ڪونج
از سارا اورني جيوئيٽ مترجم – سراج
-------------
A White Heron
By
Sarah orne jewett
سارا اورني جيوئيٽ (1849ع 1909ع) هڪ ڀيري هڪ افسانه نويس دوست،
”ولاڪارٿر“ کي صلاح ڏني هئي ته زندگيءَ ۾ ’جيڪي
چيزون ڏسجن، انهن کي نهايت سچائيءَ ۽ حقيقت
پسنديءَ سان لکڻ گهرجي‘. جيڪا صلاح پاڻ ولاڪارٿر
کي ڏنائين، ان مان انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ پئجي وڃي
ٿي ته مس جيوئيٽ پنهنجي ’نيو انگلنڊ‘ جي ماڻهن
متعلق ڇا لکيو آهي. جيتوڻيڪ هاڻي تمام ٿورا ماڻهو
سندس لکيل چيزون پڙهن ٿا، ان هوندي به هن جي
افسانن ڪيترن ئي نون لکندڙن کي ڪافي متاثر پئي ڪيو
آهي.
هوءَ، ’مين‘ رياست جي ’بروڪ‘ شهر ۾ هڪ چڱي
سڌريل ڪٽنب ۾ پيدا ٿي. سندس پهريون ڪتاب ”ڊيپ
هيون“ (عميق آسمان) 1887ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب
۾، آتم ڪهاڻيءَ جي طرز ۾ نيو انگلنڊ جي رهواسين جو
نهايت بغور مطالعو ڪيو اٿس. ان کان پوءِ به سندس
ڪيترائي ناول ۽ افسانا شايع ٿيندا رهيا، ۽ انهن
سڀني ۾ هوءَ پنهنجي ڪردارن کان – جن کي پاڻ ايترو
قريب رهي هئي – ڪڏهن به دور ۽ غافل نه رهي آهي.
جون جو مهينو هو، شام جا اڃا اٺ به ڪين وڳا هئا، ٻيلي ۾ پاڇولا
گهرا ٿيندا پئي ويا. البت وڻن جي ٿڙن جي اوٽ
منجهان ٻڏندڙ سج جي جهيڻي روشني لياڪا پائي رهي
هئي. هڪ ننڍڙي نينگر، پنهجي ڳئون کي هڪليندي گهر
ڏانهن پئي ويئي. ڳئون هميشھ جيان پنهنجي سست ۽ ڪڪ
ڪندڙ رفتار سان پنڪيون کائيندي پئي هلي. پر ان
هوندي به اها ڳئون ئي ننڍڙيءَ نينگر جي بهترين
رفيق هئي. روشني جهڪي ٿيندي پئي ويئي، پر هي ٻئي
ساٿي ان گهاٽي ۽ گنجان ٻيلي ۾ ائين هلندا رهيا.
هنن جا قدم ٻيلي جي ورن وڪڙن ۽ پيچرن جا چڱيءَ پر
هيراڪ ۽ آشنا هئا: هنن جون اکيون ڪجهه ڏسي سگهيون
ٿي يا نه، انهيءَ جي هنن کي پرواهه ئي ڪانه هئي.
اونهاري جي مند ۾ شايد ئي ڪا اهڙي رات هوندي هئي، جڏهن
اها ٻڍڙي ڳئون چراگاهه جي لوڙهي اندر بيٺل ڏسڻ ۾
اچي: ائين ٿي ڀاسيو ته ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ
جي ڳالهه اها هئي ته ٻيلي ۾ ڪنهن ‘هڪل بيري‘ وڻ جي
ٻوڙن ۾ وڃي لڪي بيهي رهي. سندس ڳچيءَ ۾ هڪ وڏو چڙو
به ٻڌل هو، پر شايد کيس اها پروڙ پئجي ويئي هئي ته
جيڪڏهن هوءَ هڪ ئي هنڌ چپ چاپ بنا ڪنهن چرپر جي
بيهي رهندي، ته چڙو ڪين وڄندو. ان ڪري ننڍڙي
نينگر، ”سِلويِه“، کي ٻڍڙيءَ ڳئون کي ڳولڻ ۾ ڏاڍو
حيران پريشان ٿيڻو پوندو هو. گهڻيئي آواز ڏيندي
هئي – ”آهو.... هو ..... آهو“، پر ڪٿان به ڳئون جي
”بان.... بان“ جو آواز ڪين ايندو هو. تان جو هن جو
ٻاراڻو صبر جواب ڏيئي وهندو هو. جيڪڏهن اها ڳئون
مالڪن کي ايترو گهڻو ۽ سٺو کير نه ڏيندي هجي ها،
ته شايد هنن جو ڍڳيءَ سان سلوڪ ڪجهه ٻيو ئي هجي
ها. ڀلا ننڍڙي سلويه به هوندي هئي، سڄو ڏينهن
واندي، نه ڪم نه هاج، سو ڍڳيءَ جي سموري اون کيس
ئي ڪرڻي پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن موسم خوشگوار
هوندي هئي، تڏهن ڍڳيءَ جون اهي ڇيڳرايون به دل کي
پيون وڻنديون هيون، ۽ ائين ڀائنبو هو ڄڻ ته ڳئون
ننڍڙي سلويه سان لڪلڪوٽيءَ راند ٿي ڪئي. ننڍڙي
سلويه کي به راند روند لاءِ جيڏي ساهيڙي هئي ڪانه،
سو هوءَ به انهيءَ وندر ۾ خوشيءَ خوشيءَ مشغول ٿي
ويندي هئي.
هيءَ ڳولا ۽ تلاش به ڪجهه ايتري طويل ٿي چڪي هئي، جو
خود ڍڳيءَ خلاف معمول رنڀ ڪري پنهنجي موجودگيءَ جو
اعلان ڪيو. سلويه جڏهن پنهنجي ٻڍڙي ڳئون – مائيءَ
”موليءَ“ – کي ٻوڙن ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن کان کل
نڪري ويئي؛ ۽ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان کيس هڪليندي
گهر ڏانهن هلڻ لڳي. ٻڍيءَ ڳئونءَ کي به شايد وڌيڪ
رلڻ گهمڻ جو ارادو ڪين هو، ان ڪري بنا ڪنهن چون
چرا جي اڳتي وڌڻ لڳي؛ ۽ جڏهن ٻئي چراگاهه کان ٻاهر
نڪتيون، تڏهن ڍڳيءَ سڌو گهر وارو رستو ورتو، ۽
ڪجهه تيز رفتاريءَ سان وک وڌائيندي اڳتي هلندي
رهي.
کير ڏهڻ جو وقت به اچي ڀريو هو، ۽ هوءَ به کير ڏيڻ لاءِ
تيار هئي، ان ڪري رستي تي گاهه پکو ڏسي چڪ اڌ هڻڻ
لاءِ به لوڻو ڪونه ٿي ڦيرايائين. ڪافي دير ٿي چڪي
هئي، ۽ سلويه کي اچي ويچار ورايو ته سندس ٻڍڙي
ناني الائي کيس ڇا چوندي: ساڍي پنجين بجي گهران
نڪتي هئي، ۽ مٿان اچي رات پئي هيس؛ پر اها خبر به
سڀن کي هئي ته انهيءَ ڳئون کي چارڻ ۽ ڳولي اچڻ به
جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانه هئي، جا جهٽ ۾ ٿي پوي. ”مسز
ٽلي“، سلويه جي ناني، پاڻ به انهن ”ٻن سڱن واريءَ
بلا“ جي ڳولا ۾ تهه اونهارن جا ڏينهن جا ڏينهن
رلندي سهڪندي گذاري چڪي هئي؛ سو هاڻي ڪنهن کي به
دير مدار لاءِ ميار ڪين ڏيندي هئي. هاڻ ته شڪرانا،
جو کيس سلويه جهڙي سلڇڻي نينگر ملي ويئي هئي، جا
کيس اوير سوير چڱي خاصي مدد پئي ڪندي هئي. ڪڏهن
ڪڏهن هن نيڪ بخت ٻڍڙيءَ کي اهو شڪ جاڳندو هو ته
سلويه بعضي بعضي پنهنجي مرضيءَ سان به هيڏي هوڏي
گهمندي ڦرندي هوندي؛ ۽ هو به ائين – دنيا ۾ شايد
ئي ڪو اهڙو ٻار هوندو، جيڪو سلويه وانگر گهر کان
ٻاهر ايترو گهمڻ ڦرڻ لاءِ ماندو هجي. ماڻهو چوندا
هئا ته سلويه جهڙي نينگر لاءِ، جنهن پنهنجي ڄمار
جا اٺ ئي سال هڪ گنجان صنعتي شهر ۾ گذاريا هئا،
هيءَ تبديلي ڏاڍي چڱي ثابت ٿيندي. پر سلويه پنهنجي
لاءِ ائين سمجهندي هئي ته ٻنين تي اچڻ کان اڳ هوءَ
ڄڻ ته زنده ئي ڪانه هئي!
جڏهن ٻڍڙي مسز ٽلي، پنهنجي ڌيءَ جي ٻارن ڀرئي گهر
منجهان خلاف اميد سلويه کي پاڻ سان نيئڻ لاءِ
چونڊيو هو، ۽ پنهنجي ٻنين ڏانهن اسهي هئي، تڏهن دل
ئي دل ۾ مرڪندي چيو هئائين ته ”ويچاري ماڻهن کان
ٿي ڊڄي!“
”ماڻهو ٿا چون ته ’ماڻهن کان ٿي ڊڄي‘! پر مون کي سا پڪ
آهي ته هيڪر مون سان هلي، ته هن نينگر کي پنهنجي
پراڻي گهر کان وڇڙڻ جو گهڻو ڏک ڪين ٿيندو.“ ۽ جڏهن
هو ڳوٺڙي واري سنسان گهر وٽ پهتا ۽ قلف لاهڻ لڳا،
تڏهن هڪ ٻلي زور سان ’غر غر‘ ڪندي، هنن جي پيرن
سان پنهنجو جسم مهٽڻ لڳي. ويچاري اڪيلائيءَ جي
ماريل ٻلڙي گهر جون جهرڪيون کائي کائي متاري ٿي
پئي هئي. سلويه دل ئي دل ۾ ويچار ڪيو ته هن گهر ۾
زندگي گذارڻ ۾ ڪيڏو نه لطف ايندو – هوءَ پنهنجي
شهري گهر واپس ورڻ جي ڪڏهن ڀلجي به خواهش ڪانه
ڪندي.
ٻئي ساٿي ٻيلي جي پاڇولن سان ڍڪيل پيچري تي هلي رهيا
هئا. ڳئون آهستھ آهستھ پر وڏي وڏي وک کڻي رهي هئي،
۽ نينگر سندس پويان
تيز تيز قدم کڻندي پئي آئي. نهر جي ڪناري تي پهچي
ڳئون پاڻي پيڻ لاءِ ڳچ وقت بيهي رهي. سلويه کي به
سندس انتظار ۾ ماٺ ڪري بيهڻو پيو. پنهنجا ننڍڙا
ننڍڙا پير نهر جي تانگهي پاڻيءَ ۾ وجهي، پير ٺارڻ
لڳي، ۽ شام جي جهيڻي روشنيءَ ۾ اڏامندڙ ڀنڀوريون
هن جي بدن سان ڏاڍيءَ نرمانيءَ سان اچي ٽڪرڻ
لڳيون. جڏهن ڳئون اڳتي وڌي ته هوءَ به نهر منجهان
ئي سندس پوئتان هلڻ لڳي، ۽ نهر جي تانگهي پاڻيءَ ۾
هلڻ ڪري جيڪو ڇپ ڇپ جو آواز پيدا ٿي رهيو هو، ان
کي ٻڌي هن جي معصوم دل خوشيءَ کان اڇلون ڏيڻ لڳي.
هن جي مٿان وڻن جي ٽارين تي عجيب هنگامو متل هو:
وڻن جون ٽاريون پکين ۽ ننڍڙن جانورن سان سٿيون
پيون هيون، ۽ اهي سڀ چڱيءَ طرح جاڳي رهيا هئا. هو
پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ ئي مست مگن هئا، ۽ پنهنجي
ننڊاکرين ٻولين ۾ پنهنجي ساٿين کي ’شب بخير‘ چئي
رهيا هئا. سلويه به هلندي هلندي ڳهرجڻ لڳي. پر هاڻ
گهر به ايترو دور نه هو، ۽ هوا به ڏاڍي خوشگوار
لڳي رهي هئي. اڳي ٻيلي ۾ ڪڏهن به ايتري اوير ڪانه
ٿي هيس: هوءَ اهو محسوس ڪري رهي هئي، ڄڻ ته هوءَ
به انهن ڀوري رنگ جي پاڇولن ۽ حرڪت ڪندڙ پنن جو هڪ
جزو آهي. سلويه سوچي رهي هئي ته هن کي ٻنيءَ تي
آئي سال کن مس ٿيو هو، پر اهو عرصو ڪيترو نه طويل
ٿي محسوس ٿيو. هوءَ حيرت مان اهو ويچارڻ لڳي ته
الائجي هن جي گنجان ۽ پرشور شهر ۾ هر چيز ساڳئي
نموني پئي هلي، جيئن جيئن هوءَ ڇڏي آئي هئي، يا
نه. اچانڪ هن کي سرخ چهري وارو ڇوڪر ياد آيو، جيڪو
هن جو تعاقب ڪري هن کي ڊيڄاريندو رهندو هو. اهو
خيال ايندي ئي سلويه وڻن جي پاڇولن کان بچڻ لاءِ
تڪڙي تڪڙي رستي تي وڌڻ لڳي.
اچانڪ هن هڪ سينڍ جو آواز ٻڌو، ۽ ٻيلي جي هيءَ ننڍڙي
نينگر وسامجي، سهمجي بيهي رهي. سينڍ جو آواز چڱو
صاف هو، ۽ گهڻو پري به ڪين ٿي ڀانيو. اها سينڍ
ڪنهن پکيءَ جي به ڪانه هئي، جو ان ۾ هڪ قسم جي
مانوسيت هجي ها؛ پر هيءَ ته ڪنهن ڇوڪري جي سينڍ جو
آواز هو، جيڪا ارادتاً وڄائي ويئي هئي، ۽ ان منجهه
ڪجهه چيڙائڻ جي به ڪيفيت هئي. سلويه ڊڄندي ڊڄندي،
ڳئون کي پنهنجي حال ۽ قسمت تي ڇڏيندي، چپڙي ڪري
ٻوڙن ۾ لڪي ويهي رهي. پر کيس ڪجهه دير ٿي ويئي، ۽
دشمن کيس ڏسي ورتو هو، ۽ ڏاڍي مٺي ۽ دلنشين لهجي ۾
کيس سڏيندي چيائين، ”ننڍڙي نينگر، رستو هتان گهڻو
پري آهي؟“ ۽ سلويه ڏڪندي ڪنبدي، نهايت جهيڻي آواز
۾ جواب ڏنو ”چڱو پنڌ آهي!“
هن ۾ ايتري به جرات نه پئي ٿي، جو هن قداور جوان ڏانهن
همت ڪري نهاري، جنهن جي ڪلهي تي بندوق رکيل هئي.
البت هوءَ ٻوڙن مان نڪري ٻاهر آئي، ۽ ماٺ ڪري ڳئون
جي پويان پويان هلڻ لڳي؛ هو جوان به هن جي پاسي
کان هلڻ لڳو.
اجنبي جوان نرم لهجي ۾ چون لڳو، ”مون هتي پکين جو شڪار
پئي ڪيو، ۽ شڪار ڪندي رستو ڀلجي ويو آهيان. مون کي
هڪ ساٿيءَ جي سخت ضرورت آهي، جيڪو منهنجي رهنمائي
ڪري. تون ڊڄ نه، ۽ مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ. تون
ڇاٿي ڀانئين، ڇا اهو ممڪن آهي ته اڄوڪي رات آءٌ
تنهنجي گهر هلي گذاريان - ۽ صبح جو وري پنهنجي
شڪار تي نڪري پوان.
سلويه کي هاڻ ته هيڪاري گهڻي ڊپ اچي ورايو. الائي سندس
ناني ڇا سمجهندي - ۽ سڄو ڏوهه مٿس مڙهيندي؟ پر
ههڙي اتفاق جي ماڻهوءَ کي اڳواٽ ڪهڙي خبر؟ هن جو
ته ان ۾ ڪوبه ڏوهه گناهه ڪونه هو. هن ڪنڌ کڻي هيٺ
ڪيو، ڄڻ ته ڪنڌ جو مڻڪو ئي ڀڄي پيو هوس. پر نئين
ساٿيءَ جڏهن ٻيهر نالو پڇيس، تڏهن جئن تئن ڪري
مشڪل سان جواب اڄهيس – ”سلويه!“
جڏهن ٽيئي ساٿي گهر پهتا، ته مسز ٽلي اڳ ئي دروازي تي
بيٺي هئي. ڍڳيءَ مسز ٽليءَ کي ڏسندي ئي هڪ ڊگهي
رنڀ ڪئي، ڄڻ ته سموري قصي جي وضاحت ڪري رهي هئي.
”ها ها، ماري، تون پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳالهاءِ ته چڱو.
سلويه، هن ڀيري هيءَ ڪٿي وڃي لڪي هئي؟“ پر سلويه
ڊپ ۾ اڃا به خاموش بيٺي رهي. هن سمجهي ورتو هو ته
سندس ٻڍڙيءَ نانيءَ کي اڃا هن گنڀير صورتحال جو
احساس ڪين ٿيو هو؛ ۽ هوءَ اجنبيءَ کي ڪو اوسي پاسي
جو ڪڙمي جوان سمجهي رهي هئي.
نوجوان ڪلهي تان بندوق لاهي دروازي جي پاسي ۾ اُڀي ڪري
ڇڏي، ۽ شڪار جو ٿيلهو به لاهي کڻي پاسي تي
ڇڏيائين. مسز ٽليءَ کي سلام ڪري، رستو ڀلجي وڃڻ
وارو قصو کيس ٻڌايائين، ۽ پڇيائينس ته ڇا هو رات
سندس گهر ۾ بسر ڪري ٿي سگهيو. ”آءٌ ڪنهن ڪنڊ پاسي
۾، جتي اوهان جي مرضي هوندي، ليٽي پوندس. صبح جو
ساجهر مون کي وڃڻو آهي؛ في الحال ته سخت بک لڳي
اٿم – ٻيو جيڪڏهن نه، ته ڀلائي ڪري کير ڍڪ ته
ڏيوم!“
ٻڍڙيءَ ميزبان چيو، ”بيشڪ، سائين!“ ڄڻ ته هن جي عرصي
کان ستل مهمان نوازيءَ جي فطرت جاڳي پئي هئي.
”هتان ميل اڌ جي پنڌ تي شايد اوهان کي رات وڌيڪ
آرام ۽ آسائش سان بسر ڪرڻ جو موقعو ملي – پر جڏهن
اسان وٽ هلي آيا آهيو، ته ڀلي آيا، جيءُ آيا؛ جيڪي
اسان وٽ آهي، سو اوهان جي اڳيان حاضر ڪنديس. آءٌ
گهڙيءَ ۾ کير ڏهي ٿي وٺان، تيسين اوهين ٿورو آرام
ڪريو. پنهنجو گهر اٿو – وڻيو ته گاهه تي سمهو،
وڻيو ته کنڀن جي وڇاڻي تي سمهي پئو!“ ٻڍڙي شفقت
ڀريل لهجي ۾ وري چوڻ لڳي: ”اهي کنڀ مون پنهنجي هٿن
سان گڏ ڪيا هئا. هيٺ ترائيءَ ۾ چڱو خاصو سبزه زار
آهي، جتي ڪافي هنج ۽ مرغابيون چوڳي لاءِ اينديون
آهن. سلوي، اٿ مهمان لاءِ دستر خوان وڇائي،
رڪيبيون وغيره رک!“ سلويه فوراً اٿي اندر ويئي؛ ڪم
هاج ملڻ تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، ۽ کيس بک به اچي لڳي
هئي.
نيو انگلنڊ جي هن ويران علائقي ۾ ههڙي صاف سٿري ۽ آرام
ده گهر جو هجڻ حيرت جهڙي ڳالهه هئي. نوجوان کي هن
علائقي جي دقيانوسي طرز رهائش جي براين جي پوري
خبر هئي، ۽ هن کي خبر هئي ته هن علائقي جي سماج
جو معيار ايترو ته غليظ ۽ پست هو، جو ماڻهن کي
ڪڪڙين سان گڏ رهڻ ۾ به ڪا ڪراهت ڪانه ٿي محسوس ٿي.
پر هيءُ گهر قديم وضع جي ڪڙمي گهراڻي جي ڪفايت
شعاريءَ جو بهترين نمونو هو، جيتوڻيڪ ايترو مختصر
هو، جو ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ڪا خانقاهه هئي.
نوجوان ٻڍڙيءَ جي انوکين ڳالهين کي ڏاڍي ڌيان سان
ٻڌي رهيو هو؛ ۽ سلويه جي زرد زرد چهري ۽ ڀورين
ڀورين اکين کي ڏسي رهيو هو، جيڪي وڌندڙ مسرت جي
جذبي کان چمڪي رهيون هيون. پوءِ ڏاڍي ڌيرج سان چوڻ
لڳو ته پوري مهيني کان پوءِ هن کي رات جي بهترين
ماني نصيب ٿي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هي نوان دوست
اٿي آڳنڌ ۾ ٿي ويٺا، ۽ چنڊ به اڀري آيو.
”ٻيرن جي مند به اچي مٿان پئي آهي؛ ۽ سلويه ٻيرن چونڊڻ
۾ ڪافي مون کي مدد ڏيندي، ڳئون چڱو کير ٿي ڏئي، پر
جڏهن ٻيلي ۾ ٿي وڃي، تڏهن کيس ڳولڻ آفت آهي.“ ٻڍڙي
دل کولي اجنبيءَ سان لهواري اوڀاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ کيس
ٻڌايائين ته چئن ٻارن کي قبر ڀيڙو ڪري چڪي هئي،
باقي سلويه جي ماءُ ۽ هڪ پٽ (جو به شايد مري ويو
هجي) – وڃي اولاد مان بچيا هئس، جي ڪئليفورنيا ۾
رهندا هئا.
”منهنجو پٽ، ’ڊئن‘، ڏاڍو سٺو نشانيباز شڪاري هو. جڏهن
هو گهر ۾ هوندو هو، تڏهن مون وٽ ڪڏهن به تترن يا
سيهڙن جي کوٽ نه هوندي هئي.“ ٻڍڙي ڏکويل دل سان
پنهنجي پٽ جون ڳالهيون اورڻ لڳي. ’هو سيلاني هو.
لکڻ پڙهڻ ته هن کي آيوئي ڪين، جو کڻي مون ڏي خط پٽ
لکي. پر آءٌ هن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان: جيڪڏهن منهنجو
وس پڄي، ته هوند آءٌ به دنيا ڏسڻ لاءِ ڪيڏانهن
نڪري وڃان ها!“
ٻڍڙيءَ، ڪجهه گهڙيون چپ رهڻ کان پوءِ، ساڳئي جذباتي
انداز ۾ چيو، ”سلويءَ هت اچي هن جي جاءِ ڀري آهي.
ٻيلي جو هڪڙو فوٽ به اهڙو ڪونهي. جنهن جي هيءَ
واقف چاڪف نه هجي. هتي جا جهنگلي جانور به هن کي
پاڻ منجهان هڪڙو ٿا سمجهن. نوريئڙن کي ته اهڙو
هيرائي ڇڏيو اٿس، جو سندس هٿن ۾ اچي کاڌو کائيندا
آهن. ساڳي حالت پکين سان آهي: پرسال سياري ۾ ته
بيشمار ڪٻرون اچي گڏ ٿينديون هيون، ۽ جيڪڏهن آءٌ
کيس نه جهليان ها ته هوند سمورو کاڌو ڪٻرن کي
کارائي ڇڏي ها، ۽ پاڻ پئي بکن ۾ پاهه ٿئي ها. آءٌ
کيس چوندي آهيان ته ڪانون کان سواءِ باقي سمورن
پکين لاءِ آءٌ توکي چوڳو ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. خود
ڊئن به هڪ ڪانءٌ پاليو هو، جو ٻين ڪانون جهڙو ئي
ڇسو بيوقوف هو: جڏهن ڊئن هليو ويو، تڏهن به اهو
ڪانءُ ڪافي وقت هتي پيو چڪر هڻندو هو. ڊئن ۽ سندس
پيءُ پاڻ ۾ ڪين ٺهندا هئا. پر جڏهن کان ڊئن کيس
سامهون ٿي، گهر ڇڏي هليو ويو، ان وقت کان پوءِ پڻس
وري ڪڏهن ڪنڌ سنئون نه ڪيو.“
مهمان کي ٻڍڙيءَ جي خانداني ڏکن جي هن قصي ۾ خير ڪا
دلچسپي هئي؛ ۽ هو پنهنجن ئي خيالن ۾ گم هو.
”سو، سلويءَ کي پکين بابت چڱي خاصي ڄاڻ آهي، ائين نه؟“
اجنبيءَ ننڍڙيءَ نينگر ڏانهن نهاريندي چيو، جا
چانڊوڪيءَ ۾ نهايت گنڀير ٿيو ويٺي هئي، ۽ مٿس ننڊ
به هوريان هوريان غلبو ڪري رهي هئي. ”آءٌ پاڻ
مختلف قسمن جي پکين کي جمع ڪري رهيو آهيان. ننڍي
هوندي کان مون کي پکين گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“
(مسز ٽلي مرڪڻ لڳي.)
”ٻن ٽن اڻلڀ قسم جي پکين جي تلاش ۾ گذريل پنجن سالن کان
رلندو رهيو آهيان. منهنجو مقصد رڳو اهو آهي ته آءٌ
پاڻ پنهنجي هٿن سان انهن کي جهليان.“
”تون انهن کي پڃرن ۾ رکندو هوندين؟“ مهمان جي انهيءَ
چاهه ۽ شوق ڀرئي ارادي کي ٻڌي، مسز ٽليءَ کانئس
پڇيو.
مهمان جواب ڏنو، ”نه نه، آءٌ انهن ۾ بوسو ڀري کين محفوظ
ڪري رکندو آهيان: درجنن جا درجن - ۽ اهي سڀ منهنجي
پنهنجي هٿن جا شڪار ٿيل يا ڦاسايل آهن. ڇنڇر جي
ڏينهن هتان ڪجهه ڪوهن جي پنڌ تي مون هڪڙي سفيد
ڪونج اڏامندي ڏٺي؛ ۽ ان جي پٺيان هلندي هلندي هن
طرف اچي نڪتو آهيان. ان قسم جون ڪونجون هن سموري
علائقي ۾ ڪڏهن به ڪين لڀنديون آهن. هڪ ننڍڙي کير
جهڙي سفيد ڪونجڙي آهي!“ ائين چئي هن سلويه جي منهن
ڏانهن ان اميد سان نهاريو ته شايد هن به اها ڪونج
ڪٿي ڏٺي هجي.
پر سلويه ته سامهون ٻاهرئين سوڙهي پيچري تي هڪ ڏيڏر کي
ٽپ ڏيندي ڏسي رهي هئي.
اجنبي وري به ڏاڍي اشتياق منجهان چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن تو
انهيءَ ڪونج کي ڏٺو هوندو، ته ضرور سڃاڻي ويئي
هوندينءَ. هڪ عجيب سفيد ڊگهڙو پکي آهي - نرم ۽
نفيس کنڀڙا اٿس، ۽ ڊگهيون ڊگهيون ٽنگون اٿس. سندس
آکيرو به ضرور ڪنهن اوچي وڻ جي چوٽيءَ تي هوندو، ۽
باز جي آکيري وانگر ڪاٺين جو ٺهيل هوندو.“
۽ سلويه جي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. هوءَ انهيءَ
عجيب پکيئڙي کي سڃاڻندي هئي، ۽ هڪ ڀيري، دور ٻيلي
جي هن پار، ڌٻڻ جي چمڪيلي سائي گاهه تي اهو پکي
ويٺو هو، تڏهن هوءَ لڪندي لڪندي، هوريان هوريان
وڃي ان جي ڀرسان بيٺي هئي. اتي هڪ کليل پَٽُ هو،
جتي اُس هميشھ عجيب طرح جي زرد زرد ۽ گرم محسوس
ٿيندي هئي، ۽ جتي ڊگها ڊگها سَرَ بيٺل هئا. ان
بابت کيس سندس نانيءَ منع ڪري ڇڏي هئي ته ان طرف
ڪڏهن به وڃڻ جو خيال نه ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪڏهن به ان
طرف ويئي ته نرم نرم ڪارڙيءَ گپ ۾ پاسي هيٺ هلي
ويندي، ۽ وري سندس نالو نشان به ڏسڻ ۾ ڪين ايندو.
اتان کان ٿوروئي دور نرم گاهه جا ٻوڙا هئا، جنهن
جي ٿورو پريان سمنڊ هو – سمنڊ، جنهن بابت سلويه کي
هميشھ حيرت ۽ عجب لڳندو هو، ۽ سدائين جنهن جا خواب
پئي ڏسندي هئي، پر اکين سان ان کي ڪڏهن به ڪين ڏٺو
هئائين. ان جو آواز ڪڏهن ڪڏهن طوفاني راتين ۾ ٻيلي
جي آوازن کان به چٽو ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
خوبصورت اجنبي چئي رهيو هو ته ”بس، مون کي انهيءَ ڪونج
جو آکيرو ملي وڃي، ته بس منهنجي دل جي آس پوري ٿي
وڃي. ان کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه مون لاءِ ٻي
ڪانه آهي. جيڪو به مون کي انهيءَ جو آکيرو لهي
ڏيندو، ان کي آءٌ ڏهه ڊالر ٿيندس.“ ٿورو جوش ۾
ايندي، وري چوڻ لڳو ته”جيڪڏهن ضرورت پئي، ته آءٌ
پنهنجون سموريون موڪلون ان جي پٺيان گذاري ڇڏيندس.
ٿي سگهي ٿو ته اهو پکي يا ته فقط سيلاني آهي، يا
ته ڪنهن شڪاري پکيءَ ان جو تعاقب ڪري کيس پنهنجي
علائقي مان تڙي هت آڻي ڪڍيو آهي.“
مسز ٽلي اجنبيءَ جي ڳالهين کي حيرت گاڏڙ ڌيان سان ٻڌي
رهي هئي؛ پر سلويه اڃا تائين ڏيڏر کي ڏسڻ ۾ محو
هئي: کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي، جيڪا هوند
معمولي سڪون جي حالت ۾ هوءَ هڪدم سمجهي وڃا ها،
يعني هي ته ويچارو ڏيڏر دروازي جي چائنٺ هيٺان
پنهنجي ٻر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر رات
جو ايتري دير ٿي وڃڻ جي باوجود ايترن سارن ماڻهن
کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي، ٻر ۾ وڃڻ کان هٻڪي
رهيو هو. ان رات، هر طرح جي خيالن جي باوجود هوءَ
سمجهي نه سگهي ته اجنبي جن ڏهن ڊالرن جو ايتريءَ
سادگيءَ سان کلندي کلندي ذڪر ڪري ويو، انهن سان
ماڻهوءَ جون ڪيتريون دلپسند ضرورتون پوريون ٿي ٿي
سگهيون!
ٻئي ڏينهن شڪاري نوجوان سڄو ڏينهن ٻيلي ۾ گهمندو رهيو،
۽ سلويه به سمورو وقت ساڻس گڏ هلندي رهي، ڇاڪاڻ ته
نوجوان کي ڏسي اول اول جيڪو خوف سندس دل تي طاري
ٿي ويو هو، سو لهي ويو هو، ۽ هاڻي ته هو نهايت
همدرد ۽ مهربان ثابت ٿيو هو. هن سلويه کي پکين
بابت بي انداز ڳالهيون ٻڌايون – پکي ڇا ڇا ٿا
ڄاڻن، ڪٿي ٿا رهن، ۽ هڪ ٻئي سان ڪيئن ٿا هلن،
وغيره. هن سلويه کي هڪڙو چاقو به سوکڙيءَ طور ڏنو،
۽ سلويه سمجهيو ڄڻ ته هوءَ ڪنهن غير آباد جزيري جي
رهواسڻ هئي، ۽ هن کي هڪ وڏي دولت ملي ويئي هئي.
سڄو ڏينهن اجنبيءَ ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪئي، جنهن
کان سلويه کي ڪو ڏک پهچي يا خوف ٿئي، سواءِ هڪڙي
واقعي جي، جڏهن اجنبيءَ هڪ مٺي ٻوليندڙ پکيءَ کي،
وڻ جي ٽاريءَ تان اوچتو ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو هو.
سلويه اجنبيءَ کي بنان بندوق جي وڌيڪ پسند ڪري ها؛
هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته جن پکين کي
هو ايترو پسند ٿو ڪري، انهن کي ماري ڇو ٿو؟ پر
جيئن ڏينهن گذرڻ لڳو، سلويه نوجوان کي چاهه ڀرئي
شوق ۽ محبت جي نگاهن سان ڏسڻ لڳي: هن پنهنجي
زندگيءَ ۾ اهڙو موهيندڙ ۽ دل کي وڻندڙ ماڻهو ڪونه
ڏٺو هو، شايد هن ٻارڙيءَ جي سيني اندر عورت جي ستل
دل ۾ محبت جي ڪنهن خواب هلچل مچائي ڏني هئي.
انهيءَ عظيم قوت جي آگاهيءَ هنن جوان دلين ۾ هڪ
جنبش، هڪ لهر پيدا ڪئي، جيڪي هڪ خاموش احتياط سان
آهسته آهسته جهنگن کي طي ڪري رهيون هيون. هڪ پکيءَ
چهڪار ڪئي، هنن جا قدم روڪجي ويا؛ وري شوق منجهان
اڳتي وڌڻ لڳا؛ ٽارين کي اڳيان هٽائيندا، ڪڏهن هڪ
ٻئي سان نهايت جهيڻي آواز ۾ سرگوشيون ڪندا، اڳتي
وڌندا رهيا: نوجوان اڳيان هو، ۽ سلويه سندس پويان
پويان، ڄڻ ته جادوءَ جي زور هيٺ هلي رهي هئي، ۽
سندس ڀوريون ڀوريون اکيون جوش جي غلبي کان گهريون
ٿي ويون هيون.
هن کي ٿورو ڏک ٿيڻ لڳو ته سفيد ڪونج جو ڪو نشان پتو
ڪونه پيو، جنهن لاءِ اجنبيءَ کي ايتري تمنا هئي؛
پر هن اجنبيءَ جي رهنمائي نه ڪئي، هوءَ ته فقط هن
جي پويان پويان هلندي رهي. گفتگو خود شروع ڪرڻ جو
ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿي ٿيو. جيڪڏهن هوءَ ڪو ڀڻڪو
ڪڍي ها، ته شايد پنهنجي ئي آواز کان وحشت زده ٿي
وڃي ها – هن لاءِ ته رڳو ضرورت پئي ’هائو‘ يا ’نه‘
جو جواب ڏيڻ به نهايت مشڪل هو. نيٺ جڏهن سانجهي
ٿيڻ لڳي، تڏهن ٻئي ڄڻا ڍڳيءَ کي هڪليندا گهر ڏانهن
راهي ٿيا. جڏهن هو ان جاءِ تي پهتا، جتي هن
اجنبيءَ جي سينڍ جو آواز ٻڌو هو، ۽ ڊڄي ويئي هئي،
تڏهن خوبخود سندس چپڙن تي مرڪ ڇانئجي ويئي.
گهر کان اڌ ميل جي پنڌ تي، ٻيلي جي ٻئي ڇيڙي وٽ جتي
زمين نهايت مٿاهين هئي، صنوبر جو هڪ وڏو وڻ بيٺل
هو، جو شايد پنهنجي زماني جو آخري وڻ وڃي بچيو هو.
خبر نه آهي ته ان وڻ کي اتي سرحدي نشان طور ڇڏيو
ويو هو، يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ان کي اتي رهڻ ڏنو
ويو هو؛ - ۽ اهي ڪاٺير، جيڪي ان وڻ جي ساٿين کي
وڍي کڻي ويا هئا، سي به ڪڏهوڪا مري کپي ويا هئا؛ ۽
انهيءَ هنڌ تي صنوبر ۽ شاهه بلوط جي وڻن جو هڪ
نئون ٻيلو اڀري آيو هو. پر صنوبر جي انهيءَ وڻ جي
چوٽي، باوقار انداز ۾، سڀن کان اوچي ۽ بلند هئي، ۽
ميلن جي مفاصلي تان سمنڊ ۽ سندس ساحل ڏانهن اوچي
ڳاٽ پيئي نهاريندي هئي. سلويه کي اها خبر هئي: هن
کي يقين هو ته جيڪو شخص ان پوڙهي وڻ جي سڀ کان
اوچي ڏار تي چڙهي ويندو، سو آسانيءَ سان سمنڊ کي
ڏسي سگهندو؛ ۽ هن ننڍڙيءَ نينگر ڪيترائي ڀيرا
انهيءَ وڻ جي ٿلهي، کهري کهري ٿڙ تي هٿ رکي، ڏاڍي
اشتياق سان ان جي گنجان ۽ ڪارين ڪارين ٽارين ۽
شاخن کي ڏٺو هو، جيڪي هوا جي لهرن تي پيون لڏنديون
لمنديون هيون. هن ڀيري هن کي انهيءَ وڻ جو خيال هڪ
نئين جذبي ساڻ آيو – هوءَ سوچڻ لڳي ته
............... جيڪڏهن ڪو پرهه ڦٽيءَ جو ساجهر ان
وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃي، ته هوند سڄيءَ دنيا کي
ڏسي سگهي، ۽ آسانيءَ سان اهو پتو به لڳائي سگهي ته
اها سفيد ڪونج ڪٿان اڏامي ٿي اچي، ۽ سندس آکيرو
ڪٿي لڪل آهي.
ڇا سندس حوصلو، ۽ ڇا سندس بي ضبط تمنا! اهو صبح ڪيترو
نه آرزومند فتحيابي، ڪامراني ۽ خوشيءَ سان ڀرپور
صبح ٿيندو، جڏهن هوءَ انهيءَ راز جو انڪشاف ڪندي!
اهو جذبو ايترو ته حقيقي ۽ بلند هو، جو هن جي
ٻاراڻيءَ دل جي وسعت ۽ برداشت کان ٻاهر هو!
سڄي رات ان ننڍڙي گهر جو دروازو کليل رهيو، ۽ در جي
مٿان ابابيلن جهڙا پکي ايندا ۽ ٻوليندا رهيا.
نوجوان شڪاري ۽ سندس ميزبان ٻڍڙي گهريءَ ننڊ ۾
هئا، پر سلويه کي سندس عظيم تجويز ننڊ ڪرڻ نه ڏني.
هن جون اکيون کليل رهيون ۽ هوءَ جاڳندي رهي – شايد
ننڊ بابت سوچڻ به هن کي وسري ويو هو. اونهاري جي
ننڍي رات به، سياري جي اونداهيءَ رات وانگر، هن کي
طويل ۽ ڊگهي محسوس ٿيڻ لڳي. آخرڪار جڏهن ابابيلن
جون ٻوليون به بند ٿي ويون، ۽ هن کي پڪ ٿي ته ڄاڻ
ته پرهه ڦٽي ۽ صبح ٿيو، تڏهن هوريان هوريان پنهنجي
گهران نڪتي، ۽ چراگاهه جي پيچري تان ٻيلي ڏانهن
هلڻ لڳي. تيز تيز وکون کڻندي، هوءَ سامهون نظر
ايندڙ ميدان ڏانهن وڌڻ لڳي. رستي ۾ ڪنهن وڻ جي
ٽاريءَ تي ويٺل پکيءَ جي ننڊ هن جي چرپر ڪري ڦٽي
پئي، انهيءَ پکيئڙي جي چون چون جي ننڊاکري ٻوليءَ،
هن جي دل ۾ عجيب فرحت ۽ رفاقت جو احساس پيدا ڪيو.
انساني اشتياق جي اها عظيم لهر، جا هن ننڍڙيءَ
بيرنگ زندگيءَ ۾ سيلاب وانگر ڦهلجي ويئي هئي، سا
جيڪڏهن هن جي معصوم دل مان فطرت جي قرب ۽ ٻيلي جي
گونگي حياتيءَ جون بخشيل خوشيون ۽ تسڪين کسي وٺي،
ته ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه ٿيندي!
زرد زرد چانڊوڪيءَ ۾ صنوبر جو ٻڍڙو وڻ اڃا ننڊ پيو هو.
ننڍڙيءَ نادان سلويه ڏاڍيءَ بهادريءَ سان ان وڻ جي
چوٽيءَ ڏانهن چڙهڻ شروع ڪيو. جوش کان اڀامندڙ رت،
هن جي بدن جي سمورين رڳن ۾ تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو.
هن جا اگهاڙا پير ۽ هٿن جون آڱريون، انهيءَ آسمان
ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ جي شاخن کي پکين جي چنبن وانگر
چهٽي ٿي پيون. هن سوچيو ته هن کي پهريائين پاسي ۾
گڏ بيٺل سفيد شاهه بلوط جي وڻ تي چڙهڻ گهرجي. اتي
پهچي هوءَ سياهه شاخن ۽ ماڪ سان آلن ساون پنن ۾
بنهه گم ٿي ويئي. هڪ پکيئڙو پنهنجي آکيري مان ڦڙڦڙ
ڪري اڏاڻو، ۽ هڪ ڳاڙهي رنگ جو نوريئڙو هيڏانهن
هوڏانهن ڊڪون پائڻ لڳو، ۽ زور سان چيٽون ڪري هي بي
ضرر چور کي ڇينڀڻ لڳو. سلويه ڏاڍي اطمينان سان
اڳتي وڌڻ لڳي. هوءَ اڳ به ڪيترائي ڀيرا انهيءَ وڻ
تي چڙهي چڪي هئي، ۽ کيس خبر هئي ته شاهه بلوط جي
چوٽيءَ وٽ هڪ ٽاري صنوبر جي هڪ ڏار تي لڙيل هئي؛ ۽
ان هنڌ تي صنوبر جون هيٺيون شاخون هڪٻئي سان ڳتيل
هيون. اُتي، جڏهن هوءَ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي ٽپي
وڃڻ جو جوکم جهڙو قدم کڻندي، تڏهن هن جي عظيم مهم
شروع ٿيندي.
شاهه بلوط جي جهولندڙ ٽاريءَ تان هوءَ رڙهي مٿي آئي، ۽
ڏاڍيءَ جرات سان ٻڍڙي صنوبر جي وڻ تي ٽپي ويئي.
هتان ته پاڻ سندس اميدن جي برعڪس رستو وڌيڪ مشڪل
هو؛ هن کي اڃا ڪافي مٿي چڙهڻو هو، ۽ گرفت به مضبوط
رکڻي هئي. جيئن جيئن هوءَ مٿي چڙهندي ٿي ويئي،
تيئن هن جي جسم تي تکيون نوڪدار سڪل ٽاريون ڪاوڙيل
شڪاري پکيءَ جي چنبن جيان رهنڊا پائڻ ٿي لڳيون، ۽
ٿڙ جي سخت سخت ڇوڏن هن جي نازڪ سنهڙين آڱرين کي
رهڙي بي ڊولو بنائي وڌو هو. پر هوءَ جيئن پوءِ
تيئن مٿي چڙهندي ويئي. هيٺ ٻيلي ۾ جهرڪيون ۽
ڪٻرون جاڳي رهيون هيون، ۽ پرهه جي ٻولي ٻولي رهيون
هيون، پر صنوبر جي چوٽيءَ تان اهي آواز نهايت
جهيڻا ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. سلويه سوچڻ لڳي ته مهم کي
ڪامياب بنائڻ لاءِ هن کي جلدي ڪرڻي پوندي.
جئن جئن هوءَ مٿي چڙهندي ويئي، ائين ٿي ڀاسيو ته وڻ به
پنهنجي اوچائيءَ کي اينگهائيندو ڦهلائيندو ٿي ويو.
اهو وڻ ڄڻ ته هن سفر ڪندڙ ڌرتيءَ جو مکيه سڙهه هو.
ان ڏينهن جي صبح تي، صنوبر جي انهيءَ وڻ، انساني
روح جي ان شراري کي، جيڪو ارادي ۽ ازم جي گرميءَ
کان دکي رهيو هو، پنهنجي سڄي تن بدن ۾ محسوس ڪيو
هوندو، جيڪو هڪ هڪ ٽاريءَ کان ٿيندو، ٽپندو مٿي
بلندين تي چڙهندو ٿي ويو. ڪنهن کي خبر ته ان وڻ جا
ڪمزور کان ڪمزور ٽارين ۽ ڇانگن، هن هلڪڙي ڪمزور
جيتامڙي انسان کي، پنهنجي بلنديءَ جي رستي تي
ڪيترا ڀيرا سهارو ڏنو هوندو. ٻڍڙي صنوبر کي پنهنجي
هن نئين مهمان سان ضرور محبت ٿي ويئي هوندي. هن کي
بازن، چمڙن، جيتن ۽ ٻين ڪيترن خوشنوا پکين کان به
وڌيڪ پيار، هن تنها ڀورين اکين واريءَ ٻارڙيءَ جي
دلير ۽ ڌڙڪندڙ دل لاءِ پيدا ٿيو هوندو. جون مهيني
جي ان صبح جو، اهو وڻ چپ چاپ بيٺو رهيو، ۽ هوائن
کي دڙڪا ڌمڪيون ڏيندو هڪاليندو رهيو؛ ۽ مشرق ۾
پرهه به وڌيڪ روشن ٿيندي ويئي.
نيٺ آخري نوڪدار ٽاري به لنگهي ويئي، ۽ سلويه ڏڪندي
ٿڙڪندي، ٿڪل پر فتحيابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جي مسرت سان
ڀرپور، وڻ جي سڀ کان اوچيءَ چوٽيءَ تي پهچي ويئي.
ان وقت ڪو ماڻهو هيٺ زمين تان بيهي ڏانهن نهاري
ها، ته سلويه جو منهن کيس هڪ زرد تاري جيان نظر
اچي ها. ها، اهو آهي سمنڊ، جنهن جي مٿان اڀرندڙ سج
پنهنجي سونهري روشني ڇڙڪائي رهيو هو. انهيءَ
چمڪندڙ اوڀر طرف، ٻه باز پنهنجن پرڙن کي هوريان
هوريان هلائي اڏامي رهيا هئا. ايتري اوچائيءَ تان
هو ڪيترو نه هيٺ اڏامندا ٿي نظر آيا؛ پر زمين تان
ڏسڻ سان هو ڪيترا نه بلند ۽ دور، ۽ نيلي آسمان جي
ويجهو ڪارن داغن وانگر نظر ٿي آيا. انهن جا ڀورڙا
پر ڀنڀورين جهڙا نرم هئا، ۽ هو وڻ کان فقط ٿورڙي
فاصلي تي ٿي نظر آيا. سلويه کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو
ڄڻ ته هوءَ پاڻ به اڏامي ڪڪڙن تائين پهچي ٿي سگهي.
الهندي طرف ڪوهن جي مفاصلي تي ٻيلا ۽ کيت نظر اچي
رهيا هئا؛ ڪٿي ڪٿي ديولين جا منارا ۽ سفيد سفيد
ڳوٺڙا ٿي نظر آيا – بيشڪ اها دنيا ڪيتري نه وسيع ۽
پر عظمت هئي!
پکين جي ٻولين جو آواز به تيز ٿيندو ٿي ويو، ۽ سج به
بيحد روشن ٿي چڪو هو. سلويه دور سمنڊ ۾ جهازن جا
سڙهه ۽ بادبان ڏسي رهي هئي. هوءِ ڪڪرن کي ڏسي رهي
هئي، جيڪي ٿوري دير اڳ واڱڻائي ۽ گلابي رنگن جا
هئا، ۽ پوءِ پيلا ٿيندا، جهڪا ٿيندا ويا. سلويه
سوچڻ لڳي ته ساين ساين ٽارين جي هن سمنڊ ۾ سفيد
ڪونج جو آکيرو ڪٿي هو؟ ڇا هيتري خطرناڪ بلنديءَ تي
چڙهڻ جو انعام فقط دنيا جو هي حيرت انگيز ۽
خوبصورت نظارو ئي هو؟ سلويه، تون ٿورو هيٺ نظر ته
ڪري ڏس، جتي چمڪندڙ ”برچ“ ۽ ڪارن ”هميلاڪ“ جي وڻن
جي وچ ۾ سائي سائي ڌٻڻ آهي، جتي تو اڳ به هڪ ڀيرو
انهيءَ ڪونج کي ڏٺو هو – ها، توکي اتي وري نظر
ايندي. ڏس، هو ڏس، هڪ اڇو داغ نظر اچيئي ٿو، - ڄڻ
ته هڪ سفيد کنڀ سڪل ’هميلاڪ‘ وڻ تان اڏامندو اچي:
جئن ويجهو ايندو وڃي، تئن وڏو ٿيندو ٿو وڃي -،
اجهو هاڻ صنوبر جي پاسي کان، پنهنجي سنهي ڊگهي ڳچي
۽ ڪلنگيءَ وارو مٿو ڪوئيندو، تيز تيز پرڙا هڻندو
لنگهي ويو. ترس، ٿورو ترس! ننڍڙي نينگر، پنهنجي
هٿن پيرن کي نه چور؛ پنهنجي انهن مشتاق اکڙين مان
روشنيءَ ۽ آگاهيءَ جو تير نڪرڻ نه ڏي، ڇو ته ڪونج
تنهن ٽاريءَ جي ويجهو ئي هڪ ٻيءَ ٽاريءَ تي اچي
ويٺي آهي، ۽ پنهنجي جوڙي کي آواز ڏيئي رهي آهي،
جيڪو شايد آکيري ۾ ويٺو آهي؛ ۽ ڏس ته هوءَ نئين
صبح جي آجيان ڪرڻ لاءِ پنهنجا پرڙا سوئي رهي آهي.
گهڙي ساعت کان پوءِ ننڍڙي نينگر کان هڪ آهه نڪري ويئي؛
ڇو ته پکين جو هڪ ولر اچي انهيءَ وڻ تي ويٺو، ۽
انهن جي شور ۽ گهمسان کان سانتيڪي ڪونج ٽهي اڏامي
ويئي. پر هاڻ سلويه کي سندس راز جي خبر هئي:
جهنگلي، هلڪي ۽ هڪ – ساريکي بدن جو پکيئڙو، جو هوا
۾ ترندو ٿي ويو، ۽ جيڪو هيٺ سرسبز دنيا ۾ پنهنجي
آکيري ڏانهن تير وانگر ٿي اڏاڻو. جڏهن سلويه جي دل
پوريءَ طرح مطمئن ٿي چڪي، تڏهن هن وري ساڳئي
خطرناڪ رستي تان هيٺ لهڻ شروع ڪيو. جنهن ٽاريءَ تي
پاڻ هئي، ان کان هيٺ نهارڻ جي منجهس همت ڪانه هئي.
هيٺ لهندي هڪ ڀيرو ته کانئس هلڪي رڙ نڪري ويئي، جو
سندس آڱريون سور ڪري رهيون هيون، ۽ سندس زخميل پير
هر هر ٿڙڪي ٿي ويو. هن کي رکي رکي اهو خيال ٿي ٿيو
ته اجنبي کيس ڇا چوندو، ۽ جڏهن هوءَ کيس ڪونج جي
آکيري جو ڏس ڏيندي، تڏهن هو ڇا سوچيندو؟
”سلوي سلوي!“ ٻڍڙي نانيس بار بار سڏ ڪري رهي هئي، پر
ڪنهن به کيس جواب نه ڏنو. گاهه جو ننڍڙو بسترو
خالي پيو هو، ۽ ننڍڙي سلويه غائب هئي.
مهمان هڪ خواب مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو، ۽ پنهنجي سڄي
ڏينهن جي دلچسپين ۽ مصروفيتن کي ياد ڪري تڪڙو تڪڙو
ڪپڙا پائڻ لڳو ته جئن سوير ئي پنهنجي مشغوليءَ کي
شروع ڪري. ڪالهه ننڍڙي نينگر ٻه ٽي ڀيرا هن جي طرف
اهڙين نظرن سان ڏٺو هو، جنهن مان هن کي پڪ ٿي ويئي
هئي ته ڇوڪريءَ ڪونج کي ڏٺو ضرور آهي، ۽ هاڻ ڪنهن
طرح هن کي ڏس ڏيڻ تي آماده ضرور ڪرڻ گهرجي. اجها
هوءَ پيئي اچي – اڳئين کان به پيلي ۽ زرد، سندس
ننڍڙو پراڻو فراڪ ليڙون ليڙون ٿي ويو آهي، ۽ هنڌ
هنڌ تي صنوبر جا ڇوڙا چهٽا پيا اٿس. پوڙهي نانيس ۽
اجنبي، ٻئي گڏجي دروازي وٽ بيهي هن کان سوال پڇڻ
لڳا آهن، ۽ هن لاءِ اها خوبصورت گهڙي آئي آهي،
جڏهن هوءَ سبز ڌٻڻ جي ڪناري تي بيٺل سڪل ’هميلاڪ‘
وڻ جو ذڪر ڪندي!
پر سلويه ڪجهه به ڪين ٿي ڪڇي؛ جيتوڻيڪ ٻڍڙي ناني ڪاوڙجي
هن کي ڇينڀي رهي آهي، ۽ نوجوان جون ٻاڏائيندڙ
اکيون هن جي اکين ۾ کتل آهن، پر سلويه خاموش بيٺي
آهي. هو هنن کي پئسا ڏيئي شاهوڪار ڪري سگهي ٿو، هن
اهڙو انجام به ڪيو آهي، ۽ هو هن وقت غريب آهن، هو
هنن کي خوشي عطا ڪري سگهي ٿو. هو انهيءَ ڪهاڻيءَ
جو منتظر آهي، جيڪا سلويه ئي ٻڌائي سگهي ٿي.
پر نه، هن کي خاموش رهڻ گهرجي! ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن هن
کي بلڪل گونگو بنائي ڇڏيو آهي؟ سندس عمر ته اڃا نو
سال ئي مس آهي – پوءِ جڏهن دنيا هن جي اڳيان
پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، تڏهن ڇا فقط هڪ پکيئڙي جي
ڪري انهيءَ هٿ کي موٽائي ڇڏي؟ صنوبر جي سبز سبز
شاخن جي ڀڻڀڻ ۽ انهن جون سرگوشيون اڃا تائين هن جي
ڪنن ۾ ٻُري رهيون هيون. هن کي ياد آيو ته ڪيئن
سفيد ڪونج سونهري فضا مان اڏامندي آئي، ۽ ڪيئن
ٻنهي گڏجي سمنڊ ۽ صبح جي جلون کي ڏٺو هو. سلويه
ڳالهائي نٿي سگهي؛ هوءَ ڪونج جو راز کولي نٿي
سگهي؛ هوءَ ان کان ان جي زندگي نٿي کسي سگهي.
۽ جڏهن ان ڏينهن مهمان نااميد ۽ مايوس ٿي هليو ويو،
تڏهن هن جي معصوم وفاداريءَ کي وڏو صدمو پهتو. هن
جي اها وفاداري اجنبي مهمان جي خذمت ڪري سگهي ها،
۽ هڪ ڪُتڙي وانگر هن کي محبت ڪري، هن جي پويان
پويان وڃي سگهي ها! ان کان پوءِ جڏهن سلويه پنهنجي
ڀٽڪندڙ ڳئون کي ٻيلي مان وٺي گهر ايندي هئي، تڏهن
ڪيترائي ڀيرا رات جو هن کي اجنبيءَ جي سينڍ جو
پڙاڏو ٻيلي ۾ گونجندو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. هن کي اهو
غم به وسري ويو هو، جو هن جي بندوق جي ڌڪ سان
زخمجي ڪرندڙ پکين کي ڏسي ٿيو هو، جن جا نرم ۽ نازڪ
کنڀڙا رت ۾ رڱجي ويندا هئا، ۽ جن جون مٺيون مٺيون
ٻوليون هميشھ لاءِ بند ٿي وينديون هيون. ڇا هن
لاءِ ٻيلي جا پکي، شڪاري کان به بهتر دوست
هئا............ ڪير چئي سگهي؟ خير، هن جا الائجي
ڪهڙا ڪهڙا خزانا لٽجي ويا.... اي ٻيلو، ۽ اي
اونهارو، اوهين ياد رکجو: پنهنجون سموريون سوکڙيون
۽ دلڪشيون آڻي هن ڳوٺاڻيءَ نينگر کي ڏيو، ۽ چپ چاپ
پنهنجا دلنواز راز کيس ٻڌايو. |