سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :7

         ڪيتا حسن همہ ڪونه حيرانا وي
 

[1809] جوڳ

                  ويک نينا دا ناز سهيو

                 لا حيرت وچ هن مئن پَيّان

1-       ناز نهين هي ڪو باز الاهي، دستا چُٽڪيا شاهن شاهي
ڇوڙ مَ عقل انداز سهيو، سڻو سمجهو ميريان سهيان
2- پرت جنهان دي هووي پوري، پُر پيوي سو مئي مخموري
ٿيوي محرم راز سهيو، رمز انهين وچ مئن هڻ رهيان
3- ٿيان خوشيان هر دم شڪراني، دوست آيا ڪر دور بهاني
ويک رانهو دا راز سهيو، وچ ڳُڻين دي ڳهه مئن ڳَيان
4- ”محمد علي“ مرشد ميرا، دلبر دل وچ ڪيتا ديرا
وهواه بنده نواز سهيو، تابع ٽوڙئون تنهن دي ٿيان.
 

[1810] ملهاري

موسم مينهن ملهاري وي، ڇِم ڇِم ڪر گهر آ تون ميري

1- شيرين سُخن تيرا رنگي رانجهن، شَهد شڪر سڀ ساري وي
ڪوئي قُمري بات سجن سُن، غلط ڪيتي گفتاري وي
شرمنده ٿيون اڳيون تيري

2- کول گهونگهٽ ٻَہ ڪول غريبان، هَس وَس هڪواري وي
نال اسا ڏي هر دم هووين، مِنٿ مَنِين نِت زاري وي
ڏينهن لڳي وَت هِن گَهڻيري

3- ڪا ڪُل خَم خَم گردن دَم دَم، گَهتن ڳھڻان دي ڳاري وي
لقٽ پَٽ لَٽڪن دل وچ آٽڪن، چوگرد ڦِرن چوڌاري وي
فتح ڪَرن ول دل دِي ديري

4- ڌُم مچاوي، ”محمد علي“ ويک حُسن هُٻڪاري وي
شُڪر ڪري شب روز ٻهون جڏان ٿيوي قلب قراري وي
حسن والِي وَت ڏيوَن هيرِي

 

[1811]

مُنهن مُصحاف نوري هي نقشا

ڪا ڪُل ڪضعبا ڄاڻي وي

1- آبرو محراب تي منهن هي مسجد، سجدا عشاقي آڻي وي
مسجد گڏ ميخانا بَنيا، مَي مزا ڪو ماڻي وي
2- مار خودي وڃ خود وِچ ويکين، ساڳي شڪل شهاڻي وي
محبت ٻاجهؤن سمجهڻ مشڪل، ٻي سڀ ڪُوڙ ڪَهاڻي وي
 

اَحمد اَحد هڪو حق هويا، طرف نه ڪنهن ٻي تاڻي وي
         رمز عجائب رنگ برنگي، قدرت ڏيک ڏِهاڻي وي
4-       صورت وچ ٻي مورت مهڻي، صورت آپ سڃاڻي وي
مظهر ”محمد علي“ اظهر، آتش خاڪ نه پاڻي وي
 

[1812]

توڻي ڀانوِي يار نه ڀانوِي

اسان مُول نه ڇوڙون دعوِي ميان

1- سَروقدان دي دل وچ قامت، اِيها عشاقا نُون عين عبادت
مانَ ڳِچِي ڳل لاوي ميان

2- محب مُلاقي جي وت ٿِيوي، مثل مسيحا اي جِند جِيوي
گهونگهٽ کول الاوي ميان

3- شب قدر دا قدر نرالا، ويڪ تَضنهين ڪنون ماهي متوالا
پير اڱڻ جڏان پاوي ميان

4- ماڻا محبوبان دا ميري دل ڀاڻا، ”محمد علي“ هي مُلهه وڪاڻا
نوڪر نام سڏاوي ميان

علي محمد قادري*

 

علي محمد قادري لاڙڪاڻي شهر ۾ 1960ع ۾ ڄائو، سندس والد بهاءُالدين قادري لاڙڪاڻي جي ’درگاه قادري‘ جو سجاده نشين هو. ميان علي محمد فارسي ۽ عربي جو ڄاڻو هو. شعرو سخن سان سندس خاص دلچسپي هئي ۽ تخلص ”قادري“ ڪندو هو. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد غلام محمد ”گدا“ هو. سندس ڪلام جا ٻه مجموعا ”ليليٰ مجبون“ ۽ ”ديوان قادري“ شايع ٿيل آهن. سنه 1360هه/1941ع ۾ وفات ڪيائين.

[1812]

موٽ ڪوهيارا يار، سڄڻ تنهنجي نينهن نهوڙيو

1- ڏيرن ظلم ڪيو ستي ننڊ ۾، پنهل ڪيائون ڌار
اچي درد الم خيمو کوڙيو، موٽ ڪوهيارا يار
2- ڪيچي کڻي ويا توکي بر ۾، ماکؤن توکي دلدار
ائين آهي تقدير وڇوڙيون، موٽ ڪوهيارا يار
3- آيو ڪوهه ڏکن جو سر تي، ڏاڍو باري بار
مان تنهين کان منهن نه موڙيو، موٽ ڪوهيارا يار
4- راتيان ڏينهان ڦران ٿي ”قادري“، جلدي لهجانءِ سار
جبل ڪين ٿئي ٿو مون وؤڙيو، موٽ ڪوهيارا يار.

حافظ تاج محمد کوهارو

 

         حافظ تاج محمد ولد حاجي احسان کوهارو ڪلهوڙو، ڳوٺ ڪڙيي غلام الله تعلقي ڪڪڙ ۾ سنه 1849ع/1215هه ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم مولوي سعد علي چانڊيي وٽ ورتائين. ان بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو کوليائين، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. سندس ڪلام جو قلمي بياض 1942ع ڌاري ٻوڏ ۾ ضايع ٿي ويو. ”کوهارو“ ”تاج محمد“ ۽ ”حافظ“ تخلص ڪيائين. سنه 1941ع/1360هه ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪي قافيون نظر مان گذريون جن مان ٽي هيٺ ٿيون.

[1814]

ماندي آهيان مارن ڪارڻ، سانگين ڪاڻ

مجلس ڪيان شال سدامي

1- ملي ماروئڙن کي ڪيان روح رهاڻ

جيڏيون جن ڪاڻ، ٿيا ٿم سورڙا سلامي

2- الله اوٺي آڻ ڪو، اُلڪو لاهه آڙاڻ

آهيان اڻڄاڻ، ڪنهن کي ڏيان دانهن دنيا مِي

3- اُٺا مينهن ملير تي، ساول ڪي سرهاڻ

کٿوري کاڻ، اديون وڃان اوڏانهن اڏامي

4- وسرن ڪين ورونهه مون، ويڙهيچن جا وٿاڻ

ڀاڳين جا ڀاڻ، تن ۾ طلب تانگهه تمامي

5- طالب ”تاج محمد“ چوي، ويڙهيچا ڪن وَراڻ

”حافظ“ هاڻ، اچي من پريؤن ڪو پيغامي

[1815]

ڪٿي مارو مٺا منهنجا، آچي ڪٿ مان پئي آهيان

قضا ڪوٽن ۾ هت آڻي ڪڏهن قابو ڪئي آهيان

1- فراقن ۾ ٿي دل ڦاٽي، مُٺي آهيان انهيءَ آٽي
نڪي جڳ ۾ آهيان جيئري، نڪي جيڏيون مئي آهيان
2- پنهوارن کؤن پري پيڙس، ڌارين وانگون ڌاري ٿيڙس
وڙهيچن ڏي وري ويلو، ڪڏهن مان ڪانه وئي آهيان
3- ڏيکاريندم نيئي ڏاتر، ڪندو قسمت منهنجي قادر
الٰهي آسري تنهنجي، عمر ڳاري ڳَئي آهيان
4- خداوند ”کوهارو“ کي ملايو، نيئي مديني ۾
طلب آ ”تاج محمد“ کي، پلئه تنهنجي پئي آهيان
 

[1816]

جوگي جيءَ سندام، سامي سفر چڙهيام

مست ڪري ويا مرلي وڄايُون

1-       لال لنگوٽيا سور نه موٽيا، ويرَ ويڙا چاڙهُون چوتا
         ڏئي ويا ڏکي کي غمن جا گوتا، محبت من ۾ مدام
بِرهه ڏئي ويا بين بجايُون

2- جُوءِ جوڳين جي برن پٽن ۾، پرت رکن هو پنڌن پٽن ۾
موٽي ڪڏهن من اچن وطن ۾، لڳيس انهن جي لام
چاڪ هڻي ويا چنگ وڄايُون

3- ”تاج محمد“ چئي طلب منجهان ٿو، حافظ کوهارو خير گهران ٿو
در تي سائل سَينَ هڻان ٿو، عربي ڏِئي انعام
قلبي اچان قرناءِ وڄايُون

مولوي سعدالله

مولوي سعدالله ويٺل هالا نوان، تاريخ 18- ذوالقعد 1286هه ۾ ڄائو. قابل خوشنويس ۽ عالم شخص هو. 1354هه ۾ ڪراچي ۾ مدرسه کڏه ۾ معلم مقرر ٿيو. ان بعد خيرپور ميرس ۾ مفتي جي عهدي تي فائز ٿيو. سنه 1361هه ۾ وفات ڪيائين.*

[1817]

سڄڻ مون کي جو سبق سيکاريو

ڳالهه ڳجهيءَ من منهنجو ڳاريو

ساه گڏي سو سانڍيم سُور

1- عشق اُساٽن باه مچائي، صورت سڄڻ جي تنهن ۾ سمائي
پيم اچي پِريَن جو پُور

2- آهي عزيزو سِر جِي بازي، ڇا جا ملا ڇا جا قاضي
مالڪ سي جا ٿيا منصور

3- لائق ’لا‘ جا لفظ پڙهايو، ’الف‘ ثبوتي اوڏو آئيو
غير غلاظت سڀ ٿي دور

4- هيڪ هِڪوئي ’اَحد‘ اُتوسُون، ’ماسويٰ‘ ماري محب مڃيو سون
”اسعد“ فاني ٿياسون فُور.

سيد احمد شاه ’خاڪي‘

سيد احمد شاه ’خاڪي‘ ولد سيد طالب شاه، ڳوٺ آيل جي وَسين لڳ لنواري، ضلعي بدين جو ويٺل هو. اندازاً 1908ع ڌاري ڄائو. جوانيءَ ۾ ڪلام چوڻ شروع ڪيائين ۽ پاڻ ڳائيندو به هو. سنه 1361هه/1942ع ۾ وفات ڪيائين.*

[1818]

 

مندائتا مينهن مارن ڏي وٺا اڄ سي وسون ساريم

اچن اُت عام اوهيرا، ڪڪر ڪارا، ڪَسُون ساريم

1-       سدا ساڻيهه ۾ ساوا سنڀاريان ساڳ سرهائيون
         کنڀيون کاڏونبڙا کٽڙا، چڀڙ چؤنرا چَسُون ساريم
2- نه وسرن وير هڪ وانڍون، پکا ۽ پرس پاڙيچا
سِڪي سڀ وقت ساهيليون پنهوارن جا پَسُون ساريم
3- پٽن ڏٿ لاءِ ڏوٿياڻيون ولر ڪيو وانڍ لڳ وڙڪن
جٿا منجهه جُوءِ جيڏين جا سدائين سرگسون ساريم
4- سَتي جي سِيل سالم سان وڃي موٽي وطن پنهنجي
اَباڻا آفرين ڏيندا، شبانن شابسون ساريم
5- خدا مانَ ”خاڪي“ اڄ پسي پاڙا پنهوارن جا
وڏا جت ڍيرا واريءَ جا، ڍٽن جون سي ڍَسون ساريم
 

[1819]

وفا ويئي ويا واعدا، نه يارن ۾ رهي ياري

قضا هيءَ راز ڪهه ڄاڻان، پيئي گڏجڻ ڪنان گهاري

1- جتي هو ماڳ محبت جو، اُتي دورو عداوت جو
ويا اوقات فرحت جا، جدائي ٿي جڏهن جاري
2- مَٽيو هي ملڪ محبوبن، ڇڏيو خوش واس وڻڪارن
گلن جي بوءِ منجهه گلشن، گلستان ۾ نه گلڪاري
3- هميشه دل نه حب ماڻي، سدا جا ساه سيباڻي
روئن اکيون رتا پاڻي، سنڀاريو سا سنگت ساري
4- نه بلڪل بات منجهه باغن، تلخ طوطا تنوارون ڪن
پڄاڻي ٿي نه سڏ پهچن، پرين کي ڪاڻ پوئواري
5- خليلن کي ڏسان ”خاڪي“، ته گهٽجي گهوٽ غمناڪي
ڪري سيد مٿي ساقي، وصل ساغر جي سرداري

نواب غلام حيدر خان

نواب غلام حيدر خان، فقير نواب ولي محمد خان جو پٽ هو. 1288هه/1871ع ۾ ڄائو ۽ 1362هه/1943ع ۾ وفات ڪيائين. چڱو شاعر هو ۽ ”قافي“ تي کيس خاصي دسترس حاصل هئي. سندس قافين جا مضمون صوفيانه آهن ۽ اڪثر ڪلام پنهنجي والد جي نهج تي چيائين. (1)

[1820]

عشق آرائي ويو اڻيون ڙي اديون

منهنجو هيڻو ٿئڙو حال، ڪنهن سان سور سليان

1- اکڙين آيو اؤکو اوجاڳو، سوز انهيءَ ۾ سڙيون ڙي اديون
    منهنجو جر وهي ٿو جال، جهليو نٿي جهليان

 

سک سياڪا عشق وساريم، دردن لايون ڌڙيون ڙي اديون
             منهنجو جيئڻ ٿيو جنجال، ڪيئن پاڻ پليان

3-       بار بره جو آيڪ باري، تن ۾ طلب لايور تڙيون ڙي اديون
             منهنجو گهارڻ ٿيو محال، ڪهڙي رٿ رليان

4- ”غلام حيدر“ فڪر فراق ۾، گهارڻ آيو گهڙيون ڙي اديون
    منهنجو ڀلو ڪري ڀال، ڪهڙيون ٽلون ٽليان

[1821]

جيڪي نينهن نظاري چڙهنديون

سي سڙيون! سک ڪيئن سهنديون

1- راتيون ڏينهان تانگهه تنهين ۾

جان جلائي جوش جنهين ۾

باب بره جا بيوس پڙهنديون

ٿي نروار سنگ گهمنديون

2- جنهين پنهنجو پاڻ سڃاتو

عشق حسن سان لائي ناتو

قرب جي ڪارڻ قلب ۾ ڪڙهنديون

ڌام ڌيمن سان ڌُمون ڌسنديون

3- عشق جو پنڌ آهي اؤکو اڻانگو

جيڪي لاهن سر جو سانگو

سڪ سڄڻ جي کان سوز ۾ سڙنديون

لوڪئون لڪي اهي ڪيئن سگهنديون

4- ”غلام حيدر“ جن سان يار جي ياري

تن کي خلق جي ڪوه ڪندي خواري

’لا‘ جي لاڙي لاشڪ لڙنديون

جام جهوڙيليون جهميو جهمنديون

 

[1822]

مولا ملڪ وساءِ منهنجي مارن جو

تن ويڙهيچن وينجهارن جو

1- ايندم شال ڪهي، ويندم سار لهي

ڪندم سور سهي، پوندم رات رهي

پکي منجهه پَهي، ڪندا حال وهي

تن ويڙهيچن ولهارن جو

2- ماء لولي ڏني، آهيان ڇوري ڇني

ساري رات رني، مٿان ڀيڄ ڀني

ڪنهن کان ڪانه پُني، ڪيڙس قيد ڪِني

اِهو سُر مڙيئي سنگهارن جو

3- ساوا گاه ڦٽن، سانگي، سانگ اچن 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org