سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :13

ٿي عجز اچيو هارون ڪيا

         خادم شاه جهان مامون ٿيا

تنهنجي در تي عالمگير جها

دربان هزارين مان نه رڳو

3- تنهنجي مدح پڙهن ٿا جن و بشر

ٿيا آهن ثناگر شمس و قمر

صلواة پڙهن ٿا حجر و شجر

حيوان هزارين مان نه رڳو

4- تنهنجي فلم ثنا افلاڪ چئي

تعريف خداوند پاڪ ڪئي

شاهد ٿيا لولاڪ ڪهي

طاهان هزارين مان نه رڳو

5- تون احمد آهين ’ميم‘ سوا

تنهنجو علم سڳورو ڪل لِويٰ

ان هيٺ امير فقير گدا

سلطان هزارين مان نه رڳو

6- توکي عبد بشر ڪيئن عام چوان

نڪي خالق رب انعّام چوان

ڪل مومن تنهنجا غلام چوان

انسان هزارين مان نه رڳو

7- تو کان ”درس“ گهريو آهي دان اچي

ڏي ڏان لنگهي کي سيّد سخي

تنهنجي در تان ويا ايمان وٺي

دانان هزارين مان نه رڳو

[1910]

دل جا دلبر يار، تار ۾ تريس تولئي

محب مٺا ميهار، ٻار ۾ ٻڌيس تولئي

1- اُڪنڊ اُٿياري آڌيءَ ويلي، آندو دل جي آر
ٺنڀ ۾ ٺريس تولئي

2- واهڙ جي مون کي وِير وڪوڙيو، تڙ اوليس، ڏي آڌار
آڌيءَ آيس تو لئي

3- چوکو ڪين ڏٺوم، چتائي، ڏنو ڪچو ڌاء ڪنڀار
گهورگهڙيس تولئي

4- ”درس امين“ جي دانهن اونائي، آڳهه ٿي آڌا
عرب ۾ آيس تو لئي

[1911]

اُٿي دلبر جاڳ، تولئي آيس تولئي

 

دهشت هيبت لهريون لوڏا، اونها ڪُن اجهاڳ
                           ترندي آيس تولئي

2-       مپ نه ملاحن ماٽيڙن جو، آنديس ات اڀاڳ
                           لهر ۾ لڙهندي آيس تولئي

3- ڪاري رات ڪُنن جا ڪڙڪا، جهول وڏي جر جهاڳ
ٻار ۾ ٻڏندي آيس تولئي

4- اُڪنڊ ”امين“ کي پار پهچايو، محب اوهان جي ماڳ
ٺنڀ ۾ ٺرندي آيس تولئي

محمد بخش شيخ ”ڪوجهي“

سردار بهادر محمد بخش شيخ، شڪارپور ۾ 1891ع ۾ ڄائو. درازا جي درگاه جي سجاده سخي قبول محمد جو مريد هو. ڪليڪٽري جي عهدي تان رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، درگاهه جي خدمت ۾ فقيري اختيار ڪيائين. قافين ڪلامن ۾ ”ڪوجهي“ تخلص ڪم آڻيندو هو. تاريخ 24- سيپٽمبر 1959ع تي وفات ڪيائين.*

[1912]

طبيبا خيال سان ڏسجو، اٿم ڪا دل جي بيماري

جسم تازو توانو آ، ڍري آ نبض دل واري

1- ڪتابن ۾ دوا ڪانهي، مِٺا هن مرض منهنجي جي
دوا دارون سڄڻ تون آن، فقط ديدار درڪاري
2- مئل دليون جيارين ٿو، لکن ليکي مسيحا تون
جيارڻ هڪ جڏي ڇاهي، پُڇئي جي ڪار سرداري
3- ناهي ڪا گهرج سحنن کي، حڪيمن ۽ علاجن جي
ضرورت آهه ”ڪوجهي“ کي، دوا ڪا درد واري.
 

[1913]

ٻيهر عشق بادل وسڻ ڪاڻ آيو

بره بوندلائي ڪريو يار سعيو

1- ڪري سِر تريءَ تي آيا جنگ جودا

هي مستن جو ٽولو پنڻ عشق آيو
2- رهي يار ساقي، گُتو شال قائم

ڀري ڏي پيالو پرت جو سوايو
3- چڙهي موج وحدت لڙهيو غير سارو

ٽُٽا دام دُئيءَ جا وڌو عشق پايو
4- ٿيو ساه سرندو ۽ تَن مَن تنبورو

آواز هُو هُو جو رڳ رڳ مان آيو
5- هيڪر آهي پڙ ۾ ”ڪوجهي“ پير پاتو

مڙي ڪير هاڻي، سُليءَ آ سنباهو

لعلڻ خان لغاري

         لعلڻ خان ولد علي بخش، پاڙو سنجراڻي لغاري، ڳوٺ گل محمد لغاري تعلقي شهدادپور جو ويٺل هو. 1895ع ڌاري لڏي سڪرنڊ کان 5 ميل ڏکڻ طرف غلام شاهه جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا. پوءِ درياء جي پائڻ ڪري لعلڻ خان لڏي اچي پنهنجي ناناڻن ۾ ڳوٺ گل محمد خان لغاري ۾ ويٺو. سندس شاعري جي ابتدا مجازي عشق جي چوٽ ۾ محبوب جي وفات واري واقعي سان ٿي، جيڪو 1918ع ۾ ٿيو. سندس گهڻو شعر سرائڪي ۾ چيل آهي جيڪو حمل فقير جي تتبع تي چيائين. دودي چنيسر، يوسف زليخا ۽ هير جا منظوم قصا پڻ ٺاهيا اٿس. 1960ع ڌاري وفات ڪيائين.*

[1914] جوڳ

سوگهو ساه ڪيڙئي وينديس قيد ڪٽي

وينديس قيد ڪٽي، ڀانيان ڏينهن ٻه-ٽي

1- پڌر ۾ پنهواريون، چونڊن ڄام ڄاريون

آڻين ڏٿ سي ڏاريون، سڱرڙا سَٽي
2- وڌئي ڄام ڄاري، ڪيس قيد ڪاري

مهڻن ساڻ ماري، ويڙهيچن وٽي
3- سڀئي ڄام، ڄاڻِــي، ڪيان ڪيئن هاڻي

پلر جو سو پاڻي، ورهايان وَٽي
4- پٽيون ڪين پايــان، تنبو تيــر ڀانيان

لوئي ڪيئن لڄايان، مَنَهڙا مٽي
5- ”لعلڻ“ چئي لغاري، صاحب ڪر ستاري

آڻي مير ماري، جهانگياڻي جهٽي.
 

[1915] ڪوهياري

مون ته مڙيئي مڃيا، معافي ڏين، نه ڏين

معافي ڏين، نه ڏين، آهن پاڻ امين

1- هاڙهي وينديس هيڪلي، موٽان ڪين، وو ڪين،
2- ڪاهي وينديس ڪيچ ڏي، هُ تان چينِ نه کينِ
3- ڏينديس ماه مِرن کي، سي تان کينِ نه کينِ
4- راتيان ڏينهان روح ۾، بِره وڄائي بينِ وو بينِ
5- ”لعلڻ“ لڪ لنگهي ويا، ميلا ٿينِ نه ٿينِ.
 

[1916] جوڳ

پيوڻ نال پيالا، چڙهيا جوش جلدي

چڙهيا جوش جلندي، هستي ڪانه هلندي

1- آهُو عين دلبر تير نين ماري

ڪيتا خون دل دا ڪجل دي ڪٽاري

مارين جي مسافر ڪري ڳالهه دل دي

 

ماريئي ديد دلبر ڪيڏا ٿِيوُن ڪاسائي

         ڪيتي چوٽ چشمان لاتي آ لڙائي

ڦِران دل ڦاسائي، ڏِتُئي ڪانه ولدي

3- بره يار بازي چاون گوءِ غازي

آون سي عشاقي ڪرن عشق آزي

رانجهن هووي راضي، نهين دير پل دي

4- ”لعلڻ“ نال لاتي، ڀر ڇرڪ ڇاتي

سجن آڻ سُهڻي پاتي يار جهاتي

ذڪر ڏي تون ذاتي، ڪران مئن عمل دي.

 

غلام فقير ماڇي

 

غلام فقير ماڇي، ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل، 25 سال کن اڳ گذاري ويو. فقير الهڏنو ماڇي (ڳوٺ جعفر خان لغاري) سندس استاد هو.

[1917] راڻو

مون کي مينڌرا مارين ٿيون، تنهنجون ڳجهيون ڳالهڙيون

هُرن منهنجي هيئين ۾ تنهنجون چوکيون چالڙيون

1- ٿيون وڄن هن وجود ۾ دردي ڌمالڙيون
هاڻ ڪڏهن ايندو ڪاڪ تي ڪريان خوشيون خيالڙيون
2- لهج منهنجون لطف سان سوڍا سنڀالڙيون
تڏهن زيور ذات پايان وجهان والڙيون
3- ڪر معاف مدايون ڏسي هيڻيءَ جون حالڙيون
اکڙيون منهنجي انگ جون آهن ڪوجهيون ڪالڙيون
4- غور ڪج ”غلام“ چئي سُڻي سوالڙيون
راضي راڻل ٿي ڪجان تون ڀليون ڀالڙيون
 

[1918] آسا

بره جو رنگ بهار وي ميان

پاس ڪيوسون پهرئين نمبر ۾

1- نينهن نه پڇي ٿو ناز نقطا، پڙهيل عالم پوٿيندار پختا
شوق سورهيه سلطان سردار وي ميان

اچي الاهي ٿو جنهن جي اندر ۾

2- عشق عجائب جن تي آيو، مرڪي مردن سِر تي ڇايو
ڪري محبت ميگهه ملار وي ميان

نينهن نماڻي نياز نظر ۾

3- عشق جي قدر اعشق ڄاڻن، سوريءَ تي سو سبق سڃاڻن
 

نسري ٿيا نروار وي ميان

                           ڪربل واري ڪوس قهر ۾

4-       گوءِ کٽي جي ٿئڙا غازي، رند رضا تي ڏسي ٿيا راضي
         دلبر جو ديدار وي ميان

ٿياس انهي ”غلام“ گوندر ۾

[1919] ڪوهياري

ويو جوڀن مون سان جاڙ ڪري، آيو پيريءَ جو پروانو

1- سرير منهنجو ست ڇڏي ويو، خالي ٿيو به خزانو
2- لٿي مايا جڏي ڪايا، جيئن ڪي ڪانگڙ ڪانو
3- ڏند ڀڳا سڀ ڏاٺون وئڙيون، ناهي زور زبانون
5- چوي ”غلام“ گوشت نه کاڄي، گاٺِن تي گذرانو
 

[1920] ڪوهياري

موڪل مون کان ڪانه منگي ويو، جوڀن منهنجو جانِي

1- گهنج گهڻيرا نسون نڪتيون، نازڪ ٿي نشانِي
2- ڪيس مينديون ڪريان ڪهڙا، جاهِي جڙتو جوانِي
3- سنڌ ساڻا مٿو خالي، اڳين قوّت ڪانهِي
4- چوي ”غلام“ غم الاهي، آخر آهي فانِي
 

ميوو گوپانگ

ماتلي طرف جو هاڻوڪي ويجهي دور جو شاعر هو. اندازاً 1960ع (؟)  ڌاري وفات ڪيائين. سندس هيٺين قافي ناچون ڳائڻا پهاڙي جي سر مان ’لاڙي گهت‘ ۾ واه جو ڳائين.*

[1921]

دِيد ٻَئي ڏاڙي هڻڻ لئي ڪن هنيِين تي هُوڙهيون

1- باز بکايل جئن برابر تاء منجهان طعامو کڻن
دل منهنجي تي دوبدو سِيچان ڪن ٿا سوڙهيون
2- ڪنگڻ ڪڙي ڪئمال بئينسر بولو هُئرس بين ۾
ٻي ته ٻُر ٻانهن مٿي چمڪار ڪن پيون چوڙيون
3- لاڏ مان لالڻ ڇڏيا وار لؤڻن تان لاڙي
سي ڀنڀا ڀيڙا ڪري جهاٻا جُهليو ڪن جهُوڙيون
4- سونهن جا سُرما پائي، ”ميرا“ بيٺا ميدان ۾
هڪ ٺڪا سان ٺوپ ڪن ٿا، مرگهه ٿين ٿا مُوڙيون
 

راضي فقير خاصخيلي

         فقير اصل کپري تعلقي جو هو ۽ پوءِ سيلاني ٿيو. ڪو وقت ميرپور ماٿيلي طرف به رهيو. هند سنڌ گهميو. سچل جي درگاه تي جاڳيو. اتان لاهور ۾ داتا گنج بخش جي درگاهه تي ڪي سال خدمت ڪيائين. نيٺ هڪ اهل دل درويش کيس ڏس ڏنو جنهن موجب لاهور شهر کان ڏکڻ وڃي آستانو ڪيائين. آخر اتي ئي وفات ڪيائين ۽ سندس مزار اتي ئي آهي.

[1922]

نا ڪوئي ميري ذات صفات، نا نام همارا نا درجات

1- نا مئن چار عناصر گويا

نا مئن مومن ڪافر هويا

عشق تي غير اندر ڪا ڏويا

يه هَي بخشي نينهن نجات

2- هم ڪو بره لڳائي ٺوڪر

زخمي ڪيا دلبر هوڪر

دونون جهان اسي ڪي نوڪر

جس ڪا عشق الله ڪي ساٿ

3- نا مئن ورد وظائف پڙهتا

نا مئن جنت دوزخ وڙتا

عاشق صادق سولي چڙهتا

جيسي منصور هويا اثبات

4- عاشق حقيقي مول نه مرتا

سِر خدا ڪي آگي ڌرتا

گرد سجن ڪي هردن ڦرتا

دل پر ڪرتا حق تجلات

5- نا مئن انگ لگائي ڀسمي

نا مئن قِسمي نا مئن جسمي

نا مئن دين مذاهب رسمي

نا مئن رنگ جڳت عرصات

6- جوڳي جو اِس پنٿ ۾ آوي

گُر هو گُر ڪي بات بتاوي

ساڌو سناسي سوئي ڪَهاوي

محبت ۾ مري نا مرنا جات

7- اب ڪيا جانون ڪون هوا هون

محبت ۾ مفتون هوا هون

هر گم صنم ۾ گون هوا هون

”راضي“ سوز ڪيا وصلات

 

صديق

 

صديق جي هي قافي شهر چنبڙ ۾ ڪيل ڪچهري ۾ قلمبند ڪئي وئي، ڀانئجي ٿو ته انهي پاسي جو شاعر هو.

 

[1923]

سدا ساريم ٿي سانگين کي نه ڏوٿي مون ڏسڻ آيا

ممرم سببئون نه ماڙين ۾ پرين پنهور پسڻ آيا

1- رڙي روئي نهاريم نت مٿي اڄ ملڪ مارن جي
ڏٺم ڪارا ڪڪر ڪنڌيين، وطن تي اڄ وسڻ آيا
2- عمر توکان اڳي اهڙا هزارين هئا هتي حاڪم
نه مهٽي مير ماڙين مان کاهڙ وارن کسڻ آيا
3- پوي ڪا مهر محبت کي سڻن ”صديق“ جا سڏڙا
ڪري ڪُرنش ڪنيزڪ جي، ڀانيان رهبر رسڻ آيا
 

خدابخش لغاري

خدابخش خان لغاري، ڳوٺ بجر خان لغاري تعلقي گوني جو ويٺل هو، سندس 4 ڪافيون نظر مان گذريون.

 

[1924]

دام وجهي دل قيد ڪئي، تو دوست مٺا دلدار ميان

راتيان ڏينهان عشق اوهان جو، درد ڪري ڌڌڪار ميان

1- ورد وظائف رد ٿيا سڀ، آهه پلپل تنهنجي پچار ميان
منهن مهتابي رنگ گلابي، رشڪ قمر رخسار ميان
2- پگهر پرين جو عطر الاهي، مشڪ عنبر بيڪار ميان
ابرو سيف ڪمانان قهري، نشان چٽن نروار ميان
3- نرگس نيڻ خماري دلبر، وجهن نهوڙي هزار ميان
ٻَن حياتي جيئڻ اجايو، دلبر توکؤن ڌار ميان
4- خاص ”خدا بخش“ خادم تنهنجو، محب مٺا منٺار ميان
آءُ اڱڻ تي يار پيارا، سونهن ڀريا سردار ميان.
 

نبي بخش ڪولاچي

 

فقير نبي بخش ڪولاچي، ڳوٺ بهشتي، تعلقي گهوٽڪي ضلعي سکر جو ويٺل هو. محبت ۽ وڇوڙي ۾ قافيون چيائين.

 

[1925]

جيڪا گهم گهٽي ميڏا يا آوي

ڏهه ڏهاڙي اُتي بُونءِ بهار آوي

1- ڀڙڪي بينسري بُول ميان

پِيڙا لال لَبان تي جهُول ميان

تجلا تاب تکا تنهن دا طول ميان

جيوين وڄ چمڪي چمڪار آوي

2- عجب سهڻي دي ٽور ميان

جيوين وچ ويڙهي ٽِلي مور ميان

دغاباز دلين دا ها چور ميان

چڙهه ماري مئل ڌاڙا مار آوي

3- چوي ”نبي بخش“ ٿيءَ نه اُداسي

سانول سائين مئن ڪِني آسِي

مئن ته باس پِيران دي وڏي باسي

تُسان ڪرو مهرباني منٺار آوي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org