سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :23

صالح علي شاهه

 

         صالح علي شاه ولد سلطان علي شاه جيلاني، اصل ويٺل ميرو جو پَٽ، تعلقو جوهي، 1942ع واري ٻوڏ ۾ لڏي ڳوٺ مِٺي ڌاري ڄائو. سير سفر سان دلچسپي اٿس.*

[2107] آسا

ڀينر ڀانيان ڀاڳ پنهنجي کان، ڪيچين ڪانه رهائي

1- بُري ته شهر ڀنڀور ۾ ڀيڻ اٿم نه ڪو ڀائي
ڪيچ ڏي وينديس ڪينڪي رهنديس، جانب ڪئي جدائي
2- بيوفائي بلوچ ڪري ويا، هُيَڙن دل ۾ دغائي
رات ٽِڪي پرڀات هليا ويا، ڏيرن ڪئي ڏاڍائي
3- خالق اڪبر ’ونحن‘ ويجهو، اَمن ڏئي ته بچائي
”صالح علي شاه“ ڏوري ڏسندي، محبن ساڻ مِلائِي
 

[2108] ڪلنگڙو

 

مِينهن اُٺا منهنجي مارن تي، مارو ڪاهي ويا مالڙا

مارُو ڪاهي ويا مالڙا، هيڻا ٿيا ٿم حالڙا

1-       برسي بادل ڪن بهاريون، اُتر پاسي ميگهه ملاريون
         هڪ جيڏيون ته ملير ۾ روئي ڀرين رومالڙا
2- گاه ڦُٽي گلزاري ڪن، ڌڻ ڌنارن جا ڇُڙن
ڪي ته ٻَڌا ٻاڪرن پيڙا، دانهون ڪن ٿا ڌالڙا
3- ”صالح علي شاه“ سنگهارن جا، مون کي پُور پون ٿا پنهوارن جا
دانهن ڪريان ٿي درد مان، مَن الله اگهائي سُوالڙا
 

حسين بخش ”خادم“

 

حسين بخش ولد پير بخش ذات ڀنگر، ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ضلعي دادو جو ويٺل آهي. اندازاً 1930ع ڌاري ڄائو. مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي حلقي ۾ اچي، سندس اثر هيٺ بيت ۽ قافيون چيائين ۽ مشاعرن ۾ پڙهيائين. پنهنجون ۽ سائين مخدوم صاحب جن جون قافيون ترنم سان ۽ سازن تي چوڻ سان سنڌ جي وڏن ڳائڻن ۾ شمار ٿيون. سندس ڪلام ۾ بيت، قافيون. نظم ۽ غزل شامل آهن.*

 

[2109]

کنيون نيڻ نازڪ جڏهن ٿو نهارين

ته هلندا هزارين بَرن ۾ بيهارين

1- عجب تن جي عادت ڪيان ڳالهه ڪهڙي

مسيحائي اڳ مون ڏٺي ڪانه اهڙي

جياريو ٿو مارين، ۽ ماري جيارين

2- جي ڪنهن مهل سهڻا هو اُڏري اچن ٿا

ته دل جي پکي کي سي وٺيو وجهن ٿا

تون هڪ مهل ٻئي باز ڪيئن ٿو اُڏارين

3- اصل کان ئي اڻموٽ بي پير آهن

خدا شل ڪري ڪين ڪنهن تي هو ڪاهن

اهي خوني ڌاڙيل ڪيئن ٿو ڌنارين

4- انهن ۾ وڏا گوڙ ۽ شور آهن

ڪي ڌاڙي تي نڪتا وڏا چور آهن

ڏڪايو ڇڏن جي ٿو آبرو اُلارين

5- تون هڪڙو به ڍُڪ ڏين آ مون لئي غنيمت

مٺا منهنجي لئي بس اِهائي آ نعمت

تون پنهنجي اکين ۾ مان جي ”خادم“ کي پيارين

 

 

محمد آدم چانڊيو

 

         محمد آدم ولد محمد يعقوب چانڊيو، ڳوٺ گل محمد چانڊيي تعلقي ڪڪڙ جو رهاڪو آهي. پرائمري استاد آهي. قافيون ڪلام چيائين، جن ۾ بعضي ”سليم“ به تخلص طور ڪم آندو اٿس.*

[2110]

ڪانگ خبر ڏي وڃي، منهنجي مٺڙن مارُن

1- ’الف‘ اُڪير اباڻن جي، ’بي‘ ته اٿم بات اِها
’تي‘ ته لڳا ٿم، طعنا، ’ثي‘ ته اٿم سڪرات اِها
’حي‘ هِت حال وڃايم روئي، ’جيم‘ اٿم جذبات اِها
’خي‘ مان خبر ڪهڙي ڪيان، ’دال‘ ورايو آ دردن
2- ’ذال‘ ذڪر مون آهي، ’ري‘ ته روئان ۽ روز رڙان
’زي‘ ته زنجير پيرن سين، انهيءَ منجهه سُور سران
’شين‘ شمار نه ’صاد‘ سورن جو، ’ضاد‘ ڏيکاريو ڏيل ڏکن
3- ’طوئي‘ ته لڳا هڪ طعنا، ’ظوئي‘ ظالم ٻيا ظالم هزار
’عين‘ عجيبن آس اندر ۾، ’غين‘ لهي ٿو ڪين غبار
’في‘ ته ڦٽيو فيراق ڦوڙائي، ’قاف‘ ڪنبايو آ قيدين
4- ’لام‘ لنوين وڃي لات ڪجان، ’مين‘ مٺي منٺار اڳيان
’نون‘ نياپو نڌرسندو، ’هي‘ ته هِنئين جي هار اڳيان
’الف‘ ”آدم“ اختيار انهن جو، ’بي‘ من مون کي ياد سي ڪن
 

 

مير محمد خان نظاماڻي

 

مير محمد خان نظاماڻي، ويٺل ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي تعلقو هالا. وڏيءَ عمر جو آهي. هيٺين قافي سندس زباني قلمبند ڪئي وئي.*

 

[2111]

مارن کان ڌار ماڙين ۾، عمر آءٌ ڪيئن گذاريندس

1- همير هاڃو ڪري ايڏو اهڙو مون کي عيب تو لايو
ته ساهيڙين ۽ سرتين ۾ کڻي ڪنڌ ڪيئن نهارينديس
2- عمر سک سهنج سڀ تنهنجا برابر سَوَ ڏکن ڀانيان
رضا ۾ توسان راضي ٿي گهڙي هڪڙي نه گهارينديس
 

ڪڍي هن قيد مان مون کي وري اچي ويڙ پهچائي
         ڪري نه ته درد مان دانهون سڀئي راڻيون رئاڙينديس
4-       جهڙي آيس آءُ جهانگين کان تهڙي شل جي ملان تن کي
اڳيون پويون مڙيئي پنهنجون ميارون معاف ڪارينديس
5- ڪندو قادر ڪرم مون تي وري شل وطن تي وينديس
ته مارن کي ملي ”ميرل“ ڏسي اکڙيون آءٌ ٺارينديس

لالو لهاڻو

 

لالو پٽ هنسراج لهاڻو، ويٺل غلام نبي شاه تعلقو مٺي ضلعو ٿرپارڪر. ڪي قافيون نظر مان گذريون جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.*

[2112]

سهڻا سائين پسايو ديدار ويندي ويندي

هيڪر کلي ڳالهايو دلدار ويندي ويندي

1- اوچتو اک اڙي وئي، جاني جند جڙي وئي
سِر تي سڄڻ وهي وئي تلوار ويندي ويندي
2- تنهنجي اک جي اشاري، دلڙي ورتي ڌتاري
ماڻن سان وئين ماري، منٺار ويندي ويندي
3- دلبر ڪاوڙ سان چوڌاري، تو منهنجي دلڙي ساڙي
پورو دل جو نه پاڙيئي، انجام ويندي ويندي
4- چوي ”لالو“ نماڻو يار، سدا شل جواني ماڻين
ڪر نه تون دلبر هاڻي، بدنام ويندي ويندي
 

[2113]

مارن لاءِ من ماندو، مارو منهنجا مانَ اچن

ساه سِڪي جن لاءِ سانگي منهنجا سي ته اچن

1- باهه بره جي بلڪل ساه سڄڻ آهي ساڙيو

جان جگر ۽ جيرا، مونجهه گهڻي من ڳاريو

عشق اندر ۾ جن جي، سي ڪيئن سور سلن

2- عشق اوپلانبا سِر تي، پيرين پيادي هلنديس

سوز فڪر ۽ سختيون، سڀ سر تي مان سهنديس

وؤڙينديس ته به ور کي، جِت هوءِ جُوءِ جَتن

3- شاه گدا سڀ سورهيه عشق رلايا در در

شوق تنهنجي جي سهڻا سَينَ هنيائون گهر گهر

لاهوتين جي لڏي من ”لالو نماڻي“ کي گڏن

 

[2114]

تنهنجي جيوت جا ڏينهن چار

جاڳ مسافر وي جاڳ ذرا

1-       کنهبو چٽڪو جوڀن جواني، آهي ناداني دنيا فاني

                  غافل ڪندءِ غرق غلطاني، ناهي باغ بهار
2-       ڌن دولت جي هوڏ اجائي، ساڻ نه هلندءِ مان وڏائي

آخر پوندء ساب ڪمائي، مورک من کي مار
3- يڪسان ناهي بيرنگ زمانو، هي دنيا آهي مسافر خانو

آخر هرڪو ٿيندو روانو، ”لالڻ“ ساٿ سنڀار

صالح محمد درس

محمد صالح درس ويٺل بڪيرا شريف تعلقو ٽنڊوالهيار ضلعو حيدرآباد، جنهن جي پنهنجي ڪلام جو ذخيرو اسان کي 12- مارچ 1929ع تي پهتو، جنهن ۾ 184 قافيون ۽ مولود قلمبند ٿيل آهن.

[2115]

ٻولي ٻاروچل جي آهي سرتيون سٺي

ڪيو قرب ڪيچن هي ڪاهل ڪٺي

1- آري لاءِ اديون ڏونگر ڏوري وينديس

پيادي پنهون کي وڃي آءٌ رسنديس

ڀلي ٿئي بر ۾ هن برهمڻ جي بُٺي

2- ڪري قرب ڪيچي ويا رت رئاڙي

صبح ۽ سانجهي سندم ساهه ساري

اچن مانَ مون وٽ جن جي قرب آهيان ڪُٺي

3- دَرسُ داد ٿيندو ”صالح“ ساجهر سويلو

ملندو محب توکي ٿيندو ملاقات ميلو

وٺي ويندا مون کي پرين لاءِ پُٺي

[2116]

وطن ۾ جا وس ٿي ويڙهيچا جي ويٺا

چارين ٿيون چوڙيليون گهرن پاسي گهيٽا

1- ٿيا گاه گسن تي للر لنب لاڻا

پٽيو ڏٿ ڏوٿي آڻين اباڻا

کائين سي خوشيءَ مان ٻاٻاڻن جا ٻيٽا

2- آڻين کير کٿيريون وچينءَ جي ويلي

کائينِ دڳ ڌؤنرا صبح جو سويلي

ولوڙين ويڙهيچا نوڙيون پايو نيٽا

3- رهن خوش کاهڙ ۾ کنڀيون کاڄ کايو

گهمن ٿيون گهٽن ۾ پُسي هار پايو

ڪن سينڌ سرمون چوڙيليون سي چوٽا

4- قادر هن ڪوٽ مان قسمت ڪري

 

ڏسان ملڪ مارو منهنجو من ٺري

                  لاهيان سڪ ”صالح“ چئي ڏسان اباڻن جا اوٽا

 

نورجهان ”نورشاهين“

 

محترمه نورجهان پٺاڻ جو جنم حيدرآباد شهر ۾ 18- آگسٽ 1936ع تي ٿيو. سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ”نورشاهين“ جي تخلص سان شاعري ڪيائين. سنڌي نثر ۾ مضمون ۽ ڪتاب لکيائين، پر گهڻو رجحان شاعريءَ ڏانهن. بيت، غزل، گيت ۽ قافيون چيائين.*

[2117]

ڪين ڪجئين پاڻا ڌار يار، اي آڌرن جا آڌار يا،

1- تو لئي لنؤن لنؤن روح چريو ٿم

ساه نه غفلت منجهه سريو ٿم

روح رنو زارو زار يا

2- پرين پيڙس تنهنجي مان سام

دل جي سمجهه تون منهنجي مام

سگهڙي لهجئين سار يار

3- روز رڙان پئي پئجي پڌر

سانول سهڻا تون موٽ سڌر

بره جا لاهينم بار يار

4- نرميون ”شاهين“ من جون مُهڻيون

سختيون به ڍولڻ تنهنجون سهڻيون

پيارا پيارن جا پار يار

 

”درگاهي“ ميراڻي

 

عبدالرحمان ولد واحد بخش ميراڻي، ”درگاهي“ جي تخلص سان مشهور آهي. روهڙي جي مشهور فنڪاره مائي فقيرياڻي جو پٽ آهي. سندس ڄمڻ جو سال 1942ع آهي.*

 

[2118]

دوست ڪڏهن در ايندين، ساجن ساڻي ٿيندين

1- روز نهاريان روئندي راهون، آءُ سني تون ساجن دانهون
ويهي حال ونڊيندين
2- درد ۾ دلڙي دم دم مالدي، توبن تڙپي بره جي باندي
پرت جو پيالو ڏيندين
3- ساٿ ڌڻي سردار تون آهين، ساه سندو سينگار تون آهين
نال نماڻي نيندين
4- ”درگاهي“ جو دلبر تون آن، راه جو راڻل رهبر تون آن
هيڪل ڪين ڇڏيندين

محمد رحيم بلوچ

 

محمد رحيم بلوچ ويٺل ڳوٺ نبي بخش لغاري تعلقو ماتلي، نوجوان شاعر جنهن پنهنجا مولود ۽ قافيون چيون آهن. سندس هٿ لکيل بياض ۾ 37 قافيون شامل آهن، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.*

 

[2119]

اسين آهيون عشق امير

صحبت جا ٿا صاحب سڏايون

1- عشق اندر ۾ پيرا پاتا

دود دکن سي ديرا لانا

دلڙي ڪيو، ٿا نار نذير

آڳ انهيءَ کي ڪين اجهايون

2- سوز اچي ڪي سر آلاپيا

محبت من ۾ منڊ اچي ماپيا

چهڪ پون ٿا لکين چير

ڳالهه اهڙي ڪنهن سان نه ڳالهايون

3- هو ته چون پر اسين نه چئون ٿا

رمز انهي ۾ راضي رهون ٿا

ڪين ٿيون ٿا دم دلگير

ٺاهه ملڻ جا ٺاهيون ٺاهيون

4- ”محمد رحيم“ چئي قربئون آيا

پرين پنهنجا ڀاڳ ڀلايا

هتڙي اندر ۾ جنهن جي اڪير

ساجن آئي ٿيون سڀئي سڻايون

[2120]

عمر ٿي امانت سَتي سام آئي

وٺي وات ويٺي ويڙهيچن جي وائي

1- عمر ٿي ڪريان مان منجهان درد دانهون

اچن شل اباڻا سڻي سي صدائون

ڪنبي ڪوٽ کان مان ڪريان ڪيئن ڪچائي

2- ڪيا سنڌ ساڻا ڏکن ڏيل ڏاري

جهانگياڻي نه جهٽ پٽ ويڙهيچا وساري

ويهي ڪيئن محلين جيڪا سڪ سجهائي

3- آهيون ڀيڻ ڀائي سڱ ڪونه ٿيندو

خوشيءَ مان مبارڪ کلي ڪونه ڏيندو

گهمي ڏس تون گهر گهر خدارا خدائي

4- ”محمد رحيم“ حامي هتي هوت ٿيندو

ڪڍي قيد مان هو نماڻي کي نيندو

ڪندو مير مرسل مشڪل ڪشائي.

 

غازي فقير سيال

 

حڪيم غازي فقير ولد دائم فقير سيال، ويٺل ڳوٺ پنهنجو ديهه مياڻو تعلقو خيرپور. هن وقت سندس عمر 66 سال آهي، انهي حساب سان سنه 1921ع ۾ ڄائو. پنهنجي ڪلام ۾ ”سالڪ“ تخلص طور ڪم آندو اٿس. نموني طور سندس هيٺيون ٻه قافيون ڏجن ٿيون.*

 

[2121]

ٻانهن جو آءٌ ٻانهون آهيان

پاند ڳچيءَ ڳل پايان، سينو ڪيهو ساهيان

1- حال بندي جو معلوم توکي سائين، چئي ڇا سڻايان
2- اوڳڻ عيب ڳڻن کان زياده بار بديون بخشايان
3- بخش بخشڻهار برايون، ڪنڌ کڻڻ جهڙو ناهيان
4- ”لاتقنطوا من الرحمةالله“ آس اميد نه لاهيان
5- ”سالڪ“ سان ڪر ڀلا ڀلايون، ڳڻ اوهان جا ڳايان
 

[2122]

انهيءَ سيف ابرو لکين گهوٽ گهايا

نظر جي نظاري مانجهي مرد ماريا

1- ليليٰ ساڻ اکڙيون مجني ملايون

هليو هوش ويڙو متيون ڪم نه آيون

’ليليٰ ليليٰ‘ جون رهيون وات وايون

اهڙا برهه ڪيئي برن ۾ بيهاريا

2- حسن بي قياس نه ڪئي ڪهل ڪنهن تي

علم وارن رکيو سِرُ اڏيءَ تي

ڄڻيو ڳل ۾ پائي کنيئين پَٺ ڪلهن تي

تقويٰ جا صنعان سڀئي ورق واريا

3- ڇڏيو تخت رانجهن ڪاڏي بخت ويڙهه

پائي گيڙو ڪپڙا جوڳي جوان ٿيڙو

لاڳاپا لهي ويا پلئه عشق پيڙو

ٻارهن سال ٻانهي مينهون مال چاريا

4- ڪيئي شهه تونگر ڪيا نينهن ننگا

قتل ڪنهن قبوليو ڇڏي ساه سنگا

شيرين لاءِ فرهاد چڙهيو لڪ لانگها

هٿوڙي سان ڏونگر ڏئي ڏاڪ ڏاريا

5- حقيقت اصل کي ئي سمجهي ڪو ”سالڪ“

ته انسان ۾ ئي آهي موجود مالڪ

هو معشوق آهي ٿئي پاڻ عاشق

انهيءَ پنهنجا ظاهر نظارا ڏيکاريا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org