محمد طالب لوهار
محمد طالب ولد محمد سومار لوهار، ويٺل
ڳوٺ اڊوڙي تعلقو ٽنڊو باگو، تاريخ 15- ڊسمبر 1912
تي ڄائو، ابتدائي تعليم ٿُهي مدرسي ۾ ميان جي محمد
حسن علياڻي لغاري جي مدرسي ۾ ورتائين. گلستان
تائين فارسي پڙهيو. ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول مان
مئٽرڪ پاس ڪري نوڪري ۾ گهڙيو. هينئر رٽائرڊ آهي.
سندس والد سڄاڻ سگهڙ هو جنهن جي دوڪان ۾ سگهڙن جون
ڪچهريون متل هونديون هيون، انهيءَ اثر هيٺ ۽
علياڻي لغارين جي صحبت سبب شاعري ڏانهن مائل ٿيو.
سندس ڪلام جا ٻه قلمي نسخا ”ڏهس نامون“ ۽ ”ڪليات
طالب“ موجود آهن. سندس 22 قافيون نظر مان گذريون.
[2061]
بِرهه والي بهار، عجب هڪ بات بتايم
1- عشق ڪريندا هي الٽيان بازيابن
سُر سِکيندا هي سوزش سازيان
چشمان والي چمڪار، سِڪڻ والي سُرت سکايم
2- نينهن ديان نوڪان چوٽ چڙهينديان
بِره ديان باهين ڀڙ ڀڙڪينديان
اکيان والي اظهار، پسڻ والي پرت پڙهايم
3- لُونئان ”لوهار“ ديان اوثهين لڳيان
”سلطان“ بي درديان جٿ ڀڳيان
قربان والي قرار، ڪُسڻ والي ڪرت ڪرايم
[2062]
قُل وڌوئا تو لئي بيراني
هيءَ ڀوري بيراڳڻ ٿيندي بر ۾
1- بگريون سڳريون ڪنٺا ڪنڌن ۾
سنک سڱيون سڀ بند بندن ۾
سينائون هڻندي سُڃ پٽن ۾
هوتن ڌارن حيراني، واڪا وجهندي ور لئي وندر ۾
2- جوڳيڻ ٿي مان جهاڳينديس جهنگل
پنڌ پهاڙ جا مندر منگل
ڇوهه منجهان سڀ ڇتڙا ڇنگل
وڃي وسائينديس ويراني، جهوتون ڏينديس جهنگل جهر ۾
3- مُرلي واري ڪيو من مستانو
هئي هئي هينئڙي ۾ حيرانو
پَر ۾ پچان پئي جيئن پروانو
محب ڪري ويو دل مستاني، وڃي گهوٽ ڳولينديس هر گهر
۾
4- سُرت ”سليمان“ وئي سموري ساري
لُڙڪن ساڻ ”لوهر“ ڪر رازي
پڙهه باب بره بيراني، پرين پوڪاريندئي پاڻهين پَر
۾
[2060]
اوهان جي هڪ نظر دلبر مچايو مست ميخانو
ملي ويو دور کان دلبر پرت جو پُر پيمانو
1- نماڻا نيڻ تو نرمل نهاريان ناز مان نوري
انهن جي آشنائي ۾ پچي پختو ويو پروانو
2- ايهي اکڙيون سڄڻ سهڻا عشاقن لئي عجب آهن
کڻج مخمور ٿي مان ڏي ته من وارو ٿئي مستانو
لياڪا لامڪان وارا پيارا پرت مان پائج
ڏسي ڏکيون ٺرن توکي وڃي هيهي هي
حيرانو
4- سچا سانگي ”سليمان“ تو عجب عادت سندن
الفت
نهاريئون ناز مان جيڏي ته ويو وهلور ويرانو
[2064]
مالڪ جي منهنجي من جا سي منور ڪٿي ڪٿي
جي دادلا دلين جا سي دلبر ڪٿي ڪٿي
1- ميخدان ۾ مُدامي، قُربي قدح ڪلامي
ساقي اڳيان سلامي، سي سَروَر ڪٿي ڪٿي
2- احمر جني اُجالا، نينهن نيش تنِ نرالا
پيرين پريمي پيالا، سي پَروَر ڪٿي ڪٿي
3- نوري جني نظارا، روشن جهان سارا
الفت جني اشارا، سي اَنوَر ڪٿي ڪٿي
4- ويڙا پُڄائي پنهنجا، اَنهنجايا ساهه سنهنجا
جي حال ڀائي تنهنجا، سي همسر ڪٿي ڪٿي
5- سهسين ”سليمان“ آيا، جن تخت واء چڙهايا
ڪنهن لئون ”لوهار“ لايا، سي لشڪر ڪٿي ڪٿي
[2065]
ڪئي ڪانه منهنجي پنهوارن پوئواري
ڏکن ۾ ڏکيءَ کي لنگهي رات ساري
1- ڇڏي ڇو ڇڏيائون، نه گولي گڏيائون
نه اوڏو اڏيئون، مٿي ويڙ واري
2- ملائيندو موليٰ، ڪندو ڪاڄ سولا
اُڪاريندو اولا، هي پِرتئون پياري
3- امر هيءَ امانت، ساڻيهه ڏي سلامت
ادا آهي توکي جا سرتين سپاري
4- تون موليٰ ملائج، نه ”سليمان“ سڪائج
تون راحم رهائج، منهنجي توبهه زاري
[2066]
ڪئين سور سختيون وِرهه جا وُٺاٿم
بِرهه واريون بڻڇيون ۽ ڀالا ڏٺا اٿم
1- مٺا يار محرم ڏنئي زخم هڪڙو
مگر دل جا دل ۾ سوين ڌڪ سٺا ٿم
2- ڪئين وار دلبر ڪري آر ڪيڏا
جگر جان جيرا ٿي قاتل ڪُٺا ٿم
3- سنڀاريان پيو ساقي سندئي صاف سُرڪي
ڪڙائي ۽ قاتل کان ماکي مٺا ٿم
”سليمان کان سانول ڀڃج ڪيم ڀيرو
تنهنجا سور سُهمان ته سڀ کان سُٺا ٿم
[2067]
ڏوٿين ڏٺي ٿيم ڏينهن، مانَ ملائي مارو موليٰ
1- جف الفلم بما هُوَ ڪائنً، نِيَر منهنجي نينهن
آگ ڏيکاريم اهي انگ اولا
2- آءٌ جهانگياڻي جهنگن هاڻي، ڪوٽن ڪيو مون سين
ڪيئن
رب ڏيکاريان هي رَهه رولا
3- بحرالستي موج مچائي، جر موٽي ٿو جيئن
وڃي سرتين ساڻ ڪنديس سر سيلا
4- ستر ”سليمان“ صاحب رکندو، آگو ڪندو مان سين
ايئن
مارن ساڻ ڪنديس من ميلا
فقير ولي بخش راڄڙ
فقير ولي بخش پٽ فقير پير بخش، مشهور شاعر منٺار
فقير راڄڙ جو پوٽو، 1331هه ۾ پنهنجي ڳوٺ منٺار
راڄڙ (کاڻي وڏي)، تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.
سروري جماعت جي سماع ۽ ذڪر جي تربيت پنهنجي ڏاڏي
منٺار فقير راڄڙ کان ورتائين، ۽ پوءِ مخدوم طالب
الموليٰ صاحب جي صحبت ۽ سلسلي ۾ رهيو.*
[2068]
موٽ سگهو منٺار وو يار، تنهنجي آهي سِڪ ستايو
1- ڪانگ اُڏاريان فالون پايان، پڇان پوٿيندار وو
يار
ڳچيءَ پاند پلاندڙ پايو
2- هنجهون هاريان واٽون نهاريان، پلپل آهي پچار وو
يار
لڳو نينهن نه ڪنهن لڪايو
3- پائي لِيَڙو قيد ٿو ڪيڙو، کڻي حسن سندا هٿيار
وو يار
مون کي نازن ساڻ نمايو
4- توڏي نه ڪائي مون ڏي مڙيائي، آهي محب ميار وو
يار
اوهين پنهنجو پاڻ ڀلايو
5- پاڻ ڀلائج واڳ ورائج، ”ولي بخش“ کي نه وسار وو
يار
محبت تنهنجي مچ مچايو
[2069]
عمر اباڻي پار، وٺا مينهن موڪون
ساڻيهه سانگين جو ٿيو سڀئي سوايو
1- خبر کِئَن جي مارن موڪلي ته وٺو سڀ ولهار
لٿيون راه روڪون، مون کي سنگهارن آهه سڏايو
2- آءٌ قسمت قيد جا ڪيڙي، ٻيون ڀيڙيون ساڻ
ڀتار
لائين گولاڙا ۽ گوڪون، مون کي قيدن آهه
ڪنبايو
3- آئي اُهي مند کُنڀين کائڻ جي، ٻيا به ڏٿ هزار
پڪيون جام پوکون، مارئي مارن ساڻ نيئي ملايو
4- عمر لوئي آءٌ ڪيئن لاهيان، هسيون پائي هار
ڪندامون تان ٽوڪون، مهڻو مون ڪاڻ هي گهڻو ئي آيو
5- ”ولي بخش“ چئي ويڙهه وڃان آءٌ، مارو ڏيندا ميار
پسان جهانگين جهوڪون، سرور شاه ڪندو سانگ سجايو
شمس الدين پلي
شمس الدين عرف شمس علي ولد دِلُو ذات پلي، ڳوٺ دلو
پلي جو ويٺل آهي. اندازاً سنه 1913ع ۾ ڄائو.
شاعريءَ ۾ سندس اُستاد ايوب فقير آريسر آهي.
ابتدائي عمر زماني سازيءَ جي حرص هوس ۾ وڃايائين،
پر آخر توبهه تائب ٿي فقيري اختيار ڪيائين ۽ گوشه
نشين ٿيو. سندس ڪلام بيتن، ٽيهه اکرين ۽ قافين تي
مشتمل آهي.*
[2070]
ويل نٿا هڪ وسرن، ويڙهيچن جا واڙا
1- مارو ڪريو ميڙا، ڀُڻن سدائين ڀيڙا
ويڙهين اندر ويڙها، پنهوارن جا پاڙا
2- چوٽ ڀٽن تي چاهي، ٺيڪ ٺڪاڻا ٺاهي
لاڏڻيون لس لاهي، لويارن ڪيا لاڙا
3- مينهن وسي ڪيون موڪون، پڪيون پنهوارن پوکون
جهانگين جون جِت جهوڪون، ڪن تنوارون تاڙا
4- ”شمس علي“ ٿي ساريان، گهريون جي هِت گهاريان
پاڻ مُٺي پئي ماريان، سورن جا ٿم ساڙا
[2071]
لال لاهوتي مرد مهيسي، جڻي عشق جا پائن ٿا
هِردي اندر هر ڪنهن ويلي، اِلالله اَلائن ٿا
1- محبت واري موج مچائي
نيهي پنهنجو نينهن نچائي
پير پتنگ ٿي پڙ ۾ پائي
سوريءَ سِر سنڀائن ٿا
2- ڪَنٺ ڪڙولا ڪشتيون پائي
ونجهليون وحدت وير وڄائي
لاڳاپا سڀ لوڪ جا لاهي
رمز ۾ رام ريجهائن ٿا
3- ٿرن برن ۾ ٿان ڪو ٺاهي
سامي سچ جو سانگ بنائي
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳائي ڳائي
هوڪو حق هلائن ٿا
4- ”شمس علي“ سر شهنشاهي
آيو جن تي عشق اِلاهي
رمز انهي منجهه ٿيڙا راهي
ويسر ورق وڃائين ٿا.
[2072]
سوز جو سامي سبق سيکاري
سيڪڙي سرسي لائي ويا، سمجهائي ويا
1- رهبر ٿي جن راه ڏيکاري
دست وٺي دڳ لائي ويا
2- باهه بره جِي ٻارڻ ٻاري
دردي دُود دکائي ويا
3- وحدت ڪثرت واري منزل
رندي رمز رسائي ويا
4- ”شمس علي“ تي شاهنشاهي
محبت مچ مچائي ويا
[2073]
چرخو عجب چلايو مالڪ
آدم کي اظهار ڪري
1- امر نهي جو ڏيئي اشارو، آدم حوا کان ڌار ڪري
2- جڏهن ٿِيَڙا جوڙو پَئِي سي، توبهه زاروزار ڪري
3- ظاهر زليخا يوسف خاطر، حسن ڇڏي حبدار ڪري
4- ”شمس علي“ کي شاهنشاهي، سونهن ڇڏيو سرشار ڪري
عبدالمجيد ”ماجد“ اهروي
درگاهه صوفي فقير (اهر) جو مجاور، عبدالمجيد ولد
ٺارو خاصخيلي 1915ع ۾ ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ
۾ ڄائو. ابتدائي تعليم بعد انگريزي پڙهڻ لاءِ
مدرسةالاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو پر گهرو مجبورين
سبب جلد ئي ڳوٺ موٽي آيو، ۽ اچي ولهيٽ جي مدرسي ۾
مولوي عبدالڪريم ساند وٽ عربي ۽ فارسي جي تعليم
ورتائين. کيس شاعري ورثي ۾ ملي جو سندس پيءُ به
سگهڙ شاعر هو. سندس ڪلام قافين، بيتن، مداحن، ٽيهه
اکرين ۽ مناظرن تي مشتمل آهي.*
[2074]
جهُڙ هجي توکي جس، سارنگ لهجان منهنجون سنڀارون
1- بادل برهه وارن تي، اچي اوهيرا وس
پلپل آهن تنهنجون پچارون
2- ڪنڍڙيون ڪاريون قربئون ڪاهي، لاهه قلب تان ڪس
تن من ۾ آهن تنهنجون تنوارون
3- اولا اکين جا تون لاهي، رک مٺيءَ سان رس
درد مٺيءَ جي جو ڪر ڪو دارون
4- هال ”ماجد“ جو هٿ آهي هيڻو، اچي پيارل پس
ڪريان قرب تنهنجي ۾ ڪارون
[2075]
مون کي هٿ ڇڏي ويا جَت ڙي اديون
هاڻي ڪيئن ڪاهيان مان ڪيچ ڏي
1- پنهل ڌاران پٻ ۾ الا، ڀيڻي ناهم ڀَت ڙي اديون
2- اوکا گهاٽ جبل جا الا، پهڻ وڏا پربت ڙي اديون
3- هن ٿڪيءَ کي ٿرن ۾ الا، سائين ڏيندم سَت ڙي
اديون
4- ”ماجد“ ماري آهيان الا، تن گنگن جي ووگت ڙي
اديون
[2076]
اُٿ گؤنرا ڇڏ گوڙاٽ
وٺ ڪا واٽ، پنڌ پراهون پٻ جو
1- روڏا ويڏايون ڇڏي، وٺ سڌي واٽ سنواٽ
2- واڪي هل تون وندر ۾، ڪري گهوگهٽ ۾ گهوگهاٽ
3- ڪاهه ته پهچين ڪيچ کي، ڇڏ ڪوهن ۾ ڪوڪاٽ
4- ”ماجد“ جون منٿون مڃي، تون لالڻ ڏي ڪا لاٽ
[2077]
ڪِيَم نه ڪتڻ جي ڪارلا، ساريون راتيون سمهي وڃايم
1- ڏور آرٽ ۾ وڌم نه ڏانئي
ويٺيس وقت ڪتڻ جو وڃائي
نيڙم ننڊ خمار، سمهي سور پرايم
2- ڪتيم ڪين ٿلهو نڪي ٿورو
ڪين ڪپهه جو ڦولهيم ڦورو
ٿيڙيس آءٌ بيڪار، مٿان ڏينهن ڏهاڳ جو آيم
3- سرتين ساجهر آرٽ سان اوريو |