890ع ۾ ڄائو. اڻ پڙهيل هو ۽ گذر سفر
لاءِ ٻني ٻارو ڪندو هو. ساڳئي وقت ڪچهرين جو به
ڪوڏيو هو. تمام گهڻو ڪلام چيائين، جيڪو بيتن، ٽيهه
اکرين، مولودن، مداحن ۽ قافين تي مشتمل آهي. 23-
سيپٽمبر 1945ع/1374هه ۾ وفات ڪيائين.
[1871]
وٺو سانوڻ سهنج ٿئڙا
مُٺيس ماڙين، وڃان واڙين، ڏسان ڏِهَڙا
1- رسم جن جن جي ريت نه آهي، پائين سي ڪين پٽولا
لوئيارين سان ڪنديس لِئڙا
2- گهولي قسمت گهر ڇڏائي، ڪيس بنگلن ۾ بيراڳي
قضا اي سڀ ڪم ڪئڙا
3- رهيون دل جون دل اندر ۾، اُهي ڪنهن سلايان
پنوهارن سان پيچ پئڙا
4- ”ڄام“ چوي حب هميشہ، دوست داورجي هئي دل ۾
جنب جن سين گهاريم جئڙا
[1872]
ملڪ وٺو مارن جو، ويڙهه تي وري ويون ولوڙيون
قيد ٿيون هتي ڪلهڙيون
1- مون ته بندي جي باب ۾ قلم لکيو هو ڪهڙو
سڀ گهارن گهر پنهنجي، پنهوارن جون سي پلڙيون
2- رات ڏٺم خواب ۾، اباڻن وٽ آءٌ آهيان
جيءَ ته وڍيو جپ نه آهي، ڳوڙها ڳاڙن ٿيون ڳلڙيون
3- باغ باغيچا بنگلا سڀ ته ساڙينديس تنهنجا
ٿڌڙيون ڇانئون ٿر جون، هيج منهنجان جي هلڙيون
4- ”ڄام“ چوي ڄمار وئي، سانگين جي ساڙي ۾
دونهان دکن ٿا دل ۾، کامن پيون کلڙيون. |