ملڪ سڄي ۾ مسڪين هجي
يڪدل ياقي يقين هجي
تنهن کي لڳو ڪري لاچار اديون
5- سون ڪسوٽي وينجهار هجي
سرپوش سپہ سالار هجي
توڙي تخت تابعدار هجي
تنهن کي شوق ڪري شرمسار اديون
6- توڙي عابد ڪو انسان هجي
توڙي هندو مسلمان هجي
توڙي بيشڪ با ايمان هجي
تنهن کي به گڏيو گرفتار اديون
7- توڙي سرڪش سيل سِجين هجي
بدچال برو بي دين هجي
نحس ناسارو نابين هجي
تنهن کي چٽو ڪري چوڌار اديون
8- مشرڪ انڌو عليل هجي
توڙي ڪافر ڪارو ڪٽيل هجي
توڙي بد قوم بدعتي بخيل هجي
تنهن کي صيقل ڪر سردار اديون
9- آهي محبوبي ميخان جتي
ساري صفت سُئي ”سليمان“ اتي
اچي پرت پياريو پيمان هِتي
تنهن تن ڪيو تڪَ تار اديون
[1772]
بي مثل دا مثل ڏٺوسي، احدؤن احمد اصل ڏٺوسي
1- بي مثل دي بات نه ڪائي، وَه جا رانول رمز رلائي
هادي هِردي وچ هلائي، قرب والي ڪؤنسل ڏٺوسي
2- ڌڙ ڪنون سِر ڌار ڪريندي، وڍڻ دا وهنوار ڪريندي
نينهن نسنگ نروار ڪريندي، غازيان تي نه غسل ڏٺوسي
3- جذبئون جان جلاون جوڳي، ويک تنهان ڪون روندي
جوڳي
وعدي راز رضا دا ڀوڳي، نينهن واليان دا نسل ڏٺوسي
4- سير ”سلطان“ سي پير چا پاون، ڳالهه اها ئي اُلٽ
آلاون
نيت اِهين نال ناٿ نماون، ول اِهين وچ وصل ڏٺوسي.
[1773]
روپ تلنگ
سر ڪريندا هي ڪير، ساڪن شوق شهر دا
1- شوق شهر دا شير بهادر، دانَهه درس دلير
مالڪ ٿي مظهر دا
عاشق ٿي اثباتي والا، پرتنئون ڀريندا پير
ڀَنيندا ذوق ظهر دا
3- ذات صفات دا پاڪي خرقا، رکدا ڦند ڦير
باطن والي بحر دا
4- ”سليمان“ سر دا فرق نه ڄاڻي، گهٽان گهمدا گهير
ٿي نواز نظر دا
[1774]
مينهن رانجهن ڪيتا يار جڳ وچ، جوڳڻ ٿي مين جاندي
هان
جوڳڻ ٿي مين جاندي هان، سر پر سهم سهندي هان
1- ٿي ڀڀوت مست ملنگي، صاف سراسر صورت سنگي
بيک پنان ٿي بي ننگي، ڳلي ڳلي کڙڪاندي هان
2- ڦيردار فقير ٿي ڦِر سان، نال پريت دي پير جو
ڀرسان
سِر دا سودا صاف ڪريسان، ملڻ ڪيتي ماندي هان
3- عيشن ڪيتي دل ديواني، موهي مورت حسن حقاني
هر دم حاضر هان حيراني، وِره ڪنون نا واندي هان
4- سڱ سياڪي سب سٽيسان، ”سليمان“ اهو مُنهن نه
مَٽيسان
خودي ڇوڙ تي خان کٽيسان، آس اها ڪر آندي هان
[1775]
رانجهن يار پياري نال، مين رلمل ويسان پار
1- طعني تنڪي سُهمي سهسان
چا بَديان دي بار جو ويسان
جهلي پلي هُن مور نه رهسان
دلبر ڪنون ڌار
2- اَهم دهم دي ورق وڍيسان
ڪاٽ قلب تون قدمين پوسان
کيڙي تيڙي ڪنون نه ڏر سان
تهدل تر سان تار
3- آپ وانڃا هُڻ آپ جوڙيسان
ماهي ميڏي نال ٿيا ماهر
عشق اڪيلا نال جو نيسان
نينهن ته ڪر نروار
4- تخت هزاري ڪنون ٿي ٻاهر
ماهي ميڏي نال ٿيا ماهر
”سليمان“ سر ذاتي ظاهر
ڪيتم قول قرار
[1776]
اُلٽي اوج دي من موج ڦڙڪي فوج فن فالم
دائم دور عشق اگهور آيا اتور وچ عالم
1- الٽي آر چون اظهار بيقرار بن بازي
قتل ڪار تي هموار ٻڌ دستار گڏ غازي
وصل واس پتنگ پاس تن وچ تاس رک تازي
جذبا جام قرب ڪلام مٺڙي مام ٿئي معلم
2- اُلٽا انگ جوڙي جنگ لِيا لنگهه ڏي لولي
هردم حال بره بحال ڪيف ڪلال ڪل چولي
عجب اور گهرا غور توڪل طور دي ٻولي
ربي رنگ نيڪ نسنگ ثابت سنگ ٿيا سالم
3- الٽي لات ڪر اتٻات صاف صفات صورت دي
دل ديدار ڪر اعتبار ميگهه ملهار مورت دي
دل دلجاءِ ڪر برجاءِ پا پوشاڪ پورت دي
ناز نواز فيض فياض امر آواز وچ عالم
4- الٽا نور ٿيا ظهور پيالا پور ڀر پيوين
من منصور ٿي مخمور مت منظور ڪر ايوين
اصل ايڪ نظر نيڪ هادي هيڪ تون ٿيوين
گوهر گيان ”سليمان“ ڪر بيان ٿي سالم
مهدي شاه جهانيان پوٽو
سيد غلام مهدي شاه ولد امام بخش شاهه تعلقي موري
جي شاهپور جهانين جي ساداتن مان وڏي توڪل ۽ صبر
وارو درويش هو. گيڙو جامو ڍڪيائين، لُڙڪا پاتائين
۽ پنهنجن طالبن جو ٽولو پيدا ڪيائين ۽ موج مستي
واري منڊلي مچايائين. محمد فقير کٽياڻ ۽ مهدي شاهه
پاڻ ۾ ملاقي ۽ محبتي هئا. مهدي شاه سنه 1969ع ۾
وفات ڪئي. ”جهانيان خاندان“ ۾ ڇپيل سندس 15 قافيون
نظر مان گذريون.*
[1777]
سڌو پنڌ صورت جو ٻيون واٽون سڀ ور
ٻيون واٽون سڀ ور، ڏورين ڇو ڏونگر
1- مال مڏيون محبوب تان، گهوريان سارو گهر
- لاهي لاڳاپا لوڪ جا، صدقي ڪيان هيءُ سر
3- لاهيان لحم لڱن جو ماس هڏيون ۽ ڳر
4- محڪم مستي موج ۾ مهدي آ ماهر
[1778]
ڪوهيار
لائي لاحد لڪ لڪايم، عشق ڪري اظهاري، حد حقداري
1- حد لاحد جو مالڪ آهيان، سوره سِر سرداري، خيال
خماري
2- جذب منجهارون جامو پاتم، جيڏن ۾ جنساري، حال
هزاري
3- ڪربل ڪاهي قدم ڪڏائي، آيس ٿي اختياري، قول
قراري
4- نيهي ناتو نينهن نباهي، مهديءَ جي مهنداري، هئي
مختياري
[1779]
ڪوهياري
جامو پهرايم جن، آءٌ قرباني ٿيان تن
موهي من مستان ڪيو، مرڪي محبوبن
1- پائي پيشوازي، ڪيوسين روح راضي
بره بيرنگ بازي، ڇيريون ٿيون ڇمڪن
2- نــورا ننگيدار، گهنگهــرو ڪــن گهڻڪار
ٻانهين ٻيڙيدار، بازو بند ٻڌن
3- منڊيون منڊ هڻن، خوشيءَ مــان پير کڻن
ڪانگڻن جون قطارون، ٻانهن منجهه ٻهڪن
4- ”مهدي شاه“ سان ملــن، کليو خــوش ٿين
باهيون ٿيون ڀڙڪن، اڱڻ محب اچن.
[1780]
مالڪوس
سِر جو سانگو لاهه، ڀلي پوءِ عشق کي هٿڙو لاءِ
1- اڳ ۾ لاهج سر جو سانگو،
گوڙ گلا جو پائج گهانگهو، ڪڏي ڪنڌ ڪپاءِ
2- ڪار قتل کان ڪنڌ نه ڪڍائج
ڪربل وارو قرب ڪمائج، اتي اک اٽڪاءِ
3- منصور مرڻ کان مور نه مڙيــو
سِر سوريءَ تي ساجهر سهڙيو، اناالحق آلاءِ
4- ڇڏ غلامـــي ٿـــيءُ تـــون غــازي
رمز رنديءَ ۾ رهه تون راضي، ”مهدي“ محب ملاءِ.
سيد گنبل شاهه
سيد گنبل شاه وڳڻن جو ويٺل، وريل فقير ابڙي جو
طالب هو. وريل فقير جي وفات کان پوءِ محمد فقير
کٽياڻ واري رنگ ۾ آيو.
[1781]
روپ ڪامول
لکين ڪامل ڪرامت جا، نِوايا نينهن جي ناتي
جلن العشق نارالله، چريا ڪيا چشم جي چاتي
سچي صورت سڃاتائون، نيڻن نئون نينہ لاتائون
’سَوِي الله‘ سُر پاتائون، پيا
منجهه عشق اوراتي
2- رڙهي روه رڻ رڃ ۾، ڪيائون سير سڀ سڃ ۾
اصل عاشق وتن اُڃ ۾، لقاء الله
لنؤن لاتي
3- مجازي مست ٿيا مُل ۾، پچن قيامت سندي ڪُلَ ۾
’اِذازلزلة‘ ذل ۾، کِيا ڪنهن خون جي کاتي
4- ڪيائون سير سلطاني، ٿيا قربان قرباني
فدا اسباب سڀ فاني، بِت جي پور منجهه پاتي
5- ”گنبل شاه“ جيها لک ڪيئي، مُنجهي متڙي تنهن
ويئي
سوگها ٿيڙا سڀئي سيئي، درُس منجهه دام تودا تي.
[1782]
روح نه اچي منهنجو هِت راس
مارن پاس محبت مينهڙا وسايا
1- سِر لوئي ڳل ڪنجرو، روئي رت رُنياس
2- وهواه جا واحد وڻي، وطن وري شل ويندياس
3- اميد اٿم الله ۾، اوڏي ٿي ويهندياس
4- قضا جي هن قصد جا، ڪاڪين ساڻ ڪندياس
5- ”گنبل شاهه“ چئي گُوندرين، مارن سان ملندياس
[1783]
جڏهن پاتو ڪجل ڪاني، منهنجي ڪَيڙوَ دل ديواني
1- جڏهن چشم کڻي ٿو چهرِي، هَٿِ باز بڇي ٿو بحري
ڦري ڪان هڻي ٿو قهري، زره چاڙهي ڪمان ڪياني
2- تنهنجو حسن فريب فرنگي، چاڙهي لشڪر رومي زنگي
تنهنجا خال خدنگ تفنگي، ڪن زورئون مُلڪ زياني
3- لب لعل ياقوت رُومانا، ڏند موتي جَڙيا مرجانا
گهڻا مستيءَ ڪيا مستانا، پسي جلوه جوت نُوراني
4- سر ٻڌڙو شَملو شاهي، تون ته بيشڪ بي پرواهي
ڏاڍو سرڪش سيف سپاهي، هَٿِ حُڪم سِڪو سلطاني
5- ”گنبل شاه“ غلام سڏايو، پائي پاند ڳچيءَ ڳل آيو
تنهن کي پِرين اوهين پاڻ پسايو، ڪيو افضل ڪا
اِحساني.
[1784]
منجهه خواب جي خيال، سڄڻ رات مون ڏٺو
رات مــون ڏٺــو، پــرڀــات مــون ڏٺــو
1- نوري نور جو نروار ڪوچمڪار جو چمڪو
وڏيءَ جوڙ ۽ جمال
2- کڻي نيڻ نازڪ نينہ ڀريا، محبن مون کي مست ڪيو
انهين قرب جي ڪمال
3- ”اناعبد“ ۽ معبود جو مقعود مجمعو
خوش خيال ويس وصال
4- ذاتي ذات ۾ صفات ڪو اثبات ٿي آئيو
الف ميم جي مثال
5- ”گنبل شاه“ چئي غم درد جو احوال عاشقان
سِک سوز ڪرقتا!(1)
[1785]
منهنجي دل جا مطلب ٿيا ٿيا
جڏهن ڪيڙم درسن دوست جو
1- پاتــم لڪائي لـوڪ کـؤن ميان
لالڻ ڪارڻ لِيا لِيا
2- دام ديــدن دل يار جا ميان
بِرت منجهارئون پِيا پِيا
3- محبت جن کي ماريو ميان
مري سي عاشق جِيا جِيا
4- ٻاريا پرين ٻاجهه سان ميان
ڏيل اندر منجهه ڏِيا ڏِيا
5- ”گمبل شاه“ چئي پسندي پرين ميان
غم وهم سڀ ويا ويا
سيد انور شاه
انور شاه، ڳوٺ جهانيان تعلقي ميرپور ماٿيلي جو
ويٺل هو. صاحبڏني شاه جو طالب ٿيو جيڪو قلندر شاه
ڪڇي ڌڻي (ضلعو ڪڇي، بلوچستان) جو طالب هو. سنه
1973ع ۾ سندس ڳوٺ جهانيان ۾ وفات ڪيائين. سندس
جملي 171 قافيون نظر مان گذريون.*
[1786]
هر صورت اظهار ٿيس، انسان مان حيوان مان
1- هڪ جاءِ هيس حيرت نه هئي، داڻو کاڌم عبرت پئي
حرڪت اصل ابليس ڪئي، نادان مان شيطان مان
2- اچي عبديت اولو ڪيم، اسلام لئي احد چيم
جڏهن خيال پنهنجو جيءَ پيم، فرقان مان
ڪفران مان
3- ڪاٿي موسيٰ، فرعون مان، ڪاٿي عيسيٰ ٿي
عرش وڃان
داؤد ۽ اسمي عيان، امڪان مان عمران مان
4- ازل کان آهيان علي، نالو منهنجو آ رَبّ جَلي
”ڪُل شيءِ هُو“ هلي، شاهه مردان مان، مروان مان
5- ”انور“ ٿيو اظهار حق، اسرار حق، اعتبار حق
ساقي صحيح سردار حق، ميخان مان مستان مان.
[1787]
قدم منهنجو پري پهتو، اڃا منصور آ اوري
1- توڙي آدم صفي الله، توڙِ آ نوح نجي الله
توڙي ابراهيم خليل الله، موسيٰ ڪوه طور آ اوري
2- توڙي مجنون توڙي سرمد، توڙي فرهاد ڪئي آ حد
انهيءَ حد کان آهيون لاحد، منگهن مخمور آ اوري
3- نفي جو ناد وڄايو سِي، فنا جو فيض پايوسي
عدم ”انور“ ملهايوسِي، الٰهي نور آ اوري.
[1788]
آيا عشق حسن آفاق ڪنون
سارا سير صفات دا ذات ڪنون
1- شاه ڪٿان گدا هي ڪٿان
ڪٿان ناز ڪٿان فدا هي ڪٿان
ڪٿان جمع ڪٿان جدا هي ڪٿان
ڪٿان ناز نفي اثبات ڪنون
2- ڪٿان جوان جنگي بن جهاد ڪري
ڪٿان بربادي ڪون آباد ڪري
ڪٿان ڳاني گهوٽ ول شاد ڪري
اهو قرب ڪِيتُس سرڪات ڪنون
3- آيا ملڪ مديني دا مير ڪٿان
شائق شاه شبير ڪٿان
هويا جهنگل سارا جاگير ڪٿان
ٿيڙا ناز نوازي دي نات (1) ڪنون
جٿان شير ڪرن شڪار اِهو
اٿان محبت دا مارو مار اِهو
دائم دلبر دا ديدار اِهو
اٿان حڪم آيا هڪ رات ڪنون
5- جڏان نينهن نسنگ دا نشان آيا
اهو منصوري سر ميدان آيا
صاحب سولي اتي سلطان آيا
لائق لاشڪ والي لات ڪنون
6- جڏان الست والا آواز ڪيتس
نيزي نينهن اُتي ول ناز ڪيتس
اٿان شائق ساري شهباز ڪيتس
جڏهن پره ڦٽي پرڀات ڪنون
7- ”انور“ حق هوشياري دا
صاحب سُلي اتي سواري دا
مليا ملڪ اهو مختياري دا
جند ڇُٽ پئي دَلق دَرجات ڪنون
پير شاهه
پير شاه ويٺل سهڪجي، رُڪ، اڇن شاهه پهنواري، رستم
جو طالب هو. ۽ ساڳئي وقت علي شاهه، سهڪجي رُڪ،
محمد فقير کٽياڻ جو طالب هو. اڇن شاهه، حسن شاهه،
جعفر شاهه، ميرل فقير ڀٽو ۽ پيراڻو فقير جيهو اهي
سڀ نبن فقير جيهي (وفات 1926) جا طالب هئا. (1)
[1789]
پيتم شوق شراب جو جام، جتي ڪفر نڪو اسلام
1- پير مُغان ڏنو پرت جو پيالو، من ڪيو آ تنهن
متوالو
دم دم دل ۾ دلبر جو نالو، عيش وڏو آرام
2- مئي جو پيالو پيتم رنگي، وحدت ۾ هيءَ دل آ ونگي
واه مليو اچي ٻهڳڻ ٻنگي، خيال تڙيو تنهن خام
3- عشق جي عجب ڏٺيسي چالي، نينهن وارن جي آ ريت
نرالي
سدا رهن ٿا مست موالي، ساهه ڪيو آ سلام
4- محب اچي لاٿو مونجهارو، عابد زاهد ناهيان يارو
صحي ڪيوسي سِرُ هي سارو، ”پيرل شاه“ رکي نام.
حاجي جيلاني شاه دوداپوري
حاجي شاه ولد محمد ابراهيم شاه جيلاني دوداپوري،
هنن جيلاني ساداتن جو وڏو هادي حسن شاه اول هو.
پوئين دور ۾ سندن سڪونت دوداپور تعلقي ڳڙهي خيري
ضلعي جيڪب آباد ۾ هئي. سنه 1377هه ۾ وفات ڪيائين.*
[1790]
پير مغان پُر جام پلايو، دارون آ دُنگ شراب
1- پي پيالو پر ٿياسي، نشو آ نينهن نواب
2- مک محبوب معراج ڏٺوسي، حاصل آ حج طواف
3- سوريءَ سرڙو سالڪ آڻن ڪُڏ ڪُڏ ڪوڏ ڪباب
4- سِر ۾ سُرندا ساز وڄن ٿا، رڳ رڳ روح رباب
5- عشق ”جيلاني“ اُپر اُڏايو، اُڏايو آ عرش عقاب
محبت فقير سومرو
محبت فقير جو اصل نالو ’جمعو‘ هو ۽ پير ڳوٺ ڀرسان
رهندو هو. سخي قبول محمد ثاني جو طالب هو، جنهن
کيس محبت فقير جي نالي سان سڏيو. درگاه مخدوم نوح
رحه جي سجاده مخدوم غلام محمد عرف گلڻ ڄام (فات
1362هه)، محمد فقير کٽياڻ ۽ محمد فقير ڦرڙي سان
خاص قرب هئس. آخري وقت ۾ تعلقي ڪوٽ ڏجي ۾ رئيس
خدابخش جسڪاڻي وٽ رهيو ۽ 1960ع ڌاري اتيئي وفات
ڪيائين.*
[1791]
عشق عجيبن مُڪو اسان ڏي، سوز درد سامان ڪري
1- توڙئون آيو طرف اسان جي، طور طبل طولان ڪري
2- بيرنگ برسر برسي آيو، بِره بدر باران ڪري
3- نوبت ناد وڄائي نيهي، نينهن نسنگ نيشان ڪري
4- ”محبت علي“ مئي مستي وارو، جوش جنگي جولان ڪري
[1792]
حُسن جنگ جابر جلالي لڳي
ڪجل ڪار ڪيفي ڪمالي لڳي
1- حُسن هام همدم ۾ حالي لڳي
بره باه ڀڙڪي بحالي لڳي
2- دوباري ديدن جي دونالي لڳي
چوٽان چوٽ چشمن جي چالي لڳي
3- لبن خوب لاثان لالي لڳي
نظر نوڪ نيڻن نِرالي لڳي
4- ”محبت علي“ بي مٿالي لڳي
گهُلي واء وحدت وصالي لڳي
[1793]
تون دلربا دل اَڙي آ اَڙي
قابو قرب تنهنجي ۾ ڪَڙي آ ڪڙي
1- بره باه ٻاري چِيانتيون ڏئِي چوڌاري
جلي جانِ ساري سَڙي آ سَڙي
2- حُسن لئي حيراني ڪئي دل ديواني
جادوگر تو جاني جَڙي آ جَڙي
3- نيڻن وارو نٽڪو، پَسي چشم چَٽڪو
ڪري لاڏ لٽڪو لڙي آ لڙي
4- ”محبت علي“ موچارا، سُرن جا سيپارا
پنا پرت وارا پڙهي آ پڙهي
[1794]
جي پڄئي ته پاڻ سڃاڻ ظاهر زهدکؤن ماٺ مِٺي ٿِي
1- ڇڏ طمع تڪرار ٿي طالب، ترڪ دنيا واجب ڄاڻ
ڪنهن سان قائم ڪين ڪَٺِي ٿي
2- ڀڃ ’ڀائڻ‘ عقبيٰ جو ڀولو، حور قصور کؤن پلي ڇڏ
پاڻ
چڱي تنهن کان وِره وَٺِي ٿِي
3- ”وهُوَ مَعڪُم اَينما ڪُنتم“، ساجن توسان ساڻ
ئي ساڻ
”و نحن اقرب“ چُست چٺي ٿِي
4- اول آخر ظاهر باطن، ڄاڻ انهيءَ کي پاڻ نه آڻ
مُڙ نه ”محبت علي“ سِر جي سَٺِي ٿي
صوفي شرف الدين ”شرف“
شرف الدين صوفي لڳ مٺياڻي اسٽيشن جو ويٺل هو. سندس
ڪلام مشهور هو ”بي زار برابر مئن آن ٻانهي ٻاروچل
دي“ ويجهڙائي واري دؤر ۾ وفات ڪيائين. اندازاً 400
کان وڌيڪ قافيون چيائين. ازانسواءِ بيت ۽ نظم پڻ
چيائين.
[1795]
الله نال عاشق دم اور ويندي
سٽ ساجن تؤن سِر گهور ويندي
1- سالڪ صورت ڪون سجدا صاف ڪرن
صاحب سي نه ڪڏهن بُکان ڪاٽ مرن
تسبيح تال والي ڇن ڇوڙ ڌرن
مڻيا مونجهه والا ڀن ڀور ويندي
2- رهندي دور دنيا دي صلاح ڪنون
هن واقف واٽ الله ڪنون
لنگهه پار فنا في الله ڪنون
شاهي شوق وچون شهزور ويندي
3- ماکِي ملڪ تنهان دا مڪان ويکو
جِنهان نانہ وچ کوڙيا نشان ويکو
سهڻي صحت والا سامان ويکو
ڪالي ڪلفت ڪون ڪپ ڪور ويندي
4- ڪيتا ماڳ عشاقان ’ڪين‘ ويکو
ڀلي جاءِ وڻي ”شرف الدين“ ويکو
رهندا هوت اٿاهين حسين ويکو
مانجهي ملڪ اِهين تي ڪي مور ويندي
[1796]
بي زر برابر مئن هان ٻانهي ٻاروچل دي
خادم خاص غلامان، پورهيت يا پنهل دي
1- جانب ڪيتي جلد جدائي، پئي نه ڪَل قهر دي
مِل مِل سهيو ڏيوو مئڪون صاف صلاح سفر دي
مئن نه گهوري گهر دي، مئڪون جهوري جهنگل دي
2- ويندي وقت وساريئي مئڪون ڌوٻڻ ڪرڪي ڌاري
آيس ڏوهه ڏيکڻ وچ ڪوئي، گهوٽ گَهتِي ڪيون گهاري
توبهه زاري زاري، ڳالِهين ڳڻ ڳَڻ ڳلدي
3- ويسان واٽ ”شرف الدين“ اهائي، جانب گِهن ڳيا
جائي
ڏک ڏولاوي ڏوهه ڏنگايان، چار ئي ويسان چائي
پاند ڳچي وچ پائي، رورو اکيان مَلدي. |