سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :20

پانڌي آريسر

 

         پانڌي پٽ مانجهي ذات آريسر، ڳوٺ ڄارڪي تعلقي ٽنڊي اليهار جو رهاڪو آهي. سنه 1898ع ڌاري ڄائو. فارسي ۾ ”ڪريما“ ۽ ”مامقيما“ تائين تعليم ورتائين. پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو ۽ شفاخانو هئس. سندس ڪلام مداحن، مناجاتن، معجزن، مولودن ۽ قافين تي مشتمل آهي.*

[2042]

سُرهن ساٿين جون سنبهي هليون

ڪيچ وڻن ڏي قطارون

1- وڃان پنهل پُٺِ ۾، اَلا ڇڏي اَرٽ اُلارون
2- ڇڏي شهر ڀنڀور کي، نڪتيس ٻهر بازارون
3- کڻي کٽياڻي پير پنهل جا، ڪري ڪيچن ڪاڻ ڪارون
4- پسان پُرس ”پاندي“ چوي، جنهن جون پل پل پڇارون.
 

[2043]

محب ميهر جا ٻنگ ٻنگ لڳا

ڏاڍا ڏيل منجهه ڏنگ ڏنگ لڳا

1- چُڪي چلي سا ديواني ٿي

منڌ محبت ۾ مستاني ٿي

پي پِرت پيالو پريشاني ٿي

جنهن کي دل تي چڙن چنگ چنگ لڳا

2- لڳي لونَ لونَ ۾ آهي لوري لوري

چريون چنگن ڪيو آهي چوري چوري

ان جي بره لڳي آهي ڏوري ڏوري

ڪئِين روح منهنجي رنگ رنگ لڳا

3- ڦِٽي ننڊ وئي نار نيڻن مان

رات اونداهي گهٽن گهيڙن مان

لنگهي واسينگن جي ويڙهن مان

ويري واڳن جا ونگ ونگ لڳا

4- ”پانڌي“ پُرِي سهني سير منجهان

دلو دل سان کنيو وڃي وير منجهان

ڏاڍ عشق اُڪنڊ اُڪير منجهان

مِٺا ڏينهن ميثاق انگ انگ لڳا

 

[2044]

موڪل مينهنِ کي ملي، سانگي سارين ٿا

کڻيو نيڻ نماڻا نهارين ٿا

1-       وسن مينهن موڪُون مهراڻي تي

کنوڻيون چمڪي هليون کجراڙي تي

بادل برسي چڙهيا بڪيراڻيءَ تي

ولر ونهيل ويڙهيچا وارين ٿا

2- ڪڪر ڪار ڪري ٿو ڪاماري تان

وسي سانگ هليا ساماري تان

نَئينِ نار وهيا نمي ناري تان

سانگي سکيا ڏينهڙا گذارين ٿا

3- هاڙهو حب مُلڪ ملتان وٺو

ننگر نَيَڙَ مصر مڪران وٺو

پرور پاڪ ڪيو مُلڪ ملير سُٺو

دلبر ڌڻ ڌڻولي ڌارين ٿا

4- ڍٽ ڍاٽ وَٺا سي ولهاري وري

رب راضي ڪيا سي ملهار وري

آيا ٻڪر چَنُن مان چيلا چري

پانڌي جهانگي جهنگن جهونگارين ٿا

 

[2045]

ايندين ڪڏهن تون محب مون وٽ

راهه مسافر پرديسي پِير

1- ورهه وڇوڙو ڏيو ڏليءَ کي

روليو رڻ ۾ راهه رليءَ کي

ڪئي فراقن ڦوڙائي فقير

2- ميندي تنهنجي هوت هٿن تي

مشڪ کٿوري لعل لڱن تي

آڻيو اعليٰ عطر عنبير

3- ڪالهه ڪنوارين رانيو ڇانيو

جهول ڦُلن سان مينهڙو وسايو

ڦِٽا ڪيا تو ڇَٽ ڇڳير

4- ”پاندي“ پِير کي پڪاري ساري

محبت مرشد تنهنجي ماري

روئان تولئي نِت نِت نير

[2046]

گهوريان پاڻ پاڳارل تو تان، صورت تنهنجي نه ثاني الا

1- سج چنڊ چهري چلت چڱيءَ سان

 

تارا ڪتيون نکٽ نميءَ سان

                                    ساراه ڪن سلطاني الا

2- حورن حُسن تي مست مَلڪ ٿيا

واسجي وڻ ٽڻ فيض فلڪ ٿيا

يوسف نور نيشاني الا

3- دلڙي ديواني ديد تنهنجي ۾

نوڪر نماڻو ناز تنهنجي ۾

منڙو مون مستاني الا

4- ”پاندي“ پاند ڳچيءَ ڳل ڳهلو

تنهن تي وارث ور ڪج وهلو

مرندي ذڪر زباني الا

[2047]

تنهنجي جلوي حُسن حيران ٿيا

سارا مَلَ مُلڪ مستان ٿيا

1- تنهنجي قطري نور ظهور منجهان

سارا رڱ رڱيا مذڪور منجهان

ڪيائين دُر موتي دستو منجهان

سي ناز پرين جا نيشان ٿيا

2- رتي رمز ڀري سُونهن سج کي سَرِي

مِلي چنڊ تاري ۽ زُهره ذري

اچي رات تنهنجي روح کي وري

ڪئين باغ چمن پُستان ٿيا

3- تنهنجي جوت جوهر چمڪار ڪيا

چوڏهن طبقن تي جهلڪار ڪيا

وسي سانوڻ مينهن ملهار ڪيا

حورون جِنّ پريون پروان ٿيا

4- هي ”پانڌي“ پِني پينارو ٿو

سو ونجهلي روز ويچارو ٿو

چئي ڏکن سورن حال سارو ٿو

اَنهنجا اڀرن تي احسان ٿيا

قادر بخش ڀوو

قادر بخش ڀوو ٻروچ، داٻيچي ضلعي ٺٽي جو ويٺل سنه 1900ع ڌاري ڄائو. مال وارو ڀاڳيو آهي ۽ کير مکڻ وڪڻي گذران ڪري. مختلف عنوانن تي ڪلام چيو اٿس.

 

[2048]

جوڳي جاڳي ربّ ريجهائين، ساريون راتيون پڙهن سبحان

 

سبق سناسين سوئي سِکيو، پڙهي پروڙن ڏاڍو ڏکيو
         انگ الست کؤن ائين ئي لکيو، شاهي جنهين جو ٿيو شان
2-       مُور نه مَن ۾ رکن مدائي، گُهرن نه گهر کان ڪن نه گدائي
         منهنجا سُکيا آهن سدائي، داناء دين تي رکن پيا ڌيان
3- دونهان دکائين درس کان دانا، قلوب ڪنبائي ٿيا قربانا
رهن هميشه نيڪ نيرانا، راضي جنهين تي رب رحمان
4- ’الف‘ آديسين آهي اندر ۾، ’ميم‘ مدامي ٿيڙن مَن ۾
تازي طلب تن جي تن ۾، ”قادو“ چئي پڙهن قرآن

محسن شاهه رضوي

سيد محسن شاه بن مولوي حاجي سرور شاه، روهڙي وارن ڪوٽائي سيدن مان هو. اندازاً 1902ع ڌاري ڄائو. مولوي عطاءالله انڍڙ وٽ ماتلي ضلعي بدين ۾ فارسي ۽ عربي جي تعليم ورتائين. 1938ع کان 1950ع تائين معلم ۽ ماستر ٿي رهيو. ان بعد ماتلي ميونسپالٽي ۾ آڪٽراءِ منشي ٿي رهيو. سندس ڪلام جو پهريون بياض گم ٿي ويو ۽ ٻيهر گڏ ڪيائين، جنهن ۾ شامل 12 قافيون ۽ 68 غزل اسان جي نظر مان گذريا.*

 

[2049]

روئي سنڀاريم يار کي اڄ آب سان اکڙيون ڀري

1- هن درد جي ڪر ڪا دوا

توکي رسڻ ناهي روا

منهنجي سڄڻ توکان سوا ساعت نٿي هڪڙي سري

2- هڪ تنهنجو رسڻ ٻي بيڪسي

پئي روح ۾ رنڃ جي رسي

هيڏو پچڻ منهنجو پسي پيارا رهين ٿو ڇو پري

3- آهي جان جانب سان جڙيل

سڪ ۾ آهي ”محسن“ سڙيل

ساري سڄڻ سڀڪنهن مهل ٿو دم بدم دانهون ڪري

[2050]

ڪنهن سان سليان سختي سور

نينهن جگر ۾ ڪيو ناسور

1- آهي ڪنهن گهر جيءَ ۾ جوڙيو

آهيان ورهن جو ته وڇوڙيون

 

مون کان دلبر منهن تو موڙيو

                           ڪهڙو منهنجو ڏٺئي قصور

2-         درد جو سانڍيم دل ۾ دفتر

نيٺ نصيبن گهاريم گوندر

ڌار ڪري اڄ مون کان دلبر

قسمت ڪيڏو ڪيو ڪلور

3- جن کي پاڻ محبت لايا

مقصد مڙئي تن وڃايا

ڪسڻ قبولي عاشق آيا

مرڻ کان مانجهي مڙن نه مور

4- نازڪ سان جو نينهن اڙائي

ويندو تنهن کان صبر ڇڏائي

مور نه سگهندو پاڻ لڪائي

”محسن“ نيٺ ٿئي مشهور

حاجي قاسم ميمڻ

حاجي قاسم ميمڻ، ويٺل شهر ٺٽو، قافيون ڪلام چيائين. هيٺين قافي سندس زباني 1979ع ڌاري قلمبند ڪئي وئي، ان وقت سندس عمر 75 سال هئي.

 

[2051]

سبب ڪر ستار، پهچاءِ پار پرين جي

بخش بديون مون بدڪار، پهچاءِ پار پرين جي

1- عاجز اڀري آهيان گولي گنهگار

ڪر مهر مون مسڪين تي رب جليل جبار

2- گوندر گهاريم ڏينهڙا سري سڀ ڄمار

ميڙ محمد مير سان وڃن غم غبار

3- اٿم آس الله ۾، لاتقنطوا جي توار

ور وسيلو ناه ڪو، ساڄڻ لهندم سار

4- عرض هن عليل جا سڻ ”قاسم“ جا ڪلتار

پاڙي رهاءِ پرينءَ جي ٿئيم قلب قرار

عثمان فقير کٽي

عثمان فقير کٽي، اکرن وارو ذهن ۽ باخبر صوفي درويش آهي، 21- جنوري 1905ع تي ڳوٺ ميرو چاچڙ لڳ جهانپور (تعلقي گهوٽڪي ضلعي سکر) ۾ ڄائو. سندس قافيون ڪلام ۽ ٻيو شعر جو وڏو ذخيرو آهي جيڪو فقير پاڻ سهڻن اکرن ۾ لکي ٻه وڏا بياض بنايا آهن.*

 

[2052]

         ڇا جو ڇا هي ڇا ته مڪان

                           ڇا ته منجهارون ڇا ٿي آئين

1-       ڇا کي ڳولين ڇا کي ٻولين، ڇا ۾ ڇا سان ڇا ته سمولين
ڇا ۾ ڇا جو ڇا ته نيشان، ڇا جو ڇا سان ڇا ته ڀلائين
2- ڇا تون ٺاهين، ڇا تون ڊهين، ڇا ۾ ڇا سان ڇا تون آهين
ڇا ۾ ڇا جو ڇا ته گمان، ڇا ۾ ڇا وري ڇا ته هلائين
3- ڇو ڇو ڇاڇا ڇاهي ڇاهي، ڇو ۾ ڇا جو ڇا وري ڇاهي
ڇو ڇو ڇا ڇا ڇا غلطان، ڇا ۾ ڇاسان ڇا ته نِڀائين
4- ڇا ۾ نيبهه ڇا ۾ تون رَهه، ڇا ۾ ڇا جي ڇا تون ڇا ڪَهه
پا ۾ڇا جي ڇا پروان، ڇا کي ڇا سان ڇا ته نپائين
5- ڇا ۾ ڇا سان ڇا سماوڻ، ڇا جو ڇا سان ڇا وري ڳاوڻ
ڇا ۾ آيو ڇا ”عثمان“، ڇا ۾ ڇا سان ڇا ته سڏائين
[2053]

ڪُويا ڪپر تي اڏي سر آڻن

مٿي ماڳ محبت مٺي موج ماڻن

1- گگن گيان گوني، رکن رمز رموني

نوشا نموني، رکي تانگهه تاڻن
2- ڪٽي ڪٽ ڪٽيءَ جي، مِٽي مٽ مٽيءَ جي

سَٽي سٽ سٽيءَ جي، منڊاڻا منڊن
3- جهم جهم جلالــي، ڪلالي ڪمالي

هردم حال حالي، سٽاڻا سٽاڻن
4- نظر ناٿ نوري، حاصل حضوري

منگهن مست مخموري، ڄاڻيون ڄاڻ ڄاڻن
5- عجب تــن جــون چاليون، عثمان نراليون

پِرين ٻول پاليون، ڀاليون ٿا ڀاڻن
 

[2054]

اٿم آري ڄام اجهل ڙي اديون

جنهن جا پور پوڻ پلپل، ڙي اديون

1- ٿيندم هوت حمايتي، جانب منجهه جبل، ڙي اديون
2- آريءَ سندي آسري، لٿم خوف خلل، ڙي اديون
3- ڪندو ماڙ مسڪين تي، مير مٺو مرسل، ڙي اديون
4- ڪندو خوش ”کٽي“ چوي، ٿي رهبر مون رلمل، ڙي اديون
5- اڱڻ اچي ”عثمان“ جي، ڏيندو قدم ڪوهيارل، ڙي اديون
 

[2055]

 

آهي عشقبازي ڏاڍي اڻائي

                           ڇڏي ساه سانگو سودو صفائي

1-         ڏسي ڪيف قابل مجنون بنايو

ڇڏي تخت شاهي سِڪ ۾ سمايو

بيهي يار بر ۾ ڪئي نه ڪچائي

2- انهي عشق بازي ڪوڙين گنوايا

شهنشاه ڪيئي انهيءَ گهور گهايا

ڪِني ڪنڌ ڪپايا، ڪنهن کل کَلائي

3- شهنشاه دو جڳ ڪربل ۾ آيو

کڻي ناز سارو نيزي سر چڙهايو

ڪيئي ڪانه مورئون واتون نه وائي

4- عجب آه الٽي بازي عشق واري

هلي جيڪو هن ۾ تنهن سڌ ساري

عجب راز اونهو آهي الاهي

5- اهو عشق ”عثمان“ آهي اڻانگو

محبت جو مُلهه مورئون مهانگو

ڏيڻ سر اڏيءَ تي سودو سچائي

[2056]

سِري هر واه گرو هرنام، سري هر واه گرو هر نام
      ماريس ميخ مدام

1- ... مين نون جهگڙا لاي، گهَٽ گهَٽ گهَٽ سخت ستايا
پرڪاش پرولي ڪروڌ وڌايا، لوڀ موهه اهنڪار ڪام
2- ڀيدو ڀيد انت نه پايا، وچ دُواري ديرا لايا
پريم نگر دا سير ڪرايا، هوڪا هُل هگام
3- ستگر ميرا مئي نوش ٿي آيا، جوش خروش هوش ٿي آيا
وچ نوشي دي گوش ٿي آيا، جُرع پِلايس جام
4- پلڪ و پلڪ سنت اُتاري، لڙهه لڳي آنُ جس دي لاري
ڀُل ڳئي ساري ڀول بچاري، چل گئي خودي خام
5- چَرن تي سِر مسجود سجودي، پائو ”عثمان“ مطلب معبودي
شيخ المشائخ وصل وجودي، گَئون هويا گام
 

[2057]

 

ڏاڍو پلي سان ٿم پيار اديون

                  سُهڻي ڏاهي هجي توڙي سينگار اديون

1-       پوءِ ڪي مون نه سمجهيو صاف چٽو

         ڏاڍو ڦنڌڻي ۾ مون فرق ڏٺو

گندري گندڻ توکي لڳو آهه مٺو

ڪيم کڳي کي کينڪار اديون

2- دُوء کان شل دور رهان

هر هر سُڻي مون سور سهان

ڏاڍي ڪِڪَ ڪِچُڙَ ڪُورُ ڪهان

هجان ٽولي دَرڙي دار اديون

3- هَڪ من ۾ مچ مچايو آ

ڏاڍو ڏنڀري ڏيل ڏکايو آ

ويتر ٿيلي ٿر ٿر لايو آ

ڪيم وڏ-واتي واپار اديون

4- ”کٽي“ خوشيءَ مان ٻول پڙهيو

سيني سَمَڪ سندو خمار چڙهيو

ماهي ماهي مون تان جيءَ سان جڙيو

هُو ته هُو ته پڪاريان هر وار اديون

5- ”عثمان“ هلو هڙ ڇڏ گوج گذر

گياني گيان گانگٽ رک خاص خبر

رک موري موراکي مِهر نظر

وڻي شاڪر جو ته شڪار اديون

اميد علي لغاري

 

اميد علي پٽ ولي محمد لغاري، ويٺل ڳوٺ جادو لغاري، تعلقو ٽنڊوالهيار، ضلعو حيدرآباد. سنه 1328هه/1910ع ۾ ڄائو. سنڌي ست درجا پڙهيل آهي. سندس گهڻو ڪلام بيتن تي مشتمل آهي.*

[2058]

آءٌ ته آهيان ٿاريلي ٿر جي، ڪيئن پير پلنگ ٿي پايان

1- عمر! بند ڪيئي بندياڻي

آءٌ بگ ڄاڻان ڏڏ ڏوٿياڻي

ناهيان طالب زر زريور جي

تنهنجي هيرن هٿ ڪيئن لايان

2- منهنجو ملڪ ملير ڀليڙو

جهڳيون جهوپڙيون ڏوٿن ڏيرو

مون کي آهي پياس پلر جي

تنهنجا شهد شڪر ڪيئن چايان

3- قيد ڪري تو عمر آندو

 

منهنجو من مارن لئي ماندو

         ڪَل ڪانهپ ئي تو قهر جي

هي حال ڪنهن کي سڻايان

4- ”اميد علي“ چئي اُڪنڊ اباڻن

مارئي مرڪي پنهنجي پنهوارن

ساٿياڻي ٿئي سڳر جي

لک ڀال ڀلي جا ڀانئيان

[2059]

تون پرچي مل پيارا، کڻي نرمل نيڻ نيارا

سهڻا صاف صنم، تنهنجي تانگهه اٿم، موهي دلبر دل ديدار سان

1- تهنجا ناز نِرالا ننگي

تنهنجا زلف زوراور زنگي

مورئون ڪين مڙن، ڏاڍا ڏنگ هڻن

ڪري جوش جنگي جنسار سان

2- تنهنجي تات ام من ۾

توکي وصل ڀانيان ’وَنحن‘ ۾

شب روز ڏسان، اکين ساڻ پسان

ڏاڍي پريت پريمي پيار سان

3- ابرو سيف سنگينا سارا

ڏين اڙٻنگ عشق اشارا

نظر ساڻ نِين، گهَرا گهُور ڏين

چِٽي چشمن جي چمڪار سان

4- چوي ”اميد علي“ اڄ اوري

سَري ساعت سڄڻ نه ٿو ري

تنهنيج ذوق ذري، مجبور ڪري

وڌو صورت جي سينگار سان

ڪانهيو

ڪانهيو عرف ڪانجي پٽ سروپو، ڳوٺ هر پار تعلقي مِٺيءَ جو ويٺل، سنه 1910ع ڌاري ڄائو. ڪافي بيت ۽ ڪلام چيائين.

[2060]

عمر امير ڏسان ڪيئن ڏيس

وطن ڌران وڳا نه ويس

1- کرڙ کاهيون اسين ڀانيون، وڏا وڻ سي جنب جايون
کٿا کائوڙي ڪريون کيس

2- پُٺيون پيٽا وَٽي ويٺا، مَرڪ مارئي لويون ريٽا
اڇا اباڻا ڪيئن ڪن ڪيس

3- کٻڙ کُليا منڌيون مُلهيا، ڦڳڻ ڦوڳِي پُسِي ڦُليا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org